Saturday, November 12, 2016

ڏورينديون ڏسن، اڱڻ عجيبن جا - عبدالله مورائي

ڏورينديون ڏسن، اڱڻ عجيبن جا
Notes from Europe
عبدالله مورائي
هتي اسٽاڪهوم (Stockholm) ۾ منهنجو هڪ جاپان جو دوست آهي، قد ننڍو اٿس پر حوصلا وڏا. هڪ ڏينهن ملاقات ۾ چيائين؛ ”آءٌ ٻن ٽن هفتن لاءِ نائيجيريا ٿو وڃان.“ مون پڇيومانس؛ ”ڏي خبر! گهمڻ ٿو وڃين ڇا؟“ چيائين؛ ”نه! ڪاروبار جي سلسلي ۾ ٿو وڃان.“ وڌيڪ چيائين ته؛ ”نائيجيريا ۾ کاڌي پيتي جي شين جي وڏي گهرج آهي ۽ سيڙپ به گهٽ. سو مون سوچيو آهي ته ڪم اتان کان شروع ڪيان.“ سندس خيال هو ته اتي وڃي ڪو زمين جو ٽڪرو وٺندس، جتي پالتو ڍورن ۽ جانورن جو ڪو فارم شروع ڪندس ۽ ٿي سگهي ٿو ڪي نيون شيون اتي متعارف ڪرايان ته جيئن اتي ان شيءِ جي منڊي شروع ٿي سگهي. مون چيومانس؛ ”واهه! جپاني گڏا تنهنجي لئي. ڪٿي سئيڊن، ڪٿي جپان، ڪٿي نائيجيريا.“ چيائين؛ ”اهو ڇا چيئي؟“ مون کلندي وراڻيومانس ته؛ ”اهو معنيٰ اسان جي سنڌي ٻولي! ۾ تو کي گڊ لڪ چيم.“ پاڻ به کلندي رمندو رهيو.


لطيف سائين جو سُر سامونڊي به اهڙن ئي ماڻهن لاءِ چيل آهي، جيڪي وتندا هئا يا اڃا تائين وتن ٿا، سمنڊ جهاڳيندا.
ڪارول ڊويڪ (Carol Dweck) پنهنجي ڪتاب Mindset ۾ لکيو آهي ته دنيا ۾ ٻن قسمن جي ذهنيت رکندڙ انسان رهن ٿا، هڪڙا Fixed mindset يعني محدود يا مقرر حد کان ٻاهر نه نڪرڻ ۽ نه سوچڻ وارا يعني اهي ماڻهو جيڪي اها سوچ رکن ته سندن بڻيادي صلاحيتون، ڏات، سوچڻ سمجهڻ يا ترقي ڪرڻ قدرتي طور محدود آهي جنهن ۾ واڌ ويجهه ممڪن ناهي. اهي ماڻهو تنقيد کي ذاتي طور وٺندا آهن يا برداشت ناهن ڪندا، فڪسڊ مائينڊسيٽ وارا ماڻهو نيون شيون سکڻ کان پري ڀڄندا آهن، ناڪامي انهن جي آخري حد هوندي آهي. مطلب ته اهي ماڻهو هڪ خول ۾ بند هوندا آهن، ٻين لفظن ۾ پاڻ انهن کي سنڌي ۾ کوهه جا ڏيڏر به چئي سگهون ٿا.
ٻيا انسان آهن Growth mindset وارا، يعني اهي ماڻهو جيڪي اها سوچ رکن ته سندن بڻيادي صلاحيتون، ڏات، سوچڻ سمجهڻ يا ترقي ڪرڻ قدرتي طور لامحدود آهي، جنهن ۾ واڌ ويجهه محنت ۽ ڪوشش سان ممڪن آهي. اهي ماڻهو تنقيد کي ذاتي طور ناهن وٺندا، پر تنقيد سندن لاءِ اڃا وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۽ اتساهه جو سبب ٿيو پوي. گروٿ مائنڊسيٽ وارا انسان نيون شيون سکڻ کان ناهن گهٻرائيندا پر انهن کي سکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا آهن. اهي انسان ناڪامي کي ڪاميابيءَ طرف هڪ وک اڳتي محسوس ڪندا آهن. مطلب ته اهي ماڻهو هڪ خول ۾ بند ناهن هوندا. مطلب ته اهي کوهه کان ٻاهر ڏسڻ جي ڀرپور صلاحيت رکندا آهن ۽ وڌڻ ويجهڻ انهن لاءِ ڪو مسئلو ناهي هوندو. ڪوشش ۽ محنت ڪرڻ سان ڪوبه فڪسڊ مائنڊسيٽ وارو انسان گروٿ مائنڊسيٽ وارن انسانن ۾ شامل ٿي سگهي ٿو.
مارڪوٽس ڪلوڊ (Markovits Claude) پنهنجي ڪتاب The Global world of Indian Merchants ۾ 1750ع کان 1947ع تائين سنڌ جي حيدرآباد ۽ شڪارپور جي انهن سنڌي واپارين جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪي بخارا کان پاناما تائين ڇانيل هيا. اڄ به جيڪڏهن ماڻهو اسپين جي ٻيٽن گران ڪئنيريا (Gran Canaria) يا ايشيا جي ملڪن سنگاپور يا هانگ ڪانگ يا دنيا جي ڪيترن ئي ٻين ملڪن ۾ وڃي ته ان پراڻي دور جا لڏي ويل سنڌي اتي ملندا. يعني سندن وڏن جو مون واري جاپاني دوست وانگر گروٿ مائنڊ سيٽ هيو، جن ان پراڻي دور ۾ سمجهي ورتو ته ٻيلي ويٺي ڪجهه ڪونه ٿيندو، دنيا ۾ نڪرو ۽ روزي ڪيو. انهن سنڌين جا قصا پاڻ الطاف شيخ صاحب جي سفرنامن ۾ پڻ پڙهي چڪا آهيون.
الن بيٽي (Alan Beattie) پنهنجي ڪتاب False economy ۾ لکي ٿو ته ڪوبه ڌرم معيشت جي قسمت جو فيصلو نٿو ڪري. انهيءَ ڪري اها ڳالهه هاڻي سمجهه ۾ اچي ٿي ته دنيا ۾ جيترو به ڳئون جو گوشت (بيف) پيدا ٿئي ٿو، ان جو 18 فيصد انڊيا پيدا ڪري ٿو ۽ سندس شمار بيف پيدا ڪرڻ وارن ملڪن ۾ ٻئين نمبر تي اچي ٿو. هونئن ته ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته انڊيا ۾ ڳئون جو گوشت کائڻ تي زندگي خطري ۾ پئجيو وڃي پر جڏهن معاشي ترقي سامهون اچي ٿي ته شايد پوءِ سب چلتا هي وارو قصو آ.
مٿيون سڀ ڳالهيون لکڻ جو مقصد رڳو اهو هو ته نه صرف اڳين وقتن ۾ پر هاڻي به دنيا ۾ تمام گهڻا معاشي ۽ اقتصادي ترقي ڪرڻ جا موقعا موجود آهن، بنسبت اڄوڪي دنيا جي پراڻن زمانن ۾ ته سفري سهولتن جي به اڻاٺ هئي، پر تنهن هوندي به اهي ماڻهو اڄ تاريخ جو حصو آهن، جن سخت محنت ڪئي ۽ منزلون ماڻيون. دنيا ۾ ڪابه شيءِ حاصل ڪرڻ لاءِ محنت سان گڏوگڏ صبر پڻ ڪرڻو پوي ٿو پر بنيادي ڳالهه آهي ته ماڻهوءَ کي رڳو Fixed mindset واري ذهني ڪيفيت مان نڪري Growth mindset واري دائري ۾ داخل ٿيڻو پوندو.
مشتاق ميراڻي صاحب جو خيال آهي ته سنڌين کي وڌ کان وڌ ٻاهر نڪرڻ گهرجي، قادر جتوئي صاحب ان ڳالهه جي مخالفت نٿو ڪري ته سنڌين کي ٻاهر وڃڻ گهرجي پر پاڻ Brain drain جو خدشو ظاهر ڪري ٿو ۽ سندس خيال آهي ته جيڪڏهن ذهين سنڌي سنڌ کان ٻاهر هليا ويا ته اهو به سنڌ لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو. جتوئي صاحب جي ڳالهه ۾ به وزن ته بلڪل آهي پرهاڻي ڇا ڪجي؟ هونئن به سنڌ ۾ آبادي وڌي پئي، جنهن جي ڪري وسيلا ظاهر آ گهٽبا، سرڪاري نوڪريون به ڪيترن کي ملنديون؟ سرڪاري نوڪريون وٺڻ جي چڪر ۾ وري مٿان ڀوتارن جي غلامي ۽ چمچاگيري، ڪڏهن ”هِن هائوس“ جو چڪر ته ڪڏهن ”هُن هائوس“ جو. پڇاڙيءَ جو خبر پوي ته پيسا به ويا ۽ نوڪري به ڪانه ملي، همراهه وتي رستن تان پلڙا ميڙيندو.
سو منهنجو پنهنجو اهو خيال آهي ته ڀوتارن جي آسرن کان بهتر آ ته سنڌين کي جيڪڏهن موقعو ملي ته اهي ضرور ٻاهر وڃن. نوان نوان رستا ڳولهين ۽ معاشي ترقي لاءِ جدوجهد ڪن. اهو ضروري ناهي ته يورپ يا آمريڪا جو رخ ڪن، دنيا جون وڏيون منڊيون ته يورپ ۽ آمريڪا کان ٻاهر آهن جن کي پاڻ يورپ ۽ آمريڪا پنهنجين نين نين ايجادن ۽ مختلف شيون وڪڻڻ جي چڪر ۾ هر وقت آتا آهن. چوڻ جو مقصد ته ڪٿان جو به سنڌي ڀلي ڪٿي به هجي پر ڪنهن به صورت ۾ سنڌ سان ناتو نه ٽوڙي, جيئن اسان جو ڳوٺائي ميڪس ميمڻ ويٺو ته ڪئناڊا ۾ آهي پر يار هر وقت سنڌين لاءِ ماندو آ، سندس مدد يا رهنمائي دوستن لاءِ ڪيتري ڪارگر آ, اها خبر خدا کي پرپاڻ وسان ڪونه ٿو گهٽائي انهن جي رهنمائي ڪرڻ کان. چوڻ جو مقصد ته جيڪڏهن ماڻهو ڀلي هجي ڪٿي به پر جيڪڏهن قوم جي خدمت ڪرڻ جو جذبو آهي ته پوءِ ڪير به ڪنهن کي روڪي نٿو سگهي.

لطيف سرڪار به سُر سامونڊي ۾ جن ماڻهن جو ذڪر ڪيو آهي، اهي به گهرن کان مهينن جا مهينا يا ٿي سگهي ٿو سالن جا سال ٻاهر هوندا هئا پر وري به موٽي اچي پنهنجن پيارن ۽ پنهنجي پياري وطن سان گڏبا هئا.

No comments:

Post a Comment