Tuesday, November 22, 2016

برمودا ٻيٽ ۽ برمودا ٽڪنڊو - الطاف شيخ

برمودا ٻيٽ ۽ برمودا ٽڪنڊو
الطاف شيخ

اسان وٽ هرڪو ”برمودا“ يا ”برمودا ٽڪنڊي“ (Bermuda Triangle) بابت پڇندو رهي ٿو پر هڪ عام ماڻهوءَ کي اها ڄاڻ ناهي ته اهي ٻئي شيون ڇا آهن. آيا ٻئي هڪ آهن يا الڳ الڳ ....؟ ۽ اهي آهن ڪٿي؟! هن ڪالم ۾ سمنڊ سان واسطو رکندڙ هڪ جهازيءَ جي حيثيت ۾ آئون پڙهندڙن کي ان بابت ڪجهه ڄاڻ ڏيڻ چاهيندس.


برمودا هڪ ٻيٽ آهي جيڪو ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ ۾ به چئي سگهجي ٿو، ته ڪئريبين سمنڊ ۾ به. سمنڊن ۽ جاگرافيءَ کان اڻ واقف ماڻهو ان ڳالهه تي اڪثر حيرت جو اظهار ڪندا آهن ته ان مان ڇا مطلب آهي؟ اها ڳالهه به هتي سمجھائڻ ضروري ٿو سمجھان. اها ڳالهه ائين آهي جيئن ڪو چوي ته سکر يا روهڙي جو شهر سنڌ ۾ به آهي ته پاڪستان ۾ به. اهو ان ڪري جو سنڌ پاڪستان جو حصو آهي يا کڻي ائين به چئجي ته لاهور پاڪستان ۾ آهي، پر ڪو چوي ته لاهور، دهلي، تهران، ايشيا ۾ آهن ته به صحيح آهي. اهڙي طرح هندوستان جا ٻيٽ ”لکديپ“ (جيڪي ڏکڻ هندستان جي کاٻي پاسي واري سمنڊ ۾آهن) لاءِ چيو ويندو آهي ته عربي سمنڊ ۾ آهن ته ڪي وري چوندا آهن ته هندي وڏي سمنڊ ۾ آهن. ٻئي ڳالهيون صحيح آهن. يا ”انڊمان ٻيٽ“ جيڪي ڪنهن زماني ۾ ڪارو پاڻي سڏيا ويندا هئا ۽ هندستان تي انگريز راڄ وارن ڏينهن ۾ انگريز حڪومت وڏن ڌاڙيلن، ڏوهارين ۽ نٺر سياستدانن کي هنن ٻيٽن (انڊمان ۽ نڪوبار) تي ڦٽو ڪري ڇڏيندي هئي، جتان واپس ورڻ جي ڪا واهه نه هوندي هئي. اهي خليج بنگال ۾ چئجن ته به صحيح آهي پر جي ڪو چوي ته اهي هندي وڏي سمنڊ ۾ آهن ته به صحيح آهي، ڇو جو عربي سمنڊ توڙي خليج بنگال وارو سمنڊ .... ويندي ايراني نار، عدن وارو نار، مئڊگاسڪر وارو چئنل، سري لنڪا جي ڀر وارو نار، گلف وارو سمنڊ ۽ ٻيا به ڪيترا ننڍا سمنڊ ”هندي وڏي سمنڊ“ جا حصا آهن.
دنيا جي گولي تي زمين کان وڌيڪَ پاڻي آهي ۽ جيئن زمين جي چَڪن کي اسان ايشيا، آسٽريليا، يورپ، آفريڪا ۽ آمريڪا کنڊ سڏيون ٿا، تيئن انهن جي وچ ۾ وهندڙ پاڻيءَ کي پنجن وڏن سمنڊن ۾ ورهايو ويو آهي. جيئن هندي وڏو سمنڊ، پئسفڪ، ائٽلانٽڪ، اتر ۾ آرڪٽڪ سمنڊ جيڪو هميشه برف سان ڍڪيو پيو آهي ۽ اهڙي طرح ڏکڻ قطب واري سمنڊ کي سدرن سمنڊ سڏجي ٿو. انهن سمنڊن کي انگريزيءَ ۾ “Ocean” سڏجي ٿو. هر وڏي سمنڊ ۾ ڪيترائي ننڍا ننڍا سمنڊ اچي وڃن ٿا، جن کي انگريزي ۾ “Sea” سڏجي ٿو. جيئن ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ ۾ نارٿ سي، بالٽڪ سي، ڪئريبين سي ، ميڪسيڪو جو نار (Gulf)، خليج هڊسن، سيليٽڪ سمنڊ .... ويندي ڀؤنچ (ميڊيٽرينين) سمنڊ ۽ بحر اسود (ڪارو سمنڊ) به ائٽلانٽڪ جا حصا چئي سگهون ٿا، جو انهن ۾ پاڻي ائٽلانٽڪ سمنڊ مان اچي ٿو. جبرالٽر واري ڳچي سمنڊ وٽان ائٽلانٽڪ سمنڊ جو پاڻي ميڊيٽرينين ۾ گهڙي ٿو ۽ ٻي ڪنڊ ۾ اوڀر طرف ميڊيٽرينين سمنڊ جو پاڻي باسفورس (ترڪي) وٽان ڪاري سمنڊ ۾ گهڙي ٿو. اهڙي طرح اٿل پٿل ڪري هر سمنڊ جو پاڻي قدرتي طور صاف ٿيندو رهي ٿي ۽ هڪ ٻئي سان ملي جلي هڪ جهڙي سواد جو رهي ٿو. ان ڪم ۾ روزانو ٻه دفعا وير جو چڙهڻ ۽ لهڻ به ڪافي مددگار ثابت ٿئي ٿو. دنيا جي ملڪن جي بندرگاهن توڙي بيچن (سامونڊي ڪنارن) تي وڃو ته توهان کي اهي صاف سٿرا نظر ايندا. اسان اڃان ننڍا هئاسين يعني هيءَ 1961ع جي ڳالهه آهي جڏهن اسين مئٽرڪ ۾ هئاسين ۽ پيٽارو کان ڪياماڙي ۽ منهوڙو گهمڻ آيا هئاسين، ته مونکي ياد آهي ته ايڏي سختي هئي جو ڪنهن کي سمنڊ ۾ پني اڇلائڻ جي اجازت نه هوندي هئي، سمنڊ جو پاڻي ايترو صاف هوندو هو، جو ڪياماڙي توڙي منهوڙي واري جيٽيءَ وٽ ڪيترا مڪراني ۽ ڪڇي ٻار سمنڊ ۾ سڪو اڇلائي، تري مان ڪڍي ايندا هئا. اڄ جڏهن دنيا صفائيءَ ڏي ڌيان پئي ڏئي ته اسان جو سمنڊ سڀ کان گهڻو گدلو ٿي ويو آهي. هرڪو ماڻهو ان ۾ ڪن ڪچرو اڇلائيندو رهي ٿو. ايتريقدر جو ٻاهرين ملڪن کان ايندڙ جهاز به اسانجي بندرگاهه ۾ گندو تيل، بورچيخاني جو ڪچرو توڙي ٽئاليٽ ڦٽو ڪندا رهن ٿا. روزانو وير چڙهڻ ڪري هر روز ڪافي حد تائين صفائي ٿيو وڃي. پر جي قدرت طرفان اهو نظام نه هجي ها ته اسانجي بندرگاهن ۾ ايڏي ڌپ هُجي ها جو ٽاور وٽ ٺهيل برج تان لنگهندي به نڪ کي بند ڪرڻو پوي ها.
سو بحر اسود (Black Sea) جهڙا ننڍا سمنڊ وير چڙهڻ ۽ لهڻ جي عمل ۾ هر روز صاف ٿيندا رهن ٿا. اسان هتي گهڻي ڳالهه ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪنداسين، جنهن ۾ برمودا ٻيٽ آهي. ائٽلانٽڪ سمنڊ، جنهن کي اسان وٽ بحر اوقيانوس سڏيو وڃي ٿو دنيا ۾ پئسفڪ سمنڊ (بحر الڪاهل) بعد ٻئي نمبر تي وڏو سمنڊ آهي، جيڪو سمجھو ته ساڍا ڏهه ڪروڙ چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي. سڄي پاڪستان جي پکيڙ اٺ لک چورس ڪلوميٽر آهي. ان حساب سان ڏٺو وڃي ته هن سمنڊ ۾ پاڪستان جيڏا 133 ملڪ سمائجي وڃن.
اسانجي ايشيا کنڊ جي کاٻي پاسي يعني اولهه ۾ مٿي يورپ کنڊ آهي ته هيٺ آفريڪا کنڊ آهي. ان بعد وڌيڪَ کاٻي پاسي وڃبو ته هي سمنڊ (ائٽلانٽڪ) شروع ٿئي ٿو، 4000 کن ميل (اٽڪل 6500 ڪلوميٽر) کاٻي طرف (اولهه طرف) وڃڻ بعد ڏکڻ آمريڪا، اتر آمريڪا ۽ ڪئناڊا شروع ٿئي ٿو. اڃان به جي اڳتي هلبو ته اهي لتاڙڻ بعد پئسفڪ سمنڊ شروع ٿئي ٿو، جيڪو دنيا جي چوڌاري ڦري جپان، فلپين، چين تائين ٿو اچي لڳي. ان بعد ملائيشيا، ٿائلينڊ، ميانامار، بنگلاديش کان هندي وڏو سمنڊ شروع ٿئي ٿو ته هيٺ آسٽريليا تائين ۽ کاٻي پاسي آفريڪا جي مشرقي ڪناري تائين هلي ٿو.
يورپ کنڊ ۾ آخر وارو ملڪ پورچوگال آهي ۽ آفريڪا کنڊ ۾ موراڪو ۽ سينيگال، جن سان ائٽلانٽڪ سمنڊ جون ڇوليون ٽڪرائجن ٿيون. اسان ڪڏهن ڪڏهن سينيگال جي بندرگاهه ڊڪار تي يا وري يورپ ۾ هوندا آهيون ته پورچوگال جي بندرگاهه لسبن کان نيويارڪ پهچڻ لاءِ ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪندي، اسان کي اٽڪل 200 ڪلاڪَ لڳي ويندا آهن. يعني ست يا اٺ ڏينهن راتيون. هوائي جهاز جو ته اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهو لسبن (پورچوگال) کان نيويارڪ (آمريڪا) ڪيترو وقت ٿو لڳائي، پر سامونڊي جهاز جو اڳواٽ اندازو لڳائڻ يا هر وقت ساڳيو ٽائيم برقرار رکڻ ڏاڍو مشڪل آهي. ڇو جو اسان کڻي پاڻيءَ جي جهاز کي ٽيهه ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان هلايون ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان جي انجڻ ان ئي رفتار سان هلندي، پر ضروري ناهي ته اهو ڪلاڪ ۾ اوترو فاصلو طيءِ ڪري. ڪڏهن ڪڏهن ته فاصلو به رفتار مطابق طيءِ ٿئي ٿو پر ڪڏهن ڪڏهن اهو ٽيهن بدران چاليهه به ٿيو وڃي ته ڪڏهن ٽيهن بدران ويهه به. ان جو دارومدار لڳندڙ هوا ۽ سامونڊي ڇولين تي به آهي. جيڪڏهن اهي ٻئي جهاز جي پٺيان آهن ته جهاز ڪجهه انجڻ جي زور تي ته ڪجهه ڇولين ۽ پٺيان لڳندڙ هوا تي وڌيڪَ فاصلو طيءِ ڪندو ويندو. پر جي اهي ٻئي شيون سامهون جون آهن ته پاڻيءَ جو جهاز في ڪلاڪ ۾ گهٽ فاصلو طيءِ ڪندو. ڪڏهن ڪڏهن ته ڏينهن رات لڳا تار سامهونءَ کان اهڙيون ته تيز هوائون (Cyclones) هونديون آهن جو 24 ڪلاڪن بعد سج تارن ذريعي پنهنجي سمنڊ تي پوزيشن معلوم ڪندا آهيون ته خبر پوندي آهي ته جهاز جي انجڻ 24 ڪلاڪَ هلڻ جي باوجود جهاز اتي ئي بيٺو آهي. اندازو لڳايو ته اهڙن طوفانن ۽ سامهون جي بگڙيل سمنڊ ۾ جي انجڻ خراب ٿي پوي ته جهاز بي يارو مدد پٺتي ڌڪجيو وڃي ۽ جهاز تي ڪنٽرول نه هجڻ ڪري ڪنهن سمنڊ اندر ٽڪريءَ سان ٽڪرائجي به وڃي يا ڪنهن ٻيٽ تي به چڙهي سگهي ٿو. پاڻيءَ جي جهاز جي رفتار تي منجھس رکيل سامان (cargo) به اثر انداز ٿئي ٿو ۽ سمنڊ اندر پيدا ٿيندڙ ڪُنون (under currents) به پنهنجو اثر ڏيکارين ٿيون. بهرحال اسان جي جهاز کي ائٽلانٽڪ سمنڊ ٽپڻ ۾ ست کان اٺ ڏينهن لڳي ويا ٿي. اهو ڪو ننڍو عرصو ناهي. اسان اهو ئي چوندا هئاسين ته، قدرت هيڏو وڏو سمنڊ ڇو ٺاهيو آهي جو ڏينهن رات جهاز هلائي هلائي ساڻا ٿيو پئون....؟! ۽ ڪڏهن ڪڏهن جڏهن طوفان لڳا ٿي .... ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ تي اهي اڪثر لڳندا رهن ٿا، ته اهو سفر ڏهه ويندي يارهن ڏينهن به وٺندو هو. خراب سمنڊ اڪثر سي سڪنيس پيدا ڪري ٿو، جنهن ڪري انسان مايوسي (Depression) جو شڪار ٿيو پوي. ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪندي خراب حالتن ۾ پنهنجي مٿان هوائي جهاز کي اڏامندو ڏسي اڪثر دل ۾ ايندو آهي ته هوائي جهاز هلائڻ وارا ڪيڏا ته خوش نصيب آهن .... اڄ ئي شامَ ڌاري نيويارڪ يا واشنگٽن کان وڃي نڪرندا .... هنن کي ڪهڙي خبر ته هيٺ اسان پاڻيءَ جي جهاز هلائڻ وارن جي پيٽ ۾ ڪهڙي ولوڙ لڳي پئي آهي ۽ اڃان خبر ناهي ڪيترا ڏينهن ان طوفان ۾ هونداسين. سمنڊ تي طوفان نه به هجن ان هوندي به ائٽلانٽڪ جيڏو سمنڊ عبور ڪرڻ بور ٿو ڪري، جو هن سمنڊ ۾ يورپ يا آفريڪا جو ڪنارو ڇڏ ته وچ ۾ ڪو ٻيٽ يا زمين ذّرو نظر نٿو اچي، جيسين اچي آمريڪا جي ڪناري سان لڳجي. اهو به شڪر آهي جو اسان کي خبر پوندي رهي ٿي ته اسان روزانو ڪيترو فاصلو طيءِ ڪيو ۽ منزل اچڻ ۾ باقي ڪيترو فاصلو آهي. ڪولمبس جنهن جو ڪَلَ بنا جهاز هو، جيڪو هوائن جي آڌار تي آهستي آهستي پئي ويو، اهي ته پاڳل ٿي ويا هوندا ته هي سمنڊ ڪڏهن ٿو کٽي ۽ ڪنارو نظر اچي .... ۽ آيا ڪنارو اچڻو به آهي يا نه. بهرحال هاڻ سمنڊ جو هڪ هڪ ميل مَاپيل ۽ مَيَل آهي .... رستو ڳولڻ جا به ڪيترائي اوزار آهن. مهينو ته ڇا ڇهن مهينن جو به کاڌو خوراڪ ۽ پاڻي جهازن جي ڪولڊ اسٽورن ۾ رکي سگهون ٿا.
ائٽلانٽڪ سمنڊ جِتي وڃي آمريڪا سان لڳي ٿو، اتي ان سمنڊ جو ڪجهه حصو ڪئريبين سمنڊ سڏجي ٿو. هونءَ ته ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ٻيٽ آهن، پر ڪئريبين سمنڊ ڪيترن ئي ٻيٽن سان ڀريو پيو آهي جيڪي سٺي موسم ۽ سونهن ڪري دنيا جا بهترين ٻيٽ سمجھيا وڃن ٿا ۽ اهي سڀ هڪ ٻئي جي ڪافي ويجھو ويجھو آهن .... جيئن ته: باربادوس، سينٽ لوسيا، ڪيمئن، جئميڪا، هائتي، ڊومنيڪن ريپبلڪ، پورٽوريڪو، بهاما، ڪيوبا، ٽرنيڊاڊ، ٽوباگو وغيره وغيره. هڪ برمودا ٻيٽ آهي، جيڪو ڪئريبين سمنڊ ۾ هجڻ جي باوجود باقي سڀني ٻيٽن کان پري ۽ الڳ ٿلڳ آهي. سمجھو ته پورٽوريڪو کان 956 ميل يعني 1540 ڪلوميٽر اتر ۾ آهي. آمريڪا جي رياست نارٿ ڪئرولينا هن جي ويجھو آهي ته به 563 ميل يعني 1043 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي.
ائٽلانٽڪ سمنڊ جي وچ مان خط استوا (equator) واري خيالي ليڪ گذري ٿي ۽ ان ليڪ جي مٿئين حصي واري سمنڊ کي ”اتر ائٽلانٽڪ“ سڏجي ٿو ۽ هيٺين سمنڊ کي ”ڏکڻ ائٽلانٽڪ“. برمودا ٻيٽ اتر ائٽلانٽڪ ۾ اچي ٿو. ”هئملٽن“ برمودا ٻيٽ جو وڏو شهر، بندرگاهه ۽ گاديءَ جو هنڌ آهي. برمودا وارن جي اڄ ڪلهه جيتوڻيڪ پنهنجي حڪومت آهي پر ان هوندي به اڃان تائين برطانيه جي اثر رسوخ هيٺ آهي. ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ اتر آمريڪا ۾ جيڪي انگريزن جون بيٺڪون هيون انهن مان برمودا آخري نشاني آهي، جنهن کي سڀ کان آخر ۾ خودمختياري ملي.
هونءَ ڏٺو وڃي ته برمودا ٻيٽ 138 ننڍن وڏن ٻيٽن جو مجموعو آهي. جيئن مالديپ ٻيٽ هڪ نه پر سؤ کن ٻيٽ آهن پر فرق رڳو اهو آهي جو مالديپ ٻيٽ 700 کن ميلن تي ٽڙيل پکڙيل آهن، پر برمودا وارا ٻيٽ بمبئي وانگر هڪ ٻئي کي ويجھا آهن ۽ جيئن بمبئي جي ستن ئي ٻيٽن کي پلين ۽ رستن ذريعي ملايو ويو آهي تيئن برمودا جي 138 ٻيٽن مان ڪيترائي وڏي سائيز جا ٻيٽ پلين ۽ روڊن رستي ڳنڍيل آهن. ڪيترا ننڍا ننڍا ٻيٽ ته رهڻ جي قابل نه آهن جو ڏينهن ۾ ٻه دفعا وير چڙهڻ تي اهي پاڻيءَ اندر ئي رهن ٿا. جيڪي ٻيٽ رهڻ قابل آهن انهن جا جيتوڻيڪ پنهنجا پنهنجا نالا آهن، پر انهن جا رهاڪو پاڻ کي ’برمودي‘ ئي سڏرائين ٿا. چون ٿا ته هي ٻيٽ سمنڊ هيٺ آتش فشان (volcano) ڦاٽڻ تي ان مان نڪرندڙ لاوا جي ڄمڻ ڪري رونما ٿيا. بمبئي، جيڪو هاڻ ممبئي سڏجي ٿو، ان جا ست ٻيٽ (ماهيم، وورلي، پاريل، مازگائون ۽ ڪولابا وغيره) ته وري به هڪ ٻئي جي ڀرسان اهڙي حالت ۾ هئا جو انهن ٻيٽن جي وچ وارو سمنڊ ڀرڻ سان ممبئي اڄ هڪ چَڪَ (Piece) جي شڪل ۾ ٿي پيو آهي پر برمودا جا هي 138 کن ٻيٽ ۽ انهن جي چوڌاري ڇيتين جهڙا 50 کن ٻيا به ٻيٽ ائين ٽڙيل پکڙيل آهن، جيئن زنجير جو ڪڙو جنهن جو وچ خالي هجي ۽ ان ڪڙي مان به چوڌاري لوهه ڳريل هجي. ان کان علاوه برمودا جي چوڌاري سمنڊ هيٺ ايڏيون ته Reefs (ٽُڪيل پهاڙيون) آهن جو اڄ ماڊرن جهازن وارا به برمودا جي بندرگاهه ۾ گهڙڻ کان ڪيٻائين ٿا ته متان سندن جهاز ٽڪرا ٽڪرا نه ٿي وڃي.
1503ع ۾ برمودا ٻيٽ تائين جيڪو پهريون يورپي پهتو هو اهو هسپانوي ڪئپٽن ”جئان ڊي برموديز“ هو، جنهن جي نالي تي هي ٻيٽ آهي. انهن ڏينهن ۾ هن ٻيٽ تي ڪو بني بشر موجود نه هو ۽ هُن هنن ٻيٽن وٽان لنگهندي، هِنَ ٻيٽ کي اسپين سلطنت جي ملڪيت قرار ڏنو. انهن ڏينهن ۾ ڪاٺ جا جهاز هئا جيڪي سڙهن ۽ چپوئن تي هليا ٿي. هوائي جهاز يا انجڻيون يا پيٽرول ڊيزل اڃان ايجاد نه ٿيا هئا. ڪولمبس جي هن پاسي (ائٽلانٽڪ ڪراس ڪري آمريڪا طرف) اچڻ بعد ٻين به يورپي ملڪن جون حڪومتون يا واپاري ٽولا نئين دنيا جي ڳولا لاءِ پئسو لڳائڻ لڳا ۽ هو پنهنجي ڪاروبار موجب ڪاٺ جا وڏا جهاز ٺهرائي ملڪ جي قابل ڪئپٽنن ۽ خلاصين حوالي ڪري رهيا هئا جيئن نئين دنيا تي قبضو ڪري اتي آفريڪا کان خريد ڪيل غلامن ذريعي آبادي ڪرائي پنهنجي ملڪن (پورچوگال، اسپين، انگلينڊ، هالينڊ، اٽلي ۽ فرانس وغيره) کي ۽ ڪاروباري ڪمپنين کي فائدو رسائين. اهو ائين هو جيئن اڄ ڪلهه هِتي اسان وٽ اخبارن ۽ ٽي وي ذريعي اعلان ٿئي ٿو ته ڪراچي جي سپر هاءِ وي ڀرسان ڪراچي کان 30 ڪلوميٽر پري رڻ پٽ بيابان ۾ “DHA” سٽي يا ”بحريا ٽائون“ ٺهي رهيو آهي ۽ ماڻهو اهو سوچي انهن پئسو لڳائي رهيا آهن، ته اهي اسلام آباد ۾ به ٺهيا ته ڏاڍا ڪامياب ويا سو ڇو نه هِتي به اسان پئسو لڳايون. اهڙي طرح پنڌرهين صديءَ ۾ اسپين وارن جهازُ ڪرسٽافر ڪولمبس حوالي ڪيو ته جيئن انڊونيشيا پاسي کان لونگ، ڦوٽا، دارچيني جهڙن مصالحن سان ڀري اچي. انهن ڏينهن ۾ سمنڊ تي رستو ڳولڻ جا ڪي اوزار به نه هئا ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ کي ته ڪنهن به ڪراس ڪرڻ جو نٿي سوچيو، جو ان وقت سڀني اهو ٿي سوچيو ته اڳيان ٻي ڪا دنيا ناهي. پر هي همراهه رستو ڀلجي ويو يا شايد خراب سمنڊ ملڻ ڪري وايون بتال ٿي ويس ۽ مشرق ڏي وڃڻ بدران مغرب ڏي هليو ويو ۽ وڃي آمريڪا پهتو، جتان پوءِ سال ڏيڍ بعد مال ميڙي اچي ٻڌايائين ته ايڏانهن مغرب ڏي ته موج مزا لڳا پيا آهن .... ڀليون زمينون آهن. ڪٿي ڪٿي ڪو ماڻهو ڇيڻهه آهي (جيڪي پوءِ ريڊ انڊين سڏجڻ لڳا) نه ته ڪو والي وارث ناهي. ان معلومات بعد پوءِ يورپ جي هر ملڪ جيڪو جهازراني ۽ جهاز سازيءَ ۾ هوشيار هو، پنهنجا ماڻهو آمريڪا ڏي موڪلڻ شروع ڪيا ته وڃي قبضا ڪن. حڪومتن هڪ طرف، ته نجي ڪاروباري ڪمپنين ٻئي طرف. اخبارن ۾ اعلان ايندا رهيا ٿي ته فلاڻي ڪمپني آمريڪا ڏي جهاز موڪلڻ چاهي ٿي جيڪي ان ۾ پئسو لڳائڻ چاهين اهي جمع ڪرائين. پوءِ ڪن جا جهاز رستي تي ٻڏي به ويا ٿي. جيئن برموديز چڱو جو برمودا ٻيٽ اندر داخل نه ٿيو ۽ پري کان ئي اهو ٻيٽ پنهنجي ملڪ جي ملڪيت قرار ڏئي اڳتي وڌي ويو نه ته ان وقت ۾ تڪڙ ڪري جهاز کي برمودا جي اندرين حصي ۾ گهڙي ها ته جهاز ڇيتيون ڇيتيون ٿي وڃيس ها .... جو ان وقت اهي جهازن جا ڪئپٽن ايڏا قابل ۽ تجربيڪار نه هئا ۽ نه وري جاگرافي ۽ اوشنوگرافي جهڙن سبجيڪٽن کان واقف هئا. نه وري ان وقت تائين sextant ۽ ايڪو سائونڊر جهڙا اوزار ايجاد ٿيا هئا، جن ذريعي خبر پئجي سگهي ته جهاز جي تري کان سمنڊ جو ترو ڪيترو اونهو آهي ..
سمنڊ جي اندر ڇا ڇا موجود آهي، سمنڊ ڪٿي اونهو آهي ۽ ڪٿي تانگھو..... وغيره.
بهرحال هي ”ڪئپٽن برموديز“ هن ٻيٽ کي ”برمودا“ نالو ڏئي نقشي ۾ هڻي پنهنجي ملڪ جي ملڪيت ڪئي ۽ اسپين پهچڻ تي اخبارن ۾ اعلان به ٿي ويو ته جِتي پورچوگالن يا انگريزن هنن ٻيٽن ۽ ڌرتيءَ جي حصن تي قبضو ڪري هي هي نالا رکيا آهن، اتي اسپين وارن برازيل، ڪولمبيا، پورٽوريڪو سان گڏ ”برمودا“ ٻيٽ به هٿ ڪيو آهي .... ڇا ته زمانو هو ....! فقط ڪنهن ملڪ يا ٻيٽ تي پهچڻ يا پري کان ڏسڻ سان اهو ان جي ملڪيت ٿي ويو ٿي .... اهي سڀ فائدا يورپي قومن پئي ورتا جو هي ٽيڪنالاجيءَ ۾ اسان کان گهڻو اڳ ٿي ويا هئا. جيسين ”عرب مسلمان“ حضرت عمر ۽ امير معاويه جي ڏينهن کان جهازرانيءَ ۾ هوشيار هئا ۽ جهاز ٺاهي سگهيا ٿي، تيسين هو قبرص، مالٽا کان سوڊان، لبيا، موراڪو ۽ اسپين فرانس تي قبضو ڪري ويا. پر هاڻ هي يورپي تيز ٿي ويا. اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ لوڌي، بابر، همايون ۽ اڪبر جو دور هو. جن جو گهڻو زور شعر و شاعري، ناچ گانن، ڀنگ ۽ ڪچي شراب تي هو .... پوءِ همايون جهڙا بادشاهه ڏاڪڻين تان پئي ڪريا .... اورنگزيب ۽ شاهجهان جهڙا بادشاهه تاج محل ۽ ٻيون عمارتون ته ٺهرائيندا رهيا پر مليريا جي بخار جي گوريءَ لاءِ به هنن انگريزن اڳيان هٿ ٿي ٽنگيو ۽ هنن کي پنهنجي ملڪ ۾ ڪارخانا کولڻ جي اجازت ٿي ڏيڻي پئي ۽ نتيجي ۾ اٺ تنبوءَ منجهه عرب ٻاهر ٿي ويو.
بهرحال 1503ع ۾ پهريون دفعو برمودا کي پري کان ڏٺو ويو ۽ اسپين حڪومت جي ملڪيت قرار ڏنو ويو. ان بعد اسپين ۽ يورپ جي ٻين ملڪن جا جهاز اتان لنگهندا رهيا. انهن ڏينهن ۾ يورپي جهازران ڊگهي سفر ۾ کاڌي خوراڪ لاءِ پاڻ سان جيئرا جانور کڻي نڪرندا هئا .... خاص ڪري سوئر، ڪڪڙيون، بدڪون وغيره. لڳي ٿو ته هتان ايندي ويندي اهي جهازي هڪ ٻه سوئر هنن ٻيٽن تي ڇڏيندا ويا يا هنن ٻيٽ ۾ اندر گهڙڻ وقت سندن جهاز سمنڊ اندر جبلن سان ٽڪرائڻ ڪري ڀڄي پيا ٿي ۽ جهاز تي موجود سوئرن مان ڪجهه ٻڏي ويا ٿي ته ڪجهه بچي هنن ٻيٽن تي هليا آيا ٿي ۽ هتي خوب ساوڪ هجڻ ڪري هو پلبا رهيا ٿي. جڏهن گهڻو گهڻو پوءِ برمودا ۾ ماڻهن رهائش اختيار ڪئي ته هنن کي انيڪ سوئر نظر آيا.
برمودا ۾ ماڻهن جي صحيح طرح رهائش 1609ع کان ٿي جڏهن سخت طوفان ۾Sea Venture” “ نالي هڪ برطانيا جو جهاز هن ٻيٽ سان ٽڪرائجي پيو ۽ ان ۾ موجود سڀ ماڻهو ٻاهر نڪرڻ بعد ٻي ڪا واهه نه ڏسي هن ٻيٽ تي ئي رهي پيا. هي جهاز انگريز ڪمپني ”ورجينيا“ جو هو. هن ڪمپنيءَ ٻه سال اڳ 1607ع ۾ آمريڪا کنڊ جي علائقي ورجينيا ۽ جيمس ٽائون تي قبضو ڪيو هو ۽ هي جهاز ”سي وينچر“ هينئر به اوڏانهن وڃي رهيو هو، جو رستي تي برمودا ٻيٽ جي چوڌاري سمنڊ اندر موجود ٽڪرين (Reefs) سان ٽڪرائجي پيو. جهاز ۾ موجود ماڻهن مان ڪجهه تري اچي هن ٻيٽ تي نڪتا. هنن انگريزن جي پهچڻ تي برمودا ٻيٽ اسپين بدران انگلينڊ وارن جو ٿي ويو ۽ جيئن انڊيا ۾ انگريزن جي ”ايسٽ انڊيا ڪمپني“ هئي تيئن هتي برمودا کي انگريزن جي ”ورجينيا ڪمپني“ هلائڻ لڳي.
اهو سلسلو 1614ع تائين هلندو رهيو. ان بعد هي ٻيٽ ٻين پرائيويٽ واپاري ڪمپنين جي ور چڙهندو آخر ۾ 1707ع ۾ ”برطانيا حڪومت“ وارن جي ڪالوني قرار ڏنو ويو. انگريز ماڻهو ته هوشيار آهن، هنن جيئن بمبئي، پينانگ ۽ سنگاپور جهڙن ويران ٻيٽن تي انصاف، امن امان ۽ رهائش ۽ واپار جون سهولتون ڏئي انهن کي دنيا جا بهترين ۽ خوشحال شهر ۽ ٻيٽ بڻائي ڇڏيو، تيئن هنن برمودا کي به ڪري ڇڏيو. ويران جايون ماڻهن سان ڀرجي ويون. 1997ع ۾ ”هانگ ڪانگ“ جو چين ڏي موٽي وڃڻ بعد، انگريزن جي هيءَ ڪالوني (برمودا) دنيا ۾ سڀ کان گهڻي آدم شماري واري ۽ پئسي واري آهي. دنيا جو سڀ کان گهڻو GDP برمودا جو آهي .... يعني هِتي جو ماڻهو تمام گهڻو ڪمائي ٿو. اڄ ڪلهه ”هئملٽن“برمودا جو گاديءَ جو شهر آهي، جِتي اسانجا جهاز به لنگر انداز ٿين ٿا. ٻئي نمبر تي وڏو شهر ۽ پُراڻو گادي جو هنڌ ”سينٽ جارج“ آهي جيڪو 1612ع ۾ مقرر ٿيو .... يعني انگريز گورنر 1819ع ۾ سنگاپور جو ويران ٻيٽ خريد ڪري آباد ڪرائي، ان کان به 200 سال اڳ برمودا جو هي پهريون گادي وارو شهر ”سينٽ جارج“ آباد هو. مون هي شهر پهريون دفعو 1969ع ۾ ڏٺو ۽ حيرت ٿي ته هڪ ڏورانهين هنڌ تي سمنڊ جي وچ ۾ هڪ ننڍڙي ٻيٽ جو هي شهر ساڍا ٽي سؤ کن سالن کان آباد آهي. منجھس روايتي انگريزي شهرَن جو هُڳاءُ محسوس ٿئي ٿو۔ هن شهر ”سينٽ جارج“ توڙي برمودا جي نئين گاديءَ واري شهر ”هئملٽن“ جي گهٽين مان لنگهندي، ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ لنڊن، ڪارڊف، برسٽل، پلاءِ مائوٿ، ڪئمبرج يا سالسبري جهڙن شهرن جي گهٽين مان گذري رهيا هجون. گهرن جو به اهو ئي اسٽائيل ته دڪانن هوٽلن جو به ساڳيو نمونو. ڪنهن زماني ۾ جڏهن اسان ننڍا هئاسين ته ڪراچيءَ جي صدر واري علائقي جي ڪجهه گهٽين جي دڪانن ۽ هوٽلن جو، توڙي ممباسا جي ڪلنڊني روڊ ۽ سنگاپور جي هاءِ اسٽريٽ جو به ڪجهه اهڙو ئي نمونو هو. حيرت جي اها ڳالهه ته برمودا جي هاڻوڪي گاديءَ واري شهر ۽ وڏي بندرگاهه هئملٽن ۾ منهنجي ڪيترن پوڙهن سنڌي هندو واپارين سان ملاقات ٿي جيڪي گرميءَ ۾ به پارسين وانگر اڇي رنگ جو ڪوٽ پائي وڏي شان سان دڪانن اڳيان راهداري ۾ واڪ ڪندي نظر آيا ٿي. هيءَ 1969ع جي ڳالهه آهي جڏهن آئون 25 سالن جو هوس. ان وقت جا سٺ ستر سالن جا ڪراڙا سنڌي ٻڌائيندا هئا ته هو يا هنن جا وڏا ٽيهه چاليهه سال اڳ برمودا ۾ آيا .... يعني هندستان جي ورهاڱي کان به اڳ. مون سندن دلچسپ ڳالهين جو ٿورو گهڻو ذڪر ان وقت جي سفرنامن ۾ ڪيو آهي، پر اڄ ٿو سوچيان ته انهن ڏينهن ۾ شاپنگ يا رلڻ پنڻ ۾ وقت گذارڻ بدران هنن کان تفصيلي احوال ۽ انٽرويو وٺان ها ته هو هتي برمودا ۾ ڪيئن پهتا؟ هنن پنهنجو ڌنڌو ڌاڙي ڪيئن ڄمايو....؟ سنڌ ۾ ڪٿي رهندا هئا ۽ اتي ڪهڙو ڌنڌو هون؟ .... وغيره وغيره. هينئر ته انهن جا به پوٽا پڙپوٽا هوندا جن کي پنهنجي وڏن جي وطن جي ڪهڙي خبر .... ڇو جو ان وقت به انهن جي اولاد سنڌي پوري پني ٿي ڳالهائي .... هنن انٽرنيشنل ٻولي انگريزي ٿي ڳالهائي يا پنهنجي مائرن جي هسپانوي زبان ڳالهائي ٿي.
برمودا قدرتي نظارن ۽ موسم ڪري هڪ خوبصورت ٻيٽ آهي يا کڻي چئجي ته ملڪ آهي. آمريڪا جي ويجھو هجڻ ڪري آمريڪا توڙي يورپ جا امير ٽوئرسٽ پاڻيءَ جي پئسينجر جهازن ۽ هوائي جهازن ذريعي هن ٻيٽ تي موڪل جا ڏينهن گذارين ٿا.
برمودا جو وڏو شهر هئملٽن ته وڏين هوٽلن سان جھنجھيو پيو آهي. هونءَ ته برمودا ٻيٽ جي سنگاپور ٻيٽ وانگر وڏي ڪمائي ٽوئرزم مان آهي جنهن ڪري اتي جون هوٽلون، دڪان، ٽئڪسيون خوب ڪمائين ٿيون .... ۽ بس ٽئڪسي کان وٺي روڊ ۽ رستا چمڪن پيا. چوڌاري سمنڊ هجڻ ڪري ملائيشيا وانگر مٽي ۽ ڌوڙ جو ته نالو ئي ڪونهي. برمودا جي ٻئي نمبر تي ڪمائي جهازن ۽ تيل جي Rigs جي انشورنس مان آهي.
برمودا جي سڀني ٻيٽن جي پکيڙ ورتي وڃي ته به ٽوٽل زمين 53 چورس ڪلوميٽر (20 چورس ميل) ٿئي ٿو. يعني تمام ننڍو آهي. ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهو ٿا ته سنگاپور جو ٻيٽ به برمودا کان چوڏهن دفعا وڏو آهي. جنهن جي پکيڙ 720 چورس ڪلوميٽر آهي. سنڌ جو سڀ کان ننڍو ضلعو مٽياري آهي، جنهن جي پکيڙ 1420 چورس ڪلوميٽر آهي .... يعني ان مان ته 27 برموداز ٿي وڃن .... پر برمودا جي ڪمائي سڄي پاڪستان کان وڌيڪَ آهي! برمودا ٻيٽ جو ڪنارو ڪنارو ڏئي هلجي ته 103 ڪلوميٽر ٿين ٿا .... بس سمجھو ته هر گهر جي کڏ تان سمنڊ نظر اچي ٿو. گهٽيءَ جي اڳيان نه ته پٺيان سمنڊ جو ڪنارو نـظر اچي ٿو. سمورن ٻيٽن ۾ جيڪو وڏو ٻيٽ آهي اهو “Main Island” سڏجي ٿو ۽ ان کي ئي برمودا چون ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته باقي ٻيٽن جو جھڳٽو جنهن جا ڌار ڌار نالا آهن، اتي جا رهندڙ به پاڻ کي برمودي سڏائين ٿا ..... اهو ائين آهي جيئن اصل ڪراچي فقط صدر وارو علائقو آهي يا وڌ ۾ وڌ لياري، چاڪيواڙو .... ملير، لانڍي، ماريپور، ڪياماڙي، منهوڙو، منگھو پير، ڪورنگي، اورنگي، لالو کيت، سچل ڳوٺ وغيره الڳ الڳ علائقا آهن پر اتي جا ماڻهو حيدرآباد، سکر يا لاهور پهچي پنهنجي لاءِ اهو ئي ٻڌائيندا ته هو ڪراچيءَ مان آيا آهن.
برمودا جي ٻيٽن جي نالن جون لسٽون ٺاهڻ برمودا جي تپيدارن لاءِ وڏو مٿي جو سور هوندو جو ڪيترن ئي ٻيٽن جا ٻه ٻه ٽي ٽي نالا آهن .... ويندي سڄي برمودا جا به ڪيترائي نالا آهن .... برمودا ٻيٽن کي ماضيءَ ۾ ڪو هسپانوي نالي”La Garza” ۽ “Virgineola” سان سڏيندو رهيو آهي ته ڪو انگريزي نالي “Isle of Devils” (شيطانن جو ٻيٽ) سان. ساڳي وقت هڪ ئي نالي سان ٻه يا ٽي ٻيٽ به آهن. ڪيترن ئي ٻيٽن تي رستن جا ته ساڳيا ساڳيا نالا عام آهن. برمودا جي ”سينٽ جارج“ ۽ ”واروِڪ“ شهرن ۾ هڪ روڊ جو نالو ”خيبر پاس“ به آهي.... اِهي نالا ضرور ڪنهن اهڙي انگريز رکيا هوندا جيڪو هندوستان ۾ رهي آيو هوندو. انگريز حڪومت پنهنجي آفيسرن کي ڪڏهن دهلي ۽ بمبئي ۾ پئي رکندي هئي ته ڪڏهن عدن ۽ سنگاپور ته ڪڏهن ڪينيا، يوگنڊا يا نيوزيلئنڊ ۽ ڪئناڊا ۾.
برمودا ٻيٽ جي چوڌاري سمنڊ اندر هڪ طرف ٽڪريون آهن ته ٻي طرف خراب موسم آهي. ان ڪري برمودا ٻيٽ جي ويجھو ايندڙ جهاز ته ڀڄي ڀري پيا ٿي، پر اڳتي جو کُليو سمنڊ به پاڻي جي جهازن توڙي هوائي جهازن کي ڳڙڪائيندو رهيو ٿي. هاڻ وڃي جهاز هلائيندڙن ۽ جهازن جي مالڪن کي پيٽ ۾ ساههُ پيو آهي نه ته هن پاسي جي سمنڊ ڏي ايندڙ وڏن وڏن پهلوانن کي به پگهر ٿي آيا. ڪڏهن ته جهاز سلامتيءَ سان گذّري ويا ٿي ڪڏهن ته اهي سامونڊي ڪُنن ۾ غرق ٿي ويا ٿي. اهڙن ٻڏندڙن يا غائب ٿي ويندڙ جهازن جا نشان نقشي تي ڏنا ويا ٿي، جنهن مان اڳتي هلي اهو اندازو ٿيو ته سمنڊ جو هڪ خاص حصو جيڪو ٽڪنڊي شڪل۾ آهي، جنهن ۾ اڪثر اهو ڪم ٿئي ٿو، ان ٽڪنڊي جو هڪ پاسو برمودا ٻيٽ کان هيٺ پورٽوريڪو ٻيٽ تائين آهي ۽ ٻيو پاسو پورٽوريڪو کان وٺي آمريڪا جي رياست فلوريڊا جي بندرگاهه ”ميامي“ تائين ۽ ٽيون پاسو ميامي کان برمودا ٻيٽ تائين آهي.
سمنڊ جو اهو ٽڪنڊو ڪو ننڍو ناهي. ان ۾ اٽڪل 20 لک چورس ڪلوميٽر سمنڊ اچي وڃي ٿو. يورپ ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جيڪي پاڻيءَ جا، يا هوائي جهاز هلن ٿا، انهن مان وڏو حصو هن سمنڊ تان گذري ٿو. سمنڊ جو هي ٽڪندو ”برمودا ٽرئنگل“ يعني ”برمودا ٽڪنڊو“ سڏجي ٿو. ڪي ماڻهو هن کي ”شيطان جو ٽڪنڊو“ (Devil’s Triangle) به سڏين ٿا. سمنڊ جو هي ئي حصو آهي، جِتان لنگهندي اسانجي نئين جهاز جي بئالر جو سيفٽي والو خراب ٿي پيو. چڱو جو اسان برمودا ٻيٽ جي ويجھو ئي هئاسين ۽ برمودا جي بندرگاهه ۾ يڪدم لنگر ڪيرائي، بئالر جي مرمت لاءِ ورڪ شاپ وارن کي گهرايوسين، جنهن جو احوال شروع ۾ لکي چڪو آهيان.

بهرحال هيترو ڪجهه پڙهڻ بعد پڙهندڙن کي اها ڳالهه ته سمجهه ۾ اچي وئي هوندي ته ”برمودا“ ٻيٽ آهي، جيڪوآمريڪا ڏي ويندي ڪئريبين (اتر ائٽلانٽڪ) سمنڊ ۾ آهي ۽ ”برمودا ٽڪنڊو“ سمنڊ جو هڪ ٽڪنڊو حصو آهي، جيڪو ڪراس ڪرڻ ۾ پاڻيءَ واري جهاز کي ٻه ڏينهن لڳيو وڃن ۽ سمنڊ جو اهو حصو ئي جهازن جي حادثن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيو آهي.

No comments:

Post a Comment