آئرلينڊ ۾ مارگريٽ ٿيچر جي موت تي جشن
ڊاڪٽر مشتاق سومرو
جيتوڻيڪ آئرلينڊ جا سڀ ماڻهو گذريل ٽن چئن پيڙهين کان تمام سٺي انگريزي
ڳالهائين، لکن ۽ پڙهن ٿا پر حقيقت ۾ انهن انگريزن جون ڪافي ساريون عادتون ۽ روايتون
پنهنجون ڪيون آهن، جهڙوڪ: نوان تجربا ڪرڻ، خطرن سان کيڏڻ ۽ ڪو ڪارنامو ڪري پوءِ مشهوري
ماڻڻ. آئرلينڊ جي ٻهراڙيءَ جو هڪ ماڻهو ٽام ڪرين (Tom Crane) ۱۹۱۴ع
۾ ۲۲ ماڻهن جي هڪ جٿي سان گڏ اتر قطب جي سفر تي روانو ٿيو، جنهن ۾ انگلينڊ جا پڻ ڪيترائي
مهم جُو شامل هئا. جتي جا اڪثر ماڻهو منزل تي پهچڻ کان پهرين بيماريءَ ۽ ٿڌ سبب مري
ويا پر ٽام ڪرين آئرلينڊ جو پهريون شخص هو، جيڪو ڪاميابيءَ سان اتر قطب گهمي خيريت
سان ڳوٺ واپس پهتو. آئرلينڊ جي پنهنجي زبان آئرش آهي، جنهن جي ڪابه هڪجهڙائي انگريزي
زبان سان ڪانه آهي پر اها زبان هن وقت صرف سرڪار جي گهڻي امداد ملڻ جي ڪري زنده آهي،
پر چئي سگهجي ٿو ته اها پوئين پساهن ۾ آهي، جو 47 لکن جي آباديءَ واري ملڪ ۾ صرف ۱۰
يا ۱۲ هزار ماڻهو هوندا، جيڪي باقاعدي روزانو گهر ۾ آئرش ٻولي مادري زبان طور ڳالهائين
ٿا. آئرش نسل جا انگريزي ڳالهائيندڙ ماڻهو دنيا ۾ ڦهليا پيا آهن ۽ هڪ اندازي موجب هن
وقت جيترا ماڻهو آئرلينڊ ۾ رهن ٿا، ان کان وڌيڪ آئرش نسل جا ماڻهو ٻاهرين ملڪن کي پنهنجو
ڏيهه بڻائي ويٺا آهن. اهو ئي سبب آهي جو آئرش نسل جا ماڻهو آمريڪا کان وٺي ڪئناڊا تائين
۽ آسٽريليا کان وٺي انگلينڊ تائين ڦهليل آهن پر ان هوندي به مادرِ وطن آئرلينڊ جي قومي
تشخص کي برقرار رکيو اچن. ۸۰۰ سال انگريزن آئرلينڊ تي مستقل قبضو ڪري ان کي پنهنجي
حدن ۾ شامل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر سواءِ ٿوري وقت جي، جنهن ۾ آئرلينڊ، برطانيا جي
ڪالوني هو، آئرش قوم پنهنجو جدا آزاد ملڪ برقرار رکڻ ۾ ڪامياب رهي آهي.
جيتوڻيڪ انگريزن جا آئرلينڊ تي حملا ان وقت کان جاري هئا، جڏهن انگلينڊ
تي ڪرامويل (CROMWELL) جهڙي ڏاڍي مڙس جي حڪمراني هئي. اهو ۱۶۴۹ع جو
زمانو هو، جو آئرلينڊ جي شهر واٽر فورڊ تي قبضي ڪرڻ لاءِ سمنڊ رستي ٻن پاسن کان انگريز
فوج حملي جو منصوبو بنايو. هڪ پاسي هئي هڪ جڳهه Hook ۽ ٻئي
پاسي هئي ٻي جڳهه Crook. ٻئي جڳهيون سمنڊ جي ڪناري تي هيون. ڪرامويل
اعلان ڪيو ته، ”مان آئرلينڊ تي حملو ضرور ڪندس، پوءِ Hook وٽان ڪريان يا Crook وٽان“. ان ڏينهن کانپوءِ اها چوڻي انگريزي زبان جو
حصو ٿي وئي، جنهن جو مطلب آهي ته، ڪابه شئي ڪنهن به قيمت تي حاصل ڪئي وڃي ته ان کي
چئبو آهي، By hook or
by crook. عام تاثر اهو آهي ته آئرلينڊ
هڪ خطرناڪ ملڪ آهي، جنهن ۾ دهشتگردي روز جو معمول آهي پر حقيقت ۾ ائين نه آهي. گهڻا
ئي سال وڙهي وڙهي ۽ ٿڪجي هاڻي آئرلينڊ ۽ برطانيا جا ماڻهو گذريل ڏيڍ ڏهاڪي کان پرامن
زندگي گذاري رهيا آهن، ٻنهي ملڪن جي سرحدن تي ڪوبه گيٽ ڪونه آهي، ڪوبه فوجي بيٺل نه
آهي، حد بندي به ڪا نقشن ۾ ٿيل آهي پر زمين تي ڪابه لڪير ڏنل نه آهي. پاسپورٽ ۽ ويزا
جي جاچ پڙتال پڻ روزانو نه پر ڪڏهن ڪڏهن ڪن، جنهن جو ناجائز فائدو وٺي ڪافي ماڻهو غير
قانوني سرحد پار ڪندا آهن.
برطانيا جي اڳوڻي وزير اعظم مارگريٽ ٿيچر، جنهن کي مضبوط شخصيت سبب Iron lady يا لوهه جي مائي
پڻ چيو وڃي ٿو، ان جي وفات گذريل سال ٿي، ان جي ڪفن دفن تي ڪافي ممڻ متو. ٿيچر ڪنزرويٽو
يا ٽوري پارٽيءَ سان تعلق رکندي هئي ۽ هن وقت برطانيا جي حڪمران پارٽي پڻ ٽوري پارٽي
آهي. سو ٽوري پارٽيءَ فيصلو ڪيو ته مائيءَ کي پوري سرڪار اعزاز سان دفن ڪيو ويندو.
برطانيا ۾ هزارين ماڻهو اهڙا به آهن، جيڪي مارگريٽ ٿيچر کان گهڻي نفرت پيا ڪن، تن ٿيچر
جي موت جي خبر ملڻ شرط خوشيون ملهائڻ شروع ڪيون ۽ وڏي واڪ چيائون ته، ”بڇڙي پوڙهيءَ
مان جان ڇٽي ..... سو اچو ته خوشيون ملهايون“. سو هڪ طرف لنڊن ۾ مارگريٽ ٿيچر جي ڪفن
دفن جون ٺٺ ٺانگر واريون تقريبون سرڪاري خرچ تي وڏي پيماني تي ٿي رهيون هيون، جنهن
۾ راڻي ايلزبيٿ سميت سڄي دنيا جي اهم شخصيتن جي شرڪت ڏسڻ ۾ پئي آئي. ٻئي طرف انگلينڊ
جي هڪ حصي ۾، جتي ٿيچر جي پاليسين سبب ڪوئلي جي کاڻين جا هزارين مزدور بيروزگار ٿيا
هئا، اتي پورو شهر بند ڪرايو ويو ۽ صرف هوٽلون، ڪلبون ۽ شراب خانه کليا رکيا ويا ته
ماڻهو آزاديءَ سان وڃي کائين پيئن ۽ ٿيچر جي موت جو جشن دل کولي ملهائين. ماڻهن کڻي
هڪ گهوڙي گاڏيءَ تي ٿيچر جو پتلو رکيو ۽ ان کي سڄو شهر رُلائي رُلائي هڪ ميدان ۾ پهچائي
باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو. انگلينڊ جي هڪ وڏي شهر لورپول Liverpool ۾ ماڻهن جي هڪ گروپ روڊ تي اچي دهلن ۽ شرنائين جي واڄٽ ۾ باقاعدي ڊانس
ڪري جلوس ڪڍيو ۽ ٿيچر جي موت جو خوب جشن ملهايو.
۱۹۸۱ع ۾ جڏهن برطانيا تي مارگريٽ ٿيچر جي حڪومت هئي، تڏهن آئرلينڊ جي
قومپرست تحريڪ هڪ نئون رخ ورتو جو IRA يعني آئرش ريپبلڪن آرميءَ جا قيدي جيڪي جيلن ۾ واڙيل
هئا، تن سياسي قيديءَ واري حيثيت حاصل ڪرڻ لاءِ تاريخي بک هڙتال ڪئي، جنهن ۾ هنن جا
۱۰ ڪارڪن مري ويا پر مرڻ گهڙيءَ تائين ڪجهه به کائڻ ۽ پيئڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائون.
انهن سڀني قيدين ۾ بوبي سئنڊس جو نالو تمام گهڻو مشهور ٿيو، جنهن جو موت بک هڙتال جي
ڇاهٺ ڏينهن کان پوءِ ٿيو هو. ڪوبه انسان بنا کاڌي پيتي جي ڪيترا ڏينهن زنده رهي ٿو
سگهي ۽ مرڻ کان اڳ ۾ ان جي جسم ۾ ڪهڙيون تبديليون ٿيون اچن، بوبي سئنڊس جي جسماني حالت
۽ ان ۾ ايندڙ تبديلين جا تفصيل علم طب جي معتبر تدريسي ڪتابن ۾ شامل ڪيا ويا.
بوبي سئنڊس جڏهن جيل ۾ بک هڙتال تي هو، تڏهن برطانوي پارليامينٽ جي ڇوٽي
چونڊ ٿي، جنهن ۾ پاڻ جيل مان بيٺو ۽ اليڪشن کٽي ورتائين. اهڙيءَ طرح قانوني طور ميمبر
پارليامينٽ بنجي ويو، ان جي باوجود ٿيچر سرڪار ساڻس ۽ سندس ساٿين سان ڪنهن به قسم جي
رعايت ڪرڻ کان مڪمل انڪار ڪيو. جيتوڻيڪ ڪافي وڏين شخصيتن مداخلت ڪئي ۽ وچ ۾ پئي ٺاهه
ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن شخصيتن ۾ پوپ جان پال (ٻيو) جو ذاتي نمائندو پڻ شامل هو. قوم
پرست ڪارڪن مطالبن جي مڃڻ تائين ڪجهه به کائڻ پيئڻ کان انڪاري رهيا ۽ ٿيچر سرڪار، مطالبن
مڃڻ کان آخر تائين انڪار ڪندي رهي. اهڙيءَ طرح جڏهن بوبي سئنڊس جو موت ٿيو ته گهٽ آباديءَ
واري آئرلينڊ جي ان حصي ۾ سندس جنازي ۾ هڪ لک ماڻهو ٻنهي طرفن کان قطار ٺاهي احتراماً
بيٺا رهيا. نيٺ IRA پنهنجي مشن ۾ ناڪام ٿي بک هڙتال ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ سگهو ئي پوءِ
پنهنجي پارٽيءَ جو نالو بدلائي شن فين رکي اليڪشني سياست ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪيائون.
مارگريٽ ٿيچر جي ان وقت جي سخت پاليسين ۽ ضد واري طبيعت ۽ غير لچڪدار رويي سبب آئرش
ماڻهو پڻ سندس موت تي ڏکارا ڪو نه نظر آيا، بلڪ ڪجهه ماڻهو ته خوش پڻ ٿيا ته ”پوڙهيءَ
مان جان ڇٽي“.
No comments:
Post a Comment