ماتيتسا سلووينسڪا يا
سلوواڪن جي ماءُ
اسحاق انصاري
گذريل ڀيري جيئن ته پهرين مئي ويجھي هئي انڪري ان موضوع تي لکڻو پيو.
جڏهن ته اسان جون ڳالهيون ٻوليءَ واري اسڪول جي ٽوئر جون هليون پئي. اسان جي ٻي منزل
سلوواڪيا جو پراڻو شهر مارتن
هو. مارتن شهر 10 صديون پراڻو
آهي. هي شهر انڪري به اهميت رکي ٿو جو هن شهر ۾ سلوواڪيا جي قومي ميوزيم، ماتيتسا سلووينسڪا
۽ پراڻي ڳوٺن جي هڪ اوپن ايئر ميوزيم آهي. انکان علاوه هن شهر ۾ سلوواڪيا جا فوجي ساز
و سامان به ٺهندا هيا جن ۾ ٽينڪون به شامل آهن. يورپ جي هڪ عجيب ۽ سٺي ڳالهه اها آهي
ته سندن وڏا شهر ته خوبصورت ۽ سهولتن سان ڀرپور هوندا آهن پر سندن ننڍا شهر يا ڳوٺ
ته ان کان به وڌيڪ سٺا ۽ سهڻا هوندا آهن. هڪ ته اتان جي آدمشماري گھٽ هوندي آهي ٻيو
ته اتن جون گھٽيون، روڊ، چونڪ، پراڻيون گرجائون، پب ۽ ريسٽورنٽ خوبصورت هوندا آهن.
اهڙي ريت مارتن به سلوواڪيا جو اٺون يا نائون نمبر وڏو شهر آهي. پر اهي شهر وڏا ڳوٺ
سمجھيا وڃن ته بهتر. ڇو جو پوري سلوواڪيا جي آبادي 54 يا 55 لکن کان مٿي نه آهي. ان
حساب سان ڏسبو ته شهرن ۾ ڪيتري آبادي هوندي. مونکي وري الائي ڇو، گھٽ آبادي يا ٽريفڪ
وارا هنڌ پسند ايندا آهن. جنهنڪري مارتن به مون کي ڏاڍو وڻيو.
سڀ کان پهريائين اسان کي هڪ عمارت ڏانهن وٺي هليا، جنهن لاءِ اسان کي
ٻڌايو ويو ته اها ماتيتسا سلووينسڪا
جي عمارت آهي، پهريائين ته
اسان نالي ۾ منجھي پياسين ته اهي لفظ ۽ اچار ڪيئن ۽ ڪهڙا آهن. انکانپوءِ، هڪڙي اسان
جي مداگاسڪر جي ڇوڪريءَ ٽيچر کان پڇيو ته هنن حسابن جي ڪتاب ۾ ماتيتسا جي معنى ميٽرڪس
پڙهي آهي، ڇا هن جو مطلب به ساڳو آهي؟ ٽيچر کلي ويٺي پر پوءِ سنجيدگيءَ سان سمجھائڻ
شروع ڪيائين ته بيشڪ سلوواڪ ٻوليءَ ۾ ميٽرڪس کي به اهو چيو ويندو آهي پر هتي ان جو
مطلب ماکيءَ جي مکين واري راڻيءَ وارو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اهو لفظ سربين ٻوليءَ
جو آهي، مطلب سلوواڪ ماءُ آهي، جيئن ماکيءَ واري راڻي جي ڪري سڄو منارو ۽ ماکي
ٺهي ويندي آهي اهڙي ريت هن جو مطلب به اهو هو ۽ آهي ته سلوواڪ هتي يا دنيا جي جنهن
به حصي ۾ رهن ٿا انهن جي ماءُ هي تنظيم آهي. جنهنجو وجود 1863 ۾ پيو. جنهنجو مطلب هيو
سلوواڪن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ، جنهن لاءِ سائنس جي دنيا ۾ ڪم ڪيو ويو، ان کان علاوهه لائبريريون
کلڻ، ميوزيم قائم ڪرڻ، مختلف، سماجي ۽ ثقافتي تقريبون ڪرڻ هن تنظيم جي طرفان ڪيو ويو.
سلوواڪيا ان وقت آسٽرين_هنگرين بادشاهت جي هٿ هيٺ هئي ۽ هنگري وارن جي ٻولي هنن جي
مٿان مڙهي وئي، ان کان علاوه اسڪولن ۾ هنگري ٻولي پڙهائڻ شروع ڪئي وئي ته سلوواڪيا
جي سجاڳ ماڻهن پاڻ ۾ ملي هڪ ميموريندم تيار ڪيو جنهنکي ميمورينڊم آف سلوواڪيا سڏيو ويو ۽ 7 جون 1861 تي اهو بادشاهه کي ڏنو ويو جنهن ۾ هڪجهڙيون سهولتون
۽ آزادي گھري وئي هئي ان کان علاوهه سلوواڪ ثقافت کي هٿي وٺائڻ لاءِ هڪ تنظيم ٺاهڻ
جي اجازت گھري وئي هئي. بادشاهه کين اجازت ڏني ته هو ڀلي تنظيم ٺاهن، جنهنڪري 4 آگست
1863 ۾ اٽڪل 5000 سجاڳ سلوواڪن مارتن ۾ ان تنظيم جو بنياد وڏو. انکان پوءِ هن تنظيم
۾ ڪافي لاها چاڙها آيا پر هن وقت تائين هو ادبي، ثقافتي ۽ سائنسي ميدان ۾ سلوواڪيا
۾ سرگرم آهي.
منهنجو هن تنظيم سان واسطو تڏهن پيو جڏهن اسان يعني ٻاهرين ملڪن سان هن
تنظيم هڪ شام يڪجهتي طور تي ملهائي. اصل ۾ 1989 ۾ جڏهن چيڪوسلوواڪيا ۾ ڪميونسٽن جي
حڪومت ختم ٿي ۽ جمهوري نظام آيو ته ماڻهن کي ڄڻ هڪ قسم جي آزادي ملي وئي. ڇو جو ڪميونسٽن طرفان ماڻهن
جي مٿان کوڙ بندشون هيون. جن مان ڪجھه ته بلڪل غير ضروري ۽ غير فطري هيون. جن مان هڪ
ته ٻاهرين ملڪن جي گھمڻ تي بندش هئي جڏهن ته يورپ پاڻ ۾ ڳنڍيو پيو آهي ۽ اتان جي ماڻهن
۾ ويڪيشن ۾ مختلف ملڪن جي گھمڻ جو گھڻو رواج آهي. ان کان علاوهه ٻين ننڍين ننڍين شين
تي به بندش ۽ مختلف قسم جا ڏنڊ هيا، جيئن رستي تي ڪاغذ يا ڪو گند ڪرڻ تي ڏنڊ ته وري
لان ۾ گھمڻ يا سمهڻ تي ڏنڊ، چرچ ۾ وڃڻ تي بندش، مطلب ته کوڙ بندشون هيون. ان جو سبب
هڪ اهو هو ته ڪميونسٽ، سوشلزم يا ڪميونزم جي پنهنجي فلسفي جدلياتي ماديت جي روح کي
پٺي ڏيندي، معاشري کي جمود جي طرف وٺي وڃي رهيا هيا يا سولي نموني ائين چئجي ته بيروڪريسي يا اسٽالنزم
کي هٿي وٺائي رهيا هيا. انڪري جڏهن ماڻهن کي آزادي ملي ته هو ان کي غلط نموني استعمال
ڪرڻ لڳا، يا ائين کڻي چئجي ته هو انارڪزم کي آزادي سمجھي رهيا هيا. انهن ئي ڏينهن
۾ جرمني کان نيو نازي ازم به انهن ملڪن ۾ امپورٽ ٿيو جنهن تحت اهڙيون کوڙ قومپرست،
نسل پرست ۽ فاشسٽ تنظيمن جنم ورتو، انهن سڀني مان هڪ اهم تنظيم اسڪن هيڊز جي هئي. ان
تنظيم جو مول متو اهو هو ته يورپ رڳو گورن لاءِ آهي، انڪري رنگدار، ڪارا يا جپسي هتان
هليا وڃن. اسڪن هيڊز، گهڻو ڪري ٺوڙهه ڪرائيندا هيا، سندن ڊريس فوجي ڪمانڊوز جهڙي هوندي
هئي ۽ هٿن ۾ بيس بال جو ڏنڊو يا زنجيرون کڻي هلندا هيا. جتي به کين ڪارن، جپسين يا
رنگدار ماڻهن مان ڪي ملي ويندا هيا ته هن جا هڏ گُڏ ڀڃي ڇڏيندا هيا. سو اسان جي اسڪول
جي ڪيترن شاگردن کي مارڪٽ ڪئي هيائون. پوءِ هڪ ڏينهن ته اسڪن هيڊز هڪ وڏي ٽولي جي صورت
۾ اسان جي اسڪول تي رات جو حملو ڪيو هو پر گيٽ بند ڪئي وئي ۽ پوليس کي اطلاع ڪيو ويو
جنهنڪري نقصان کان بچي وياسين. پر پوءِ اسان اسڪول ۾، اتان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو
اسٽرائڪ ڪئي ۽ ڪلاسن جو بائڪاٽ ڪيو جيڪو ٽي ڏينهن هليو. ان اسٽرائيڪ جي اڳواڻي مون
وٽ هئي ۽ ٻيا به شاگرد اسان سان گڏ هيا جيڪي عرب هيا. پر اسٽرائيڪ ۾ سڀ گڏ هيا جن
۾ لاطيني آمريڪا، افغانستان، مداگاسڪر، جمائيڪا، عرب ۽ آفريڪا جا شاگرد شامل هيا. اسڪول
جي انتظاميا، اسان سان ڳالهيون ڪيون پر اسان جو مطالبو هو ته شهر جي انتطاميا، يا وزارت
تعليم جو نمائندو اسان سان ڳالهائي ۽ اسان کي امن امان جي ۽ اهڙن حملن کان بچائڻ جي
گارنٽي ڏئي. نيٺ ٽئين ڏينهن تي اسڪول جي هال ۾ ميٽنگ رکي وئي جنهن ۾ وزارت تعليم جو
سيڪريٽري ٽائيپ هڪ آفيسر اسان وٽ آيو. اسان کيس پنهنجون سڀ گذارشون، شڪايتون ٻڌايون.
مون به تقرير ڪئي، جيئن ته مان سلوواڪ ٻولي ۾ اڃان تائين روانيءَ سان ڳالهائي نه پئي
سگھيس، انڪري انگريزيءَ ۾ تقرير ڪئي، جنهن جو ترجمو ايٿوپيا جي هڪ ڇوڪريءَ پئي ڪيو.
اسان جي ڳالهائڻ کان پوءِ ان آفيسر پنهنجي تقرير ۾ رڳو اسان کي صلاحون ڏيڻ شروع ڪيون،
جنهن جو تت اهو هو ته اسان اسڪول کان ٻاهر وڃڻ ۾ احتياط ڪيون، شام جو ٻاهر نه نڪرون
وغيره. جنهنتي مون اعتراض ڪيو ته هو اسان کي نصيحتون ڪرڻ بند ڪري پر حڪومت طرفان ان
سلسلي ۾ ڪهڙا احتياط ڪيا ويندا، ان جي باري ۾ ٻڌائي. ٻين شاگردن به منهنجي پٺڀرائي
ڪئي. نيٺ هن اسان جي ڳالهه مڃي ۽ اسان کي ٻڌايو ته اسڪول جي ٻاهران پوليس جون ٻه گاڏيون
حفاظتي طور تي بيهنديون ۽ ان کان علاوهه شهر جي ٽرام يا بس اسٽاپن تي به پوليس کي هوشيار
ڪيو ويندو ته جيئن اهڙي قسم واقعا جنم نه وٺن. هنن پنهنجو واعدو پورو ڪيو ۽ اسڪول جي
ٻاهران ۽ ڀر پاسي جي گھٽين ۾ پوليس بيهاري وئي جنهنڪري اهڙن واقعن ۾ گھڻي قدر گھٽتائي
اچي وئي.
ٻوليءَ واري اسڪول پوري ٿيڻ کان پوءِ اسان پنهنجين پنهنجين يونيورسٽين
۾ هليا وياسين پر اهڙا واقعا ٿيندا رهيا. برنو
شهر ۾ هڪ هندوستاني ڇوڪري کي اڪسن هيڊز مار ڪٽ ڪئي ۽ هن جي ٽنگون ۽ ٻانهون ڀڃي ڇڏيائون.
اهڙي ريت ڪجھه شاگردن کي ته قتل ڪيو ويو. اسان جنهن شهر براتيسلاوا ۾ هياسين اتي به
روز روز اهڙا واقعا ٿيندا رهيا ۽ گھڻن شاگرن کي اسڪن هيڊز جو شڪار ٿيڻو پيو. هڪ ڀيري
ته هاسٽل تي اسڪن هيڊز حملو ڪيو ۽ سوڊان جي ٻن شاگردن کي ماري ويا. جنهنتي ان وقت ئي
شهر جي مختلف هاسٽلن ۾ رابطو ڪيو ويو. ۽ رات جو ئي سلوواڪيا جي پارليامينٽ جي آڏو ڌرڻو
هنيو ويو. جيئن ته افغانين، پاڪستانين، بنگلاديشين، سريلنڪن ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن جي
شاگردن سان منهنجي اٿ ويهه هئي ۽ هو مون کي سڏيندا ئي اسحاق جي هيا
۽ سڀ عزت ڪندا هيا، سندس ڪو پاڻ يا ڪنهن ٻئي سان جھيڙو جھٽو ٿيندو هو فيصلو ڪرائڻ مون
وٽ ايندا هيا. انڪري مان به پنهنجي ٽيم وٺي ان ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي. رات جو ته ڪوئي نه
مليو پر اسان اتي ئي ويٺا رهياسين منهنجي سهيلي ٽ ڪمبل ۽ ٿرماس
۾ ڪافي ۽ سنيڊوچ ٺاهي کڻي آئي ۽ اسان سڄي رات هڪ ئي ڪمبل ۾ گذاري. صبح جو 9.30 وڳي
سلوواڪيا جي ڊپٽي پرائيم منسٽر ماڻهو موڪليو ته چئن پنجن ڄڻن جو وفد مون سان ملي. ان
وفد ۾ مون کي به شامل ڪيو ويو. وڏي سرڪاري پروٽوڪول سان اسان کي پارليامينٽ جي هڪ ميٽنگ
هال ۾ آندو ويو. هن جي اچڻ کان اڳ اسان کي ڪافي پياري وئي. پوءِ ڊپٽي پرائيم منسٽر
آيو ۽ اسان سان واري واري هٿ ملايو. جنهنکان پوءِ هن افسوس جو اظهار ڪيو ته اسان اهو
قدم کڻي سندس حڪومت کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڇو جو رات جو ئي يوروپين يونين جي
چڱن مڙسن حڪومت کان ان احتجاج جي باري ۾ پڇيو آهي. اسان کيس چيو ته اسان جو ڪو به سياسي
مقصد ناهي، نه ئي وري هنن جي حڪومت کي بدنام ڪرڻ جو ڪو ارادو هيو يا آهي. پر اسان سان
هن وڌندڙ ظلم ۽ غير محفوظ هجڻ واري احساس اسان کي هي قدم کڻڻ تي مجبور ڪيو. هن چيو
ته کيس اڳ ۾ ڪا به اهڙي ڄاڻ ناهي. جنهن تي مون کيس چيو ته اسان کي افسوس آهي ته روز
اخبارن ۾ اهڙا واقعا شايع ٿين پيا ۽ اوهان وري ان کان اڻڄاڻائي جو اظهار ڪيو ٿا. بهر
حال هن اسان کي يقين ڏياريو ته ان عمل کي ننديو ويندو ۽ اهڙا قدم کنيا ويندا ته جيئن
غير محفوظ هجڻ واري احساس کي ختم ڪري سگھجي. هن اهو به چيو ته هاڻي جو هاڻي هو اهو
قدم کڻندا ۽ پريس ۾ به اهڙو بيان جاري ڪندا، ذري گھٽ 45 منٽن جي گڏجاڻي کان پوءِ اسان
ٻاهر نڪتاسين، ۽ پنهنجن ساٿين کي ڳالهه ٻولهه کان واقف ڪيوسين، جنهن کان پوءِ پُرامن
طور تي سڀڪو پنهنجين هاسٽلن ڏانهن روانو ٿيو.
اهڙن واقعن کان پوءِ بنگلاديش جي ميڊيڪل ۾ پڙهندڙ دوست شوڪت چوڌري ۽ مون
گڏجي سوچيو ته ان کي مستقل طور تي هڪ مسئلي طور تي کڻي انتظاميا ۽ خاص ڪري سلوواڪيا
جي انٽيليجنسيا کي اپيل ڪجي ته ان تشدد جو سد باب ڪن. اهو ذهن ۾ رکي اسان هڪ تنظيم
SOS ٺاهي، ته اهو نعرو يا اهو نياپو، جيڪو بحري جهاز
ٻڏڻ يا ڪنهن ٻي خطري وقت ڏنو ويندو آهي، انکي هتان جي ماڻهن تائين پهچائي هنن کان مدد
وٺون. اسان ان تنظيم جو بنياد رکيو جنهن تحت مختلف اخبارن ۾ ۽ ميگزينن ۾ مضمون لکيا.
ڪومينس يونيورسٽيءَ جي ميٿيميٽڪس ڊپارٽمينٽ، جنهن ۾ مان به پي ايڇ ڊي
ڪري رهيو هيس اتي هڪ جوان پروفيسر هوندو هيو، آندري فيرڪو، هو سلوواڪيا جو نه رڳو سٺو
رياضيدان هو پر هڪ سٺو اديب به هيو، هن جا ٽي ڪتاب ان وقت تائين شايع ٿي چڪا هيا. مون
ساڻس جڏهن اها ڳالهه ڪئي ته هن واعدو ڪيو ته هو اسان جي ضرور مدد ڪندو. هن به اهڙا
کوڙ مضمون، اتان جي اخبارن ۾ لکيا ۽ منهنجو انٽرويو به ڪيو. ان کان علاوهه هن هڪ ڀيري
چيو ته اسان جي اديبن، آرٽسٽن ۽ مفڪرن اهو اظهار ڪيو آهي ته ٻاهرين شاگردن سان يڪجهتي
جو اظهار ڪرڻ لاءِ هڪ شام هو اسان سان ملهائيندا. ان کان پوءِ هڪ ڇنڇر تي براتيسلاوا
جي هڪ هال ۾ ماتيتسا سلوواڪيا پاران اسان کي دعوت ڏني وئي، ان کان علاوهه، هن منهنجي
ڪجھه آزاد نظمن جو ترجمو ڪيو. جيڪو اتي اتان جي هڪ اداڪار پڙهيو. سلوواڪيا ۾ اهو رواج
گھٽ آهي ته شاعر پنهنجو ڪلام پاڻ پڙهي پر گھڻو ڪري ڪو اداڪار، شاعري آوزان جي لاهن
چاڙهن سان پڙهندو آهي. هال ۾ ڪو 70 کان مٿي ماڻهو هيا. 20، 25 اسان جا شاگرد هيا. ان
کان پوءِ شروع ۾ ماتيتسا سلووينسڪا جي سيڪريٽري اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ اسان سان يڪجهتي
جو اظهار ڪيو هن اهو به چيو ته هو اهو مسئلو پنهنجي مرڪزي ڪائونسل ۾ به کڻي ويندا
۽ اهڙو خط هو حڪومت کي به لکندا. ٻاهرين شآگردن پاران مون تقرير ڪئي. جنهنکي گھڻو پسند
ڪيو ويو. ان کان پوءِ سلوواڪيا جو روايتي ناچ پيش ڪيو ويو ۽ لوڪ گيت به ڳايا ويا. شاگردن
طرفان انڊيا جي هڪ ڇوڪري رتنا، ڪلاسيڪل ناچ پيش ڪيو ۽ لاطيني امريڪا جي شاگردن پنهنجي
موسيقي ۽ ناچ پيش ڪيو.
اهڙيءَ ريت، ان تنظيم سان منهنجو رابطو ٿيو، جيڪو پوءِ مستقل هلندو رهيو
۽ هو مون کي پنهجين مختلف گڏجاڻين ۾ گھرائيندا
رهيا. آندري فيرڪو ۽ مون هڪ پلان ٺاهيو هو ته هو سنڌي ٻولي جا شاهڪار مون سان گڏجي
سلوواڪ ۾ ترجمو ڪندو ۽ مان وري سلوواڪ ٻوليءَ جا شاهپارا، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪندس. ان
ئي اسڪيم تحت هن منهنجي آزاد نطمن کي ترجمو ڪري اتان جي هڪ هفتيوار اخبار ۾ ڇپرايا،
جنهنجو معاوضو به مون کي مليو هو ۽ مونکي خوشگوار حيرت ٿي هئي جڏهن ته سنڌيءَ ۾ مون
کي ڪڏهن به ان کان اڳ ۾ معاوضو نه مليو هو. مون وري اندري فيرڪو جي چاچي ميلان فيرڪو
جي هڪ ڪتاب جنهن کي مون نالو هڪ
محبت سوين اظهار ڏنو هيو، ڇو
جو ان ڪتاب ۾ هڪ تجربو ڪيو ويو آهي، هڪ ڪهاڻي کي مختلف اندازن ۾ لکي ڏيکاريو ويو آهي.
ساڳي ڪهاڻي لوڪ انداز ۾، ڊرامي جي انداز ۾. شاعري جي انداز ۾، فلمي پوسٽر جي انداز
۾، انگي حساب جي انداز ۾، مطلب ته هڪ سٺو ڪتاب آهي، جنهنجون ڪجھه قسطون نثار منصور
جي ميگزين پرک ۾ ڇپيون هيون.
سو اها هئي سلوواڪن جي ماءُ جنهن اسان کي به تحفظ فراهم ڪيو هو.
No comments:
Post a Comment