پرڏيهه ۾ اسان لاءِ ڪيترو سڪون آهي؟
الطاف شيخ
تعليم ختم ٿيڻ کانپوءِ مون جهاز واري نوڪري ۱۹۶۸ع کان شروع ڪئي. هڪ ئي
روٽ ۽ هڪ ئي جهاز تي رهڻ بدران منهنجا جهاز ۽ روٽ تڪڙا تڪڙا تبديل ٿيندا رهيا. مختلف
جهازن کي ڪڏهن ڏُور اوڀر جي ملڪن ڏانهن، ته ڪڏهن يورپ ۽ آمريڪا جي ملڪن ڏانهن وٺي وڃڻو
پيو ٿي. ڪڏهن ڪاري سمنڊ وارا سوشلسٽ ملڪ: رومانيا، بلغاريا، روس وغيره، ته ڪڏهن عرب ملڪ. شروع جا سال سئيز ڪئنال بند هو، ان ڪري جهازن
جي مالڪن جي مرضي نه هوندي به اسان کي جهاز سڄي آفريڪا کنڊ جي چوڌاري ڦيرائڻو پيو ٿي
۽ رستي تي ممباسا، موپوتو، ڪيپ ٽائون، ڊڪار ۽ عابد جان جهڙن آفريڪي بندرگاهن تي راشن
پاڻي ۽ جهاز لاءِ فيول وٺڻو پيو ٿي. پهرين سال ئي اسان کي جهاز کي آمريڪا وٺي وڃڻو
پيو ۽ هر سال ويسٽ انڊيز جي ٻيٽن برمودا، ڪيوبا، ٽرنيڊاڊ ۽ ٽوباگو کان آمريڪي بندرگاهن
هيوسٽن، نيواورلينس، فلڊلفيا، بالٽيمور، نيويارڪ وڃڻو پيو ٿي ۽ اڃان به مٿي اُتر ۾
ڪئناڊا جي به ڪجهه بندرگاهن ۾ وڃڻو پيو ٿي. انهن ڏينهن ۾ يعني اڄ کان اڌ صدي اڳ وارو
ڪئناڊا اسان لاءِ ٿر جيان هوندو هو، جِتي رڳو سُڃَ ئي سُڃَ، وارِي ئي وارِي هئي....
يعني جيئن ٿر ۾ وارِي ئي وارِي، تيئن ڪئناڊا ۾ سال جو وڏو حصو رڳو برف ئي برف ۽ ٿڌيون
هوائون هيون. مينهن وسڻ تي ٿر ۾ جان ايندي آهي، تيئن اونهاري جي ڪجهه مهينن ۾ جي جهاز
ڪئناڊا ايندو هو، ته اُس ۽ ساوڪ ڏسي دل خوش ٿيندي هئي، نه ته ڪئناڊا وڃڻ جو ٻُڌي ڊپريشن
ٿيندي هئي. چوندا هئاسين ته، هي ڪئناڊين چريا ماڻهو ڪئناڊا ۾ ڇو رهيا پيا آهن....هيٺ
ڏکڻ ۾ نيويارڪ پاسي ڇو نٿا هليا وڃن. جيتوڻيڪ نيويارڪ ۾ به سياري ۾ سخت سِيءُ ٿئي ٿو.
ٻارهو ئي بهار فقط برمودا، بهاما، جئميڪا، باربادوس، ٽرنيڊاڊ جهڙن ٽراپيڪل ٻيٽن تي
هوندي آهي. انهن ڏينهن ۾ اسان جهڙن ملڪن جا ماڻهو ڪئناڊا جهڙن ڏورانهن ۽ ويران هنڌن
تي ته نظر نه ايندا هئا پر آمريڪا ۾ به ورلي نظر آيا ٿي. آخر هيڏانهن اچن به ڇو. هندستان
۽ پاڪستان جهڙن ايشيائي ملڪن ۾ خوشحالي هئي. ٿورا گهڻا جيڪي تعليم يا روزگار لاءِ نڪتا
ٿي ته انگلينڊ کان اچي نڪتا ٿي. انهن ڏينهن ۾ آمريڪا لاءِ ويزا يا گرين ڪارڊ ملڻ ڪو
ڏکيو ڪم نه هو، پر انگلينڊ يا يورپ جي ملڪن ۾ رهڻ به ڪو مشڪل نه هو. جيڪو آيو ٿي ان کي سال ٻن اندر اتي جي شهريت ۽ پاسپورٽ
ملي ويو ٿي. پوءِ ڏورانهين ڏيهه آمريڪا يا ويران ۽ رُڃ ۽ سُڃ جهڙي ڪئناڊا ۾ ڪو ڇو وڃي
رهي! مون کي ياد آهي ته، 1973ع ۾ منهنجو جهاز سئيڊن جي بندرگاهه اسٽاڪهوم ۾ بيٺو هو،
ته انهن ڏينهن ۾ سئيڊن جي ”ڪوڪم“ شپ يارڊ ۾ مئرين انجنيئرن جي ضرورت ٿي. هنن جو نمائندو
مون وٽ جهاز تي آيو ۽ مونکي جهاز جي نوڪري ڇڏي ڪناري جي نوڪريءَ لاءِ صلاح ڪيائين.
مون سان گڏ منهنجي زال ۽ سال ڏيڍ جي ڌِيءَ به هئي. جهاز جي نوڪري تڏهن ڇڏي وڃي ٿي،
جڏهن ٻار ست اٺ سالن جا ٿين ٿا ۽ هنن لاءِ جهاز تي پڙهڻ بدران اسڪول وڃڻ ضروري ٿئي
ٿو، سو منهنجي لاءِ اهو مسئلو نه هو پر مونکي ان دفعي موراڪو ۽ اسپين کان وٺي هر سمنڊ
۽ موسم اهڙي ته خراب ملي هئي، جو منهنجي سامونڊي نوڪريءَ کان دِل کٽي ٿي پئي هئي ۽
شايد منهنجي ان روڄ پٽڪي ۽ سمنڊ کي پِٽون پاراتا ڏيڻ ڪري مڪاني آفيس وارن مونکي ان
پوسٽ جي آفر ڏني ۽ ان کي وڌيڪ پرڪشش بنائڻ لاءِ هنن اهو به چيو ته، هو مهيني اندر مونکي ۽ منهنجي فئمليءَ کي سئيڊن جي شهريت به ڏيندا.
مونکي اها ڳالهه ڪجهه ڪجهه پسند آئي پر آخري فيصلي ۾ انڪار ئي ڪيم، جو انهن ڏينهن
۾ پاڪستان ۾ ڇا خرابي هئي... امن امان، تعليم، سستائي، دنيا ۾ پاڪستاني پاسپورٽ جي
عزت... تڏهن ته هر ملڪ ۾ اسان بنا جھل پل جي وڃي رهياسين ٿي، ڌنڌا ڌاڙيون ۽ نوڪريون
ڪيونسين ٿي ... دنيا جي بهترين ملڪن مان پاڪستان هڪ هو، جنهن ۾ عرب به رهڻ لاءِ پئي
آيا.
بهرحال پوءِ اسانجي ملڪ جون حالتون بهتر ٿيڻ بدران ويون خراب ٿينديون.
بيروزگاري، نا انصافي ۽ دهشتگردي ويئي وڌندي ۽ اڃان تائين وڃي وڌندي. هڪ طرف مذهبي
اقليت سان تعلق رکندڙ سرندي وارا پڙهيل ڳڙهيل ۽ پئسي وارا عيسائي، پارسي، قادياني،
سنڌي هندو، ملڪ ڇڏي وڃڻ لڳا، جن جي سخاوت ڪري ملڪ جا ڪيترائي تعليمي توڙي صحت جا ادارا
هلي رهيا هئا، ته ٻئي طرف ملڪ جي معاشي بدحاليءَ ڪري ڪيترائي غريب ۽ بيروزگار پنهنجو
۽ پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ ٻاهر وڃڻ لڳا. شروع ۾ ته عرب توڙي يورپي ملڪن ۾ اسان
جي ماڻهن کي سولائيءَ سان مزدوري ۽ پورهيا ملڻ لڳا پر پوءِ انهن غريبن کي به exploit ڪيو ويو. کين
نوڪريون يا ملڪ ۾ داخلا ڏيڻ لاءِ مڪاني ماڻهو
ويزائون پئسن تي وڪڻڻ لڳا. ٻيو ته ٺهيو پر اسان جا عرب مسلمان به پنهنجن پاڙيسري ملڪن جي اهڙن غريب ۽ مجبور
ماڻهن کان پئسا وٺي ويزا وڪڻڻ لڳا. ياد رهي ته رڳو ويزا...! نوڪريءَ لاءِ وري کين ٻين
عربن کي منٿ ميڙ ڪرڻي پئي ٿي. آهستي آهستي يورپ ۽ آمريڪا ته ڇا پر ڪئناڊا جهڙا ملڪ،
جن شروع ۾ اسان جهڙن ملڪن جي ماڻهن کي گهرائڻ لاءِ سندن همت افزائي ڪئي ٿي ۽ کين ٿوري
گهڻي سکيا ڏئي سٺيون نوڪريون ڏنيون ٿي، اڄ اسان جي ملڪ جا جيڪي ڊاڪٽري ۽ انجنيئري پڙهي
اُتي پهچن ٿا، ته هنن کي ٽئڪسي يا ٽرڪ ڊرائيور ٿي ڪم ڪرڻو پوي ٿو، اسٽورن ۽ گدامن
۾ سامان ڍوئڻ جي مزدوري ڪرڻي پوي ٿي يا چوڪيداري .... ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙو روزگار به نٿو ملي! اهو ڏسي ڏک ٿو ٿئي ته، اسانجي ملڪ جو ايم
بي بي ايس يا B.E پاس اُتي جي بس اسٽاپن يا سب وي ۾ سئنڊوچ پيو وڪڻي. ڪئناڊا جهڙا ملڪ ڌارين
جي اچڻ تي پابنديءَ جون به ڳالهيون ڪن ٿا، ته ساڳئي وقت ماڻهن جي اچڻ جو هڪ لميٽيڊ
وهڪرو به قائم رکڻ چاهين ٿا، جو هنن کي هيٺانهين درجي جي پورهيتن، رستن ۽ گٽرن کي صاف
ڪرڻ، ٻني ٻاري، عمارتن جا شيشا ۽ ٽئاليٽ صاف ڪرڻ جهڙن ڪمن لاءِ ته اسان جهڙا ماڻهو
کپن. نيويارڪ جي غلام مصطفيٰ انڙ چيو: ”سائين! هِي ائين آهي، جيئن اسان وٽ زميندار
يا وڏيرو پنهنجي ٻنيءَ تي ڪجهه باگڙي ڀيلن کي جھوپڙيون ٺاهي رهڻ جي موڪل ڏئي ٿو. اهو
ان ڪري نه ته ڪو هن کي هنن سان همدردي آهي ۽ هو هيٺئين درجي جي ذاتين وارن کي به پاڻ
جهڙو ٿو سمجھي پر ان ڪري جيئن هنن کان ٻني ٻاري جا ڏکيا ڪم وٺي سگهجن، جيڪي هاڻ سندن
مسلمان هاري به نٿا ڪن.“
”ڀلا اهو ته آهي ته ڪئناڊا جهڙن ملڪن ۾ ميڊيڪل ۽ تعليم مفت ۾ آهي!“
مون هڪ نوجوان کي چيو، جيڪو اعليٰ تعليم مڪمل ڪري پنهنجي وطن موٽي آيو هو، جيتوڻيڪ
هن کي سندس تعليم جي آڌار تي ڪئناڊا ۾ نوڪري ملي رهي هئي. پر جيئن ته هن کي پاڪستان
۾ هڪ پرائيويٽ ڪمپنيءَ ۾ سٺي پگهار سان نوڪري
پهرين کان هئي، ان ڪري هن ان کي قائم رکڻ چاهيو ٿي. بقول هن جي ته، جنهن کي
پنهنجي ملڪ ۾ سٺي نوڪري هجي، ان کي ٻاهر ڌِڪا
کائڻ نه کپن. هن ٻڌايو ته ڪئناڊا ۾ ٻارن جي تعليم مفت ضرور آهي پر اها ڪا بهتر قسم
جي نه آهي، اها ائين آهي جيئن اسان وٽ سرڪاري
اسڪولن ۾ آهي. جيڪڏهن ڪو افورڊ ڪري سگهي ٿو، ته اسان وٽ پرائيويٽ اسڪول تمام بهتر آهن.
جيستائين اهو چيو وڃي ٿو ته، ڪئناڊا ۾ ميڊيڪل مفت آهي، ته اهو ايڏو آسانيءَ سان نٿو
ملي، اُتي جي اسپتالن ۾ به ائين ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهڻو پوي ٿو، جيئن سنڌ جي ڳوٺن جي سرڪاري
اسپتالن ۾. اهوئي سبب آهي جو ڪيترائي ڪئناڊا ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ اسانجا ماڻهو طبي علاج
يا آپريشنن لاءِ هوائي جهازن جا ڀاڙا ڀري پاڪستان ۽ انڊيا اچن ٿا.... جِتي هنن جو بهتر
خيال رکيو وڃي ٿو ۽ پاڪستان ۽ آخرڪار انڊيا جا سرجن به بين الاقوامي معيار جا آهن.
No comments:
Post a Comment