قمبر کان رني ڪوٽ جو
فيملي ٽوئر
خادم رند
ڪافي ڏينھن
کان گهرڀاتين پاران رني ڪوٽ گهمڻ بابت ڳالھ ٻولھ ٿي رھي ھئي. آخر آچر ۳۰ ڊسمبر ۲۰۱۸ع
تي انھي ٽوئر پروگرام کي آخري شڪل ڏئي فائنل ڪيو ويو. ھڪ ڏھاڙو اڳ ۾ وين واري سان
سمورو معاملو طئي ڪري کيس آچر تي سوير اچڻ لاءِ چيوسين. ٽيھين ۳۰ ڊسمبر تي ٽوئر جي
تياري جي سلسلي ۾ سڀ گهرڀاتي ڏھاڙي جي معمول کان ڪافي اڳ بسترن مان نڪري پنھنجي
پنھنجي تياريءَ ۾ لڳي ويا. وين وارو به مقرر وقت تي پهچي ويو. وين ۾ ضروري سامان
رکڻ کانپوءِ گهر کي تالو ھڻي سڀ گهر وارن به اچي سيٽون سنڀاليون. سياري جي ھڪ سرد
صبح جو ساڍي ستين ڌاري اسان جو سفر قمبر جي مستوئي محلي کان سنڌ جي ھڪ قديم تاريخي
ماڳ رني ڪوٽ ڏانھن شروع ٿيو. قمبر شھر کان ٻاھر نڪتاسين ته رستي سان ڪوھيڙو نظر
آيو پر اھو ايترو گهڻو نه ھو جو ڪا ڏکيائي پيدا ڪري سگهي. جيئن ئي ميھڙ ٽپي اڳتي وڌياسين
ته ڪنھن گهرڀاتي تجويز ڏني ته ڇونه منڇر ڍنڍ به گهمندا ھلون. تجويز تي سڀ متفق ٿيا،
ڇاڪاڻ ته اسان کي سيوهڻ کان ئي وڃڻو ھو ۽ اتان منڇر ڍنڍ ڪا گهڻي پري نه ھئي. ڊرائيور
چيو ته ايڏانهن ھلڻ سان دير ٿي ويندي پر مون کيس چيو ته ڏينھن سمورو ته ھونءَ به لڳي
ويندو پوءِ جي ڪلاڪ ڏيڍ وڌيڪ ورتاسين ته مڙئي خير آھي. دادو کان ٿورو اڳ جيئن ئي
مخدوم بلاول جي مقبري تي نظر پئي ته مائين زيارت ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري. مقبرو جيئن
ته روڊ کان ڪو گهڻو پري نه ھو، تنھنڪري ٿورڙي ئي وقت ۾ سنڌ جي ھن يگاني ۽ تاريخي ڪردار
جي نگريءَ ۾ پهچي وياسين. مقبري ٻاهران پوليس جا ڪجھ جوان ويٺا ھئا، جن ماڻهن جي
تلاشي وٺي پوءِ مقبري ڏانھن وڃڻ جي اجازت ٿي ڏني. مزارن تي پوليس مقرر ڪرڻ جو اھڙو
سلسلو سيوهڻ ۾ قلندر لال شھباز جي روضي اندر آپگهاتي حملي کانپوءِ شروع ڪيو ويو
ھو. اسان سان جيئن ته فيملي گڏ ھئي، تنھن ڪري پوليس وارن نه روڪيو. اڌ ڪلاڪ کن ۾
مخدوم بلاول جي روضي جي زيارت ڪري واپس اچي وين ۾ ويٺاسين ۽ اڳتي جو سفر شروع ٿي
ويو.
لڳ ڀڳ
يارھين وڳي وين منڇر ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي ٺهيل ڳوٺ ۾ اچي بريڪ ڏني. اسان سڀ گهرڀاتي
وين مان لھي منڇر جي بند سان گهمندا اڳتي وڌياسين ته ڳوٺ جا غريب ٻارڙا اسان جي
پويان لڳي پيا ۽ ڀرسان اچي پئسا گهرڻ لڳا. ٻارڙن ويچارن جي حالت ڏاڍي خراب ھئي ۽
غربت ھنن جي وجود مان صاف ظاهر ٿي رھي ھئي. ھونئن ڳوٺ جي وڏن ماڻهن جي منھن تي به ڪا
خوشي يا رونق نظر نه آئي. سمجهي سگهجي ٿو ته جن ماڻهن جي گذر سفر جو ذريعو ئي
تقريبن ختم ٿي وڃي، تن جي حالت ڪهڙي وڃي بيھندي؟ منڇر جنھن کي سنڌ جا ماڻهو ايشيا
جي وڏي ۾ وڏي مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ قرار ڏين ٿا، سا حقيقت ۾ پهرئين نمبر تي ته نه
آهي، باقي گدلاڻ ۾ ٿي سگهي ٿو ته ايشيا ۾ اول نمبر تي ھجي. ڍنڍ ۾ ٻيڙين اندر مھاڻن
جا گهر سڀني گهرڀاتين خاص طور تي مائين جي دلچسپي ۽ حيرانگي جو سبب ھئا. ڪجھ ڀاتين
خواهش ڏيکاري ته ڪنھن ٻيڙيءَ ۾ ويھي ڍنڍ جو چڪر لڳائجي، جيتوڻيڪ وقت جو به احساس
ھو پر پوءِ به سوچيوسين ته وري ڪڏهن اچڻ ٿئي الائي نه، سو موقعي جو فائدو ضرور وٺڻ
کپي. ھڪ ٻيڙي واري کان پڇيو ته اسان کي منڇر جو چڪر لڳرائيندئو؟ تنھن تي ھن ھائوڪار
ڪئي ۽ ٻيڙيءَ کي ڪناري جي بلڪل ويجهو آڻي بيھاريائين. جيئن ئي سڀ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيا
ته ھو ٻيڙي کي ھنجھ جي مدد سان موڙي گهري پاڻي طرف ھلڻ لڳو. ٿورو اڳتي ھلي تجويز
رکيائين ته ڍنڍ جي پرينءَ ڀر ھڪ پير جي مزار آھي، چئو ته توهان کي اوڏانھن وٺي
ھلان فيملي گڏ اٿو، ڏاڍو مزو ايندوَ. اسان انڪار ڪيو، ھڪ ته وقت گهٽ ھو ۽ ٻيو ته
منڇر جي گدلي ۽ زھريلي پاڻيءَ مان اٿندڙ ڌپ ڏاڍو بيراز ڪري ڇڏيو ھو، سو معذرت ڪندي
کيس چڪر کي مختصر ڪرڻ جو چيوسين. واپس ڪناري پهچي ٻيڙي واري کان پئسن بابت پڇيو،
ھن جيڪو ڀاڙو طلب ڪيو، سو ڪافي گهڻو ھو پر پوءِ به اسان کيس خوشيءَ سان ڏئي کانئس
موڪلايو. منڇر گهمڻ ۾ اسان کي اندازن ڏيڍ ڪلاڪ لڳو ھوندو. جيتوڻيڪ منڇر ڍنڍ ۽ اتي
رھندڙ ماڻهن جي حالت ڪافي خراب بلڪه رحم جوڳي ھئي پر پوءِ به سنڌ جي ھڪ قديم ۽
تاريخي ڍنڍ کي سمورن گهرڀاتين سان گڏجي ڏسڻ وارو خيال درست ھو.
منڇر ڍنڍ
مان ٻاھر نڪري ٿورو پري کان بوبڪن جو ديدار ڪندا نيٺ اچي انڊس ھاءِ وي تي چڙھياسين
۽ وين سن واري پاسي تيزيءَ سان وڌڻ لڳي. اسان منجهند جي ماني ۽ چانھن جا ٿرماس به
پاڻ سان گڏ کنيا ھئا ۽ پاڻيءَ جو وڏو ڪولر به ساڻ ھو، ان ڪري رستي ۾ ڪٿي به چانھ
پاڻيءَ لاءِ بيھڻ جي ضرورت پيش نه آئي. ڪيترن ئي ڀيرن جي فيملي ٽوئرن مان اندازو ٿي
ويو آھي ته ٽوئر تي نڪرڻ کان اڳ لاءِ رستي لاءِ ڪهڙيون شيون لازمن ساڻ کڻڻ گهرجن.
ھينئر اسان جي وين سن کان اولھ طرف ويندڙ ھڪ سنگل ٽريڪ روڊ تي پهچي چڪي ھئي، جتان
رني ڪوٽ جو مفاصلو ٻٽيھ ۳۲ ڪلوميٽر ڄاڻايل ھو. روڊ ڪافي ھنڌن کان کڻي چڱيرڙو به ھو
پر ٿلهي ليکي، ان جي حالت غير تسلي بخش ھئي. ان رستي سان ڪا ذڪر جوڳي آبادي نظر نه
آئي. ساڳيا ئي ڪاڇي وارا بنا ساوڪ ۽ بنا وڻن جي ننڍڙا ننڍڙا ڳوٺ، اھڙا ڏتڙيل منظر ڏسي
ھرڪو اندازو لڳائي سگهندو ته ھتان جي مسڪين ماڻهن جون سماجي ۽ معاشي حالتون ڇا
ھونديون؟ ٻيو ته ٺهيو کين پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي به سھولت ميسر ناھي. ڪجھ ڳوٺن جي ٻاهران
واٽر سپلائي جا پائيپ ضرور نظر آيا پر اھڙي ڇڊي پاڊي آبادي تائين پاڻيءَ جي سهولت
پهچائڻ ڪو آسان ڪم نه ھوندو. اسان واريون مايون ھڪٻئي کان پڇي رھيون ھيون ته ھتي
ھن ڀنڀ ۾ ھي ويچاريون ڪيئن ٿيون رھن؟ رستي ۾ ڪجھ نئيون به ڪراس ڪيون جن جي ٻنھي
پاسن سان البته ڪافي وڻڪار ۽ ساوڪ ھئي.
منجهند
جو اندازن اڍائي وڳي اسان جي وين رني ڪوٽ جي اندر جوڙايل ميري ڪوٽ وٽ اچي بريڪ ڏني.
رستي جي صورتحال ڏاڍي خراب ھئي ۽ نئين مٿان ٺهيل پلون به بهتر حالت ۾ نه ھيون.
ميري ڪوٽ جي ٻاهران ۽ اندران صفائي سٿرائي ته نظر آئي پر حيرت ۽ افسوس ٿيو ته ڪٿي
به عوام جي سھولت لاءِ ڪي واش روم ۽ ٽائليٽ موجود نه ھئا. منھنجي توقع جي خلاف ڪوٽ
۽ قلعو گهمڻ لاءِ ديسي سياحن جو چڱو تعداد موجود ھو ۽ ميري ڪوٽ ٻاهران ڪافي گاڏيون
جن ۾ ھڪ ٻه بسون به شامل ھيون، جيڪي پارڪ ٿيل ھيون. سياحن ۾ عورتن ۽ ٻارن جو به سٺو
انگ شامل ھو.
رني ڪوٽ
کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو قرار ڏنو وڃي ٿو ۽ اھا ڳالھ درست به لڳي ٿي، ڇاڪاڻ ته
ان جي ايراضي ۳۲ چورس ڪلوميٽرن تائين ڦهليل آھي. رني ڪوٽ کي دنيا ۾ چين جي عظيم
ديوار سان پڻ مشابھت ڏني ويندي آھي. قلعي جي تاريخي اھميت جو اندازو ان مان به لڳائي
سگهجي ٿو ته يونيسڪو ان کي ۱۹۹۳ع ۾ عالمي ورثو قرار ڏنو آهي پر افسوس ته ھڪ عالمي
ورثي جي حامل ماڳ تي جيڪي سھولتون ۽ انتظام ھجڻ کپن، سي بلڪل به نه آھن. رني ڪوٽ
جي قدامت جو ذڪر ان ڪري نٿو ڪجي جو ان بابت مختلف تاريخ نويسن ۽ محققن جا پنھنجا
پنھنجا رايا ۽ خيال آھن. اھو سڀ پنھنجي جاءِ تي پر رني ڪوٽ جي جاگرافيائي، عسڪري ۽
تعميراتي اھميت کان انڪار ممڪن نه آھي. قلعي جي مختلف حصن کي اندازن ڏيڍ ڪلاڪ تائين
ڏسندا ۽ جاچيندا رھياسين. سنڌ جي ان تاريخي ۽ ثقافتي ورثي مان سڀ گهر ڀاتي ڏاڍا
لطف اندوز ٿيا ۽ ھت پهچي احساس ٿيو ته سنڌ ۾ ڪيڏيون نه شاندار ۽ عالمي سطح جون
شيون موجود آھن. ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته اسان پنھنجي قيمتي ورثي کي نه رڳو محفوظ
بڻايون پر بهترين قسم جو سهولتون پيدا ڪري دنيا جو ان پاسي ڌيان به ڇڪايون.
ڪافي
وقت لڳاتار گهمڻ ڪري ڏاڍي بک لڳي ھئي، ان ڪري ميري ڪوٽ کان ٻاھر اچي ھڪ مناسب جاءِ
تي چادرون وڇائي گهران آندل ماني کاڌيسين ۽ ڪجھ وقت ھلندڙ ٽوئر بابت ٽيڪا ٽپڻي ڪري
واپسيءَ جي تياري ۾ لڳي وياسين. جنھن مھل قلعي کي الوداع ڪري واپس ٿياسين ته سج لھڻ
۾ اڌ ڪلاڪ کن باقي بچو ھو. ڪجھ فيملي ميمبرن چانھ پيئڻ جي خواهش ڏيکاري پر طئي ڪيوسين
ته چانھ سيوهڻ ۾ پيئنداسين. اسان اٺين وڳي ڌاري سيوهڻ پهچي المنصور ھوٽل تي چانھ
پيتي ۽ گهر وارن ويجهي دڪانن تان پنھنجي پنھنجي پسند جون ڪجھ کاڌي پيتي جون شيون
به ورتيون. اسان جو ھي مجموعي طور بهترين ۽ يادگار ٽوئر رات جو تقريب يارهين وڳي
واپس پنھنجي گهر اچي پورو ٿيو.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۴ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
No comments:
Post a Comment