Friday, December 24, 2021

سفرناما مصوريون هوندا آهن - پروفيسر عبدالله ملاح

سفرناما مصوريون هوندا آهن

پروفيسر عبدالله ملاح



سفرناما گردِ سفر جي صورت ۽ مسافرن جي دِل، دماغ ۽ اکين جي ڏِٺل محسوس ڪيل، تجربن، مشاهدن، منظرن جي هاڪاري ناڪاري رُخن کان واقف ڪرڻ جا داستانِ حيات هوندا آهن. مسافرن جي دِلي ڪيفيتن ذوقِ سفر جي جذبي ۽ منزل مسافر جي واٽن جي حُسن ۽ حقيقتن جي سنگم مان تخليق ٿيل زندگي ناما آهن. سفر ناما پنڌ ۽ پيرن جي اُڏامندڙ ڌوڙ، پگھر ۽ منزلن جي مسافرن مٿان اُڀرندڙ چنڊن، چانڊوڪين، ستارن جي نور جون اکرن سان، مصوريون ۽ بُت تراشيون هوندا آهن. سفرناما منزل جي سمورن گَسن، پنڌن پھڻن، پٿرن، منظرن ماڻھن صبح شام جي سحرن، زھرن، ڪنڊن گُلن، خزائن، بھارن، هجر و فراق جي احساسن، جذبن، مشاھدن ۽ تجربن جي رنگن سان چٽيل صورت گريون هوندا آهن. منزل ڀلي ساڳي هجي، ماڳ مڪان ساڳيا هجن، مندون موسمون به ساڳيون هجن، ملندڙ ماڻھو به ڀلي ساڳيا هُجن، پر هر مسافر اُنھن ماڳ مڪانن ۽ گسن پنڌن جي رُخن جي صورت گري پنھنجي تمنا ۽ آرزو موجب ڪندو.

Friday, December 17, 2021

استور ۽ اسڪردو جي ماٿرين ۾ - خادم رند

استور ۽ اسڪردو جي ماٿرين ۾

خادم رند



آگسٽ ۲۰۱۹ع ۾ گلگت ۽ ھنزه واري يادگار ۽ حسين ٽوئر جون يادون اڃان ذهنن ۾ تازيون ھيون ته ۲۰۲۰ع جي آگسٽ مھيني ۾ دلبر دوست مجيد منگي ۽ مان ھڪ دفعو ٻيھر گلگت بلتستان جي دلڪش جابلو ماٿرين ڏانھن وڃڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيٺاسين. گذريل ڀيري اسان گلگت ۽ ھنزه سان گڏ پاڪستاني ڪشمير جا ڪجھ علائقا گهمي ڏٺا ھئا پر ھن ڀيري اسان جي خواھش ھئي ته گلگت بلتستان جو ڪو ٻيو پاسو ڏسجي. مجيد ۽ مان پنھنجي پنھنجي منھن سان انٽرنيٽ تي ٽوئرسٽ ڪمپنين جا گلگت بلتستان بابت مختلف پيڪيجز جاچيندا رھياسين. آخر استور ۽ اسڪردو جي ۱۲ ڏينھن واري ھڪ ٽوئر پيڪيج تي متفق ٿي ڪمپني وارن سان معاملو طئي ڪري ٽوئرازم جي مروج قاعدن ۽ ضابطن موجب اڌ رقم کين ڪمپني جي بينڪ اڪائونٽ وسيلي موڪلي ڇڏيسين. ٽوئر جي شروعات ۱۲ آگسٽ تي صبح جو سوير اسلام آباد مان ٿيڻي ھئي، ان ڪري مان ۱۰ تاريخ تي منجهند جو قمبر مان لاڙڪاڻي لاءِ نڪتس. جتان اڍائي وڳي ڪوچ ذريعي راولپنڊي لاءِ نڪرڻو ھو. جڏھن ته مجيد ۽ ان جي ٻن دوستن ۱۱ آگسٽ تي شام جو ڪراچي کان اسلام آباد جھاز وسيلي پهچڻ جو پروگرام ٺاھيو ته جيئن ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ سفر کان بچي سگهجي.

هُو ته هليا هنگلاج - رکيل مورائي

هُو ته هليا هنگلاج

رکيل مورائي



انساني خواب ڪڏهن ڪڏهن ساڀيان ماڻڻ ۾ چڱو ئي وقت وٺندا آهن. ادب سان جڙڻ واري شروعاتي عمر ۾ جڏهن شاهه سائينءَ کي پڙهڻ جو موقعو مليو هُئو، (جڏهن ته ٻڌڻ جو موقعو اڳ مليو هو) تڏهن کان سُر رامڪليءَ ۾ جيڪو هنگلاج، ۽ ناني ماتا جو ذڪر هُئو ۽ اڄ به آهي، ان جي پراسراريت، مون لاءِ اڄ به ساڳي آهي، جيڪا ڀٽائي سائينءَ جي دور ۾ هئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان دور ۾ هنگلاج ياترا تي وڃڻ ايترو سولو نه هُئو، جيترو اڄ جي سائنسي ايجادن آسان بڻايو آهي. اڄ به ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ هنگلاج جي سفر لاءِ توڻي لاهوت لامڪان وڃڻ لاءِ جيڪي سفري ڏکيائيون پيش اينديون هيون اهي ذهن تي اچن ٿيون ته ماڻهو خوف ۾ وٺجيو وڃي. پوءِ به اهو تاريخ جو سچ آهي ته سائنسي ايجادن جي حيرت انگيزي پنهنجي جاءِ تي، هنگلاج يا ٻين اهڙن اسٿانن جي پراسراريت جي محسوسات ٻي آهي. ايئن لاهوت لامڪان جو سفر پنهنجي نجي اهميت رکي ٿو.