اسپين، فرانس ۽ اندورا ۾
رولاڪيون
عبدالله عثمان
ميمڻ
سائين ڀلي هلو
بارسلونا. سال ۲۰۱۹ع ۾، سرءُ جي مند منجھ، منهنجن ڀاڻيجن معز، سالار ۽ مون سوچيو ته گڏجي ڪاڏي
گهمڻ هلون، ۽ هلون به ڪنهن اهڙي ماڳ جيڪو پاڻ ٽنهي لاءِ نئون هجي. سو فيصلو بيٺو
ته اسپين جي اتر اوڀر واري علائقي ڪاتالونيا جي شهر بارسلونا ٿا هلون. جيڪو اسان ٽنهي
جو ڏٺل نه هو. سو سڀني نعرو هنيو ته سائين ڀلي هلو بارسلونا. بارسلونا سان گڏوگڏ
اهو به رٿيوسين ته ماڻهو جيڪڏهن بارسلونا ۾ هجي ته بهتر آهي ته ڪجهه ٻيا ماڳ پڻ
گهمي ڏسي، مثال طور اتر اسپين ۾ وچين دور جو ننڍو جابلو شهر باگا، پيرينيز جو
خوبصورت جابلو سلسلو، ڏکڻ فرانس جو هڪ ننڍو جابلو شهر ايڪس لس ٿرمس ۽ اسپين ۽
فرانس ۽ پيرينيز پهاڙن جي وچ ۾ هڪ تمام ننڍو ۽ سهڻو ملڪ اندورا ۽ ان جو گاديءَ
وارو شهر اندورا لا ولا پڻ گهمي ڏسجي.
ادي سڪينه جي هٿن
جو تمام لذيذ برنچ کائي اچي لنڊن ليوٽن جي هوائي اڏي تي وقت سان پڳاسين. جهاز ۾ اڃا
ڪافي وقت هو، سو هيڏانهن هوڏانهن دڪانن تي پي چڪر ڏناسين. اتي مون ڏٺو ته سالار کي
ڪنهن وڏي عمر جي مائيءَ اچي ڪن ۾ ڪجهه چيو ۽ سالار پنهنجي فون کيسي ۾ رکندي کليو.
مون سالار کان پڇيو هيءَ ڪير هئي ۽ ڇا چيائين؟ سالار ٻڌايو ته اسان جي اسڪول جي ايڊمنسٽريشن
۾ آهي ۽ ڪن ۾ اچي چيائين ته هتي به موبائل جي پچر نٿو ڇڏين. تنهن تي اسان سڀ ڏاڍو
کلياسين. اها مائي سندس خاندان سان گڏ اسپين جي ڪنهن سياحتي ٻيٽ ڏانهن وڃي رهي
هئي.
خير سان ايزي جيٽ
جي جهاز پنهنجي مقرر وقت تي لنڊن مان بارسلونا وڃڻ لاءِ اڏام ڀري. جهاز ۾ تقريبن
گهڻائي گورن مسافرن جي هئي. سفر تقريبن اڍائي ٽن ڪلاڪن جو هو ۽ مقرر وقت تي جهاز
بارسلونا جي هوائي اڏي تي اچي لٿو. آٽو ميٽيڊ يعني خودڪار يا اي گيٽس بارڊر ڪنٽرول
سسٽم جي سهولت جي ڪري ماڻهو جلد هوائي اڏي کان ٻاهر اچي ٿو وڃي. سو اسان به اهي اي
گيٽس استعمال ڪري، اچي شهر وڃڻ واري بس جي اڏي تي پهتاسين. ٽڪيٽ بس جي ڊرائيور کان
ئي ورتيسين. اسان کي بس جي آخري اسٽاپ پلازا / پلاڪا دي ڪاتالونيا جي چونڪ تي ئي
لهڻو هو، سو بي فڪرا ٿي بارسلونا جي اوسي پاسي ۽ شهر جون رونقون ڏسڻ شروع ڪيون
سين. بس جيئن جيئن شهر طرف اندر ويندي رهي، تيئن تيئن بارسلونا شهر جون رونقون
ظاهر ٿينديون ويون ۽ اسان کي ائين لڳو ڄڻ هي خوبصورت شهر اسان کي ڀليڪار ڪندو هجي.
هر پاسي سياح پي نظر آيا، شهر ۾ تمام گهڻي رونق لڳي پئي هئي. اسان کي بس تقريبن اڌ
مني ڪلاڪ ۾ بارسلونا جي مشهور چونڪ پلازا / پلاڪا دي ڪاتالونيا تي اچي لاٿو.
پلازا / پلاڪا دي ڪاتالونيا
بارسلونا ۾ تمام گهڻو مشهور هڪ تمام وڏو ۽ مک چونڪ آهي، جتي هر وقت وڏي رونق لڳي
پئي هوندي آهي. هر پاسي سياح ۽ مڪاني ماڻهو پيا نظر ايندا. هڪ تمام خوبصورت ڦوهاري
جي چوڌاري انتهائي سهڻيون عمارتون نظر اچن ٿيون، جيڪي فنِ تعمير جو هڪ اعليٰ ڏيک ڏين
ٿيون. هن چونڪ کي بارسلونا جي دل پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو. هتي وڏين برانڊڊ ڪمپنين جا دڪان،
بسن جا اڏا، زمين اندر هلندڙ ريل جون ويجهيون اسٽيشنون، کاڌي پيتي جا ريسٽورنٽ، ڪيفي
ٽيريا، پيسن جي مٽا سٽا جا دڪان، بار ۽ ڪبوتر جام نظر ايندا. مطلب ته پهريون دفعو
ايندڙ ماڻهو کي هتي جو ماحول وڻندو ۽ کيس سٺو محسوس ٿيندو. هي چونڪ ۽ ان جي ڀرسان
واري جڳ مشهور لا رامبلا اسٽريٽ چورن جي جنت ۽ آماجگاهه پڻ آهي، سو هر وقت اکيون
کليل رکڻ گهرجن.
بهرحال اسان بس مان
لهي پنهنجا ٿيلها سنڀالي ۽ گهليندا اچي ايڊي رومز تي پهتاسين. هي گيسٽ هائوس
پلازا/ پلاڪا دي ڪاتالونيا کان تقريبن هڪ ڪلوميٽر پري ڪيرير ڊي گيرونا روڊ تي واقع
هو. سج لهي چڪو هو. اسان کي گيسٽ هائوس ۾ چيڪ اِن ڪندي اسي ورهين جي جرمن مالڪ
بارسلونا جي باري ۾ ڪجهه ضروري هدايتون پڻ ڏيندو رهيو، مسئلن ته پنهنجا پاسپورٽ ضرورت
کان سواءِ پاڻ سان هر وقت گڏ نه رکجو ۽ بهتر آهي ته هتي پنهنجي ڪمري ۾ ئي رکي وڃجو.
ٻيو ته پنهنجا موبائل فون ۽ ٻٽون سوٽ جي پوئين گيدي ۾ هرگز نه رکجو. هتي بارسلونا
۾ اهو عام آهي ته سياحن جا موبائل فون، پرس يا پاسپورٽ بشني ڪڍيو ٿا وڃن، جنهن ڪري
گهمڻ ته رهيو ماڳ، ويتر ماڻهو هرو ڀرو پريشان ٿيو وڃي.
اسان سندس ڳالهين
کي هانءَ سان هنڊايو. اسان کي گيسٽ هائوس جي باري ۾ ضروري شيون پڻ ٻڌايائين. اسان
واري ڪمري ۾ هڪ ڊبل بيڊ ۽ ٻيو وري سنگل بيڊ پيل هيو. ڪمري جي بالڪونيءَ مان ٿورو ٻاهر
جو ديدار ڪيوسين ته ٻاهر روڊ تي ۽ عمارتن جي بالڪونين ۾ وڏي رونق هئي. موسم تمام
بهترين هئڻ جي ڪري ماڻهو بالڪونين ۾ ويهي کائڻ ۽ پيئڻ جو مزو وٺي رهيا هئا.
اسان ٿوري دير ۾
تيار ٿي بارسلونا کي گهمڻ شروع ڪيو ۽ ڦري سري وري ان ساڳئي پلازا/ پلاڪا دي ڪاتالونيا
چونڪ تي پهتاسين. هر پاسي وڏي گهما گهمي هئي. ماڻهو تقريبن سڀ ٽي شرٽ ۽ نيڪرن يعني
وڏن چڍن ۾ هئا. مون کي هتي گهمندي اسان جي موري جي پاڙي ۽ ننڍي هوندي جي دوست
فيروز ميمڻ جو ننڍو ڀاءُ فدا حسين ميمڻ ياد اچي ويو، جيڪو هن ئي شهر مان ڪجهه وقت
اڳ پنهنجي پڙهائي پوري ڪري وڃي چڪو هو. اسان جي اڳين منزل وري لا رامبلا اسٽريٽ
هئي، جيڪا ڪاتالونيا واري چونڪ کان ئي شروع پئي ٿي، داخل ٿيڻ سان ئي وات مان نڪري
ويو هل ڇا ته خلق آ هن گهٽيءَ ۾.
سوا ڪلوميٽر ڊگهي
لا رامبلا بارسلونا جي واڪنگ اسٽريٽ يعني پنڌ گهمڻ وارن ۾ تمام گهڻي مشهور ۽ معروف
آهي. گهٽي جي ٻنهي پاسي ڊگها وڻ ۽ انهن جي هيٺان وري ڪيفيٽيريا، سووينيئر يا تحفن
جا دڪان، گلن جا دڪان، ريسٽورينٽ وغيره جام آهن. هتي ته پٽ تي ڪپڙو وڇائي ۽ ان مٿان
مختلف قسمن جون شيون رکي به ماڻهن روزي پئي ڪئي. مون ٻڌو هو ته هتي سنڌين جا به ڪافي
دڪان آهن پر اسان کي اتي نه ٻڌڻ ۾ ۽ نه ئي ڪو سنڌي ڏسڻ ۾ آيو. باقي هن گهٽي ۾
پنجابي، اردو ۽ بنگالي باقاعدي ۽ واضع ٻڌڻ ۾ اچي ٿي.
لا رامبلا تي وڏي
گهما گهمي ۽ رش هئي. هر عمر جو ماڻهو هتي نظر اچي ٿو. ڪي جوڙا هٿ هٿ ۾ ڏيو ته ڪي
وري اڪيلا، ڪٿي ڇوڪرين جا جٿا ته وري ڪٿي نوجوان ڇوڪرن جا ٽولا نظر آيا. وڻن کي وڌيڪ
سهڻو ڪرڻ لاءِ انهن جي مٿان لائيٽنگ جو بندوبست ٿيل هو. ڪٿي ڪٿي بازيگرن ڪرتب پي ڏيکاريا.
ڪٿي ڪٿي وري مڪاني ماڻهن جون سائيڪلون به بيٺل هيون. ماڻهن جي لاءِ اتي کاڌي سميت
پيئڻ جو به جوڳو انتظام هو، ماڻهو پنهنجي پاڻ ۾ گم ۽ مدهوش هئا. ڪيفيٽيريا ۽ ريسٽورنٽ
وارن جي اها ڪوشش هئي ته هو وڌ کان وڌ گراهڪن کي پاڻ طرف ڇڪي وٺي اچن.
اسان آهستي آهستي اڳتي
وڌندا رهياسين ۽ لا رامبلا جي آخر ۾ اچي ڪرسٽوفر ڪولمبس جي سٺ فوٽ ڊگهي يادگار وٽ
پهتاسين، پر ان کان به اڳتي رونق لڳي پئي هئي. سو سوچيوسين ته ٿورو اڃا اڳتي هلي ڏسجي
ته ڇا آهي؟ ٿورو اڳتي هلڻ کان پوءِ وري پاڻيءَ تي ٺهيل ڪاٺ جي پل نظر آئي، جنهن کي
رامبلا دي مار سڏين، اتي به ڪافي گهورڙيا هئا، جن مختلف قسم جو سامان پي وڪڻيو. ڪافي
پاڪستاني به انهن ۾ هئا. هن پل تان آسپاس جي بندرگاهه جو نظارو انتهائي خوبصورت
هو. هتي هوا ۾ پاڻيءَ جي ڪري ٿڌڪار محسوس ٿيو. هن پل کي پار ڪري اسان وڃي مريميگنم
نالي هڪ وڏي شاپنگ مال ۾ پهتاسين. هي زمين جو ٽڪرو يا ٻيٽ اصل ۾ سمنڊ کان ريڪليم
يعني سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ مٽي، پٿر وغيره وجهي حاصل ڪيو ويو آهي، جتي پوءِ وري اهو ايڏو
وڏو شاپنگ مال، بارسلونا ايڪائريم (مڇي گهر)، ماڻهن جي واندڪائي ۾ ويهڻ جون جايون،
ڪيفيٽيريا ۽ ريسٽورنٽ ٺاهيا ويا آهن. هتي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سگريٽن جا سوٽا پي
هنيا، هڪ ٻه پاڻيءَ جا وڏا جهاز به لنگرانداز ٿيل هئا.
ان ٻيٽ تي ڪافي وقت
گذارڻ کان پوءِ اسان ساڳئي رستي يعني لا رامبلا تي واپس ورڻ شروع ڪيو. گيسٽ هائوس
۾ چانهه ڪافي جو بندوبست ته هو، اسان رڳو صبح جي ناشتي لاءِ لا رامبلا اسٽريٽ تان
ئي هڪ سپر مارڪيٽ تان سامان ورتو. آسپاس ٻيا به ڪجهه چوراها نظر آيا، جن تي سراسري
نظر وجهندا اڳتي وڌندا رهياسين ۽ آسپاس جي ريسٽورنٽس تي به نظر ڊوڙائيندا رهياسين
ته رات جو پيٽ پوڄا ڪٿي ڪجي ۽ ڦري سري اچي هڪ ترڪش ريسٽورنٽ تي ويٺاسين. پيٽ پوڄا
کان پوءِ وري هڪ ڀيرو ٻيهر توانائي بحال ٿي وئي ۽ اسان وري هلڻ شروع ڪيو ۽ هلندا
هلندا اچي وري هڪ ڀيرو ٻيهر پلازا/ پلاڪا دي ڪاتالونيا اسڪوائر تي پهتاسين.
هتان هاڻي يا ته
اسان گيسٽ هائوس واپس وڃون يا اڃا به ٿورو هيڏانهن هوڏانهن جو چڪر هڻون. سو مون،
معز ۽ سالار کان پڇيو ته ڇا ارادو آهي، واپس هلون يا اڃا ٿورو گهمون؟ ٻنهي خيال ڏيکاريو
ته اڃا ٿورو گهمون ٿا. اتي لڳي ائين پيو ته ماڻهو هاڻي ٻاهر نڪري رهيا هجن، رش ۽
رونق وڌندي پي وئي. بهرحال، اسان گيسٽ هائوس واري پاسي ويندڙ روڊ طرف مڙڻ بجاءِ سڌو
پاسيج ڊي گراسيا روڊ تي ئي اڳتي وڌندا رهياسين، ۽ هيڏانهن هوڏانهن چڪر هڻندا،
مختلف بين الاقوامي برانڊن جا دڪان ڏسندا ۽ انهي ئي روڊ تي موجود مشهور ڪاسا باتيو
تائين پهچي وياسين. هن ئي روڊ تي ٻيا به ڪجهه مشهور ۽ تاريخي ڪاسا آهن، ڪاسا معنيٰ
گهر يا اپارٽمينٽ، جن جي شايد ڪا تاريخي حيثيت هجي.
ڪاسا باتيو جي
سامهون روڊ جي ٻئي پاسي مئڪڊونلڊ تان مون چانهه ورتي ۽ معز ۽ سالار آئس ڪريم ۽
پوءِ اسان اتان هاڻي واپس گيسٽ هائوس وڃڻ لاءِ موٽ کاڌي. کلندا مشڪري مذاق ڪندا
اسان واپس گيسٽ هائوس واري روڊ تي جيئن جيئن اڳتي وڌندا وياسين ته پهريان ٿوري رش
نظر آئي ۽ پوءِ ٿورو غور ڪيو ته چوڌاري دونهون هو، ۽ ڪجهه ماڻهو هيڏي هوڏي ڀڄندا
نظر آيا. سو اسان به اڳتي وڌڻ بجاءِ وري پوئتي ٿياسين ۽ تڪڙا تڪڙا هلندا واپس مين
روڊ تي پهچي وياسين، ۽ مون سوچيو ته واپس مئڪڊونلڊ ۾ ٿا وڃون. اتي تمام گهڻا مختلف
خيال ذهن ۾ اڀرڻ شروع ٿي ويا، ته الائي ڪو دهشتگرديءَ جو واقعو ٿيو آ، الائي ته ڇاهي.
بهرحال مون جو ماڻهن جا هجوم هيڏانهن هوڏانهن ڀڄندي ڏٺا ته پوءِ مون سوچيو ته مئڪڊونلڊ
پري ٿي ويندو، آس پاس ئي ڪا محفوظ جاءِ ڳولهجي جتي ماڻهو ٿورو انتظار ڪري ته آخر ٿيو
ڇاهي؟ جيئن جيئن اڳتي وڌياسين ته اتي لوهي شيخن جو دروازو نظر آيو ۽ ان جي مٿان هڪ
ال نيسيونال جو بورڊ نظر آيو جنهن جي معنيٰ آهي، آل نيشنل يا قومي. مون معز ۽
سالار کي چيو ته في الحال ايڏانهن ٿا اندر هلون. جيئن جيئن اندر وياسين ته اتي وري
ٻيا ٻه وڏا لوهي شيخن جا دروازا هئا ۽ ڪجهه گيٽ ڪيپرس موجود هئا. انهن اسان کي ڏسي
در بند ڪرڻ جو سوچيو، جو انهن جا هٿ در طرف ويا پر مون اتي ڇهين حس جو استعمال ڪندي
ان مهل ئي معز ۽ سالار کي يڪدم چيو ته نارمل رهو ۽ هنن گلن جي سامهون بيهو ته آءٌ
اوهان جا هتي فوٽو ٿو ڪڍان. ائين ڪرڻ سان انهن گيٽ ڪيپرس کي اهو مئسيج ويو ته اسان
ڪنهن خوف کان هن طرف نه پر عام رواجي سياح جي حيثيت سان ان طرف وڌي آيا آهيون، ۽ جڏهن
معز ۽ سالار فوٽو ڪڍائڻ لاءِ پوز ڏنو ته انهن گيٽ ڪيپرس جا هٿ دروازي تان پاڻ ئي هٽي
ويا. انهن کي خبر هئي ته ٻاهر ڪا گڙ ٻڙ آهي ۽ ماڻهو ڀڄ ڀڄان ۽ خوف ۾ هتي اندر داخل
ٿي سگهن ٿا، سو هو تيار بيٺا هئا ۽ جيئن انهن اسان کي ڏٺو ته انهن کي شق ٿيو ته
اسان به شايد خوف کان اندر داخل ٿيا آهيون پر جڏهن مون سندن باڊي لئنگويج سمجهي ۽
معز ۽ سالار کي يڪدم فوٽو لاءِ چيو ته گيٽ ڪيپرن اهو ئي سمجهيو ته اسان پنهنجي
ليکي ائين ئي هتي داخل ٿيا آهيون.
اسان ٻه چار فوٽو ڪڍي
اندر مس ٿياسين ته پويان جيئن ئي ڀڄندڙ ماڻهو اتي پهتا ته گيٽ ڪيپرن تمام جلدي ۽ ڦڙتيءَ
سان سڀ دروازا بند ڪري ڇڏيا ۽ اسان اندر داخل ٿي وياسين. اندر داخل ٿياسين ته اتي
ماحول ئي ٻيو هجي، انتهائي لگزري قسم جو فوڊ ڪورٽ هو جتي هر شئي موجود هئي ۽ اندر
موجود ماڻهن کي ڪا پرواهه ئي ڪانه هئي يا ڪا خبر ئي ڪانه هئي ته ٻاهر ڇا پيو ٿئي؟
۽ انهن ماڻهن طعام، جام ۽ موسيقي جو مزو پي ورتو.
منهنجي ذهن ۾ عجيب
وسوسا پي آيا، معز وري وڏي تجسس ۾ هو ته هلي ڏسون ته آخر اتي ٿئي ڇا پيو؟ سالار
اتي ٽوئيٽر تي بارسلونا جو ٽرينڊ چيڪ ڪيو ته خبر پئي ته اتي ڪو ڪاتالونيا جي آزادي
پسند تحريڪ جو جلوس هو ۽ انهن کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس انهن تي ٽيئر گيس هلائي
هئي. اسان اتي اڌ ڪلاڪ کن انتظار ڪري پوءِ ساڳئي رستي سان واپس گيسٽ هائوس پهچي
وياسين.
ٻئي ڏينهن صبح جو
سوير آءٌ جڏهن رڌڻي مان چانهه ٺاهي واپس پنهنجي ڪمري ۾ پي ويس ته گيسٽ هائوس جي
جرمن مالڪ تي اک پئجي وئي، جيڪو پنهنجي آفيس جي ڪمپيوٽر تي ڪو ڪم ڪري رهيو هو يا ڪا
اخبار پڙهي رهيو هو. مون کيڪاري چيومانس ته هتي بارسلونا ۾ ڪا گڙٻڙ هلي رهي آهي ڇا؟
۽ کانئس رات واري واقعي بابت معلومات وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. هن کلي ۽ هٿ جي آڱرين تي
پيسن جو اشارو ڪندي چيائين ته سڀني کي پيسا کپن سو گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، مزي سان
گهمو ڦرو.
مون واپس ورندي
سوچيو ته جتي به ظلم هوندو، وسيلن جي ڦرلٽ هوندي، مڪاني ٻوليءَ جي ختم ٿيڻ جو خطرو
هوندو، حد کان وڌيڪ ڌارين جي آبادڪاري هوندي، جتي ڊيموگرافي تبديل ٿيڻ جو خدشو ٿي
پوي ته پوءِ اتي زنده قومون روڊن تي ٽيئر گيس ۽ گولين جي سامهون اچڻ کان به ناهن
گهٻرائينديون، ۽ اهي ٽيئر گيس ۽ گولين جي سامهون ايندڙ قومن جا هيرا هوندا آهن، جن
جو فيصلو تاريخ ڪندي ۽ انهن تي گوليون يا ٽيئر گيس هلائڻ وارا تاريخ ۾ ڀاڙيا ۽
غليظ قرار ڏنا ويندا.
جرمن هڪ دفعو وري
تاڪيد ڪئي ته پاسپورٽ ڪوشش ڪري نه کڻي وڃجو ۽ فون ۽ والٽ پينٽ يا شارٽ جي اڳين
کيسن ۾ رکجو. مون هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي دل ۾ سوچيو ته چاچا اسان سنڌين جو ته هن مهل
تائين الائي ڇا ڇا نڪري ويو آهي، ۽ ڪڍڻ وارا ڪجهه بشني پنهنجا آهن ته ڪجهه پراوا،
۽ اهي سڀ بشني تاريخ ۾ ڏاڍا ذليل ۽ خوار ٿيندا.
ناشتو پاڻي ڪري، تيار ٿي ٻاهر نڪتاسين. بارسلونا جي موسم تمام بهترين هئي.
هر پاسي گهما گهمي هئي، سياح ۽ سندن هٿن ۾ شهر جو نقشو ۽ ٻيون سياحتي گائيڊز هيون.
اسان جو پروگرام هو ته اڄ ڪوشش ڪري گهڻي کان گهڻو پنڌ بارسلونا کي گهمڻو آهي. معز
۽ سالار کي مون چيو ته پنهنجين فونن تي جي پي ايس کي فالو ڪندا هلجو. سڀ کان
پهريان اسان ڪيرير پالائو ڊي لا ميوزيڪا گهٽي ۾ ايڪسپلور ڪاتالونيا جي سياحتي
اداري جي آفيس ۽ اها جاءِ ڏسڻ وياسين جتي اسان کي ٻئي ڏينهن صبح جو سوير بڪ ڪيل ٽرپ
لاءِ پهچڻو هو. اها آفيس گيسٽ هائوس کان تقريبن سوا ڪلوميٽر جي پنڌ تي هئي. آفيس ۾
پهچي پڪ ڪئي ۽ ان کان پوءِ مختلف رستن تان ٿيندا وري اچي پاسيج ڊي گراسيا روڊ تي
پهتاسين، جتي اسان کي اهي مشهور ڪاسا يعني گهر ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ڏسڻا ها. اتي
جيئن پهتاسين ته اتي وري ڪاتالونيا جي آزادي جي تحريڪ وارا هزارن جي تعداد ۾ موجود
هئا. اتي شايد موسيقي به هلي پئي ۽ سڀني کي سندن جهنڊا هٿن ۾ ۽ پٺيءَ جي چوڌاري ويڙهيل
ها. ماڻهو مڪمل چارج ها. پر پوليس بلڪل نظر نه آئي.
منهنجو خيال هو ته
هتان جلد اهي خوبصورت گهر ڏسي نڪرڻ جي ڪجي، ڇاڪاڻ ته ڪجهه به ٿي پي سگهيو. رات
وارو منظر اڃا اسان کي ياد هو. مزي جي ڳالهه ته هڪ پاسي اتي احتجاج به جاري هو ته ٻئي
پاسي سياحن تاريخي جايون ڏسي انهن جو مزو به ورتو پئي. خوف واري صورتحال نظر نه
آئي. اسان اتي آس پاس هڪ دفعو وري ڪاسا باتيو، ڪاسا اماتير، ڪاسا ميلا ايلا
پيدريرا ڏسندا بارسلونا جي تاريخي هنڌ ۽ اتان جي لينڊ مارڪ لا ساگرادا فيميليا طرف
رخ ڪيوسين، جيڪو هتان کان تقريبن ڏيڍ يا ٻه ڪلوميٽر پري هو. لا ساگرادا فيميليا هڪ
بيسيليڪا آهي، جنهن جو درجو عيسائيت ۾ شايد گرجا گهر کان وڏو آهي. موسم ڀلي هجي ته
پوءِ پنڌ گهمڻ جو به واقعي پنهنجو مزو آهي. اسان هلندا گهمندا ڦرندا فوٽو ڪڍندا
اچي لا ساگرادا فيميليا پهتاسين.
لا ساگرادا فيميليا
گذريل ڏيڍ سئو سالن کان اڏاوت جي عمل مان گذري رهيو آهي، جنهن جي اڏاوت ۱۸۸۲ع ۾ شروع ٿي ۽ جيڪا خبر ناهي ته ڪڏهن مڪمل ٿيندي؟
۽ جڏهن مڪمل ٿيندي ته اهو دنيا جو ڊگهي ۾ ڊگهو چرچ هوندو. ڪن جو خيال آهي ته اڏاوت
گهڻي قدر ۲۰۲۶ع ۾ مڪمل ٿيڻ جو انديشو آهي. هن کي يونيسڪو ورلڊ هيريٽيج سائيٽ پڻ ڊڪليئر ڪيل
آهي. ذري گهٽ پنج ملين سياح هر سال هن کي ڏسڻ ايندا آهن، پر گهڻائي اندر ناهي
ويندي ۽ رڳو ٻاهران ڏسي اڳتي وڌندا ويندا آهن، ۽ اسان به انهن مان هئاسين.
لا ساگرادا فيميليا
جي آسپاس اڌ منو ڪلاڪ گذارڻ کان پوءِ اسان اتان بارسلونا جي سمنڊ ڪناري رخ ڪيو، جيڪو
هتان تقريبن چار ڪلوميٽر کن پري هو. آهستي آهستي هلندا گهمندا ڦرندا، فوٽو ڪڍندا
اچي اتان جي سينڊي بيچ پلاچا ڊي ليوانت بيچ تي پهتاسين، جتي تمام گهڻي رش ۽ گهما
گهمي هئي. هونءَ ته بارسلونا جي سمنڊ جو ڪنارو تمام وڏو آهي، پر ماڻهن جي سهولت
لاءِ تقريبن چئن پنجن ڪلوميٽرن ۾ اهڙي قسم جا سينڊي بيچز آهن، جتي ماڻهن جي سهولت
لاءِ هر شيءِ موجود آهي. سمنڊ ڪناري وڏيون وڏيون هوٽلون، ريسٽورنٽ، بار، ڪيفيٽيريا،
سمنڊ ۾ تڙڳڻ کان پوءِ شاور جي سهولت وغيره. لڳي ائين پيو ته ماڻهو هتي سڄو سڄو ڏينهن
گذاريندا هوندا. مايون مرد، ٻار، ڪي سمنڊ ۾ ته ڪي وري واريءَ تي ستل، ڪي پنهنجين ٻيڙين
۾ مشغول ته ڪن وري اتي سيلنگ پي ڪئي، ڪي والي بال به کيڏيا پئي.
هتي اسان کي هڪ پاڪستاني ڇوڪرو به مليو هو، جنهن وٽ
سياحن کي هيڏانهن هوڏانهن گهمائڻ لاءِ سائيڪل به هئي. اسان کي چيائين ته پنڌ تمام
گهڻو اٿوَ، ويهو ته اڳتي ڇڏي اچانوَ، پر اسان ان کي چيو ته اسان پنڌ ئي گهمڻ نڪتا
آهيون ۽ تڪڙ ناهي، مزي مزي سان گهمندا وينداسين ۽ هتي اچڻ جو مقصد به گهمڻ ئي آهي.
اسان پلاچا ڊي ليوانت بيچ کان پوءِ پلاچا ڊي لا نووا
ماربيلا بيچ، پلاچا ڊي لا ماربيلا بيچ، پلاچا ڊيل بوگاٽيل بيچ، پلاچا ڊي لا نووا
ايڪاريا بيچ، پورٽ اولمپڪ بارسلونا کان ٿيندا اچي پلاچا ڊي لا بارسلونا پهتاسين.
هي سڄو ڪنارو هو ته هڪ ئي لائين ۾ پر مختلف هنڌن تي ان کي مخصوص مختلف نالا ڏنل
آهن. پلاچا ڊي لا بارسلونا جي ڀرسان گهڻا رهائشي اپارٽمينٽ به هئا، جن جي درين مان
ٻاهر ڪپڙا سڪڻ لاءِ ٽنگيل هئا. اسان کي اتي ٿوري گرمي به لڳي ۽ ساهه پٽڻ لاءِ آئسڪريم
وٺي هڪ جاءِ تي ويهي رهياسين. بهرحال اتي اسان منجهند جي ماني لاءِ هڪ اڌ ريسٽورنٽ
به ڏٺا پر سمجهه ۾ نه آيا.
اسان اتان کان پوءِ ڦرندا سرندا هڪ ڀيرو وري اچي ساڳيءَ
رات واري جاءِ يعني رامبلا دي مارواري ڪاٺ جي پل، ٻيٽ تي ٺهيل مريميگنم شاپنگ مال
۽ لا رامبلا جي آخري ڇيڙي تي ڪرسٽوفر ڪولمبس واري مجسمي ۽ چونڪ تي اچي پهتاسين.
صبح کان وٺي پنڌ ئي پنڌ گهمڻ جي ڪري ٿوري ٿڪاوٽ ضرور ٿي پئي هئي، سو توانائي بحال ڪرڻ
۽ پيٽ جي پوڄا ضروري ٿي پئي هئي، ان لاءِ اسان وقت وڃائڻ کان بهتر سمجهو ته هلي ساڳئي
رات واري ٽرڪش ريسٽورنٽ تي هلي ٿا منجهند جي ماني کائون. سو هڪ دفعو وري لا رامبلا
تي گهمندا ان ساڳئي ريسٽورنٽ تي پهتاسين. مانجهاندي کان پوءِ اسان هڪ دفعو وري ڪرسٽوفر
ڪولمبس واري چوراهي تان ٿيندا اڳتي شهر طرف وڃڻ شروع ڪيو. اسان جي اڳلي منزل پلازا
/ پلاڪا دي اسپانيا هئي، جيڪا هتان تقريبن اڍائي ٽي ڪلوميٽر پري هئي.
اسان ٽنهي جي ڪوشش هئي ته وڌ کان وڌ شين کي ڏسندا ۽ انهن
جو مشاهدو ڪندا ۽ انهن کي يادگار طور ڪيميرا جي اک ۾ پڻ محفوظ ڪندا هلون. لڳي ائين
پيو ته جيڏانهن ٿا وڃون، سياح رڳو اتي ئي آهن. تمام وڏي رونق لڳي پئي هئي. واقعي
به جيڪي ملڪ سياحن لاءِ موزون آهن، اتي سياح هر سال ملڪ جي اڪانومي ۾ تمام گهڻو
پيسو انجيڪٽ ڪري وڃن ٿا. پلاڪا / پلازا دي اسپينيا بارسلونا جو هڪ اهم ۽ مصروف
چوراهو آهي، هتي آس پاس عمارتون، نيشنل ميوزم آف آرٽ ڪاتالونيا، يادگار، مونتجويڪ
ميجڪ ڦوهارو، جرمن پويلين، ايريناز ڊي بارسلونا، پوبلي اسپانيول، فنِ تعمير جو
اعليٰ مثال آهن. اسان تقريبن چاليهه پنجاهه منٽن ۾ اتي پهچي وياسين، اتي آسپاس جي
ماحول جو مزو وٺي، نيشنل ميوزم جي پاسي وڌڻ شروع ڪيوسين، جيڪو مٿانهين تي ڪنهن ٽڪريءَ
تي هو. ڪٿي ڏاڪڻيون ته ڪٿي وري ايسڪيليٽر هئي، جن جي مدد سان اسان ان جي مک دروازي
تي پهچي وياسين. اتي به وڏي خلق لٿل هئي، ڪي جوڙا ته ڪي وري اڪيلا، ڪي ٻارن سان گڏ
ته ڪي وري ڪتن سان، هر طرف رونق ئي رونق هئي. ميوزم شايد بند ٿي ويو هو، سڀ ماڻهو ٻاهر
ويٺل ها، هتان لڳي ائين پيو ڄڻ اسان پنهنجي هٿ جي تريءَ تي بارسلونا کي ڏسي رهيا
هجون. اتي اسان هڪ ٻئي جا فوٽو پي ڪڍيا ته هڪ پڪي عمر جي مائي جيڪا ڪنهن ايسٽرن
يورپ جي ملڪ جي پي لڳي، اسان وٽ آئي ۽ چيائين ته جيڪڏهن اوهان چاهيو ته مان اوهان
سڀني جو گڏ فوٽو ڪڍان. اسان چيو نيڪي اور پوڇ پوڇ، ڪيميرا ڏيندي اسان به پوز هڻڻ
شروع ڪيا. هتي سج تقريبن لهي چڪو هو. اسان به ميوزم واري ٽڪري تان لهندا هڪ ڀيرو
وري آسپاس جي ماحول جو مزو وٺندا اچي پلازا/ پلاڪا دي اسپينيا پهتاسين ۽ اتان کان
پوءِ وري پلازا/ پلاڪا دي ڪاتالونيا جو رخ ڪيوسين، جيڪو هتان وري ٻه ٽي کن ڪلوميٽر
پري هو. هاڻي رات ٿي چڪي هئي پر رونق اڃا وڌندي پي وئي.
پلازا / پلاڪا دي ڪاتالونيا تي پهتاسين ته، پروگرام اهو ٿيو
ته رات جي ماني کائي پوءِ ٿا گيسٽ هائوس تي هلون، ڇاڪاڻ ته صبح سوير وري بڪ ڪرايل ٽرپ
تي هلڻو آهي، سو بهتر آهي ته هلي آرام ڪجي. ڪاتالونيا اسڪوائر تي معز ۽ سالار جي
اک فائيو گائيز ريسٽورنٽ تي پئي، پوءِ اتي ئي رات جو ماني لاءِ اچي ويٺاسين. هن
فائيو گائيز ريسٽورنٽ وارن جو وري اهو طريقو آهي ته جيستائين کاڌو تيار ٿئي،
تيستائين مفت ۾ بهمنگ ويٺا کائو. اتي بهمنگ کائيندي مونکي موري جا بهمنگ کائڻ جا
شوقين ڪجهه مائٽ ۽ دوست ياد اچي ويا. ان ڏينهن اسان تقريبن ويهه ٻاويهه ڪلوميٽر پنڌ
هليا هئاسين، ڪافي ٿڪاوٽ ٿي چڪي هئي. ماني کان پوءِ ارادو اهو ئي هو ته پيسن جي مٽا
سٽا وارن جي آفيس مان ڪجهه پيسا مٽارائي پوءِ وڃي ٿا گيسٽ هائوس تي آرام ڪيون پر
سائين اڃا ڪٿي، انهن چيو ته پاسپورٽ ڏسڻ کانسواءِ پيسا نٿا مٽائي سگهون، ۽ اسان جا
پاسپورٽ ته گيسٽ هائوس ۾ رکيل هئا. بهرحال هڪ دفعو وري گيسٽ هائوس تي وڃي وري واپس
اچڻو پيو. پر اهي سڀ شيون سفر جي سونهن ۾ شامل آهن. انسان جڏهن سفر ڪري ٿو ته هر
وقت نئين تجربي مان گذري ٿو، جنهن جي ڪري انسان جي سوچ ترقي ڪندي رهي ٿي ۽ انسان
آئيندي جي سفر لاءِ ڪجهه نئون سکي ٿو. ٻئي
ڏينهن صبح جو سوير اٿي تيار ٿي مقرر وقت کان ڪجهه وقت پهريان ئي ڪيرير پالائو ڊي
لا ميوزيڪا نالي گهٽيءَ ۾ ايڪسپلور ڪاتالونيا سياحتي اداري جي آفيس اڏو اچي
پهتاسين. اسان کان اڳ ۾ اتي هڪ آمريڪن جوڙو ۽ سندن پٽ بيٺا هئا، هو ٿورا منجهيل پي
لڳا، اسان کي ڏسندي ئي پڇا ڪين ته اوهان به باگا، ايڪس ليس ترمس ۽ اندورا واري ٽرپ
لاءِ آيا آهيو؟ اسان کين ٻڌايو ته ها بلڪل. پوءِ هو ٿورا رليڪس ٿيا ۽ چوڻ لڳا ته
اسان ٿورا پريشان هئاسين ته صحيح جاءِ تي آيا آهيون الائي نه؟ اسان کين ٻڌايو ته
ها بلڪل اها ئي جاءِ آهي ۽ اسان ڪالهه هتي اچي پَڪَ ڪري ويا هئاسين. پوءِ ته
همراهه به سندس زال کي چوڻ لڳو ته ڏس اهو طريقو صحيح آهي جو ماڻهو پهريان اچي ڏسي
وڃي. اسان هروڀرو صبح کان هتي پريشان بيٺا هئاسين. آهستي آهستي ٻيا سياح به اچڻ
شروع ٿي ويا ۽ تقريبن سڀني جو هڪ ٻئي کان ساڳيو سوال ته اندورا وڃڻ واري ساڳئي ٽرپ
لاءِ هتي بيٺا آهيون؟
اڄ اسان کي اتر اسپين ۾ وچين دور جو ننڍو جابلو ۽ تاريخي
شهر باگا، پيرينيز پهاڙن جو انتهائي سهڻو سلسلو، ڏکڻ فرانس جو هڪ ننڍو جابلو شهر
ايڪس ليس ترمس ۽ اسپين ۽ فرانس ۽ پيرينيز پهاڙن جي وچ ۾ گهيريل تمام ننڍو ۽
خوبصورت ملڪ اندورا ۽ سندس گادي وارو شهر اندورا لا ولا گهمڻو هو.
مسافرن ۾ چوڏهن پندرهن سالن کان وٺي اسي سالن جي عمر جا
سياح هئا. گهڻائي آمريڪين ۽ برطانيه جي سياحن جي هئي. جڏهن ڪوسٽر ۾ سفر شروع ٿيو
ته صبح جي هلڪي هلڪي روشني ٿيڻ شروع ٿي. هن سفر جي سونهين ٻڌايو ته صبح سوير نڪرڻ
جا ٻه مقصد آهن، هڪ ته سفر وڏو آهي ۽ ٻيو ته جيڪڏهن دير ڪري نڪربو ته صبح جو سوير
تمام گهڻي رش ٿي ويندي ۽ نڪرندي نڪرندي هرو ڀرو دير ٿي ويندي ۽ گهمڻ لاءِ منصوبو ڪيل
جايون رهجي وڃڻ جو خدشو رهي ٿو.
ان کان سواءِ سفر ۽ سڄي ڏينهن جي سرگرمين متعلق ڪافي
شيون ٻڌايائين. حقيقت ۾ صبح صبح جو ڪير به سونهين جي ڪمينٽري ۾ ڪا خاص ۽ گهڻي
دلچسپي نه پيو وٺي. بارسلونا کان ٿورو ٻاهر نڪتاسين ته سونهين، هڪ مخصوص علائقي ڏانهن
اشارو ڪندي ٻڌايو ته هن ايريا ۾ فوٽ بال جي وڏن نالي وارن کلاڙين جا وڏا ۽ عاليشان
گهر ٺهيل آهن. ڪوسٽر جيئن جيئن بارسلونا کان پري ٿيندو پي ويو، تيئن تيئن قدرتي
نظارا پڻ شروع ٿيندا ويا پر ڪافي ڪوهيڙو پڻ هو، جنهن جي ڪري ٿڌ جي ڪيفيت پي محسوس ٿي.
ٿوري دير کان پوءِ اسان محسوس ڪيو ته تقريبن سڀ سياح ستل هئا. ڪالهوڪي ٿڪاوٽ، رات
دير سان سمهڻ ۽ وري صبح جو سوير اٿڻ ۽ مٿان وري جو ڪوسٽر ۾ سڀ سمهي رهيا ته اسان
کي به ننڊ جا ڪجهه جهوٽا آيا. پهاڙن جو خوبصورت سلسلو به شروع ٿي ويو هو، ڪٿي ڪٿي
پهاڙن ۾ گهيريل پري پري گهر ۽ گرجا گهر پڻ نظر اچن پيا. گهرن جي ڇتين ۽ گرجا گهرن
جي مينارن تي صبح جي سج جا پهريان ڪرڻا پئجي رهيا هئا، ڪٿي ڪٿي پالتو جانور پڻ
چرندي نظر آيا، لڳي ائين پيو ته آس پاس جا ڳوٺ اڃا هاڻي جاڳي رهيا آهن. صبح جو اهو
ماحول انتهائي پُرسڪون ۽ وڻندڙ هو.
نائين صديءَ ۾ آباد ٿيل انتهائي خوبصورت ڪارڊي رينج جي
پهاڙن جي واديءَ ۾ ٻه سوا ٻه هزار آبادي وارو هيءُ باگا شهر بارسلونا کان تقريبن
سؤ ڪلو ميٽر پري هو، اسان جيئن ئي شهر جي ويجهو پهتاسين ته گائيڊ ٻڌايو ته هاڻي پاڻ
جلد باگا پهچنداسين ۽ هتي پاڻ وٽ ڪلاڪ سوا آهي، جنهن ۾ هي شهر جو چڪر ڏياريندي ان
بابت آگاهي ڏيندو ۽ اهو به اعلان ڪيائين ته فلاڻي وقت تي پاڻ هتي ئي هن پارڪنگ ۾
ملنداسين. سڀ کان پهريان ته شهر جي هڪ ننڍي چوراهي تي وٺي هليو جتي هڪ ڪيفيٽيريا ۽
ٻي هڪ بيڪري هئي، جتان ماڻهن پنهنجي پنهنجي پسند جو ناشتو ورتو، هر شيءِ تازي ٺهيل
هئي، جيئن پاڻ وٽ ننڍن شهرن ۾ صبح جو ماڻهو تازا پاپا، کارا يا ٻئي قسم جا بسڪيٽ وٺڻ
ويندو آ، ته هتي به ائين محسوس ٿيو ته ماڻهو صبح صبح جو ناشتي پاڻيءَ جو سامان وٺڻ
پي آيا. چند ماڻهن وري ڪيفيٽيريا جي مالڪ مرد ۽ عورت سان ڪچهري به پئي ڪئي ۽ ڪافي
به پئي پيتي ته اخبار به پئي پڙهي. شايد اخبار جي خبرن تي تبصرو پي ڪين.
اسان به اتان ڪجهه کائڻ پيئڻ جو سامان ورتو ۽ گائيڊ جي
پويان هلڻ شروع ڪيو، جيڪو هن پهاڙي شهر ۾ اسان کي گهمائيندو رهيو ۽ معلومات پڻ ڏيندو
رهيو. پٿر جي سرن سان ڪٿي ويڪريون ته ڪٿي سوڙهيون ۽ هيٺ مٿي ٺهيل گهٽيون ۽ انهن
جون ڏاڪڻيون ۽ هر گهٽيءَ جو نالو ۽ انهن ۾ بجليءَ جا گلوب لڳل، گهٽين ۾ مينهن جي
پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ پڻ جوڳو بندوبست ٿيل هو. صفائي انتها جي هئي. ڪٿي ڪٿي گهرن
جي ڇتين ۾ ڪاٺ جا گارڊر ۽ ٽيئر پڻ نظر آيا.
ڪافي گهرن جي بالڪنين
۾ مختلف گلن جون ڪونڊيون پڻ نظر آيون ۽ ڏاڪڻين تي وري وَليون ۽ ڪٿي ڪٿي وري وڻن جي
بنڊن کي وچان کوکلو ڪري ان ۾ مٽي ڀري ان ۾ پڻ مختلف گل ۽ ٻوٽا پوکيل ها، جيڪي
ماحول کي انتهائي خوبصورت بڻائي رهيا هئا. اسان پلازا پورڪسڊا چونڪ ڏسڻ کان پوءِ
شهر جي وڏي عمارت پراڻو گرجا گهر سينٽ ايسٽيو ڊي باگا گهميو، جنهن جي ڀرسان وري هڪ
پهاڙي پاڻيءَ جو نالو گذري ٿو، جيڪو ان جي خوبصورتي ۽ رونق کي وڌائي پيو. واديءَ ۾
پري موجود گهرن مان ڪٿي ڪٿي صبح سوير وارو دونهون پڻ نڪري رهيو هو، سچ پچ ته آءٌ
ته رڳو ان جي ئي سحر ۾ گم ٿي ويس.
ڪلاڪ سوا باگا ۾
گذارڻ کان پوءِ اسان جي اڳلي منزل فرانس جو هڪ ننڍو شهر ايڪس ليس ٿرمس هو. باگا
مان نڪرڻ کان پوءِ پيرينيز پهاڙن جو خوبصورت سلسلو به شروع ٿي ويو هو، جيڪو اسپين
۽ فرانس جي وچ ۾ قدرتي بارڊر پڻ ليکيو وڃي ٿو. اصل ۾ اسان جڏهن بارڊر ڪراس ڪيو ته
اسان کي ته سچ ۾ خبر ئي نه پئي ته هاڻي اسان فرانس ۾ داخل ٿي چڪا آهيون، پر اسان
واري گائيڊ اسان جو ان ڳالهه طرف ڌيان ڇڪايو. پيرينيز پهاڙن جو سلسلو انتهائي سهڻو
هو، اک کٽيو وڃي پر پهاڙن جو سلسلو نه پيو کٽي. هڪ ٻئي جي پٺيان وڏيون وڏيون خوبصورت
چوٽيون ٿي نظر آيون. انهن جي وچ ۾ وڻ ۽ وري گهاٽن وڻن جي وچ ۾ ڪٿي انتهائي سهڻا
گهر ۽ انهن جي آسپاس پالتو جانورن جا فارم، اتي رهندڙ ڳوٺاڻن جون ڪارون ۽ ٽريڪٽر پڻ
نظر پي آيا. سرءُ جي مند جي ڪري وڻن پنهنجو رنگ بدلائڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. گهڻائي ڦڪي
رنگ جي وڻن جي هئي. مون ايترو قدرتي ماحول ڏسي سوچيو ته هي ٽرپ هڪ ڏينهن جي ڪرڻ جو
نه پر هتي ته ماڻهو ڪجهه گهڻو وقت گذاري ۽ شين جو وڌيڪ ويجهڙائيءَ سان مشاهدو ڪري.
ڪٿي ڪٿي مٿي پهاڙن
جي چوٽين تي برف به نظر پي آئي ۽ قدرتي پاڻيءَ جا وهڪرا پڻ تيزيءَ سان وهي رهيا
هئا، جن جي مٿان ننڍيون ننڍيون پليون اڏيل آهن. انهن پهاڙن جي هن واديءَ جي پورٽا
واري علائقي جي هڪ ڳوٺ جي تمام ننڍي پر انتهائي خوبصورت برٽنس گيئر نالي هڪ ريلوي
اسٽيشن نظر آئي، مون کي اتي ڪوئٽا ويندي واٽ تي ايندڙ آب گم، مچ ۽ ڪولپور جون
خوبصورت ريلوي اسٽيشنون ياد اچي ويون. ايڪس ليس ٿرمس شهر کان ڪجهه پهريان شهر جي ٻاهران
پٿر جي سرن سان ٺهيل ڀت تي ويلز ڊي ايڪس جو بورڊ نظر آيو، جنهن تي هن علائقي ۾ ٿيندڙ
مختلف سرگرمين بابت ڄاڻ ڏنل هئي، جن ۾ اسڪيننگ، گرم چشمن ۾ وهنجڻ يا پير پسائڻ ۽ ٻيو
وري قدرتي ماحول ۾ ٽريڪنگ يا هائڪنگ ڪرڻ جا نشان لڳل هئا.
پيرينيز پهاڙن جي
واديءَ جي وچ ۾ گهيريل ۽ ٽن دريائن اوه ييج، ارييج ۽ لوزجي سنگم تي آباد شهر ايڪس
ليس ٿرمس ۾ داخل ٿياسين ته عمارتن جي فن تعمير اسپينش مان ڦري فرينچ ٿي چڪي هئي. ڪوسٽر
جيئن ئي پارڪنگ ۾ داخل ٿيو ته گائيڊ ٻڌايو ته پاڻ وٽ گهمڻ لاءِ تقريبن ڪلاڪ سوا
آهي، ۽ گهمي ڦري واپس مقرر وقت تي هتي ئي اچي وڃجو. هي شهر باگا کان وڏو هو. هي
شهر اونهاري ۾ قدرتي ماحول ۾ هائڪنگ لاءِ مشهور آهي ۽ سياري جي سرگرمين ۾ وري هتي
اسڪيننگ پهرين نمبر تي اچي ٿي. ان کان سواءِ ماڻهو هتان جا قدرتي گرم چشما ڏسڻ
ايندا آهن. گهڻا شايد ڪن بيمارين جي علاج لاءِ به اچن ٿا. هن شهر ۾ موجود گرم چشمن
جو گرمي پد پيرينيز جي پهاڙن ۾ موجود ٻين گرم چشمن کان وڌيڪ آهي. اهڙي قسم جي گرم
چشمن ۾ سلفر هجي ٿو، جيڪي پاڪستان ۾ به مختلف جاين تي آهن.
معز، سالار ۽ مون
پارڪنگ مان نڪري ٻين سياحن سان گڏ هلڻ شروع ڪيو. روايتي طور تي شهر جي هڪ پاسي
گرجا گهر هو، ۽ ٻئي پاسي شهر جي بازار ۾ وڃڻ لاءِ گهٽي. لڳي پيو ڪاروباري ماڻهو
سياحن جي آمد ڏسي خوش ٿيا. ريسٽورنٽس، ڪيفيٽيريا، بيڪري، کاڌي پيتي جا دڪان، دوائن
جي فارميسي ۽ ان کان علاوه شهر جي هڪ ڪافي وڏي چوڪ تي هڪ گرم چشمي جو ننڍو پول سنگ
مرر يا موزائق جي پٿرن سان ٺهيل هو، جنهن جي چوڌاري ماڻهو اتي ويهي يا بيهي،
پنهنجا هٿ پير پسائي پي سگهيو. اسان رڳو هٿ پسائي ڏٺا ۽ فوٽو وغيره ڪڍيا. ان گرم
چشمي جي پول جي آسپاس هڪ وقتي طور تي بازار پڻ لڳل هئي، جتي ڪافي مختلف قسم جو سامان
موجود هو. خاص ڪري هٿ سان اڻيل گرم مفلر، هينڊ گلووز، ڪاٺ جو سامان، گلن جا دڪان،
فروٽ وغيره جا دڪان. اهڙي قسم جون بازارون دڪاندار صبح سوير اچي لڳائيندا آهن ۽
شام ڌاري وري انهن بازارن جو اتي وجود ئي ناهي هوندو. اهڙي قسم جي بازارن کي موسمي
يا سيزنل مارڪيٽ به چئجي. هن بازار جي ڀرسان هڪ همراه ميوزڪ وڄائي ماڻهن کان داد
به وصول ڪري رهيو هو ۽ پيسا به ڪمائي رهيو هو. اسان هتي محسوس ڪيو ته گل تمام گهڻن
قسمن جا هئا، جيڪي اتي پوکيل ته هئا ئي پر ان سان گڏوگڏ وڪڻڻ لاءِ پڻ موجود هئا.
شهر جون گهٽيون پٿر جي سرن سان ٺهيل هيون، ماحول انتهائي صاف سٿرو ۽ وڻندڙ هو.
ان کان پوءِ اسان
شهر ۾ هيڏانهن هوڏانهن هلڻ شروع ڪيو، هڪ جاءِ تان درياهه جي پل پار ڪري ٻئي پاسي ٿوري
چڙهائي طرف وڃڻ شروع ڪيوسين. هتي جيڪو درياهه هو، شايد اهو اوه ييج درياهه هو. هتي
درياهه جو پيٽ ڪو ايڏو وڏو نه هو، ائين چئي سگهجي ٿو، جيئن پاڻ وٽ ڪنهن جبل مان هيٺ
وهي ايندڙ تيز پاڻي جو نالو هجي. اسان ان رستي تي ڪافي اڳتي وڃي پارڪ دو تش ۾ ويٺاسين،
جتي ٻيا به ڪجهه سياح موجود هئا. ڪجهه وري اڃا اڳتي هڪ ننڍي پهاڙي چوٽيءَ طرف پئي
ويا جتي ڪي وڏا مجسما لڳل هئا. اسان جنهن پارڪ ۾ ويٺا هئاسين اتي پاڻيءَ جو هڪ وڏو
تلاءُ يا کڻي چئجي ته هلڪي رفتار سان وهندڙ وهڪرو هو، جنهن ۾ مڇيون به ڪافي تعداد
۾ پي ڦريون، ۽ اسان کي ڏٺن ته اسان طرف هليون آيون. اسان ان ۾ ڪجهه بسڪيٽ وڌا ته مڇين
جو تعداد اڃا به وڌي ويو، پوءِ ته تلاءَ جي جنهن پاسي به وياسين ٿي ته مڇين اسان
جو پيڇو پي ڪيو. هن پارڪ ۾ وڻن مان ٺهيل مجسما، صنوبر ۽ ٻين قسمن جا وڻ، انهن مان ڪجهه
وڻ ته ڪي صديون پراڻا هئا. آس پاس جي هنن وادين جي ماڻهن جو گهڻي قدر روزگار جو
ذريعو يا ته زمينداري آهي يا چوپايو مال پالڻ ۽ ان سان گڏوگڏ سياحتي سرگرمين سان به
گهڻا ماڻهو پنهنجو روزگار ڪن ٿا.
بهرحال، ٿوري دير
اتي گذاري اسان شهر طرف وري واپس هلڻ شروع ڪيو، ۽ پوءِ وري درياهه جي ڪناري سان
هلندا هلندا اڳتي نڪري وياسين. شهر ۾ موجود هڪ ٻه ٻيون پلون به ڪراس ڪيونسين ۽ هڪ
دفعو وري اسان درياهه جي ڪناري سان هلندا رهياسين. هيءُ شايد ساڳيو درياهه هو
الائي ته ٻيو، پر هتي درياهه جو پيٽ وڏو هو. انتهائي سهڻو شهر، مٿان وري پيرينيز
پهاڙن جو سلسلو، شهر جي چوڌاري پهاڙن ۾ موجود وڻن جو رنگ ڦڪو ٿيڻ شروع ٿي چڪو هو.
مون اتي سوچيو ته هيءَ وادي اڳتي هلي سياري جي مند ۾ برف جي اڇي چادر جو ويس
پهريندي. اسان مقرر وقت کان ٿورو اڳ ۾ اچي هڪ ڪيفيٽيريا تي ويٺاسين جتي ٿوري گهڻي
پيٽ پوڄا ڪئي ۽ پوءِ ٻين سياحن سان گڏجي واپس پارڪنگ ۾ ڪوسٽر وٽ اچي وياسين.
هاڻي اسان جي اڳلي
منزل انتهائي خوبصورت پيرينيز پهاڙن جي وچ ۾ گهيريل لڳ ڀڳ اسي هزارن جي آبادي واري
۽ يورپ جي ڇهون نمبر ننڍي ۾ ننڍي ملڪ اندورا جا منظر ڏسندا ملڪ جي گاديءَ واري شهر
اندورا لا ولا پهچڻو هو، جيڪو هتان کان ڪلاڪ سوا جي پنڌ تي هو. اسان هاڻي اصل ۾ ايڪس
ليس ٿرمس کان وري هڪ دفعو ڪجهه واپس اچي پوءِ اندورا واري روڊ سان هلڻ شروع ڪيو.
هي اسان جي اصل ۾ بارسلونا لاءِ واپسي هئي پر ٻئي رستي سان جنهن ۾ اسان کي اندورا
گهمي اتان اڳتي يعني بارسلونا واپس وڃڻو هو.
ڪجهه وقت هلڻ کان
پوءِ اسان محسوس ڪيو ته ڪوسٽر هاڻي تمام گهڻي چڙهائي تي وڃي رهيو هو ۽ پهاڙن جي
خوبصورتي اڃا کلي واضع ٿيندي پي وئي. اندورا ۽ فرانس جي بارڊر تي پهتاسين ته اسان
جي گائيڊ پڇيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي پنهنجي پاسپورٽ تي يادگيري لاءِ رسمي طور تي
اندورا جو ٺپو لڳرائڻو هجي ته ڀلي اهي پاسپورٽ ڏين، معز، سالار، مون ۽ تقريبن ٻين
سڀني پنهنجا پاسپورٽ گائيڊ کي ڏنا. جيستائين گائيڊ پاسپورٽن تي ٺپا هڻائڻ ويو،
اسان اتي ڪوسٽر مان لهي آس پاس پيرينيز جي پهاڙن جي تمام خوبصورت چوٽين ۽ منظرن جو
ديدار ڪرڻ لاءِ وياسين ۽ فوٽو گرافي ڪئيسين. سچ پچ ته اهي منظر وسرڻ جا ناهن. جيئن
جيئن ڪوسٽر مٿي چڙهائيءَ تي پيو وڃي، تيئن تيئن پهاڙ نکري نروار پي ٿيا. مون کي
اتي پاڪستان جا اتريان علائقا ياد آيا، جتي جيئن جيئن مٿي چڙهائي طرف وڃبو آهي ته
رستا زگ زيگ يا ورن وڪڙن وارا ٿيندا ويندا آهن، هتي به ساڳي ڳالهه هئي.
تقريبن اڌ پنڌ تي
وري هڪ جاءِ تي ڪوسٽر بيهاريائون، جتان آس پاس جو نظارو تمام بهترين هو، اسان هاڻي
تقريبن پهاڙن جي چوٽين کان ڪو ٿورا هيٺ هئاسين، هتي پهاڙن جون چوٽيون واضح نظر اچي
رهيون هيون جن تي برف پڻ هئي، جيڪا شايد رجندي ئي ڪانه هوندي ته وري مٿان ٻي پئجي
ويندي هوندي. جتي اسان بيٺا هئاسين اتان ڪافي هيٺ تمام خوبصورت اپارٽمينٽس جون
عمارتون نظر اچي رهيون هيون، اسان اصل ۾ انهن جي ڀرسان هيٺان ٿي آيا هئاسين پر
هتان مٿان کان واقعي نظارو انتهائي سهڻو هو. هاڻي اتي اسان کي هوا انتهائي فريش يا
تازي محسوس ٿي رهي هئي ۽ موسم به پهريان کان ڪجهه ٿڌو ٿي ويو هو. اتي به اسان کوڙ
نظارن جا فوٽو ڪڍيا ۽ مون، معز ۽ سالار به ڪافي پوز هڻي فوٽو ڪڍرايا. سفر کان پوءِ
يادون ئي رهجي وڃن ٿيون، جيڪي ڪڍيل فوٽن جي ذريعي وقت به وقت تازيون ڪري سگهجن ٿيون.
اتان وري ڪجهه دير هلڻ کان پوءِ وري هڪ دفعو هڪ جاءِ تي اندورا لا ولا کان ڪجهه
پهريان ڪوسٽر هڪ جاءِ تي هلي بيهاريائون. اتي پهاڙن جي وچ ۾ هڪ ڪاٺ ۽ پٿرن جي وچ ۾
ڪو مٽيريل ڀريل گهر ٺهيل هو، پيرينيز پهاڙن جي وچ ۾ اهڙي قسم جو گهر جنهن جي ٽڪنڊي
ڇت مان وري دونهين لاءِ چمني نڪتل هجي ۽ اهڙي قسم جو منظر وري منهنجي سامهون هجي
ته پوءِ قدرت جو اهڙو نظارو ڏسڻ کان پوءِ دل مان پاڻ ئي سبحان الله نڪري وڃي ٿو.
ان گهر جي پويان وري انهن جي جانورن جو فارم هو، جتي اسان کي ڍڳيون نظر آيون، هل ڇا
ته خوبصورتي جي انتها هئي، منهنجو اندازو آهي ته اهو گهر ۽ فارم شايد رڳو اونهاري
جي مند ۾ استعمال ٿيندو هوندو.
سفر هڪ دفعو وري
شروع ٿيو ۽ سڀني سياحن تي آس پاس جي خوبصورتيءَ جو سحر طاري هو. ڪجهه وقت کانپوءِ
اسان جي گائيڊ اعلان ڪيو ته هو پنجن کان هيٺ ابتي ڳڻپ ڳڻيندو ۽ جڏهن اها ڳڻپ هڪ تي
پهچي ته سڀ ڪوسٽر جي سامهون واري شيشي مان ڏسجو ۽ هن جڏهن ابتي ڳڻپ شروع ڪئي ته
اسان سڀ تجسس ۾ هئاسين ۽ جڏهن هڪ تي پهتو ته اسان جي سامهون پيرينيز پهاڙن جي
خوبصورت وادي ۾ اندورا جي گادي وارو شهر اندورا لا ولا نظر آيو. ٻارنهن اسڪوائر ڪلو
ميٽرن تي مشتمل اندورا لا ولا يورپ ۾ اونچي ۾ اونچو يا بلند سطح تي گادي وارو شهر
آهي.
اندورا جي سرڪاري ٻولي
ڪاتالان آهي. اندورا پڻ اسڪينگ جي لاءِ تمام گهڻو مشهور آهي ۽ هتي ٽيڪس ۾ به ڇوٽ
هوندي آهي، ان ڪري ماڻهو هتان ڪافي خريداري ڪندا آهن. تقريبن اٺ ڏهه ملين سياح هر
سال اندورا گهمڻ لاءِ اچن ٿا پر ان هوندي به تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته اهو به ڪو
ملڪ دنيا جي نقشي تي موجود آهي. حالانڪه اندورا ملڪ تمام پراڻو آهي. اندورا جو
پنهنجو سڪو ڪڏهن به ناهي رهيو، يورو کان پهريان هتي اسپين ۽ فرانس جو سڪو هلندو هو
۽ ملڪ ۾ هن مهل تائين پنهنجو ڪوبه هوائي اڏو ناهي. ملڪ ۾ تماڪ جي تمام گهڻي
پيداوار آهي ۽ هتان جا ماڻهو دنيا ۾ پهرئين نمبر تي سگريٽ ڇڪڻ ۾ اچن ٿا. هتي گهڻي
قدر ماڻهو ٽيڪس فري خريداري ڪرڻ اچن ٿا، خاص ڪري سگريٽن جي خريداري. ملڪ ۾ فوج به
نه هئڻ جي برابر يا تمام ٿوري ۽ رسمي آهي، جنهن صدين کان ڪابه جنگ ناهي وڙهي. اندورا لا ولا شهر ۾ اسان کي ڪلاڪ ٻه هئا، جنهن
۾ اسان کي شهر به گهمڻو هو ۽ ٿوري گهڻي پيٽ پوڄا پڻ ڪرڻي هئي، اسان پارڪنگ کان سڌو
شهر جي وچ مان وهندڙ لا ويليرا درياهه جي ڪناري سان هلندا اچي پئرس برج تي
پهتاسين، جيڪا هن شهر جي مشهور ماڳن مان هڪ آهي، جنهن تي شهر جو نالو پڻ لکيل آهي.
اتي مون، معز ۽ سالار ڪافي فوٽو ڪڍرايا ۽ آس پاس جي نظارن جا فوٽو پڻ ڪڍيا. ڪي
شيون جيڪي رڳو فوٽن ۾ ڏٺل هجن ۽ وري جڏهن ماڻهو انهن کي پنهنجي نطرن سان اڳيان ڏسي
ٿو ته ڪافي مزو ۽ خوشي محسوس ٿئي ٿي. اتان واپس اچي پوءِ اسان شهر جي مک خريداري
واري گهٽي جو رخ ڪيو. هلندي هلندي اسان کي اتي هڪ همراهه نظر آيو، جنهن ٽانڊن تي
لاهوري گجرون پئي پچايون جيڪي لڳي پيو ته هتي ڪافي مشهور آهن پر انهن کي هتي سئيٽ
پٽيٽو ٿا چون. مزي واري ڳالهه ته ان همراهه وٽ تورڻ لاءِ اڃا به لوهه وارا وٽ ڪانٽا
ها، اتي مون کي بابا جو دڪان ياد اچي ويو، جتي اهي وٽ ۽ ڪانٽا اسان گهڻو وقت
استعمال ڪيا. گجرون به کائيندا رهياسين ۽ هن مک گهٽي جو پنڌ ئي پنڌ ديدار به ڪندا
پئي هلياسين. اسان کي اتي اسان وارو گائيڊ به مليو، جنهن اسان کي گجرون کائيندي ڏٺو.
اسان کان پڇيائين ته وڻيون؟ اسان چيس ها، اسان وٽ پاڪستان ۾ به اهي ٿينديون آهن،
فرق رڳو اهو آهي ته هتي ٿوريون ڳاڙهه سريون آهن ۽ پاڪستان ۾ اڇي رنگ جون. اسان پنڌ
ڪندا گهٽي جي آخر تائين وياسين ۽ وري اتان موٽ کاڌيسين. هن گهٽي ۾ يورپ جي ٻين
شهرن وانگر هر برانڊ جي شين جا دڪان موجود هئا. اسان وٽ اڃا به ڪجهه وقت هو، سو
سوچوسين ته هلڻ کان پهريان ٿورو ڪجهه کائجي ته ڀلو ٿيندو سو مئڪڊونلڊ تي اچي ويٺاسين.
بارسلونا اسان جي
واپسي هاڻي ٻئي رستي کان هئي، يعني واپسي ۾ اسان اندورا کان سڌا اسپين ۾ داخل ٿي
وياسين ۽ هن پاسي اسان کي وڌيڪ زرعي فارم ۽ فصل نظر آيا. تقريبن اڌ پنڌ تي هڪ ريسٽورنٽ
ڪان بائيس نالي تي اچي بيٺاسين، جتي پيئڻ جو سامان اسان جي ٽوئر ۾ شامل هو، ٻين سڀني
کان سواءِ اسان رڳو ڪوڪا ڪولا ۽ موسمي جو جوس پيتو. مون محسوس ڪيو ته جنهن رستي
سان صبح ويا هئاسين اهو روٽ وڌيڪ خوبصورت هو. اسان جڏهن واپس بارسلونا پهتاسين ته
اوندهه ٿي چڪي هئي ۽ پلازا دي ڪاتالونيا پنهنجي پوري جوڀن تي هو. معز، سالار ۽ مون
اتي فيصلو ڪيو ته هتي ئي گهمي ڦري ۽ رات جي ماني کائي پوءِ گيسٽ هائوس تي ٿا هلون،
پوءِ اتي ئي ڪافي وقت گذاري ۽ رات جي ماني کائي پوءِ واپس روانا ٿياسين، رونق تمام
گهڻي هئي، دل نه پئي چيو ته وڃجي پر ڪافي ٿڪاوٽ جي ڪري اهو سوچيوسين ته بس اڄ لا
ايترو ئي ڪافي هو ۽ پوءِ گيسٽ هائوس تي اچي آرامي ٿياسين.
بارسلونا ۾ آخري ڏينهن
تي اسان کي ڪا هروڀرو جي تڪڙ ڪانه هئي، صبح جو مزي سان اٿي، تيار ٿي، ناشتو پاڻي ڪري،
ڪجهه رهيل شين کي ڏسڻ جو پروگرام رٿيوسين. ساڳئي طريقي سان اسان وري پنڌ ئي پنڌ
گهمڻ شروع ڪيو ۽ هلندا هلندا اچي پالائو ڊي لا ميوزيڪا واري گهٽي ۽ چونڪ گهمندا
رهياسين ۽ اتان وري مختلف گهٽين مان ٿيندا پلازا ڪاتالونيا پهتاسين ۽ ان جي آس پاس
مختلف برانڊن جا دڪان ۽ مختلف ڪاسا ڏسندا رهياسين. شايد ان ڏينهن اسان اتي منجهند
جو پيزا سان پيٽ جي پوڄا ڪئي. معز ۽ سالار جو شوق هو ته پاڻ کي دنيا جي مشهور ۽
يورپ جي وڏي ۾ وڏي فٽبال جي اسٽيڊيم ڪئمپ نو پڻ ڏسڻ گهرجي، سو ان لاءِ اسان زمين
اندر هلڻ واري ريل گاڏي ۾ چڙهي اتي وياسين، اسٽيڊيم ۽ ان جي آس پاس ڪافي وقت گذارڻ
کان پوءِ اتي موجود فٽبال سان لاڳاپيل شين جي دڪان جو چڪر هنيوسين. اتان واپس اچي
وري ڦرندا اچي لا رامبلا پهتاسين، ان وقت اتي رش گهٽ هئي. ان کان علاوه اسان لا
رامبلا جي ڀرسان ئي بارسلونا جي پراڻي ۾ پراڻي مارڪيٽ لا بوڪيريا وياسين، اندر ڀانت
ڀانت جا کاڌي جا دڪان هئا، خاص طور تي سڪل گوشت، وائين جا دڪان هئا. اتي تازن ۽ سڪل
ميون، ڀاڄين، پنير، چانهه، ڪافي، چاڪليٽ وغيره جا دڪان پڻ نظر آيا. اسان اتي تازن
ميون ۽ سڪل انب جو مزو وٺي ڏٺو. اتان کان پوءِ ڦري سري اسان ڪيٿيڊرل ڊي بارسلونا
پهتاسين، هتي ڪافي رش هئي، ماڻهن ڪيٿيڊرل جي ڏاڪڻين تي ويٺي ويٺي ڀرسان هڪ وڏي عمر
واري همراهه جي ميوزڪ جو مزو پئي ورتو، جنهن سندس گٽار تي ڪا ڌن ڇيڙي هئي. اتان
کان پوءِ ان جي ڀرسان ئي اسان گوٿڪ ڪوارٽر ڏسڻ وياسين، جيڪو چيو وڃي ٿو ته
بارسلونا جو پراڻو پاڙو، خوبصورت ۽ اتان جي دل جي حيثيت رکي ٿو. اتي به ڪافي سياحن
جي رش هئي. اسان به ان گهٽيءَ ۾ پهتاسين، جتي هڪ گهٽي جي آمهون سامهون پراڻي دور
جي گهرن جي مٿئين حصي جي ڀتين جي وچ ۾ هڪ چبوتري نما ڪوٺي ٺهيل هئي ۽ آس پاس ٻيون
به ڪجهه پراڻي رومن دور جون عمارتون هيون.
شام جو واپس گيسٽ
هائوس ڏانهن ويندي معز کان مون جڏهن سندس ويوز ورتا ته سندس خيال هو ته هي شهر ڏکڻ
يورپ جو هڪ مڪسڊ شهر آهي. عمارتن ۽ شهر ۾ ٺهيل مجسمن مان لڳي ٿو ته هي رومن اثر هيٺ
تمام گهڻو رهيو آهي ۽ هتي ڪافي عربن جو جنهن ۾ اسلام جو اثر به نظر اچي ٿو. شهر
تمام گهڻي آبادي وارو آهي پر اها وڏن شهرن جي نيچر هوندي آهي. معز جو وڌيڪ خيال هو
ته هتي جيڪي وچين دور جون عمارتون يا گهٽيون آهن، اهي انگريزن جي وچين دور کان
تمام بهتر آهن. معز وڌيڪ پنهنجا خيال ونڊيندي ٻڌايو ته هتي گهڻائي ٻاهران آيل ماڻهن
جي گهڻي قدر گذريل اسپين جي سلطنت جي ماڻهن جي آهي، خاص ڪري ميڪسيڪن مايا ۽ ازٽيڪ
نسل جي ماڻهن جي. سندس وڌيڪ خيال هو ته هتي ارجنٽائين ۽ چلي جي ماڻهن جي به گهڻائي
آهي، جيڪي لاطيني يا اسپينش ٻولي ڳالهائين ٿا ۽ انهن ۾ سرفهرست فٽبال جو مشهور کلاڙي
ميسي پڻ اچي وڃي ٿو، جنهن جو اصل تعلق ارجنٽينا سان آهي.
اسان رات جو ماني
کائڻ لاءِ نڪتاسين ته، سوچيوسين ته اڄ ڪنهن ٻئي رستي سان ٿا هلون، پوءِ گيسٽ هائوس
مان نڪري مڪمل ٻئي پاسي وياسين ۽ اتي دي آرڪ ڊي ٽرائمف گهمندا گهمندا وري هڪ دفعو
اچي لا رامبلا تي ٽرڪش ريسٽورنٽ تي ويٺاسين ۽ رات جي ماني کان پوءِ به هتي هتي
گهمي گيسٽ هائوس ڏانهن واپس ورياسين. ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اسان جي لنڊن واپسيءَ
لاءِ فلائٽ هئي.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾، پنجن قسطن منجھ، ۰۵ کان ۰۹ آگسٽ ۲۰۲۱ع تائين ڇپيل)
No comments:
Post a Comment