بسماني گار کان ايفس شھر
تائين
ترڪي جو سفرنامو
سھيل صديقي
رات جو هڪ بجي اچي
استبول ايئرپورٽ تان جهاز ۾ چڙهياسين. مون سان گڏ امجد علي پنهور هو. جيڪو بحرين
هوائي اڏي تي مون سان گڏيو هو. پاڻ اصل ڄامشوري سان تعلق رکي ٿو پر گذريل ڏهاڪو
سالن کان سعودي عرب جي رياض شهر ۾ پرنسيس نورا يونيورسٽيءَ ۾ ميٽرو سروس جي سار سنڀال
جو انجينئر آهي ۽ Hitachi
ڪمپني جو ملازم آهي. هن سان ۽ Hitachi ڪمپني
سان منهنجي تمام پراڻي ڄاڻ سڄاڻ آهي. مان جڏهن ننڍو هوندو هيس ته اسان جي گهر ۾ هڪ
بليڪ ائنڊ وائيٽ ٽيليويزن هوندي هئي. اها ٽيليويزن انهي ڪمپني جي هوندي هئي ۽ چئن
پاون تي زمين مٿان بيهي اسان کي تفريح فراهم ڪندي هئي. هاڻي سال ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا جڏهن
به امجد سان ملاقات ٿيندي آهي ۽ انهي هٽاچي ڪمپني جو ذڪر ٿيندي ئي مون کي پنهنجي
ننڍڙائپ سان جُڙيل ٽي وي جو خيال به ضرور ايندو آهي.
خير اسين رات جو لڳ
ڀڳ سوا ٻين ڌاري اچي ازمير شهر جي هوائي اڏي تي پهتاسين. شهر جو ايئرپورٽ ننڍڙو پر
عمارت سازي جو اعلي مثال هو. انهي ايئرپورٽ جو نالو ترڪي جي اڳوڻي وزير اعظم جي
نالي تي ”عدنان ميندرس هواليماني“ رکيو ويو هو. ترڪي ٻولي ۾ هوائي اڏي کي
”هواليماني“ سڏيو وڃي ٿو ۽ جهاز کي اچڪ جيڪو اسين اتي سکياسين. اسان اچڪ تان لهي
سامان کڻي هواليماني کان ٻاهر نڪرڻ سان ئي پڇا ڳاڇا ڪرڻ لڳاسين ته ”بسماني يا
”السانجڪ“ علائقي جي لاءِ ڪهڙي ۽ ڪٿان گاڏي ويندي. هوائي اڏي جي ٻاهران رات جو ڪافي
رش ٿي وئي هئي پر نه گاڏين جو گوڙ هو ۽ نه ئي وري ماڻهن جو ڪو هُل ٻڌڻ ۾ پئي آيو.
ماڻهو انتهائي نفاست سان هوائي اڏي مان نڪرندي سامهون بيٺل بسن يا ٽئڪسين ۾ ويهندا
پئي ويا. انهن ماڻهن ۾ ڪافي مقامي ترڪ ته ڪافي سياح ٿي لڳا ۽ ڪي جوڙن ۾ ته، ڪي اڪيلا
يا وري سموري سنگت سان گڏ هئا. اسان کي سامهون کان ڪجهه Mercedes ڪمپني
جون خوبصورت بسون بيٺل نظر آيون. اسان به کڻي الر ڪندي وڃي مٿانئن پهتاسين ته متان
ڪٿي نڪري نه وڃن ۽ اسين اتي ئي بيٺا هجون. آئون ۽ امجد اتي پهچي مختلف ماڻهن کي هٿ
۾ موبائيل کڻي گوگل وسيلي پنهنجي هوٽل واري اسٽاپ جي پڇا پئي ڪندا رهياسين. گهڻي
قدر ماڻهن کي انگريزي نه اچڻ ڪري اسان اهو سمجهائي نه پئي سگهياسين ته اسان کي وڃڻو
ڪهڙي طرف آهي ۽ شهر جي اسٽاپن جا نالا ترڪي ٻوليءَ ۾ هجڻ ڪري اسان درست نموني
اُچاري به نه پئي سگهياسين. نيٺ سامهون هڪ کان پوءِ ٻي ۽ ٽئين بس تائين پهتاسين ته
خبر پئي ته اها ئي بس اسان جي گهربل اسٽاپ ڏانهن ويندي. اسين کڻي سنبرجي بس ۾ ويٺاسين.
بس ۾ رش هجڻ ڪري امجد ۽ مون کي ٿورو اڳتي پوئتي جڳهه ملي پر اسان ايترو ويجها هئاسين
جو هڪٻئي سان سولائي سان ڪچهري ڪري پئي سگهياسين. اسان ٻنهي سنڌي ۾ ڪچهريءَ کي ڇڪي
رکيوسين. منهنجي ڀر ۾ ويٺل هڪ همراهه ۽ ٻيا آس پاس وارا وقفي وقفي سان اسان ڏي
توجهه ڏئي رهيا هئا. شايد انڪري ته اسان کي جيئن سندن ٻولي سمجهه ۾ نه اچڻ ڪري دٻي
۾ ٺڪريون پئي لڳي، تيئن ئي شايد هنن سان به ائين هو يا وري اسان ٻنهي دوستن جي پاڻ
۾ پري پري کان ڪچهري انهيءَ جو انداز سندن لاءِ ڪا نئين يا اڻ-وڻندڙ ڳالهه هئي جو سندن
ڌيان اسان ڏانهن ڇڪجي پئي ويو.
اسان جو اسٽاپ
هوائي اڏي کان لڳ ڀڳ چاليهه منٽن جي مفاصلي تي هو. حالانڪ رات جو وقت هو ۽ روڊ
رستا سنسان ۽ ويران هئا پر شهر ڪافي وڏو هجڻ ڪري سفر وڏو هو. سفر دوران منهنجي ڀرسان
ويٺل هڪ تُرڪ مون سان ڳالهائيندي پڇو ته توهان ڪٿان آيا آهيو، پر سندس انگريزي مون
کان به اڀري هئي. سچ پڇو ته ترڪي وڃڻ کان پوءِ مون کي اهو احساس ٿيو ته مون کي به
انگريزي اچي ٿي. مون سندس ڳالهه سمجهندي، کيس جواب ڏنو ته آئون پاڪستان کان آيو
آهيان. اهو ٻڌندي ئي سندس رويو هڪدم مون سان تبديل ٿي ويو ۽ ائين محسوس ٿيڻ لڳو، ڄڻ
ڪو هي منهنجو پراڻو مائٽ يا واقفڪار هجي. مطلب ته هن جي چهري تي خوشي محسوس پئي ٿي.
مون کيس موبائيل ڏيکاريندي پڇو ته اسان کي هن اسٽاپ تي وڃڻو آهي ۽ اتي هوٽل آهي PC boutique Hotel اها ڪٿي
پوندي. هن ٻڌايو ته؛ ”هي گاڏي اتان کان ئي لنگهندي. مان توهان کان اڳ لهندس. پر
آئون ڊرائيور کي چوان ٿو ته توهان کي اڳئين اسٽاپ تي لاهي ڇڏي.“ ائين مڙئي جڏي سڏي
نموني، اسان جي پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه هلندي رهي. رات جو وقت هو ۽ رستن تي ماڻهو بلڪل
نه هئا. پر جيئن ئي شهر ۾ داخل ٿياسين ته مسلسل روڊن جي ٻنهي پاسي اسٽريٽ لائيٽس،
دڪانن جو بتيون، وڏا وڏا اشتهاري بورڊ مطلب ته هڪ روشن شهر هو ۽ رات جو به سندس خوبصورتي
آساني سان ڏسي پئي سگهياسين. رستا، اسٽريٽ لائيٽ، فوٽ پاٿ، ٻوٽا، گل، چوڪ، صفائي
مطلب ته ترتيب ۾ شهر جو جنهن کي ڏسي مزو پئي آيو.......
اسان جي گاڏي،
مختلف روڊن رستن تان ٿيندي، سوارين کي لاهيندي، اڳيان وڌي رهي هئي. اسان لاءِ سڀ ڪجهه
نئون ۽ ڏسڻ وٽان هو. رستي تي نظر ايندڙ روڊن، رستن جا بورڊ به مان پڙهي رهيو هيس
ته گڏوگڏ گوگل ميپس تي به انهي کي ڏسندو پئي هليس. هلندي هلندي گاڏي کاٻي پاسي وڪڙ
کاڌو ته اسان جي هڪ پاسي سمنڊ ته ٻئي پاسي خوبصورت ترتيبوار عمارتون ۽ انهن عمارتن
وچ ۾ سڌيون سڌيون گهٽيون يا روڊ هئا. اسان هن وقت مصطفي ڪمال ساحل بلواري تي هلي
رهيا هئاسين. جيڪو انتهائي ڪشادو ائين سمجهو ته ڪنهن موٽر وي وانگر روڊ هو. ترڪي ٻولي
۾ روڊن جي نالن سان ننڍن، وڏن ۽ گهٽين جي الڳ الڳ ورڇ ٿيل آهي. جيئن شهر جي وڏن
رستن کي ”جديسي“ چيو ويندو آهي. جيئن اسان وٽ ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل آهي. انکان
پوءِ جن روڊن جي ٻنهي پاسي يا هڪ پاسي وڻ هجن ۽ اهي روڊ وڻن جي ڇانو سان ڍڪيل هجن
ته انهن کي ”بلواري“ سڏيو ويندو آهي، انهي لفظ جو مطلب boulevard مان نڪتل
آهي. جيئن اسان وٽ اسلام آباد شهر ۾ روڊ آهن جن کي اوينيو به سڏيو ويندو آهي. اهڙي
طرح ”يولو“ يا ” آٽويولو“ انهي روڊ کي چيو ويندو آهي جيڪو موٽر وي هجي ۽ هڪ شهر
کان ٻئي شهر ويندو هجي. ازمير شهر ۾ گهڻي قدر روڊن جي ٻنهي پاسي خوبصورت وڻ لڳل
آهن. تنهنڪري هتي جا گهڻي قدر روڊ بلواري جي نالي سان سڏيا وڃن ٿا.
گاڏي انهي ساحل
واري رستي تي هلندي هلندي ازمير ٽاور کان پوءِ وري ساڄي ڦري ته اسان ڪونڪ Konak اسٽاپ کان ٿيندا
وڃي غازي بلواري تي پهتاسين ۽ سامهون اسان جو اسٽاپ ڪجهه قدمن جي فاصلي تي هو. اڳيان
ڊرائيور اسان لاءِ گاڏي بيهاري ۽ اسان کي سڏيو. اسين جيستائين گاڏي مان نه لٿاسين
تيستائين ڊرائيور کي ڪا تڪڙ نه هئي. اسين هيٺ لهي سامان کڻي هيڏانهن هوڏانهن
نهاريوسين ۽ پنهنجي موبائيل ۾ ڏٺوسين ته جيئن اندازو ٿئي ته اسان جو رخ ڪهڙي طرف
آهي ۽ هوٽل ڪهڙي پاسي آهي. گوگل ٻڌايو ته اسان جي هوٽل به بلڪل پنجاهه قدمن جي فاصلي
تي آهي. اسان رات جو بيگون گهليندا وڃي سڌو هوٽل پهتاسين ۽ بسترن تي ڪري پياسين.
صبح جو اٿياسين ته
خبر پئي ته صبح جا ڏهه پيا ٿين. تنهنڪري جلدي جلدي سان تيار ٿياسين. اسان جو اڄ جو
حدف ايفس شهر گهمڻ هو. امجد هوٽل تي ويٺي ويٺي ئي خبر لهي ورتي ته هوٽل جي بلڪل
پويان بسماني ريلوي اسٽيشن آهي. جتان سيلجُڪ شهر ڏانهن ريل وسيلي وڃبو، جتان وري ٻئي
گاڏيءَ ۾ ويهبو، جيڪا ايفس شهر ڏانهن ويندي. اسين ٻئي هوٽل تان نڪري آياسين ته
سامهون اسان نهايت ئي خوبصورت ٽيولپ جي گلن سان ڀريل باغ ڏٺوسين، جنهن جو نالو
ازمير ڪلچرل پارڪ هو ۽ اسان جي کاٻي هٿ تي هڪ چوڪ هو. اسان جنهن اسٽاپ تي ويٺا
هئاسين، اها هڪ اسٽيشن بسماني جي نالي سان مشهور هئي ۽ اسٽيشن کي ترڪي ٻوليءَ ۾
گار “Gar”
سڏبو آهي. مطلب هن علائقي کي اسٽيشن جي ڪري بسمانيگار سڏيو ويندو آهي. ان کان
علاوه ڪجهه نالا جيئن پاڻي، کير، دڪان، گاڏي، بس انهن کي ترڪي ٻوليءَ مان ڇا چئجي.
اسان روڊ ٽپياسين ته ساڄي پاسي کان پري هڪ پهاڙي نظر پئي آئي. جيڪا مڪمل گهرن سان ڍڪيل
هئي ۽ پهاڙيءَ جي مٿانهين تي ترڪيءَ جو تمام وڏو ڳاڙھو جهنڊو لڳل هو. ازمير شهر ۾
قانون جي پاسداريءَ جي ڳالهه ڪجي ته جڏهن سگنل بند پئي ٿيو ته سڀ گاڏيون بيهجي پئي
ويون. شهر جي ٽريفڪ، بناوٽ، هوٽلون، گل، ٻوٽا، قطارن ۾ وڻ ۽ عمارتن جي ترتيب
انتهائي متاثر ڪندڙ هئي. انهي کان علاوه سموري شهري جي جوڙجڪ مختلف پهاڙين تي هئي ۽
ماڻهن جا گهر مخلتف پهاڙين تي مٿي مٿي تائين هئا. انهن عمارتن جو ڏيک انتهائي دلفريب
هو.
بسماني گار اسٽيشن
اندر داخل ٿياسين. جيڪا انتهائي صاف سٿري هئي ۽ ڪجهه سيڪڙو اسان کي پنهنجي پاڪستان
جي ريلوي اسٽيشن وانگر لڳي رهي هئي. جنهن ۾ پليٽ فارم جو انداز، پٽڙيون، ٽڪيٽ گهر،
ويهڻ لاءِ بئنچون وغيره وغيره پر اهو سمورو سامان سميت ريل گاڏي جيڪا پليٽ فارم تي
بيٺي هئي انتهائي جديد ٽيڪنالوجي جي هئي. چيو وڃي ٿو ته ترڪيءَ ۾ ريلوي جي شروعات
اوڻويهين صدي ۾ عثمانيه سلطنت جي سلطان عبدالحميد خان ڪئي پر پهرين عالمي جنگ
کانپوءِ آيل انقلاب ترڪيءَ جي ريلوي کي پڻ وڏي جدت ڏني. هن وقت ترڪيءَ ۾ ريلوي جو
نظام انتهائي بهترين آهي جنهن ۾ هاءِ اسپيڊ ٽرين به شامل آهن. اسين ٽڪيٽ گهر
پهتاسين جتي ويٺل هڪ خوبصورت مائي کان سيلجُڪ (Seljuk) شهر جون ٻه
ٽڪيٽون ورتيون سين ۽ اتان ئي وري شام جي واپسيءَ واري ريل گاڏيءَ جي ٽڪيٽ به ورتيسين
۽ اتي پليٽ فارم تي بيٺل هڪ ريل گاڏيءَ ۾ پنهنجي سيٽ وٺي ويهي رهياسين. پندرنهن منٽن
جي وقت کان پوءِ بسماني گار ”ريلوي اسٽيشن“ تان ريل گاڏي پنهنجو سفر شروع ڪيو.
اسين هن وقت ايجين سمنڊ واري پاسي هئاسين ۽ ترڪيءَ جو اهو صوبو (Aegean region) ئي سڏائيندو
آهي. جنهن تي يوناني تهذيب کان وٺي رومن ۽ پوءِ سيلجُڪ سلطانن جو وقفي وقفي سان
تخت رهيو آهي. انهيءَ ڪري هن خطي ۾ يوناني، رومي توڙي سلجُوڪ ۽ عثمانيا دور جا
انتهائي وڏا وڏا آثار، شهر ۽ قلعا موجود آهن. اسان جو سفر به هڪ تاريخ جي انتهائي
قديم ۽ گهڻين تهذيبن جي ميلاپ واري شهر ڏانهن هو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته يونان جي عروج
واري دور ۾ هتان جا ساحلي علائقا يوناني سلطنت هيٺ هئا جڏهن ته باقي علائقا فارس
جي حاڪميت ۾ هئا.
انهن شهرن ۾ سفر ڪرڻ
دوران ايجين سمنڊ مسلسل شهرن سان لڳو لڳ هلندو رهي ٿو انهن مان ڪي قديمي بندرگاهون
پڻ رهيون آهن. جن مان هڪ شهر ايفس به هو پر اسان کي ايفس پهچڻ ۾ اڃا وقت هو ۽ ان
شهر پڄڻ کان پهرين سيلجُڪ شهر به رستي ۾ اچڻو هو. جيڪو پڻ سلجُوڪ دور جي آثارن سان
ڀرپور هو. مان ۽ منهنجو دوست ريل گاڏيءَ جي دٻي ۾ بسماني گار تان ازمير شهر کان ٻاهر
نڪرندا. شهر جا نظارا ڪندا اڳتي وڌي رهيا هئاسين. شهر جي بناوٽ روايتي يورپين طرز
تي هئي جنهن ۾ عمارتن جون ڇتيون جهوپڙي نما ۽ اڪثر ڪري ڳاڙهي رنگ جي ڇتين سان ڍڪيل
هيون ۽ انهن جي ترتيب انتهائي مزو ڏئي رهي هئي. شهر جي وچووچان ريل گاڏي هلندي رهي
هئي. جڏهن اسين شهر کان ٻاهر نڪري چڪا هئاسين ته شهر جو منظر ڪجهه هن ريت هو ته
سموري شهر مختلف هيٺ مٿانهين ٽڪرين تي اڏيل پئي نظر آيو.
گاڏي، آئون ۽ امجد
لڳ ڀڳ چاليهه منٽ ايفسيس ايفسيس ڪندي هلندا رهياسين ۽ رستي تي ڪجهه خوبصورت ننڍڙين
اسٽيشنن تي بيهندا، ننڍا ننڍا ڳوٺ ۽ آباديون توڙي صوفن، انگورن جا باغ ۽ مڪئي توڙي
ٻين فصلن جا پري پري تائين ساوا ساوا ميدان ڏسندي نيٺ وڃي سيلجُڪ شهر پهتاسين. سيلجُڪ
شهر انتهائي خاموشيءَ وارو شهر هو. اسان اسٽيشن تي ٻاهر نڪتاسين ته سامهون اسان کي
ڪجهه شيون نظر آيون. جيڪي سڀئي پنھنجي اندز ۾ انتھائي منفرد ھيون. اسان جي سامھون،
ھڪ ميدان ھو، جنھن ۾ سڌائيءَ ۾ آرچ جي گولائيءَ سان جڙيل دروازن جي ھڪ وڏي ڀت ھئي.
انھيءَ جي اونچائي، لڳ ڀڳ چار منزل تائين ھئي ۽ اوترا ئي ڊگھا دروازا پڻ ھئا.
انھيءَ ڀت جي ھڪ پاسي ننڍيون ننڍيون ھوٽلون قطارن ۾ ھيون، جن مان ڪجھ ترڪيءَ جي کاڌن
جون ته ڪي انگريزي کاڌن جون ته وري ڪي فقط قھوي جون ھوٽلون ھيون. انھن ھوٽلن تي ويٺل
اڪثر ماڻھو مقامي پئي لڳا. جن ۾ گھڻي قدر پوڙھا مرد ۽ عورتون شامل ھئا ۽ ھڪ مخصوص
ترڪيءَ جي راند ۾ مشغول ھئا. سگريٽ، شيشو (حقو) ۽ گڏ قھوو پيئندي راند ۾ مصروف ھي
سيلجڪ شھر جا شھري پنھنجي تفريح ۾ مصروف ھئا. اھو منظر ڏسڻ وٽان ھو. اھو انھيءَ ڪري
ته اتي سؤ کان مٿي ٽيبلون لڳل ھيون ۽ ھر ٽيبل سان چار چار ڪرسيون جيڪي سڀئي ڀريل
ھيون ۽ اھي پنھنجي راند ۾ ايترا مشغول ھئا جو انھن جي ڀرسان لنگھندي رڙيون به ڪندا
وڃو ته شايد ئي توھان طرف ڪير ڏسي.
آئون ۽ امجد، انھن ٽيبلن
جي وچان وچان لنگھندا، انھيءَ ديوار کي ڏسندا پئي وياسين ته ڪھڙي نه عجيب طرز تي
تيار ٿيل آھي. اسان پاڻ ۾ انھيءَ ڪچھريءَ ۾ ھئاسين ته ھي ديوار شايد انھي شھر جي
چؤڦير ڏنل ھجي ۽ اوائلي دؤر ۾ ھن شھر جي دفاع جي حفاظت لاءِ جوڙي وئي ھجي. اسان
انھيءَ ديوار بابت ڪنھن کان معلومات نه وٺي سگھياسين. پر اھا ديوار بازنطيني دور
جي پئي لڳي، ڇو ته سندس جوڙ جڪ پٿر جي ڪيل استعمال مان اھو اندازو لڳائي پئي سگھياسين.
پر پوءِ اھا ست کان اٺ سؤ سال پراڻي پئي لڳي. اسين گھٽين مان ٿيندا، وڃي ھڪ ننڍڙي
بازار ۾ پھتاسين، جنھن جي ٻنھي پاسي ماڻھن انھيءَ بازار ۾ لڳل دڪانن تان سامان وٺي
رھيا ھئا. انھيءَ بازار ۾ گھڻي قدر ٻاھريان سياح ھئا. اھي سڀئي دڪان پٽ تي لڳل
ھئا. جن ۾ پراڻو ترڪيءَ جو ائنٽيڪ سامان مطلب نوادرات جن ۾ مورتيون، سڪا، اوزار، ٿانءَ،
ٽرانسيسٽر، پٿر، ساز، ٺپا ۽ پراڻي دور جو روزمرھ جي استعمال جو سامان رکيل ھو.
اسان به ٿورو بيھي اھي سامان ڏٺاسين پر اسان کي ازمير موٽڻو به ھو ان ڪري پنھنجي
منزل ڏانھن وک وڌائيسين.
سيلجُڪ شهر سلجوڪ
سلطانن جي نالي جي پٺيان آهي ۽ جن جي حڪومت سينٽرل ايشيا کان اناتوليا (هاڻوڪي ترڪي)
تائين ڦهليل هئي ۽ مسلسل بازنطينين سان جهيڙي ۾ رهيا پر چنگيز خان ۽ ان کانپوءِ
سندس پوئنرن جي ڪاهن جي ڪري ڪمزور ٿيا. هي لڳ ڀڳ ٻه سال اڌ مسلمان دنيا تي حڪومت ڪندا
رهيا. سلجوڪن جي دور ۾ اسلامي شهرن جو وڏو عروج هو. انهن ۾ ثمرقند، بخارا، دمشق ۽ ٻيا
ڪيترا ئي شهر شامل هئا جيڪي وري منگولن جي ڪاهن سبب برباد ٿيا ۽ سلجوڪن جي حڪومت
به ڪمزور ٿي. آئون اهي قصا امجد کي ٻڌائيندي اچي سيلجُڪ شهر جي ٻاهران گاڏين جي اسٽاپ
تي پهتاسين. جتان اسان کي ڏهن منٽن جي سفر ڪرڻ کانپوءِ ايفس شهر پهتاسين. ايفس يا
ايفيسس شهر آثار قديمه جي لحاظ کان تمام مقبول ۽ عيسائين لاءِ وڏي اهميت رکندڙ جڳهه
آهي. چيو وڃي ٿو ته انهي ايفس شهر جي ڀرسان هڪ ڪٿيڊرل آهي جتي حضرت عيسيٰ جي ماءُ
بيبي مريم پنهنجا آخري ڏهاڙا گذاريا هئا جيڪو اتي ويجهو ئي آهي ۽ ان کان علاوه
عيسائي Saints
سلسلي جو هڪ بزرگSaint Luke
پڻ اتي مدفون آهي.
امجد ۽ مان، پنڌ پنڌ
ايفس شهر جي پراڻن آثارن ڏانهن وڌي رهيا هئاسين. رستي تي پهرئين اسان کي روڊ جي ٻنهي
پاسي بازار ٽپڻي هئي. انهي کان پوءِ پراڻي شهر ۾ اندر داخل ٿيڻ لاءِ گيٽ هو. بازار
ترڪيءَ جي مقامي هنري ڪم سان ڀريل هئي. جنهن ۾ ڪپڙو، پوشاڪون، نوادرات، مجسما، ترڪيءَ
جا روايتي سامان جنهن ۾ عثمانيه سلطنت جي دور جا سامان ۽ گهڻو ڪجهه دريامن ۾ رکيل
هو. جيڪي سياحن جي خريداري ۽ شوق جو مرڪز هئا. اسان جيڏانهن نظر پئي ڪئيسين ته
دنيا جي ڪنڊ ڪُڙڇ مان آيل ماڻهو نظر پئي آيا. اسين بازار مان ٿيندا، وڃي ايفس شهر
۾ اندر داخل ٿياسين. ايفس شهر اوائلي دور جو هڪ شهر جنهن جي چوگرد ساوڪ سان ڀريل
ننڍيون ننڍيون ٽڪريون هيون. بلڪ خود ايفس شهر جو اڌ حصو هڪ ٽڪريءَ تي واقعي هو.
انهي سموري سفر ۾، ساوڪ جي ته انتها ٿي هئي. اهو شهر اوائلي يوناني دور ۾ وڏو وڻج
واپار جو مرڪز رهيو هو ۽ ايجين سمنڊ ويجهو هجڻ ڪري يونان ۽ فارس توڙي سينٽرل ايشيا
جي وڻج واپار جو هڪ رستو پڻ رهيو هو. انهيءَ شهر جي وڌڻ ۽ ويجڻ جا ٽي کان چار دور
تاريخ ۾ ملن ٿا. سڀ کان پهرين يوناني دور، جنهن ۾ سڪندراعظم جي هن شهر تي فتح ۽
انهي کان پوءِ ”آيونين ليگ“ جو دور، تنهن کان پوءِ بازنطينين رومين جو دور جنهن ۾
چيو وڃي ٿو ته بيبي مريم جي اتي آخري رهائشگاهه ڪري، عسيائين لاءِ مقدس مقام پڻ
رهيو. انهي کان علاوه تاريخ ۾ فارس جي ويجهو هجڻ سبب اڪثر حملن ۽ ڪاهن هيٺ رهيو،
پر تنهن هوندي به انهيءَ شهر جي اهميت ۾ گهٽتائي نه آئي.
هن وقت ترڪيءَ،
انهن آثارن کي نهايت ئي نفاست سان سنڀالي رکيو آهي ۽ روزاني جي بنياد تي هزارن جي
تعداد ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙچ کان ماڻهو اتي اچن ٿا ۽ پراڻي يوناني تهذيب، سندن عمارت
سازي جي فن، رهڻي ڪهڻي ۽ سرشتن کي ويجهو کان ڏسي سگهن ٿا. شهر اندر داخل ٿيڻ سان
ئي سامهون وڏي چوڦير وڏن وڏن ٿلھن کي ڏسجي ٿو. جتي چيو وڃي ٿو ته ٻه سو کان مٿي دڪانن
جي چوڪنڊي نما بازار هئي ۽ انهيءَ بازار کي Tetragonos Agora چيو وڃي ٿو.
انهي بازار کي ٽپندي هڪ آرچ نما دروازي جنهن جا ٺل خوبصورت سنگ مر مر جي پٿر سان ٺهيل
آهن، ٽپندي اندر رهائشي علائقي ڏانهن داخل ٿجي ٿو ۽ پنهنجي کاٻي پاسي کان هڪ ٽڪريءَ
تي تمام وڏو ٿيئٽر نظر پئي آيو. اندر داخل ٿيڻ سان ئي ساڄي پاسي کان مشهور عمارت لائبيري
آف سيلسيس جيڪا تعمير جي اعليٰ مثال آهي، نظر اچي ٿي. اها عمارت ڏهين قبل مسيح ۾ جڙي
راس ٿي. انهي لائبريري جي اندر ديوارن تي پٿرن کي ڪوري گلن جي چٽسالي ڪيل هئي ۽ ڪمري
اندر ٽن پاسن کان عورتن جا مجسما جوڙيا ويا هئا. سامهون کان انهي کي بيهي ڏسندي
اها ٻه ماڙ عمارت محسوس پئي ٿي ۽ ٻاهران سورنهن گول ٺهيل هئا. جيڪي عمارت جو ٻاهريون
ڏيک ڏئي رهيا هئا. عمارت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڏهن ڏاڪن کي چڙهي اندر پهرين ورانڊي ۾
داخل ٿيڻو پئي پيو ۽ پوءِ هڪ ڪشادي ڪمري ۾ داخل پئي ٿياسين. انهي عمارت بابت چيو وڃي
ٿو ته زلزلي جي نتجي ۾ ڪري پٽ ٿي وئي هئي پر ستر واري ڏهاڪي ۾ آرڪيالجسٽ پاران هڪ
دفعو ٻيهر انهي کي ساڳي حالت ۾ بحال ڪيو ويو.
امجد ۽ آئون جڏهن
اندر داخل ٿيا هئاسين ته سوين ماڻهن جا هجوم ڏسي حيران ٿي ويا هئاسين. جن ۾
انتهائي خوبصورت ڇوڪريون عاليشان لباس اوڙهي اوائلي دور جي هنن آثارن ۾ حورن وانگر
گهمي رهيون هيون. سندن چرٻٽو اسان جي ساڄي کاٻي ڪنن ۾ گونجي رهيو هو. ڪي عمارتن جي
پاسن کان بيهي تصويرون ڪڍارئي رهيون هيون ته ڪي پنهنجن پنهنجن جٿن ۾ گهمنديون پئي
وتيون. اسين به انهن کي ۽ پراڻن آثارن کي ڏسندا، لائبيري آف سيلسيس تي تصويرون ڪڍرائيندا
اڳيان وڌياسين. اسان جي سامهون سنگ مرمر جي وڏن وڏن پٿرن سان جڙيل رستو هو. جنهن
جي ٻنهي پاسي يوناني دور جون ڊٿل عمارتون، انهن جا آرچ، دروازا، برج هئا. جن کي
اسان هيڏانهن کان هوڏانهن ڏسندي، اڳيان وڌياسين ته کاٻي هٿ تي اسان کي انهي دور جو
اسيمبلي هال نظر آيو. جتي چيو وڃي ٿو ته انهي دور ۾ عوامي نمائندا ويهي حڪومت ۽ ملڪ
جو ڪارونهوار هلائيندا هئا. ٿورو ئي اڳيان اسان کي انهي دور جي امير ماڻهن جا گهر
نظر آيا، جن ۾ پڻ اسان اندر گهمڻ وياسين. انهن جي گهرن کي ڏسي اهو پتو لڳائي سگهبو
هو ته انهي دور ۾ اهي ماڻهو ڪيترا نه امير هوندا جو هنن پنهنجي رهائش لاءِ ايترا
شاندار ڪمرا جوڙايا هئا. اڳيان هلي راهدارين تي پاڻيءَ جا ڦوهارا ڏسندا ۽ مختلف Temple ڏسندا
مسلسل تقريبن ٻه ڪلو ميٽرن جو پنڌ ڪري وڃي شهر جي ڏاکڻي دروازي تي پهتاسين. سموري
شهر کي گهمندي اسان کي هر رستي، عمارت، برجن ۽ ٺلن تي خوبصورتي سان پٿر کي ڪوري
مختلف نقش جوڙيا ويا هئا جيڪي واقعي فني مهارت جو اعلي مثال هئا. اسان مسلسل انهي
آثارن ۾ گهمندي پنهنجو پاڻ کي يونان جي تهذيب جو باشندو سمجهندي، اهو محسوس پئي ڪيوسين
ته ڄڻ اسين انهي دور ۾ پهچي ويا هجون.
جيئن ته مون توهان
کي پهرين ٻڌايو هو ته هي شهر مذهبي لحاظ کان وڏي عقيدت جو مقام آهي، جيئن بيبي
مريم جي آخري رهائش گاهه، جيڪا انهي شهر جي ڏاکڻي دروازي کان تقريبن ٻه ڪلو ميٽر
پري هئي ۽ انهي سموري علائقي کي مريم نيشنل پارڪ به سڏيو وڃي ٿو. انهي سموري وسيع
ايراضي رکندڙ علائقي ۾ ننڍيون ٽڪريون ۽ انهن تي فاريسٽ به انتهائي خوبصورت منظر
پيش ڪري رهي هئي. اسين ٿڪجي اچي هڪ ريسٽورنٽ تي ويٺاسين ۽ ڪجهه پيٽ پوڄا ڪندي وري
واپس اچي انهي اسٽاپ تي گاڏيءَ جو انتظار ڪيوسين جنهن تان اسان واپس سيلجُڪ شهر وڃڻا
هئاسين. اسٽاپ هڪ وڏي وڻ جي هيٺيان رکيل ٽن بئنچن تي مشتمل هو، جن تي سڀ کان
پهرئين اسان ويٺاسين ته اسان کان پوءِ به ڪجهه ماڻهو آيا جن سان گڏ اسان چڙهي واپس
سيلجڪ شهر روانا ٿياسين. ايفس شهر کان اڌ ڪلاڪ جي پنڌ تي، ترڪيءَ جو هڪ مشهور شهر
”ڪُساداسي“ هو پر اسان کي خبر نه هجڻ ڪري، اسان انهي طرف نه وڃي سگهياسين. امجد ۽
مون، اڄوڪو سمورو ڏينهن، گهڻيون ئي نيون شيون ڏسڻ ۾ گذاريو. هتي اچڻ کان پهرين مون
انهي شهر بابت ڪافي پڙهيو ۽ ٻڌو هو ۽ انٽريٽ جي هن دور ۾ هزارين مضمون فقط ڪجهه آڱرين
جي دوري تي اسان کان پري هجن ٿا پر هي پهريون دفعو هو جو مون انهي شهر کي ويجهڙائي
کان نه صرف ڏٺو پر محسوس به ڪيو هو. اسان واپس سلجڪ شهر پهچي، اسٽيشن جي سامهون
واري ميدان ۾ رکيل هڪ پاسي ڪرسين تي ويهي رهياسين. اسان جي واپسيءَ واري ريل گاڏيءَ
۾ اڃا وقت هو، سو سوچوسين ته ترڪيءَ جو مشهور قهوه پي وٺجي. هتان کان واپسي اسان
جو اڄ سفر، چيشمي ۽ الڪاتي شهر ڏانهن هو.
No comments:
Post a Comment