Monday, June 17, 2013

پراگ- اسحاق انصاري

پراگ
منهنجو محبوب شهر
اسحاق انصاري
جڏهن پاڪستان کان چيڪو سلوواڪيا پهتو هيس ته رڳو هڪ رات پراگ ۾ رهيو هيس ۽ ٻي ڏينهن تي سلوواڪيا جي شهر براتيسلاوا هليو ويو هيس، انڪري پراگ نه گھمي سگھيو هيس. ان ئي ڏينهن ڪائيتنڪا هاسٽل ۾ اسلم ٻڌايو هو ته پراگ ۾ هڪ سنڌي ابرار مري به رهي ٿو. سو ڪجھه ڏينهن کانپوءِ ويڪ اينڊ تي منهنجو يمني روم ميٽ پراگ لاءِ تيار ٿيو ته مان به ساڻس گڏ وڃڻ لاءِ تيار ٿيس. اسان رات واري ٽرين ۾ چڙهي صبح جو سويل پراگ اسٽيشن تي پهتاسين، جتي پهريائين ته اسٽيشن جي ريسٽورنٽ ۾ نيرن ڪيئين. هتان جي اسٽيشن جي ريسٽورنٽ کي پنهنجين اسٽيشن جي ريسٽورنٽس سان نه ڀيٽڻ کپي. اسٽيشن جا ريسٽورنٽ به ايتري ئي اسٽينڊرڊ وارا هيا جيترا وچ شهر جا ريسٽورنٽ. منهنجي پارٽنر فهد کي ته ڪنهن ٻي هاسٽل وڃڻو هو پر جيئن ته مون کي پراگ جي ڄاڻ ڪو نه هئي، انڪري هو پهريائين مون کي اسلم جي ڪمري تي ڇڏڻ آيو. جنهن آڌرڀاءُ ڪيو، مون کيس چيو ته هو مري کي گھرائي وٺي. هن مريءَ کي فون ڪئي، جيڪو ڪلاڪ ٻن جي وقفي کان پوءِ پهتو، هن جي پهچڻ کان اڳ منهنجي ذهن ۾ خيال پيا اڀرن ته اهو مري وري الائي ڪهڙي طبيعت جو هوندو، شيروف جهڙي ڪا ور وڪڙ ڏاڙهي هوندس. پر مون سوچيو ته ڪهڙو به هجي پر گھٽ ۾ گھٽ سنڌي ڳالهائڻ وارو ته هوندو، ٻيون ٻوليون ڳالهائي ڳالهائي ته وات ئي ڦِڏو ٿي ويو آهي. اسلم وارا به مارڪيٽ وڃڻ جي تياري ڪري رهيا هيا جو کين سڄي هفتي جي خريداري ڪرڻي هئي، هن جو پارٽنر انڊيا جو هو. سندن تيارين مان ۽ ڪمري جي صفائي مان ائين به محسوس پئي ٿيو ته سندس گرل فرينڊز به اچڻيون آهن تنهن ڪري انهن کان اڳ ۾ مون مان جان ڇڏائڻ چاهن پيا. ٿوري دير ۾ دروازو کڙڪيو ته اسلم دروازو کوليندي چيو“ آئو مري ڀائي آئو“، مون ڪنڌ ورائي در جي مٿين چانئنٺ ڏي ڏٺو ته ڏسان ته اهو مري ڪهڙو آهي پر دروازي جو ته سڄو فريم خالي هو، اڌ فريم ۾ هڪ سمارٽ نوجون نظر آيو، ڪلين شيو، مون چيو واهه مولا تنهنجا رنگ، مري اهڙا به ٿيندا آهن. پوءِ هو به مونسان مليو سندس ڀاڪر جي پيار ۽ گرميءَ مان محسوس ٿيو ته جوان دوستي رکڻ جي قابل آهي. ٿوري دير ۾ حال احوال ٿيا. هو سانگھڙ جي ڀرسان هڪ ڳوٺ جو آهي، تاج محمد مري جو مائٽ آهي. مونکي سندس شڪل ٿوري ٿوري ڏٺل لڳي، جڏهن کيس اهو ٻڌايم ته هن به مون طرف غور سان ڏٺو، پوءِ هن به اهڙو اظهار ڪيو،. نيٺ ڳوٽ اها ڀڳي ته هو به انهن ئي سالن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هيو، جن ۾ مان پڙهندو هيس ۽ شايد اتي ئي هڪٻئي کي ڏٺو هيوسين. مون واري روم پارٽنر موڪلايو، ابرار مريءَ کيس پنهنجي هاسٽل جي ايڊريس ٻڌائي ته وڃڻ واري ڏينهن تي اتي اچي ته جيئن پوءِ وري اسان گڏجي واپس براتيسلاوا وڃون. مان ۽ مري، اسلم کان موڪلائي سامان کڻي، ويترنيڪ هاسٽل تي آياسين جتي ابرار جي رهائش هئي. هاسٽل جون ٻه منزلون هيون. رسيپشنسٽ کي ابرار چيڪ ٻوليءَ ۾ الائي ڇا چيو. چيڪوسلوواڪيا ۾ هاسٽل تي مهمان رهائڻ لاءِ اجازت وٺڻي پوندي هئي پر گھڻو ڪري، فارينر شاگر، ريسپشنسٽ ۽ هاسٽل جي ٻي عملي سان دوستاڻو رويو رکڻ ڪري اها اجازت گھٽ وٺندا هيا، سو مريءَ به هن کي کِل کِل ۾ منهنجي رهڻ جو ٻڌايو. ڪمري تي پهچي، هن ڪافي ٺاهي، تيستائين مان وهنجڻ لاءِ ڪمري جي ڀرسان ئي ڪامن باٿ روم ۾ هليو ويس. وهنجي موٽيس ته مري، مون ڏانهن ڏسي مرڪي رهيو هو. مون کانئنس پڇيو ته ڇو ٿو کلين؟ ته هن چيو ته “وهنجڻ خاني ۾ تون اڪيلو هئين ڇا؟”

مون چيو “نه ته”
چيائين ته “پوءِ توکي ڪا ڏکيائي ته نه ٿي؟”، مون مُرڪي کيس چيو ته “مونلاءِ اها نئين ڳالهه ناهي”
هنجي پڇڻ جو مطلب اهو هيو ته انهن هاسٽلن ۾ باٿ روم ڪامن ٿين ٿا، جتي هر هڪ جي اڪيلي وهنجڻ لاءِ ڪي ڪمرا ٺهيل ڪونه هيا پر هڪ ئي هنڌ پنج ڇهه شاور لڳل هيا جنهنجي هيٺيان هرڪو پنهنجي قدرتي ڊريس ۾ وهنجي رهيو هو. هن هاسٽل تي به ايئن هيو، پر مونکي ڪا هٻڪ نه ٿي ان جو سبب اهو هو جو اسان جي ٻولي واري اسڪول جي هاسٽل ۾ به وهنجڻ خانو، ان قسم جو هو. اتي مون کي ڏاڍي لڄ ايندي هئي، شروع شروع ۾ ته ڀنڀرڪي مهل اٿندو هيس ته جيئن ڪو ٻيو غسلخاني ۾ نه هجي، پر پوءِ آهستي آهستي عادي ٿي ويس. انڪري مريءَ جي هاسٽل ۾ به ڪا ڏکيائي نه ٿي.
فريش ٿيڻ کانپوءِ مريءَ سان گڏجي شهر گھمڻ نڪتاسين. هاسٽل، رهائشي علائقي ۾ هئي منهنجو مطلب آهي ته اسان جي هاسٽل جيان ڪنهن اسٽوڊنٽس ٽائونشپ ۾ نه هئي.
هاسٽل کان ٿورو پنڌ ڪري ٽرام جي اسٽاپ تي آياسين. جيئن ته موڪل جو ڏينهن هو انڪري اسان به ٽرام ۾ خالي سيٽ تي ويهي رهياسين، نه ته عام طور تي جيڪڏهن خالي سيٽ هوندي به هئي ته نوجوان ان تي نه ويهندا هيا، بيٺي ئي پنهنجو سفر پورو ڪندا هيا ڇو جو جيڪڏهن ڪو پوڙهو يا پوڙهي چڙهندا هئا هو ته اخلاقن ان کي ويهڻ لاءِ جڳهه ڏيڻي پوندي هئي. سراسري عمر جي وڏي هجڻ ڪري(چيڪوسلوواڪيا جي سراسري عمر ۷۷ کان ۷۸ سال آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ اها حد ۶۵ تي آهي) پوڙهن جو تعداد ججھي انداز ۾ نظر ايندو هو، ٻيو ته هنن جي وري پسند جي سواري به ٽرام هوندي هئي شايد انڪري جو بسن وغيره کان ڪجھه آهستي به هلندي هئي، جنهنڪري هو نظارا به ڪندا ويندا هيا. . بس يا ٽرام ۾ وڏي عمر جي ماڻهن کان علاوهه ڪنهن ڳورهاري مائي، يا ننڍي ٻار واري مائيءَ کي اٿي جڳهه ڏبي هئي. باقي جيڪڏهن ۶۰ يا ۶۵ وارن کي اٿي جڳهه ڏبي هئي ته هو ڪاوڙ مان گھوريندا هيا شايد اهو چوندا هيا ته “تون اسانکي پوڙهو ٿو سمجھين، اڀي تو مين جوان هون...“
پراگ، جو اهو حصو، مونکي براتيسلاوا، کان مختلف نظر آيو. ٽرام وچ روڊ. پٿراين گھٽين، هيٺاهين مٿاهين تان گذري رهي هئي. پراڻيون عمارتون پنهنجي حسن سان جلوا ڏئي رهيو هيون. مونکي ڏاڍو مزو آيو. ٽرام جي دريءَ مان ئي منهنجي ڪيميرا جي ڪلڪ ڪلڪ لڳي پئي هجي. مونکي سيفرت جو سٽون ياد آيون. ياروسلاو سيفرت، ۱۹۰۱ ۾ پراگ ۾ ڄاائو هو، هن ۸۶ سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. کيس ۱۹۸۴ ۾ ادب جو نوبل پرائيز ڏنو ويو جيڪو بيمار هجڻ ڪري هن نه ورتو پر سندس جڳهه تي هن جي ڌيءُ اهو ايوارڊ وصول ڪيو هو. ان کان اڳ ۾ هو چيڪوسلوواڪيا جا ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪري چڪو هيو. هو ڪيترا سال ته ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر رهيو ۽ گھڻن ئي رسالن سان صحافي ۽ ايڊيٽر طور ڪم ڪيو، پر پوءِ هن اها پارٽي ڇڏي ڏني. ۴۹ سالن جي عمر ۾ هن صحافت ڇڏي پنهنجو پورو ڌيان شاعري ڏانهن ڏنو. سال ۱۹۷۷ ۾ جڏهن شاعرن، فنڪارن، آرٽسٽن ۽ ٻين ڏاهن، هڪ چارٽر تي صحيحون ڪيون، جنهنکي چارٽر ۱۹۷۷ يا چيڪ ٻولي ۾ خارتا ۱۹۷۷ چيو وڃي ٿو، جنهن جي ذريعي ڪميونسٽ حڪومت جي ظلمن، زيادتين، خاص طور انساني حقن جي لتاڙ جي حوالي سان ٿيل زيادتين جو ڪچو چٺو ظاهر ڪيو ويو هو، ان جي رهبري ڊراما نگار واتسلاو هاول ڪري رهيو هو جيڪو پوءِ صدر به ٿيو. سيفرت به ان چارٽر تي صحي ڪئي. ان چارٽر تي حڪومتي بندش لاڳو ڪري ان جي ڪاپين کي ساڙيو ويو پر پوءِ به ڪنهن نه ڪنهن نموني اهو ٻاهرين دنيا تائين پهتو، جتان پوءِ وائيس آف امريڪا ۽ ريڊيو فري يورپ جي ذريعي ان جي مشهوري ڪئي وئي. اهو چارٽر ئي بنياد هو، جنهنجي وسيلي ڪميونسٽ حڪومت ۱۹۸۹ ۾ ختم ٿي. انڪري جڏهن ۱۹۸۴ ۾ سيفرت کي نوبل پرائي مليو هو ته اتي جي حڪومت ان ڳالهه جي گھڻي ڇا پر ٿوري به مشهوري نه ٿيڻ ڏني هئي ۽ جڏهن ۱۹۸۶ ۾ سيفرٽ مئو به هو ته هن جي جنازي ۾ ماڻهن کان وڌيڪ سيڪرٽ پوليس جا نمائندا هيا، جن کي اهو ڊڄ هو ته ڪٿي چارٽر ۷۷ وارا ڪوئي مظاهرو نه ڪري وجھن.
يفرٽ، ٻي شاعري کان علاوهه پنهنجي شهر پراگ تي گھڻي شاعري ڪئي آهي. انڪري جيڪو به ماڻهو پراگ سان پيار ڪري ٿو اهو سندس شاعري کي سمجھي به ٿو ۽ محسوس به ڪري ٿو. سو مونکي به ان جي اها شاعري ياد اچي رهي هئي جيڪا مون، ڪنهن انگريزي رسالي ۾ پڙهي هئي. پر پوءِ جڏهن سلوواڪ ٻولي پڙهڻ جهڙو ٿيو هيس ته سندس شاعري چيڪ ۾ پڙهي هئي. چيڪ ۽ سلووڪ ٻوليءَ ۾ لهجي ۽ ڪجھه اکرن ۽ لفظن جو تفاوت آهي، پر جي ڪو ماڻهو هڪڙي زبان سمجھي ٿو ته ٿوري گھڻي ڪوشش سان ٻي به سمجھي سگھي ٿو. سندس، سانيٽن جو هڪ طويل سلسلو آهي، پر مان هتي سندس شاعري جون ڪجھه سٽون ڏيان ٿو، جيڪي ترتيب سان ترجمو ڪيل ناهن پر ڪجھه چونڊ شعرن جو ترجمو آهي. ترجمو ڪرڻ جي ڪوشش ته ڪئي اٿم پر ظاهر آهي ته شاعري جو مزو ان ٻوليءَ ۾ پڙهڻ سان آهي.

پراگ! ذائقيدار مڌ جي چُسڪي
سوين ڀيرا ورجايان هن جو نالو
هلڪو، هوا جيان ۽ ڀڙڪيلو ڪنهن شعلي جيان
۽ مٺو ڪنهن محبوب جيان

 هن جي ڌوڙ، منهنجي ذائقي کي مٺو ڪندي،
اها ڄڻ مُهر هوندي،، هن لکڻيءَ تي
۽ جڏهن زمين بوس ڪئي ويندي
۽ جڏهن زمين بوس ڪئي ويندي
۽ هوا ۽ پاڻي کيس
ذريون ذريون ڪري ڇڏيندو
سندس خوبصورتي، رک ۾ تبديل ٿي ويندي
۽ جيڪو بڇيل هوندو اهو ڀٽڪندو رهندو
پر اهو آخري ڏينهن تائين زنده رهندو
اها ڌُن جيڪا منهنجن ڪنن ۾ ٻرندي رهندي
۽ هوا جيڪا  تصوير آڻيندي
اها موجود رهندي ۽ ڪڏهن به ڌنڌلي نه ٿيندي

پراگ! ذائقيدار مڌ جي چُسڪي
جڏهن زمين بوس ڪئي ويندي
۽ منهنجو پنهنجو گھر گُم ٿي ويندو،
۽ جڏهن اهو رت سان ڀرجي ويندو

پر مان انهن ۾ نه هوندس جيڪي ڇڏي ويندا
مان، مئلن سان انتظار ڪندس
بي خوف، بهار کان سردي تائين
تيستائين جيستائين بند گيٽ کلندا

جيڪڏهن، پوڙهو چٻرو اسان جي موت کي سڏيندو
جيڪڏهن خدا، اسان تي ڪاوڙجي وڃي
هڪ ڳوڙهو هن جي اک مان ڪرندو

جيڪو اسانجي اميدن ۽ دلي خواهشن تي
منڊيل منڊ کي مناري تي  ٽوڙيندو

مان توهانجي لاءِ هو انڪري ڳائڻ پئي چاهيو

No comments:

Post a Comment