Friday, December 04, 2020

برناڊ شا جي ڏيهه ۾ اٺاويهه ڏهاڙا - سدا حيات جلباڻي

برناڊ شا جي ڏيهه ۾ اٺاويهه ڏهاڙا

سدا حيات جلباڻي



مون کي نوڪري ڪندي اڃان اٺ نو مهينا مس ٿيا هئا، جو انٽرنيشنل ٽريڊ سينٽر جينيوا پاران سندن خرچ پکي تي آئرش ايڪسپورٽ بورڊ ڊبلن جي زير اهتمام اٺاويهن ڏينهن جي ”ايڪسپورٽ مارڪيٽ ڊيولپمينٽ پروگرام“ لاءِ ايڪسپورٽ پروموشن بيورو کان اهل آفيسرن جا نالا طلب ڪيا ويا. سرڪاري آفيسن جي عام طريقيڪار جي ابتڙ وائيس چيئرمين ماتحت ڪامورن کان نالا وٺڻ بنا، سڌو سنئون منهنجو ۽ هڪ ٻئي آفيسر جو نالو پاڻ ئي تجويز ڪري واسطيدار ڊائريڪٽر کي لکيو ته اسان کان فارم ڀرائي ضروري منظوري لاءِ اسلام آباد ڏياري موڪلي. ٻئي همراهه ته ان ڪري فارم ڀرڻ جي تڪليف گوارا نه ڪئي جو کيس خدشو هو ته اهڙن پروگرامن جا اڪثر ڪيس اسلام آباد ۾ ئي رُلي ويندا آهن يا وري لاڳاپيل ڌرين وٽ تڏهن پهچندا آهن، جڏهن مقرر ڪيل آخري تاريخ گذري چڪي هوندي آهي. مون اهڙين ناڪاري ڳالهين تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو. زندگيءَ ۾ پهرين فارين ٽريننگ جو موقعو ملڻ تي خوش ٿي پنهنجو فارم ڀري جمع ڪرائي ڇڏيم. جيڪو ترت ئي اسلام آباد موڪليو ويو. تڏهن محمد خان جوڻيجو صاحب ملڪ جو وزيرِاعظم هو. ڪراچي ۾ ايڪسپورٽ پروموشن بيورو پاران هڪ نمائش جي افتتاحي تقريب ۾ بيورو جي چيئرمين حميد ڊي حبيب جي گذارش تي وزيرِاعظم فورن اعلان ڪيو ته اڄ کان پوءِ ايڪسپورٽ پروموشن بيورو جي چيئرمين کي اهو اختيار هوندو ته اهڙن فارين ڪورسز لاءِ، جن ۾ حڪومتِ پاڪستان تي ڪا مالي ذميواري نه هجي ۽ ٽريننگ جو سمورو خرچ پرڏيهي ادارا ڀري رهيا هجن، هو (چيئرمين) پنهنجي اداري جي آفيسرن جا ڪيس پاڻ ئي منظور ڪري واسطيدار غيرملڪي ادارن ڏانهن ڏياري موڪلي. وزيراعظم جي انهي اعلان کانپوءِ ٻن ڏينهن بعد مون وارو فارم اسلام آباد کان واپس ايڪسپورٽ پروموشن بيورو ڪراچي پهچي ويو، جيڪو چيئرمين جي رسمي منظوري کان پوءِ انٽرنيشنل ٽريڊ سينٽر جينيوا ڏانهن اماڻيو ويو.


”هيلو، مسٽر جلباڻي، ويلڪم ٽو آئرلينڊ!“ ڊبلن ائير پورٽ جي ارائيول لائونج ۾ اهي لفظ هڪ نوعمر آئرش نينگريءَ مون کي مخاطب ٿيندي چيا. سندس ٿورا مڃيندي، مون کانئس پڇيو: ايترن سارن مسافرن ۾ تو مون کي  هڪدم ڪيئن سڃاڻي ورتو، جو منهنجو نالو وٺي مون کي کيڪاريئه. سهڻو جواب ڏنائين: جنهن فلائيٽ ذريعي تون ڊبلن پهتو آهين، ان ۾ تون ئي ته اڪيلو ايشيائي مسافر هئين. ڄڻ ته منهنجي ذهن جا طاق کولي ڇڏيائين. مان هاڻي پاڻ کي رڳو هن ملڪ جو ئي نه، پر هڪ ايشيائي باشندو پڻ سمجھڻ ۽ ايشيائي طور سوچڻ شروع ڪيو. ڊرائيور کي منهنجو سامان کڻي هلڻ جي هدايت ڪندي، مون کي اچي گاڏي ۾ ويهاريائين. پاڻ به اچي پوئين سيٽ تي مون سان گڏ ويهي رهي. مون پاران پڇڻ تي ته آئرش ايڪسپورٽ بورڊ ۾ ڪم ڪندي آهين؟ ٻڌايائين ته نه هوءَ بورڊ جي باقائده ملازمه نه آهي. آئرش ايڪسپورٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر جي ڌيءَ آهي، سندس نالو اوين آهي. اسڪول ۾ فائينل ايئر جي شاگردياڻي آهي. ڳائڻ جو شوق اٿس. هارپ وڄائڻ سکي پئي. هارپ آئرلينڊ جو قومي ساز آهي. ٽينس راند سٺي کيڏندي آهي. اسان واري ٽريننگ پروگرام خاطر بورڊ پاران سندس خدمتون صرف هڪ مهيني لاءِ حاصل ڪيون ويون آهن. ائين کن پل ۾ پنهنجي باري ۾ کوڙ ساريون ڳالهيون ٻڌائي وئي. هلندي ٻڌايائين ته اسان جي ٽريننگ ۽ رهائش جو بندوبست جڳ مشهور ٽرينيٽي ڪاليج ۾ ٿيل آهي. سڌو اوڏانهن ٿا هلون. دڳ سان اتر آئرلينڊ جي شهر بيلفاسٽ ڏانهن ويندڙ رستن جا انگريزي ۽ آئرش ٻولين ۾ لکيل بورڊ نظر آيا. مون بورڊ ڏسي، هن ڏانهن نهاريو. پڇڻ بنا منهنجو سوال سمجھي وئي. چيائين: هائو، اتر آئرلينڊ ۾ اوڻويهه سو اڻهتر کان امن امان جو مسئلو آهي. آئي آر اي وارا ڏچو ڪيو ويٺا آهن. مون کي ياد آيو ته روهڙي وارو سدائين کلڻو سيد منير علي شاهه، جيڪو اسلاميا ڪاليج سکر ۾ مون سان گڏ ليڪچرار هو، انهن ڏينهن ۾ بيلفاسٽ ۾ کارڪن تي پي ايڇ ڊي ڪري رهيو هو. مون پنهنجي ميزبان کي شاهه صاحب جي باري ۾ ٻڌايو ته وراڻيائين پاڻ ۾ ملڻو هجيو ته بهتر ائين ٿيندو ته هن کي ڊبلن اچڻ لاءِ چئجان، تون بيلفاسٽ نه وڃجان. اوڏانهن وڃڻ تنهنجي لاءِ هڪ رسڪ هوندو.

ڊبلن ايئر پورٽ شهر کان گھڻو پري نه هو. ائين ڳالهيون ڪندا پئي آياسين ته خبر ئي نه پئي ته ٽرينيٽي ڪاليج اچي ويو. ڇا ته شاندار عمارت هئي! ڇا ته ان جو رُعبدار ڏيک هو. هڪ ڪُهني ڪاٺ جي دروازي مان اندر داخل ٿياسين. ڪاليج ڇا هو ڄڻ ته ڪا يونيورسٽي هئي. پوءِ خبر پئي ته واقعي يونيورسٽي ئي هئي. احترام طور ان اداري جو پراڻو نالو لکندا هئا. اسان واري ڪورس لاءِ لاطيني امريڪا، افريقا ۽ ايشيا جي پنجويهن ملڪن مان ڪل ستٽيهه وفد اچڻا هئا. جن کي ٽرينيٽي ڪاليج جي رهائشي ڀاڱي جي مختلف بلاڪن ۾ ترسائڻ جو بندوبست ٿيل هو. جنهن بلاڪ ۾ مون کي ترسڻو هو، ان ۾ ترڪي ۽ افريقا کان ليڊيز اڳ ئي پهچي چڪيون هيون. ڀارت، بنگلاديش ۽ نيپال کان آيل وفد مون واري بلاڪ کان ٿورو وٿيرڪي بلاڪ ۾ هئا. ريسيپشن تان چاٻي حاصل ڪري ڊائريڪٽر جي ڌيءَ مون کي بلاڪ جي فرسٽ فلور تي منهنجي لاءِ مخصوس ٿيل ڪمري ۾ وٺي آئي. مون ڪمري جو جائزو وٺندي ڇت تائين اک ڦيرائي. مون کي ڪو پکو نظر نه آيو. پڇڻ تي ٻڌايائين ته ڊبلن ۾ پکي جي ضرورت نه پوندي آهي. هو ڏس، هتي روم هيٽرفٽ ٿيل آهي ۽ ها، ڪٻٽ ۾ ٻيا ڪمبل به موجود آهن، سيءُ وڌيڪ هجي ته کڻي وٺجان. آگسٽ مهيني ۾ سيءُ! جولاءِ ۽ آگسٽ جي ڇتي گرميءَ ۾ ته اسان وٽ خيرپور ۾ اصيل جا ڏنگ پچندا آهن. مون کي سچي پچي حيرانگي ٿي. ايندڙ هفتي لاءِ پروگرام جو لکيل تفصيل منهنجي حوالي ڪري هوءَ مون کان موڪلائي هلي وئي.

اڪيلو ٿيس ته دنيا جي وشالتا تي سوچڻ لڳس. ڪيڏي نه وڏي، ويڪري، ڪشادي ۽ پري پري تائين پکڙيل آهي هيءَ دنيا! ان جي هڪ ڪنڊ ۾ گرمي آهي ته ٻيو پاسو ٿڌو آهي. انسان ڀي ڪڻڪ رنگا، ڪارا ۽ گورا ان ڪري ئي آهن، جو مختلف علائقن ۾ موسمن جو هيڏو وڏو فرق رهي ٿو. ڪٿي گرمي، ڪٿي سردي ته ڪٿي سدائين هڪجهڙي موسم. مان جڏهن يورپ لاءِ روانو ٿيو هوس، ته ڪيڏي نه گرمي هئي سنڌ ۾. انهيءَ گرمي ۾ ئي آئرلينڊ ڏانهن اسهڻ جي تياري ڪئي هيم. جولاءِ جا آخري ڏهاڙا هئا. انٽرنيشنل ٽريڊ سينٽر جينيوا وٽان ڊبلن ۾ ارڙهين آگسٽ کان چوڏهين سيپٽمبر اوڻويهه سو پنجاسي تائين ٽريننگ لاءِ فائينل سليڪشن جي خوشخبري ڏيڻ سان گڏ اهو ٻڌايو ويو هو ته ڪراچي کان فرينڪفرٽ تائين منهنجو سفر جرمن ايئر لائين لفٿانزا جي ذريعي هوندو. اتان لنڊن وڃڻ لاءِ برٽش ايئر ويز جي فلائيٽ هوندي. اڳتي، آئرلينڊ جو جهاز ايئر لنگس ڊبلن پهچائيندو. هي ته هڪ ٽڪيٽ ۾ ٽي مزا هئا. منهنجو هي پهريون پهريون پرڏيهي سفر هو.

سرڪاري آرڊر اچڻ کان پوءِ ڪنهن به ڪم ۾ دير نه ٿيڻي هئي. پاسپورٽ به سرڪاري حيثيت وارو ٺهي مليو. ڪا به فيس ڀرڻي نه پئي. اسان جو سڄو خرچ انٽرنيشنل ٽريڊ سينٽر جينيوا برداشت ڪري رهيو هو. البته ملڪي روايت موجب پهريون ڀيرو پرڏيهه وڃڻ ڪري مون کي ايڪسپورٽ پروموشن بيورو پاران هڪ نئين بريف ڪيس ملي. سرڪاري طور تي پنج سو کن ڊالر به منظور ٿيا، جيڪي ايڪسپورٽ پروموشن بيورو اسٽيٽ بنڪ آف پاڪستان کان حاصل ڪري مون کي ڏنا.

هن ملڪ جي آفيسرن لاءِ آئرلينڊ ۾ ويزا آن ارائيول هو. سرڪاري پاسپورٽ تي جرمني لاءِ ويزا جي ضرورت نه هئي. پوءِ ڀي مون احتياط ڪري ڪراچي جرمن قونصليٽ کان لکرائي ورتو هو ته مون واري پاسپورٽ تي جرمن ويزا جي ضرورت نه آهي. جرمن قونصليٽ وارو ليٽر پاسپورٽ سان گڏ محفوظ ڪري رکيم. ويزا جا مامرا حل ٿيا، ڊالر وصول ٿيا، ٽڪيٽ ملي ۽ ايڪسپورٽ پروموشن بيورو طرفان ملڪ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ رسمي اجازت نامو ڏنو ويو ته ”اڳ نه ڏيهه ڏٺوم“ واري سفر تي اسهڻ لاءِ سورهين آگسٽ تي صبح جو سوير، ڪراچي ايئرپورٽ پهتس. ضروري ڪارروايون پوريون ڪري وڃي جهاز ۾ پنهنجي سيٽ سنڀاليم. جهاز جي اندر ته جهان ئي اور هو. يورپ ۾ ماحول ڪيئن هوندو، ان جو ڪجھ اندازو لفٿانزا جي فلائيٽ جو اندريون لقاءُ ڏسڻ سان ئي ٿي ويو. فلائيٽ سڌو فرينڪفرٽ لاءِ هئي. وچ تي ڪو اسٽاپ نه هيو. جرمني جي وقت موجب ٽاڪ منجھند ڌارا جهاز فرينڪفرٽ ايئرپورٽ تي لٿو. يورپ جا رهواسي پنهنجو پاسپورٽ پري کان ئي ڏيکاريندا اڳتي وڌندا ٿي ويا. ٻي خلق لاءِ ائين نه هو. منهنجو وارو آيو ته ڊيوٽيءَ تي بيٺل همراهه ورق اٿلائي پٿلائي پاسپورٽ ۾ ويزا جي اسٽيمپ ڳولڻ لڳو. انگريزي نه پئي ڄاتائين يا ڳالهائڻ نه ٿي چاهيائين. مون کيس جرمن قونصليٽ جو ليٽر پڙهڻ جو اشارو ڪيو. ليٽر پڙهيائين. لڳو پئي ته کيس اها يقيني ڄاڻ نه هئي ته اهڙي قسم جي پاسپورٽ تي جرمن ويزا جي واقعي ضرورت نه هوندي آهي. پنهنجي ڪنهن عهديدار سان فون تي ڳالهايائين. فون بند ڪري جرمن قونصليٽ ڪراچي وارو ليٽر ٻيهر پڙهيائين. مطمئن ٿيو ته مون سان ٻيو هڪ لفظ به نه ڳالهايائين. بس ٿينڪ يو چئي، مون کي پاسپورٽ واپس ڪيائين.

ڪجھ کائڻ پيئڻ جي طلب ٿي. هيءَ سنڌ نه هئي، يورپ هو. يورپ جي هڪ وڏي ايئرپورٽ تي ڇا کائجي، ڇا نه کائجي، ڇا پيئجي، ڇا نه پيئجي؟ حلال حرام، حلال حرام!  ڳولي ڳولي وڃي اهڙيون شيون هٿ ڪيم، جن جي حرام هجڻ جو امڪان ئي نه هو: جوس، منرل واٽر ۽ ڪجھ فروٽ.

اچ وڃ جا بين الاقوامي هنڌ ڄڻ ته اڻواقف ۽ پهريون ڀيرو سفر ڪرڻ وارن ماڻهن کي ذهن ۾ رکي ئي ٺاهيا اٿائون. هنڌين هنڌين لکيو پيو آهي: يو آر هيئر. اتان نقشي ۽ تير جي نشانين جي مدد سان پنهنجو گس ڏسندا اڳتي وڌندا وڃو. پاڻهي منزل تي پهچي ويندءُ. مون کي سامان جي باري ۾ ڪراچيءَ ۾ ٻڌائي ڇڏيو هئائون ته ڊبلن ايئرپورٽ تي ملندو. بي فڪر ٿي ٻانهون لوڏيندي آرام سان پئي ڦريس ٽريس. ڀانت ڀانت جا ماڻهو، طرح طرح جون شڪليون، هر ڪو پنهنجي پنڌ ۽ ڪم جي سوچ ۾. بس ڀڄ ڀڄان، ڀڄ ڀڄان. نيٺ برٽش ايئرويز جي فلائيٽ جو وقت ٿي ويو. برٽش ايئرويز ۽ لفٿانزا واري جهازن جي اندروني ماحول ۾ ڪو خاص فرق محسوس نه ٿيو. ٿوري ئي وقت ۾ جهاز لنڊن جي هيٿرو ايئرپورٽ تي لٿو. هي ايئرپورٽ دنيا جي تمام وڏن ايئرپورٽن مان هڪ آهي. لنڊن جون ڳاڙهيون ڊبل ڊيڪر بسون ايئر پورٽ جي شيشي وارين ڀتين مان ايندي ويندي نظر پئي آيون. ساڳيءَ طرح تير جي نشانين کي ڏسندي وڃي ايئر لنگس جي ڪائونٽر واري علائقي ۾ پهتس. فلائيٽ جي روانگي ۾ ڪافي دير هئي. ڊيوٽي فري واري سامان جو جائزو وٺڻ جو خيال آيو. اسٽور سامان سان ڀريل هئا. اتي موجود سامان ۽ اوسي پاسي مرد توڻي زالون ڏسي تعجب ٿيو ته دنيا هڪ هوندي به ڪيڏي نه ورهايل، ورهايل ۽ اوپري، اوپري آهي. رنگن جي حساب سان، روين جي حساب سان ۽ ذهني سوچ جي حساب سان! جنهن ڳالهه جو اسان جهڙي ملڪن جي ماڻهن لاءِ تصور ڪرڻ به ڏکيو آهي. هتڙي اهو ڄڻ ڪو مسئلو ئي ڪين هو.

مون ڊيوٽي فري شاپ تان پنهنجي پسند جون ڪجھ  شيون ورتيون. موٽي ايئرلنگس جي ڪائونٽر تي آيس. فلائيٽ تيار هئي. جهاز ننڍو هو. اعلان انگريزي ۽ آئرش ٻولين ۾ پئي ٿيو. جڏهن لفٿانزا واري جهاز ۾ انگريزي ۽ جرمن ٻولين ۾ اعلان ٿي ڪيائون ته ان جي اهميت هڪڙي هئي ۽ جڏهن ايئر لنگس ۾ انگريزي ۽ آئرش ۾ اعلان پئي ٿيا ته ان جي اصل حقيقت ٻي هئي. لفٿانزا فلائيٽ ۾ اهڙا گھڻا مسافر هيا، جن کي يا ته صرف انگريزي سمجھ ۾ ٿي آئي يا جرمن. پر ايئر لنگس جي فلائيٽ ۾ بظاهر ڪو اهڙو هڪڙو شخص به نه هو، جنهن کي صرف آئرش سمجھ ۾ ايندي هجي ۽ انگريزي نه سمجھي سگھندو هجي. هُتي (لفٿانزا ۾) ڪاروبار هو ۽ هِتي (ايئر لنگس ۾) پنهنجي ٻولي سان بي پناهه پيار جو اظهار هو.

لنڊن ۽ ڊبلن هڪ ٻئي کي ويجھڙا ئي آهن. آئرش سي مٿان اڏامي جهاز هيٺ لٿو. سامان حاصل ڪري ٻاهر نڪتس ته آئرش ايڪسپورٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر جي ڌيءَ آجيان لاءِ موجود هئي: ”تو لاءِ دل جا دوار نه ٻوٽبا، تون ڀلي هلي آءُ“ چئي اچي ٽرينيٽي ڪاليج پهچايائين. پروگرام مطابق، اسان کي پهرين رات جو اٺين لڳي آئرش ايڪسپورٽ بورڊ طرفان ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪرڻي هئي. اسان ٻاهران آيل مهمانن سان گڏ آئرش ميزبان ۽ انهن جي ڪٽنب وارا به آڌرڀاءُ پارٽيءَ ۾ شريڪ ٿيڻا هئا. پوري وقت تي آجياڻي واري هنڌ پهچي ويس، جيڪو ٽرينيٽي ڪاليج ۾ ئي هو. آهستي آهستي هال دعوتين سان ڀرجي ويو. ويهڻ لاءِ سيٽن آڏو سڀني جا نالا لکيل هئا. هر ڪو پنهنجي نالي واري سيٽ تي ويهندو ويو. سڀ ويهجي ويا ته تعارف شروع ٿيو. تعارف مختصر هو: پنهنجو نالو، ملڪ جو نالو ۽ اداري جو نالو. مهمانن جو تعلق ايڪسپورٽ سان لاڳاپيل سرڪاري يا پرائيويٽ ادارن سان هو. ميزبانن سميت پنجاهه پنجونجاهه ڄڻن جو تعارف ٿيو ته صرف ملڪن جا نالا ئي ذهن نشين ٿيا. شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه صحيح چوندي هئي ته ٻاهرين ملڪن جو دورو ڪرڻ ڪا آسان ڳالهه آهي ڇا؟ اڻ واقف ماڻهن جا اڻ ٻڌل ۽ مشڪل مشڪل نالا ياد رکڻا پوندا آهن. تعارف کان پوءِ ماني شروع ٿي. ماني لاءِ بوفي سسٽم هو. هر کاڌي واري هر شئي اڳيان ان جو نالو لکيل هو. هي گوشت، هو گوشت، مڇي، بريڊ، چانور، منرل واٽر، جوس وغيره وغيره. مون چانور، بريڊ، مڇي، جوس ۽ منرل واٽر جي چونڊ ڪئي. ڊبلن ۾ رهڻ واري سموري عرصي ۾ ۽ ان کان پوءِ دنيا جي ٻين اهڙن شهرن، جتي حلال حرام ۾ ڪو خاص سنڌو نه هيو، جيئن لنڊن، ميلان، فرينڪفرٽ، ڪولون، برسلز، اُتريخ (هالينڊ) اديس ابابا، سنگاپور، سڊني ۽ ڪولمبو وغيره جي دورن دوران اهي ئي شيون پئي واپرايم. باقي، ماني کائڻ جو اصل مزو ته مڪي، مديني، تهران، اصفهان، شيراز، صنعا، جيبوتي، دبئي، بغداد، ڪربلا، ڪويت، ڍاڪا ۽ جڪارتا گھمڻ وقت آيو: ڳائو گوشت، ٻاڪرو گوشت، ريڍو گوشت ۽ اٺ جو گوشت، طرحين طرحين طريقن سان پڪل! ماني کائيندي رات جا اٽڪل ساڍا يارهن وڄي ويا. موڪلائي توڪلائي مهمان پنهنجي ڪمرن ڏانهن روانا ٿيا ۽ ميزبان پنهنجي گھرن ڏانهن...!

ٽريننگ جو پهريون ڏينهن هو. هر روز، ٽي پيريڊ پورا ڪري چانهن جي وٿي ٿيڻي هئي. وري ٻن پيريڊس بعد لنچ بريڪ جو وقت هو. لنچ کان پوءِ ٻه پيريڊ ٻيا. ٻيهر چانهن جو وقفو. آخر ۾ وڌيڪ ٻه پيريڊ پورا ڪري، گروپ هوم ورڪ ڏيڻ بعد ٽريننگ جو هڪ ڏينهن مڪمل. ائين، روزانو ٿڪي ڪمرن ۾ آرام ڪرڻ ويندا هئاسون. پهرين ڏينهن شروعاتي ليڪچر جو موضوع هو: امپورٽرس جا مسئلا. اهو ٻڌي سڀ ٽريني حيران ٿي ويا. امپورٽرس جا مسئلا؟ اسان ته ايڪسپورٽرس جا مسئلا ۽ انهن جو حل معلوم ڪرڻ آيا آهيون. هي امپورٽرس جا مسئلا ڪٿان اچي ويا. چيو ويو توهان ٺيڪ ٿا چئو. دراصل، امپورٽرس کي پيش ايندڙ مسئلا ايڪسپورٽرس جا ئي مسئلا آهن. جيڪڏهن امپورٽر کي ايڪسپورٽر وٽان وقت تي درست ڪاغذ نه ملندا، اڻپورا ملندا يا ٻيو ڪو مسئلو پيدا ٿي پوندو ته ايڪسپورٽ ٿيل مال ڪسٽمز وارن وٽ ئي ڦاٿو پيو هوندو. امپورٽر جو مسئلو ايڪسپورٽر جو مسئلو ٿيو نه!؟ ڳالهه چٽي ٿي وئي.

ٽئين ڏينهن تي شام جو آئرش ايڪسپورٽ بورڊ جي چيئرمين سان هن جي گھر تي ملڻ جو پروگرام هو. چيئرمين فالج جي حملي ڪري معذور ٿي پيو هو. ويل چيئر تي پئي هليو. اداري وارن سندس دل سان احترام پئي ڪيو. اسان سڀ هن جي لاءِ گل کڻي هليا هئاسين. مون سنڌ مان ڪجھ اجرڪ ۽ ٽوپيون آنديون هيون. کيس گل ڏئي، اجرڪ اوڍايم. ڏاڍو خوش ٿيو. هر ڪو بيٺي بيٺي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائيندو ويو. چانهن پاڻي کان پوءِ چيئرمين کان موڪلاڻي ٿي.

اسان جي نيرن ٽرينيٽي ڪاليج ميس ۾ ڪامپليمينٽري هوندي هئي. منجھند ۽ رات جي ماني ۽ ٻئي سنهي ٿلهي خرچ لاءِ الڳ رقم ملندي هئي. جيڪا هر هفتي ڄڻي ڄڻي ۽ ڄڻيءَ ڄڻيءَ جي بينڪ اڪائونٽ ۾ جمع ٿيندي هئي. بريڪ ۾ ڪاليج کان ٻاهر نڪري ڊوڙندي لنچ ڪرڻ ويندا هئاسون. وقت ٿورو هئڻ ڪري، اڪثر ڪري روڊ پاسي ٺهيل ريسٽورانٽس تان ٽيڪ اوي لنچ جو پيڪيٽ وٺي هلندي هلندي کائيندا پيئندا، جلدي جلدي واپس ٿيندا هئاسين. ڏٺوسين پئي ته اتان جي ماڻهن به لنچ اهڙي طرح ڀڄندي ڀڄندي ٿي ڪئي. نيرن اداري پاران ڪامپليمينٽري، لنچ ٽيڪ اوي واري: ايستائين ته سڀ ٺيڪ هو. ٻه ٽي ڏهاڙا، رات جي ماني هيڏانهن هوڏانهن گھمي ڦري، ريسٽورانٽس ۾ وڃي پئي کاڌيسين. پر اسان ڏکڻ ايشيا وارن مان ڪنهن کي به اها ماني وڻي نه پئي. اهو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڀارت مان آيل ٻن ڄڻن مسٽر وي ايس مهتا ۽ مسٽر جڳترام، بنگلا ديش جي ٻن ليڊيز مسز ملڪا خان ۽ مسز صوفيا اختر خاتون، نيپال جي مسٽر دينش چندر گپتا ۽ مون هڪ گروپ ٺاهيو. ڊبلن ۾ ڀارتي سفارتخاني وارن ماني تيار ڪرڻ لاءِ ٿانءَ وٺي رکيا هئا. جيڪي هو ڀارت کان اهڙي قسم جي ٽريننگ وغيره لاءِ ڊبلن اچڻ وارن کي ڏيندا هئا. ٽريننگ جو مدو پورو ٿيڻ تي رڌ پچاءُ وارو سامان واپس سفارتخاني ۾ جمع ٿيندو هو. اها ڳالهه واسطيدارن موجوده ٽرينيز کي دهليءَ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏي هئي. هو ويا ۽ پنهنجي سفارتخاني مان ٿانءَ کڻي آيا. ائين رڌ پچاءَ جي ٿانون جو بندوبست ٿي ويو. باقي پليٽون، ڪوپ ۽ ٻيو هلڪو ڦلڪو سامان، رلي ملي ڪري وٺي آياسين. روزانو ماني لاءِ ڪچو سيڌو گڏ گھمندي ڦرندي بازار مان وٺڻ ويندا هئاسون. ماني بنگلاديشي ليڊيز تيار ڪنديون هيون. گروپ ۾ هندو، ٻڌ ۽ مسلمان شامل هئاسون. ڪو گوشت ڪنهن جي لاءِ حلال ته ڪنهن جي لاءِ حرام! تنهن ڪري طئي ڪيوسين ته مانيءَ ۾ ماڳهين گوشت هوندو ئي نه، سواءِ مڇيءَ جي. واري ڦيري سان مڇي، سائي ڀاڄي، دال، پٽاٽن جي برياني، ڪڻڪ جي ماني، ڏهي، سلاد ۽ فروٽ وغيره کائيندا هئاسون. مان پنهنجي لاءِ، بنا سڻڀ پيڪ ٿيل کير بلاڪ ۾ موجود فرج ۾ الڳ وٺي رکي ڇڏيندو هوس. بس، ائين گھر کان پري، گھر جي ماني پئي کاڌيسين.

رات جي مانيءَ کان پوءِ، گروپ هوم ورڪ ڪرڻو هوندو هو. سڀ مرڪزي هال ۾ جمع ٿيندا هئاسين. هر گروپ لاءِ هوم ورڪ جو موضوع الڳ هوندو هو. واسطيدار گروپن وارا ٽولڙيون ٺاهي، مليل اسائنمينٽ لاءِ پنهنجا پنهنجا خيال پيش ڪندا هئا. اسائنمينٽ کي آخري شڪل ڏيڻ لاءِ هڪ ڄڻو چونڊي، ڪم ان جي حوالي ڪيو ويندو هو. گروپ مستقل نه هئا. هر روز تبديل ٿيندا هئا. پهرين ڏينهن اداري پاران اسان کي ايڪسپورٽ بابت ننڍڙا ننڍڙا معلوماتي ڪتابڙا ڏنا ويا هئا. منهنجي گروپ وارا اڪثر ڪري اسائنمينٽ کي آخري روپ ڏيڻ وارو ڪم منهنجي حوالي ڪندا هئا. مان اسائنمينٽ تيار ڪرڻ وقت انهن ڪتابڙن مان اهم نقطا ڪڍي اسائينمينٽ ۾ شامل ڪندو هوس. هڪ اسائينمينٽ اها ملي ته توهان ڪنهن ٻاهرين ملڪ ۾ ڊسٽريبيوٽر ڪهڙيون خوبيون رکندڙ ڪمپنيءَ کي مقرر ڪندا. مون ڪمپني جي مالي حيثيت، ان جي ورڪ فورس، ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ، ڪاروباري حلقن ۾ ساک، پري پري تائين وارن علائقن تائين پهچ ۽ ساڳي ميدان ۾ اڳوڻي تجربي جهڙيون خوبيون ڄاڻايون ته آئرش ايڪسپورٽ جي ڊائريڪٽر ريمارڪس ڏيڻ وقت چيو ته اسان ته هنن کي هتي ٽريننگ ڏيڻ لاءِ گھرايو آهي. هي ته اسان کي ٿا سيکارين!

هڪ ڏينهن اسان کي ڊرائينگ وارو وڏو چارٽ ڪاغذ ڏئي چيائون، ته هن تي پنهنجي باري ۾ ٻه ٽي جملا لکو. ڳالهه آئرش ايڪسپورٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر پيٽرڪ ڪيهو پاڻ کان شروع ڪئي. لکيائين: مان هر روز پنهنجي ڪتي سان گڏجي واڪ ڪندو آهيان. باغباني سان گھري دلچسپي اٿم. ترڪي کان آيل مسز برات اوني لکيو: مان شب برات واري رات ڄائي هيس. تنهن ڪري، مائٽن منهنجو نالو برات رکيو آهي. پوليٽڪل سائنس ۾ گريجوئيٽ آهيان. ٻن سالن جو سهڻو پٽڙو آهي. مون پوءِ برات کي ٻڌايو ته اسان وٽ به ماڻهن جا نالا انهي حساب سان رکڻ جو رواج آهي: آچر، سومر، خميسو، جمعو، رجب، رمضان ۽ حاجي. اهو ٻڌي، ڏاڍو کلي. ترڪي جي ٻي ڄڻيءَ سولي الپن لکيو: مان چوويهن سالن جي آهيان. ايڪانامڪس ۾ گريجوئيشن ڪئي اٿم. شادي ٿيل ناهي. ملائيشيا کان آيل مس عفيفه احمد لکيو: مان اڃان سنگل آهيان. شادي ڪرڻي آهي. مون کي سفر ڪرڻ جو ڏاڍو شوق آهي. اوهان جهڙن ماڻهن سان ملي خوشي ٿيندي آهي. ميڪسيڪو جي  مس ليوسي لکيو: منهنجي طبيعت هونئن ته دوستاڻي آهي. پر ڪجھ شرميلي آهيان. نيپال جي دينش چندر گپتا لکيو: ٻڌ آهيان. هر روز ڌڻيءَ جي عبادت ڪندي، ٽيٽهن سالن جو ٿي ويو آهيان. گپتا ۽ مان همعمر ۽ ٿورو گھڻو هم شڪل لڳڻ ڪري ماڻهو مُنجھي پوندا هئا ته نيپال کان آيل ڪير آهي ۽ سنڌ کان ڪير. منهنجو وارو آيو ته لکيم: سنڌو ندي، موهن جو دڙو ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڌرتي سنڌڙيءَ ڄائو آهيان. انگريزي ادب ۾ ماسٽرس ڪئي اٿم. شادي ٿيل آهي. ڀٽ ڌڻي جو مشهور شعر، ”سائينم! سدائين ڪرين سنڌ مٿي سڪار، دوست مٺا دلدار! عالم سڀ آباد ڪرين“ رومن ۾ لکي، انگريزيءَ ۾ مطلب به لکيم. برما کان آيل خاتون يُو ٿين تِن لکيو: مون کي ٻه ڌيئرون آهن. پنهنجي ٻارن ۽ مڙس جو ڏاڍو خيال رکندي آهيان. ايڪواڊور جي مس ليجيا مارگريٽ تمائيو لکيو: منهنجي انگريزي ايڏي سٺي ناهي. پر، مان پاڻ ڏاڍي سٺي آهيان. آهيان نه؟ باسڪيٽ بال کيڏندي آهيان. افريڪي ملڪ ليسوٿو جي قداور ناري مسز ممورتي مالي لکيو: ٽن ٻارن جي ماءُ آهيان. فلمون گھڻيون ڏسندي آهيان. موسيقي سان به دل وندرائيندي آهيان. افريقا جي ٻئي ملڪ نائيجيريا جي مس ايلس اوني لکيو: اوڻويهه سو ٻياسي کان شادي ٿيل آهي. اڃا اولاد ناهي ٿيو، ان تي ڏاڍا ٽهڪڙا متا. اهڙي طرح، افغانستان جي ٻن ڄڻن مسٽر مصمم ۽ مسٽر عبدالله، باربيڊوس جي مس شارمين، بوليويا جي مسٽر آرمينڊو فرنيندس، چين جي ٽن ڄڻن مسٽر جِن شُو، مسٽر تِيان جائو ۽ مسٽر داج يون لو، هونڊراس جي مسٽر ڪارلوس، ملائيشيا جي يعقوب فقير محمد، زيمبيا جي مسٽر جسٽن ۽ ٻين به پنهنجي باري ۾ ننڍڙا ننڍڙا جملا لکيا. بنگلاديش جي مسز ملڪا خان لکيو: منهنجو پنهنجو ايڪسپورٽ جو ذاتي ڪاروبار آهي. جويا لميٽيڊ منهنجي ڪمپني جو نالو آهي.

پوءِ، سڀني کان لکيل چارٽ وٺي ڪلاس روم جي ڀتين تي لڳائي ڇڏيائون. اهي چارٽ ٽريننگ جي آخري ڏينهن تائين ائين ئي لڳل رهيا. اڳتي هلي ٻڌايائون ته اسان کان پنهنجي متعلق اهي جملا ان ڪري لکرايا ويا آهن ته جيئن سڀ هڪ ٻئي سان جلد فري ٿي وڃئون. ٿيو به ائين. چارٽن ڄڻ ته جادو وارو ڪم ڪيو. صبح جو سوير ڪلاس روم ۾ اچڻ سان انهن چارٽن هيٺان بيهي اهي چارٽ وري وري پڙهندا هئاسون. چارٽن ۾ ڏنل تعارف جي آڌار گھڻن ئي ٽرينيز جا نِڪ نيمس ٺاهي ڇڏياسين. ائين تڪلف واري ڀت ڀري پئي ۽ پنهنجائپ واري پل ٺهي پئي. ذهني وٿيون ختم ٿيون. قربت جو ماحول جڙي پيو. کل، ڀوڳ، مشڪريون ۽ چرچا شروع ٿي ويا. پاڻ ۾ ايڏا گھرا ٿي وياسون جو هڪ ٻئي جي ڪمرن ۾ به اچڻ وڃڻ لڳاسون.

ان ڏينهن، رسيس ٿي ته ڪافي ٽريني ڀٽائيءَ جي بيت جي پسنديدگي جو اظهار ڪرڻ لاءِ منهنجي قريب آيا. هڪ افريقي، مسٽر جسٽن، مون کي پاسي تي وٺي چيو: جلباڻي، واٽ هئپنڊ ٽو مسٽر ڀٽو؟ اتان، بنگلاديش جون ليڊيز اتان گھڻو پري نه هيون. مون ڪجھ نه ڳالهايو. مسٽر جسٽن کي ڇڪي سيني سان لاتم. هو سڀ سمجھي ويو. ان کان پوءِ اسان جي هڪ ٻئي سان دلي دوستي ٿي وئي. سدائين پهرين اڌ واري ٽي بريڪ ۾ چانهن جو ڪوپ هٿ ۾ کڻي، الڳ ويهي، ڪچهريون ڪندا هئاسون.

پروگرام مطابق، آئرلينڊ جي تاريخ جي باري ۾ ڪجھ ليڪچر به رکيل هئا. آئرش تاريخ جو هڪ وڏو ڄاڻو ليڪچر ڏيڻ ايندو هو. شروعاتي ليڪچر ۾ ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ بابت ٻڌايائين ته آئرلينڊ يورپ جي انتهائي اتر اولهه واري پاسي هڪ ٻيٽ آهي، جيڪو برطانيا وارن ملڪ کي آزادي ڏيڻ وقت ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. هڪ حصو اتر آئرلينڊ ۽ ٻيو ڏکڻ آئرلينڊ، اتر آئرلينڊ اڃان تائين برطانيا جي زيرِ تسلط آهي، جڏهن ته ٻيٽ جو ڏاکڻيون ڀاڱو آزاد ملڪ آهي، جنهن ۾ اسان ٽريننگ وٺي رهيا هئاسون. آزاد ملڪ جو سرڪاري طور پورو نالو ريپبلڪ آف آئرلينڊ آهي. ملڪ جي اوڀارين طرف کان آئرش سمنڊ برطانيا ۽ آئرلينڊ کي الڳ ڪري ٿو. اولھ ۾ امريڪا تائين ائٽلانٽڪ مها ساگر اٿس. ڪل ايراضي ۾ اتر آئرلينڊ جي ايراضي به شامل ٿيل آهي. اٽڪل ساڍا پنج هزار چورس ميل. (جيڪا لڳ ڀڳ اسان جي خيرپور ضلعي جي ايراضي جي برابر آهي) آزاد ملڪ جي آدم جو ڳاڻيٽو پنجٽيهه لک هو.

ڳالهه تاريخ کان اڳ واري دور جي ذڪر سان شروع ٿي ته وڃي پهتي يارهين ۽ ٻارهين صدي جي نئين سجاڳي وارن ڏينهن تي. جڏهن آئرلينڊ ۾ آرٽ ۽ ثقافت جي ميدان ۾ ترقي ٿيڻ لڳي هئي. هن ترقي ۾ ٻارهين صدي جي ٻئي اڌ ۾ نارمنس اچي رُخنو وڌو. نارمنس تيزيءَ سان ملڪ جي ٽن حصن تي حاوي ٿي ويا. اڳتي هلي انگلينڊ جو آئرلينڊ تي قبضو ٿي ويو. جيڪو ارڙنهن سو هڪ کان اوڻويهه سو ايڪويهن تائين برقرار رهيو. هلندي، هلندي انگلينڊ کان آزادي وٺڻ لاءِ اوڻويهين صدي جي ٻئي اڌ ڌارا آئرلينڊ ۾ قومي جذبي ۾ وڏو اُڀار آيو. ڪيئي تحريڪون هليون. ويهين صدي جي شروع ۾ آئرش ٻولي جي لفظن سن فين (وي اورسيلوز... اسان پاڻ) جي نالي سان هڪ قومي پارٽي ٺهي. سن فين پارٽي جو آئرلينڊ جي آزاد پارليامينٽ جي قيام تي زور هو. صدي جي ٻئي ڏهاڪي ۾ ڊبلن ۾ مزدورن جو مسئلو کڙو ٿيو ته هڪ گروپ آزادي خاطر وڙهڻ لاءِ آئرش سٽيزن آرمي قائم ڪئي. اوڻويهه سو ارڙهن جي اليڪشن ۾ سن فين (اسان پاڻ) پارٽي انگلينڊ ڏانهن نرمي وارو لاڙو رکندڙ ننڍين وڏين پارٽين کي ڌوئي ڇڏيو. برطانيا پاران سن فين پارٽي کي ختم ڪرڻ وارين ڪوششن جي نتيجي ۾ اينگلو آئرش جنگ (اوڻيهه سو اوڻيهه کان اوڻيهه سو ايڪويهه تائين) ڇڙي پئي. نيٺ آئرلينڊ دنيا جي تاريخ ۾ اهو پهريون ملڪ ثابت ٿيو، جنهن برطانوي سامراج کان وڙهي آزادي ماڻي. اهو سال اوڻيهه سو ٻاويهه هو. آزادين جي سج طلوع ٿيڻ جي ٻئي سال، يعني اوڻويهه سو ٽيويهن ۾، سنڌ جو مهان شاعر شيخ اياز ڄائو هو. مون اها ڳالهه ليڪچر دوران ٻڌائي ته سڀني تاڙيون وڄايون.

اياز جو ذڪر نڪتو ته ليڪچرر آئرش ادب جي تاريخ بيان ڪرڻ شروع ڪئي. وڏا وڏا نالا ڳڻايائين: گليور ٽريولز جو ليکڪ جونوٿن سئفٽ، ڊورين گري ناول لکندڙ آسڪر وائيلڊ، ڊزرٽييڊ وليج جو شاعر اوليور گولڊ اسمٿ، ڪتابن جا وڏا وڏا مهاڳ لکندڙ برنارڊ شا ۽ وائي بي ييٽس وغيره. تاريخدان ٻڌايو ته برنارڊ شا کي اوڻويهه سو چوويهن ۾ نوبل انعام مليو هو.

آئرلينڊ وارا پنهنجي اديبن ۽ شاعرن کي واقعي مان ڏئي ڄاڻن. آئرش ڏهه پائونڊ جي نوٽ تي سئفٽ جي تصوير ڏني اٿائون. وائي بي ييٽس جو فوٽو آئرش ويهين پائونڊ جي نوٽ تي لڳل هو. مون گولڊ اسمٿ جي لکيل ڊيزرٽيڊ وليج جون آخري سٽون ٻڌايون ته ڪلاس ۾ مون ڏانهن تعريف ڀريل نگاهون اٿيون. افريقا ۽ ايشيا وارا برطانوي سامراج تي تپيا ويٺا هئا. آزاديءَ جون ڳالهيون ٻڌي هر ڪنهن کي برطانيا خلاف پنهنجي ملڪن ۾ هليل تحريڪون پئي ياد آيون. آئر لينڊ ۾ آئيني طرح آئرش ٻولي قومي ٻولي آهي ۽ اولين حيثيت واري سرڪاري زبان، پڻ. انگريزيءَ کي ٻيو نمبر سرڪاري ٻولي جو درجو حاصل آهي. ادارن جا نالا، روڊن رستن تي بورڊ انگريزي ۽ آئرش ٻنهي ٻولين ۾ لکيل آهن. ملڪ ۾ آئرش لئنگوئيج بوڪس بورڊ قائم آهي، جيڪو آئرش ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب ڇپائڻ تي سبسيڊي ڏئي ٿو. ليڪچر دوران ٻڌايو ويو ته ويجھڙ ۾ آئرش ماڻهن ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏٺا آهن. بک، بيماري، بدحالي، لڏپلاڻ، پٽاٽن وارو ڏڪار. چاليهه سيڪڙو ماڻهو متاثر ٿيا ها. انهيءَ ڏڪار ۾ ڏهه لک ماڻهو مري ويا، ڏهه لک ملڪ ڇڏي، لڏي ويا. پٽاٽا هونئن ته سڄي يورپ ۾ خراب ٿيا هئا، پر آئرلينڊ ۾ غريبن جو دارومدار ئي پٽاٽن تي هو.

آئرش لوڪن جون ڳالهيون ڪندي ليڪچرر ٻڌايو ته آئرش ماڻهو سال کي پورن چئن حصن ۾ ورهائين ٿا. شروعات ٿئي ٿي فيبروري کان، جڏهن هو ٻنين ۾ هر ڪاهيندا آهن. مئي مهيني ۾ ڳئن جا ڌڻ بند واڙن مان ڪڍي، چراگاهن ۾ ڇيڪ ڇڏين ٿا. آگسٽ ۾ پوکن ۾ لابارا پون ٿا. نومبر مهيني دوران سياري ۾ سخت سيءَ کي منهن ڏيڻ جي تياري ٿئي ٿي. ليڪچرر اهو به ٻڌايو ته ڪن ڳوٺڙن ۾ گھرن جون ڇتيون اڃان تائين ڇنايون آهن. هر گھر ۾ گيس پهتل ناهي. رڌ پچاءُ ڪوئلي تي ٿئي ٿو. ڊبلن شهر ۾ به اهو حال هو.

آئر لينڊ بنيادي طرح هڪ زرعي معاشرو هئڻ ڪري، اتي گھڻيون رسمون ۽ رواج پوکن جي سلامتي ۽ ڍورن ڍڳن جي خير جي باري ۾ آهن. مشهور آهي ته ڳوٺاڻا پنهنجو کير اوڙي پاڙي جي بدخواهه ماڻهن جي بري نظر کان بچائڻ لاءِ ڳئن جي واڙي مٿان صليب رکي ڇڏيندا آهن. ڪو کير گھرڻ ايندن ته کير ۾ ٿورو لوڻ وجھي ڏيندا. کير وارو ٿانءُ ته ڪڏهن به ڪنهن کي نه ڏيندا، ته متان ڪو ٽوڻا ڦيڻا ڪري سندن کير چورائي اڏائي وڃي. ڳوٺن توڻي شهرن ۾ هيءَ روايت عام آهي ته ڳورهاري عورت ان گھر کان پاسو ڪندي آهي، جتي ڪا فوتگي ٿي هجي. اهو ان ڪري ڪندي آهي ته متان کيس عيبدار ٻار ڄمي پوي. مون کي ياد آيو ته اسان وٽ به اهڙو احتياط ڪيو ويندو آهي پر ان ڳالهه جو ذڪر اتي نه ڪيم.

هڪ ڏينهن اسان کي آئرش ميوزم گھمائڻ وٺي ويا. پراڻيون پراڻيون شيون رکيل هيون. اتي هڪ سهڻو وڏو، ڪافي ڳورو هس ڏيکاريائون. جيڪو سڄو سون مان جُڙيل هو. سڀ حيران ٿيڻ لڳا ته اڳوڻي دور جون آئرش عورتون ايڏا وزندار هس پائينديون ڪيئن هونديون ۽ ڳچيءَ ۾ انهن جو بار ڪيئن برداشت ڪنديون هونديون. ميوزم ۾ ائين گھمندا ڦرندا اسان ڪُتر ڪرڻ واري هڪ مشين جي مٿان اچي بيٺاسون. ڀارت جو مسٽر مهتا مشين ڏسي، مون ڏانهن نهاري ائين مشڪيو، ڄڻ خاموش ٻوليءَ ۾ چوندو هجي: اهڙيون مشينون ته پاڻ وٽ اڃان به هلن پيون. هي ميوزم ۾ رکيو ويٺا آهن. اسين ته هنن کان تمام گھڻو پوئتي رهجي ويا آهيون.

جيئن جيئن ٽريننگ جي پچاڻي ويجھي ٿيندي وئي، فارمل ۽ انفارمل دعوتون وڌي ويون. پهرين دعوت آئرش ايڪسپورٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر پيٽرڪ ڪيهو پنهنجي گھر ۾ ڪئي. مهمان گھڻا هئا. گھر ۾ سڀني لاءِ ويهڻ جي جاءِ ممڪن نه هئي. بيٺي پيرين ماني شروع ٿي وئي. ويهڻ جي جاءِ جي ڪمي جي پورائي لاءِ سڄي آڪهه خدمت ۾ جنبي وئي. طعامن سان ڀريل ٽري آڻي مهمانن جي اڳيان ٿي جھليائون. پيٽرڪ ڪيهو پنهنجي سر پاڻ، سندس گھر واري، ڌيءَ اوين ۽ اوين جو ننڍو ڀاءُ هر هڪ مهمان وٽ آيا. پاڻ پنهنجي هٿن سان جوس، مڇي جا ٻيرا، چڪن پيس، مٺائي جا ٽڪرا کڻي ڏيندا رهيا.

گھرن کان پوءِ، هوٽلن ۾ ڊنر جا پروگرام ٿيا. موم بتي جي روشنيءَ ۾ ٽيبل تي ماني پيش ٿي. مانيءَ سان گڏ موسيقي هلندي رهي. آئرش هونئن به موسيقي جا وڏا شوقين آهن. پيٽرڪ ڪيهو جي ڌيءَ اوين به ڳايو. آخر، ٽرينيٽي ڪاليج جي اندر الوداعي ڊنر جو بندوبست ٿيو. گروپ فوٽو نڪتا. هڪ ليڪچرر، انگريزي ۾ هڪ نظم پيش ڪيو. جنهن ۾ سڀني ٽرينيز ۽ سندن ملڪن جا نالا ڏنائين. ان کان اڳ ڊبلن کان ٻاهر دورن جا پروگرام به ٿيا. ڪلڪيني ۾ دوائن جي ڪمپني ڏسڻ وياسين. شنان ۾ انڊسٽريل زون ڏٺوسين ته معلوم ٿيو ته آئرلينڊ سرڪار هائي ٽيڪ انڊسٽري تي وڌيڪ زور پئي ڏئي. مستقبل ته انوويشن ۽ هائي ٽيڪ انڊسٽري جو ئي آهي. انوويشن صرف علم حاصل ڪرڻ سان ڪري سگھبي. جديد دور ۾ ترقي جي راز وارو اهو لازوال سبق سکي، هر ڪنهن پنهنجي وطن ورڻ جا سانباها ڪيا.

نيٺ اهو ڏينهن به اچي پهتو، جڏهن پرڏيهي پکيئڙن جي ولر پنهنجي اصلوڪن ماڳن ڏانهن اڏام لاءِ پر پکيڙيا. ڀٽائي گھوٽ چواڻي: ”ٻچا پوءِ اٿن، وڃن وانگا ڪنديون.“ سڀ ڪمرن مان پنهنجو سامان کڻي مرڪزي ميدان تي آيا. ڪنهن کي پورب وڃڻو هو ته ڪنهن کي پڇم. ڪنهن کي اتر پار اسهڻو هو ته ڪنهن کي ڏاکڻئين ڏيهه. فلائيٽس جو ٽائيم الڳ الڳ هو. مهينو اڳ جيڪي بنهه اجنبي ۽ اوپرا هيا، هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي، اوڇنگارون ڏئي روئيندا موڪلائيندا رهيا. هڪ عجيب ڪيفيت هئي: روڄ هو، راڙو هو. جھڙ نيڻئون نه پئي لٿو.

اهڙو ئي نظارو هو، جڏهن اڻويهه سو ڇاهٺ ۾ ميٽرڪ کان پوءِ اسان گورنمينٽ هائي اسڪول پريالوءِ جا شاگرد گل مير ڦلپوٽو، عنايت الله لاڙڪ، غلام اڪبر جويو، فيض محمد مهر، غلام مهدي ڪنڌر، ڪريم بخش مشوري، غلام حيدر ڦلپوٽو، نور محمد سومرو، در محمد بروهي، علي محمد ڪنڌر، محمد اسماعيل سوهيجو، اميد علي سوهيجو، عبدالستار سوهيجو، علي محمد جويو، کنياتو مل، ڪمال الدين جتوئي، محمد ايوب جلباڻي، دادن شاهه، رحمت الله سولنگي، لطف الله الرو، غلام نبي ڀيو ۽ آئون روئي روئي بيحال ٿي وڇڙيا هئاسين. اهو سڀ ڪجھ پورو ٿيو ته لڳو ”ڪو خواب هو، ڪو خيال هو، مون کي ڪجھ ياد نه آهي.“

نيپال جي مسٽر گپتا، ڀارت جي مسٽر جڳت رام، ڀارت جي ئي مسٽر مهتا ۽ منهنجي فلائيٽ ساڳي هئي. اسين گڏجي ڊبلن کان لنڊن پهتاسين. لنڊن کان اڳتي واري فلائيٽ ڪافي دير کان پوءِ رواني ٿيڻي هئي. اسان پنهنجو سامان ايئرپورٽ اختيارن جي حوالي ڪري ٻاهر نڪري آياسين. مسٽر جڳت رام جو هڪ ويجهو مائٽ لنڊن جي سائوٿ هال واري علائقي ۾ رهندو هو. مسٽر جڳت رام اسان کي سڌو اوڏانهن وٺي هليو. گھر وارا ڏاڍي قرب سان مليا. اسان جي لنچ ته جهاز ۾ ئي ٿيل هئي. چانهن پياريائون. ان سان گڏ پڪوڙا، پاپڙ ۽ ڦلا کڻي آيا. ايڏي سڪ ۽ اڪير سان پيش آيا، ڄڻ اسان جا مِٽ هجن. کائي پي فارغ ٿياسين ته مسٽر جڳت رام جو مائٽ پنهنجي گاڏي ڪڍي، اسان کي لنڊن شهر گھمائڻ وٺي هليو. ٽيمس ندي واري پل ۽ هائيڊ پارڪ سميت لنڊن جا مشهور هنڌ گھمايائين. واپس ايندي هڪ ريسٽورنٽ ۾ آمليٽ بيضي جيان تريل مڇي کارايائين. ان ۾ ڪو ڪنڊو ڪو نه هو. مڇي ذائقيدار۽ ڏاڍي لذيذ هئي.

اسان وٽ ڪو سامان ته هو ڪو نه. شهر گھمي ڦري ايئرپورٽ آياسين. لنڊن کان ايندي ڪراچي پهچڻ لاءِ، مون کي دبئي ۾ جهاز تبديل ڪرڻو هو. ٻيا دهليءَ تائين گڏ وڃڻا هيا. جتان مسٽر گپتا کي دهلي کان اڳتي کٽمنڊو جو سفر ڪرڻو هو. جهاز دبئي لينڊ ڪيو ته پنهنجي ٽنهي همسفر ساٿين سان ڳراٺڙيون پائي موڪلائي هيٺ لٿس. ڊيوٽي فري شاپ تان کارڪن مان تيار ٿيل نان الڪوحلڪ اسپارڪلنگ ڊرنڪ ۽ گھر وارن لاءِ چاڪليٽ، مٺايون ۽ ڪجھ ٻيون شيون خريد ڪري ڪراچي واري فلائيٽ ۾ سوار ٿيس. هڪ مهينو ولايت ۾ گذاري سنڌ وريس ته هت ساڳيا سور ۽ ساڳيا ئي ناسور هئا.

 

(ڏيھاڙي عبرت ۾ ڇھن قسطن اندر ڇپيل. نومبر-ڊسمبر ۲۰۲۰ع)

No comments:

Post a Comment