بوسنيا ائنڊ هرزيگووينا
۾ گذاريل گهڙيون
Notes from Europe
عبدالله عثمان
مورائي
بس صبح سوير ئي ڪروشيا
جي شهر دبرونوڪ کان نڪتي ۽ اسان جي منزل بوسنيا ائنڊ هرزيگووينا جو شهر موستار
هيو. ڊرائيور ۽ سونهي جنهن جو نالو آدم هيو، هر هڪ کان هر هر پئي پڇا ڪئي ته اوهان
پنهنجو پاسپورٽ يادگيري سان کڻي آيا آهيا آهيو يا نه؟ اها ڳالهه انهن ان بنياد تي
پئي ڪئي جو ڪنهن هڪ جي پاسپورٽ وساري اچڻ جي ڪري ٻين سياحن جو سفر به خراب ٿي پئي
سگهيو. بھرحال هر ڪنهن وٽ پنهنجو پاسپورٽ هيو ۽ ننڍي بس موستار جي طرف هلڻ شروع ڪيو.
بس ۾ آمريڪا، برطانيا، ڏکڻ ڪوريا، ملائيشيا، انڊيا ۽ آسٽريليا جا سياح ويٺل هيا،
آءٌ ئي رڳو اڪيلو پاڪستاني سنڌي هيس.
آدم وٺي جو ڪمينٽري
ڪرڻ شروع ڪئي ته پوءِ چپ ٿيڻ جو نالو ئي نه پئي ورتائين. مونکي سندس ڪمينٽري مان لڳو
ته هي همراه فارمر يوگوسلاويا جي ٽُٽڻ تي رنج هيو. رکي رکي پئي چيائين ته ڪاش اسان
جو ملڪ اهو ئي هڪ هجي ها ته بهتر هيو. اصل ۾ جڏهن يوگوسلاويا ۱۹۹۱ ۾ ٽُٽو ته ڪروشيا کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو
هيو. دبرونوڪ شهر ۽ آسپاس جو علائقو ٻئي ڪروشيا کان الڳ آهي ۽ وچ تي وري ٻارنهن
ميلن جو هڪ ڪاريڊور بوسنيا ائنڊ هرزيگووينا کي ڏنل آهي ۽ اهو ٻارنهن ميلن جو ڪاريڊور
ئي ملڪ جو سامونڊي علائقو آهي. هاڻي ٿيو ائين جو پهريان اسان ڪروشيا کان نڪتاسين
ته هڪ دفعو پاسپورٽ چيڪ ٿيا ۽ وري ڪجهه دير کانپوءِ وري اسان ڪروشيا ۾ داخل ٿياسين
ته وري پاسپورٽ ڏيکارڻا پيا ۽ ائين ئي وري هڪ دفعو بوسنيا ائنڊ هرزيگووينا ۾ داخل ٿياسين.
ڪير جيڪڏهن چاهي ته سڌو ڪروشيا مان بوسنيا ائنڊ هرزيگووينا وڃي پئي سگهيو پر اسان جي
ٽرپ ۾ بوسنيا ائنڊ هرزيگووينا جي پهرين منزل ان ئي رستي تي هئي انڪري اسان کي ان
رستي تان وٺي آيا. آدم ٻڌايو ته واپسيءَ ۾ رڳو هڪ هڪ دفعو ٻنهي ملڪن ۾ پاسسپورٽ جي
چڪاس ٿيندي.
هاڻي هنن پاڙيسري
ملڪن جو پاڻ ۾ ڪيترو پيار آهي اها خبر الله کي پر هنن پنهنجا بارڊر هڪ ٻئي لاءِ
کولي ڇڏيا آهن. مقصد رڳو سياحت کي هٿي وٺرائڻي آهي ته جيئن علائقي ۾ سڀ ملڪ سياحت
مان فائدو وٺن ۽ غير ملڪي ناڻو ڪمائين. اڳوڻي يوگوسلاويا مان هاڻي ست مختلف ملڪ
وجود ۾ آيا آهن پر ماڻهن جي هڪ ٻئي جي ملڪن ۾ اچ وڃ ائين آهي ڄڻ ماڻهو پنهنجي ئي
ملڪ ۾ هڪ شهر کان ٻئي شهر ۾ ويندو هجي. بوسنيا ائنڊ هرزيگووينا ۾ پهرين بريڪ نيم
جي شهر ۾ ٿي جتي سياح ٿورا تازا توانا ٿيا ۽ ڪجهه هلڪو ڦلڪو کاڌو پيتو.
مون واري ڀر واري
سيٽ تي هڪ ديسي ڇوڪري ويٺي هئي. مون سوچيو ته آهي ته شايد انڊيا يا پاڪستان جي پر
وري به پڇومانس ته تون ڪٿان آئي آهي؟ چيائين انگلينڊ کان، منهنجو پيءُ انگريز آهي
۽ ماءُ انڊيا جي. ڇوڪريءَ جو رنگ رڳو ديسي هيو باقي انگريزي جو ايڪسينٽ ۽ رويو
گورن وارو هيو. آدم مسلسل پيو ڳالهائي. گرميءَ جي ڪري بس ۾ هلڪي هلڪي اي سي به هلي
پئي ۽ صبح سوير جي ڪري ماڻهو يا ته ستل هيا يا آدم ڏي توجهه گهٽ پيا ڪن. ٿوري دير
۾ مون ڏٺو ته گوري ديسي به سمهي پئي ۽ مٿان جو وري کونگرا هڻڻ شروع ڪيائين ته
مونکي هڪ واقعو ياد اچي ويو.
ٿيو ائين جو اسان
جو ننڍپڻ جو هڪ دوست هڪ دفعي وين ۾ حيدرآباد کان موري پئي آيو. ڀر واري سيٽ تي ڪو
وڏي عمر جو چاچو ويٺو هيس. اسان وارو دوست به ڪو ٿڪل هيو سو رکي رکي ٿي ننڊ جا جهوٽا
آيس. هڪ ٻه دفعو ته وڃي چاچي سان لڳو. چاچي به زور سان جهٽڪو ڏيندي چيس ته رات ڏوهه
تي ويو هئين ڇا؟ پاڻ جهل ڇوڪرا. چاچي جو ائين چوڻ ۽ اسان واري دوست جي جو ننڊ ڦٽي
ته پوءِ وري موري تائين نه آيس. هاڻي هتي مونسان به تقريبن ساڳيو لقاءُ هيو, ننڊ
جي جهوٽن جو ته خير هيو پر ڇوڪريءَ جي کونگرن بيزار ڪري وڌو. بهرحال مون ڪنن ۾ هيڊ
فون وجهي گانا ٻڌڻ شروع ڪيا ته جيئن کونگرن جي آواز کي ڪنهن حد تائين گهٽائي
سگهجي.
بوسنيا ائنڊ
هرزيگووينا ۾ ڪراوس واٽرفال اسان جو ٻيو اسٽاپ هيو. اهي ۲۸ ميٽر اونچا ڪراوس آبشار هن بالڪن جي علائقي
۾ تمام مشهور آهن. جيڪي به سياح بوسنيا ائنڊ هرزيگووينا يا بالڪن جو ڪو ويجهو ملڪ
گهمڻ اچن ٿا ته پوءِ هتي ضرور چڪر لڳائين ٿا. ڪراوس آبشارن تي اونهاري جي موسم ۾
هاڻي لکن جي تعداد ۾ ٻاهرين ملڪن ۽ مقامي سياحن جو اچڻ ٿئي ٿو. اسان جڏهن اتي
پهتاسين ته لڳو ائين ته ڪا وڻن جي وڏي علائقي ۾ ڇت هجي، جيئن جيئن هيٺ وڃڻ ٿيو ته
آهستي آهستي پاڻيءَ جي ڪرڻ جو آواز اچڻ شروع ٿيو، تان جو پهرين اک انهن آبشارن تي
پئي ته وات مان پاڻ ئي نڪري ويو سبحان الله، تمام گهڻا سهڻا آبشار جن کي لفظن ۾
شايد بيان ڪرڻ ڏکيو هجي.
هتي اونهاري جي
موسم ۾ به پاڻي ٿڌو هوندو آهي ۽ تقريبن سڀ سياح انهن آبشارن مان شروع ٿيندڙ درياهه
۾ وهنجن ٿا، جنهن جي گهرائي اونهاري ۾ ايتري گهڻي ناهي هوندي. ٻار, مرد توڙي
عورتون سڀ جا سڀ هتي اچي صاف ۽ شفاف پاڻيءَ ۾ تڙڳن ٿا. مون واري سڄي گروپ جا سياح
سڀ جا سڀ پاڻيءَ ۾ هيا. ڪي وري مقامي يا آسپاس جي علائقن جا ماڻهو اتي اچي پڪنڪ
ملهائين ٿا. اتي کاڌي کائڻ جا هوٽل، سووينيئر جا دڪان، ڪيفيٽيريا، بار، چڪر کائڻ
لاءِ ننڍيون توڙي وڏيون ٻيڙيون هر وقت موجود هجن ٿيون. پاڻي ايترو ته صاف آهي جو پٿر،
مڇيون ۽ ٻيڙين جو ترو صاف نظر اچي ٿو. خدا تعالي جي خدائي ۽ عجب نظارو هيو. مون
اتي هڪ مقامي ٻيڙيءَ واري سان ڪچهري ڪرڻ شروع ڪئي ۽ پڇيومانس ته جڏهن اڃا هي آبشار
مشهور نه ٿيا هيا ته اڳ ۾ هتي زندگي ڪيئن هوندي هئي؟ چيائين هي آبشار ته هوندا هيا
پر مقامي ماڻهن کي ئي رڳو خبر هوندي هئي ۽ هتي ڪابه شيءِ نه هوندي هئي، پر پوءِ ان
ڳالهه جي اهميت کي سمجهندي ته هن علائقي کي ترقي وٺرائي دنيا جي سياحن کي پاڻ طرف
متوجه ڪرائي سگهجي ٿو، ته جيئن پيسو ڪمائي سگهجي ۽ مقامي ماڻهن کي ڪجهه روزگار ملي
سگهي ۽ وس وارن ان ڳالهه کي هاڻي يقيني بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي هتي تمام گهڻا سياح
هر سال اچن ٿا. نه چاهيندي به اتان پنهنجي اڳلي منزل يعني موستار لاءِ نڪرڻو پيو.
بس جيئن ئي موستار
شهر ۾ داخل ٿي ته آدم ٻڌايو ته هتي پاڻ وٽ رڳو ٽي ڪلاڪ آهن، انهن ٽن ڪلاڪن ۾ ماني
به کائي وٺو ۽ شهر کي به گهمي ڏسو. بس کي پارڪنگ ۾ بيهاري اسان اڃا ٻاهر نڪتاسين
ته آدم هڪ عمارت ڏي اشارو ڪندي چيو ته هن کي ڏسو. انهي عمارت جي هڪ پاسي واري وڏي ڀت
پروڻ جو ڏيک ڏئي رهي هئي. اهي گولين جا نشان هيا، مونکي اهڙي قسم جي ڪا ٻي عمارت
نظر نه آئي پر هي شايد يادگار طور محفوظ ڪري ڇڏي اٿن. آءٌ ان وقت اندر ۾ جنبي ويس
ته ڪيڏو نه خوفناڪ ماحول هوندو، جڏهن شهرن ۾ ائين ماڻهن جي مٿان گوليون هلنديون
هونديون. هن بالڪن جي علائقن ۾ به جنگين جي ڪري ماڻهن جو تمام گهڻو قتلِ عام ۽ رت
وهيو آهي. ان تي ڳالهائڻ لاءِ تمام گهڻو وقت ۽ علم گهرجي. اسان اڃا ٿورو اڳتي
هلياسين ته آدم جي وري يوگوسلاويا واري محبت جاڳي ۽ رڙ ڪري هڪ تمام پراڻي يوگو ڪار
ڏي اشارو ڪري ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪيائين ۽ چيائين ته هتي اڃا تائين ماڻهو اها پراڻي
يوگو ڪار هلائين ٿا ۽ کيس ان تي وڏو فخر پڻ هيو ته اها فارمر يوگوسلاويا جي ٺهيل
هئي.
اتان کانپوءِ اسان
سڀني موستار جي پراڻي شهر طرف هلڻ شروع ڪيو. جيئن جيئن اسان پراڻي شهر ۾ داخل ٿياسين
ته اتي ٻپهري جي آذان پئي آئي. مون يورپ ۾ اهو پهريون دفعو ائين لائوڊ تي آذان
ايندي ٻڌي ۽ ڪجهه دير کانپوءِ وري گرجا گهر جا گهنڊ به وڄندي ٻڌا. پراڻي شهر ۾
داخل ٿيڻ کانپوءِ اندازو لڳو ته هتي سياحت کي تمام گهڻي هٿي وٺرائي وئي آهي. هر
پاسي ٻاهرين ملڪن جا سياح نظر ايندا. خاص ڪري نيريتوا درياهه جي مٿان اڏيل اسٽاري
موست جنهن کي موستار جي پراڻي پل به سڏين، تي هر وقت سياح گهمندي ۽ فوٽو ڪڍائيندي
نظر ايندا. تمام پراڻي دور ۾ هن ساڳي جاءِ تي ڪاٺ جي لٽڪيل پل هوندي هئي، جيڪا
پوءِ سورهين صديءَ ۾ سلطنت عثمانيه جي دور ۾ پٿرن سان پڪي ڪري تعمير ڪرائي وئي. جيڪا
شهر جي ٻنهي حصن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿي. هن کي اسلامي فنِ تعمير جو مثال به چيو وڃي ٿو.
پل جي مٿان ٻه
نوجوان ڇوڪرا لنگوٽيا پائي سياحن جي توجه پاڻ ڏي ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هيا. رکي
رکي واري واري سان مٿان پل تان هيٺ درياههَ ۾ ٽپو ٿي ڏنائون ۽ وري مٿي اچي سياحن
کان پيسا ٿي ورتائون. آءٌ اتي هڪ اهڙي کاڌي کائڻ واري هوٽل تي وڃي ويٺس جتان
درياهه، پل ۽ ايندڙ ويندڙ سياحن ۽ مقامي ماڻهن کي ڏسي سگهان. هر طرف ڪيفيٽيريا،
سووينيئر جا دڪان، آئسڪريم جا اسٽال، کاڌي کائڻ جا هوٽل، دستڪاري جا دڪان ۽ ٻيو به
گهڻو ڪجهه سامان اتي وڪري لاءِ رکيو ويٺا هئا. گرمي به گهڻي هئي انڪري اتي هوٽلن ۽
ڪيفيٽيريائن تي پکن مان هوا سان گڏوگڏ پاڻيءَ جو صفا هلڪو ڦوهارو به اچي پيو، جيڪو
انتهائي سڪون پيو ڏئي. ان پکي مان پاڻي جو ڦوهارو لڳڻ کانپوءِ مونکي سنڌ جا ڪوڪڙي
ياد آيا جيڪي پنهنجن ڪڪڙن کي وات ۾ پاڻي وجهي پوءِ زور سان ڦوهارو هڻندا آهن.
مانجهاندو ڪرڻ
کانپوءِ آءٌ به ڪجهه وقت ان مشهور زمانه پل تي وڃي گهڙي سوا لاءِ بيٺس ۽ ڪجهه فوٽو
ڪڍيا ۽ ڪن سياحن کي چئي پنهنجا يادگار فوٽو به ڪڍرايا. موستار جو شهر تمام سهڻو
آهي، هرپاسي جبل، ساوڪ ۽ شهر جي وچ مان درياهه جو گذر، بالڪن طرز جون عمارتون ۽
گهر، پٿرن سان ٺهيل رستا، شهر هڪ واديءَ ۾ آباد آهي. جتي ٿي سگهي ته ڪجهه ڏينهن وڃي
آرام سان رهجي ۽ آسپاس جي علائقن کي وڃي مزي سان گهمجي. مونکي اتي اهو احساس ٿيو
ته هتي رڳو ڪجهه ڪلاڪن لاءِ اچڻ، شهر ۽ هن خوبصورت واديءَ ۽ هتان جي سهڻن ماڻهن
سان بي واجبي آهي.
پل تي ڪجهه وقت
گذارڻ کانپوءِ آءٌ شهر جي ٻئي پاسي ويس، اهو پاسو شايد مسلمانن جي آباديءَ وارو
هيو جو ٻه ٽي مسجدون ان پاسي ئي هيون. اڳتي گهمندو گهمندو وڃي هڪ دڪان تي چڙهيس. هڪ
ننڍي ڇوڪري ڀليڪار چيو ۽ پڇيائين انڊين؟ مون چيومانس پاڪستاني. کلي چيائين ها
اوهان سڀ ساڳيا نظر ايندا آهيو، مون چيومانس ته ها ائين ته آهي ۽ ائين به آهي جيئن
توهان سڀ بالڪن هڪ جهڙا لڳندا آهيو. چيائين ها بلڪل. سندس نالو ليلا هيو. ليلا کان
ڪجهه سووينيئر ورتم، مونکان وري پڇيائين ته تنهنجو نالو ڇا آهي؟ ٻڌايو مانس ته
عبدالله، کلي چيائين سچي ۾؟ مون کلندي چيومانس ها باقي تنهنجو منهنجو مذاق آهي ڇا
جو ڪوڙ ڳالهائيندس. ليلا ٽهڪ ڏيندي چيو ته منهنجي بابا جو نالو به عبدالله آهي.
پوءِ مونکي محسوس ٿيو ته شايد انڪري اچرج ۾ پئجي وئي ته اهو نالو اسان وٽ هتي
بوسنيا آئنڊ هرزيگووينا ۾ آهي. دڪان تان لهي اڃا اڳتي وڌندو ويس.
سچ ته منهنجي مٿان
هڪ سحر طاري هو ته آءٌ اڄ هتي آهيان. ننڍي هوندي ٽي ويءَ تي پاڻ رڳو هنن ملڪن جي
باري ۾ خبرون ٻڌندا هئاسين. پي ٽي وي تي ته هڪ اڌ ڊرامن ۾ به هنن علائقن جو ذڪر
هيو ۽ رڪارڊنگ پڻ ٿيل هئي. ڪجهه اڳتي هلڻ کانپوءِ هڪ مسجد نظر آئي، آءٌ ان ۾ اندر
هليو ويس. مسجد جي خدمتگار مونکان پڇيو ته سياح آهين يا نماز پڙهندين؟ مون چيومانس
ته ٻئي ڪم ڪندس. نماز کانپوءِ فارغ ٿيس ته وري مونکي ان ساڳئي خدمتگار چيو ته مٿي
هن مينار ۾ چڙهي وڃ، اتان شهر جو ديدار ڀلو ٿيندئي. مان به چڙهڻ شروع ڪيو، تمام مٿي
هيو، سهڪائي وڌائين پر مٿان کان واقعي به شهر جو نظارو دلفريب هيو. اتي ڪجهه ٻيا
سياح به هيا جن ٻڌايو ته اهي آهن ته اصل ۾ لبنان جا پر جرمني جي شهر برلن ۾ رهندا
آهن. مون ٿورو غور ڪيو ته انهن ساڳين همراهن هيٺ مسجد ۾ نماز به پڙهي پئي. وري هيٺ
آياسين ته مسجد جي خدمتگار ٻڌايو ته هيءَ مسجد ترڪن جي اڳواڻ سليمان شاهه جي دور ۾
ٺهي هئي. سليمان شاهه ارتل جو پيءُ ۽ سلطان عثمان جو ڏاڏو هيو. ان مسجد ۾ هڪ پراڻي
دور جو قرآن شريف به رکيل هيو، جنهن کي ايئرڪنڊيشن جي هڪ باڪس ۾ محفوظ ڪري رکيو
ويو هيو ته جيئن ان جي ورقن کي گرميءَ جي شدت کان بچائي سگهجي. شام ڌاري اسان
موستار جي شهر کان موڪلايو ۽ وري هڪ دفعو ڪروشيا جي شهر دبرونوڪ ڏانهن راهي ٿياسين.
دل ۾ اتي خيال ٿيو ته هتي وري هڪ دفعو ضرور اچبو پر ڪجهه ڪلاڪن نه پر ڪجهه ڏينهن
لاءِ.
wonderful
ReplyDelete