سفرناما مصوريون هوندا
آهن
پروفيسر عبدالله
ملاح
سفرناما گردِ سفر
جي صورت ۽ مسافرن جي دِل، دماغ ۽ اکين جي ڏِٺل محسوس ڪيل، تجربن، مشاهدن، منظرن جي
هاڪاري ناڪاري رُخن کان واقف ڪرڻ جا داستانِ حيات هوندا آهن. مسافرن جي دِلي ڪيفيتن
ذوقِ سفر جي جذبي ۽ منزل مسافر جي واٽن جي حُسن ۽ حقيقتن جي سنگم مان تخليق ٿيل زندگي
ناما آهن. سفر ناما پنڌ ۽ پيرن جي اُڏامندڙ ڌوڙ، پگھر ۽ منزلن جي مسافرن مٿان اُڀرندڙ
چنڊن، چانڊوڪين، ستارن جي نور جون اکرن سان، مصوريون ۽ بُت تراشيون هوندا آهن.
سفرناما منزل جي سمورن گَسن، پنڌن پھڻن، پٿرن، منظرن ماڻھن صبح شام جي سحرن، زھرن،
ڪنڊن گُلن، خزائن، بھارن، هجر و فراق جي احساسن، جذبن، مشاھدن ۽ تجربن جي رنگن سان
چٽيل صورت گريون هوندا آهن. منزل ڀلي ساڳي هجي، ماڳ مڪان ساڳيا هجن، مندون موسمون
به ساڳيون هجن، ملندڙ ماڻھو به ڀلي ساڳيا هُجن، پر هر مسافر اُنھن ماڳ مڪانن ۽ گسن
پنڌن جي رُخن جي صورت گري پنھنجي تمنا ۽ آرزو موجب ڪندو.
جيڪو ماڻھو ڀنڀور جي ڀتين مان رُڳو ثابت سرون ڪڍي
بازار ۾ وڪڻڻ ٿو چاهي، ان کي ڀنڀور جي ڀتين تي پنھون جي پيار جا چِٽ ڪيئن نظر
ايندا، رني ڪوٽ جي دڙن مان سون جا ذرا تلاش ڪندڙ ماڻھن کي رني ڪوٽ جي پُراڻي پٿرن
۾ سنڌجي صدين جي تھذيبي تاريخي، حُسن جو نور نظر ڪڏھن به نه ايندو.
شھباز قلندر جي
درگاهه جي در تي چرس وڪڻندڙ چرس فروشن جي سجدي ۽ پنھنجي پُٽ جي چڱڀلائيءَ لاءِ باس
باسيندڙ پي ۽ ماءُ جي زيارت تربتِ قلندر ۾ فرق هوندو آهي. ڀٽ شاهه ۾ ميلو ڪمائڻ
لاءِ ڊيوٽي ڪندڙ پوليس عملدار جي اوجاڳي ۽ وِڇڙيل يار جي وري مِلڻ جون دُعائون
گهرندڙن شخص جي اوجاڳن ۾ وڏو فرق آهي.
ڀٽ شاهه جو ميلو ڪمائيندڙ
ٺيڪيدار جون اکيون ڪراڙ جي سُڪل پيٽ ۾ ۽ ڀٽ جي ڀٽائي جي آخري آستان جي مٽي ۾ هڪ
دؤر جي بلند ترين انسان جي سونھن ۽ سندس علم ڏاهپ عاشقي عشق ۽ وقار جا ڇوليون هڻندڙ
درياهه نظر نه ايندا. جنھن ماڻھو جي دِل ۾ ذوقِ سفر هوندو، دِلين جي اکين ۾ پرين
جي پڊن پسڻ جي تمنا هوندي، اُن ماڻھو کي گس جي مِٽي جي ذري ذري ۾ زندگي جي حُسن و
شباب جا سوين آفتاب نظر ايندا.
فطرت ۽ زندگي جي هِڪ
سونھن ۽ صورت اها آهي جيڪا پاڻ سڀ ڏسون ٿا، پاڻ سڀني جي اڳيان آهي، پاڻ سڀني کي
نظر ٿي اچي، پر ٻي سونھن ۽ صورت اها آهي، جيڪا فقط دِل جي نور سان ڏِسي سگهجي ٿي،
عام اکين کان پري آهي. مسافر مسافر جي اکين تي ڇڏيل آهي، مسافر مسافر جي جذبي آرزو
۽ ذوقِ سفر جي ڪيفيت تي ڇڏيل آهي. ڪنھن کي روپا ماڙي ۾ ٺِڪريون ٿيون نظر اچن، ڪِن
کي ٺِڪري ٺِڪري ۾ روپا ماڙي جو وسندڙ شھر ۽ دودي جو وڙهندڙ لشڪر نظر ٿو اچي. ذوقِ
سفر ۽ دِل جي نور کان محروم ماڻھن کي زندگي جي ڀَريل شھرن ۾ به سُڃ جي اُڏامندڙ ڌوڙ
نظر ايندي آهي. ڪِن کي مڪلي جي مقام ۾ سنڌ
جي تاريخ جون منور بازارون نظر ٿيون اچن.
ڪو زندگي جي شھرن ۾
رهندي زندگي جي هِڪ صدا ٻُڌڻ کان به محروم هوندو آهي، ڪنھن کي ديوانو شاهه قبرستان
۾ سُتل سنڌ راڻي جي قبر مان انساني مُسرتن جا چنڊ اُڀرندي نظر ايندا آهن، دِل دِل
جي ڳالھه آهي، نظر نظر جي ڳالھه آهي. هي سڀ ڪجهه انساني ڪيفيت ۽ محسوسات جو ڪمال آهي.
اسان جي دوست ۽ ساٿي مور ساگر جو هي ۲۰۰ صفحن تي ٻڌل سوين ننڍن وڏن پنڌن جو ’سھڻي منھنجي سنڌ‘
سفرنامو سندس پيرين پنڌ، سياحت ۽ سفر جو دلنواز داستان آهي، سندس ساٿ ۽ شخصيت جي
صورت گري آھي.
هي سفر جيڪو مور
ساگر پنھنجي محبوب دوستن سان گڏجي سنڌو درياهه جي اورينءَ ڪپ کان شروع ڪري لاڙ جي
شھر بدين جي تاريخي ڍنڍ جاکيجي جي ٻيٽ ۾ قائم سنڌ جي نامور سياستدان جي بنگلي جي اڱڻ
تي اچي پورو ڪيو آهي. اهو سفر سنڌ جي پنجن وڏن ضلعن ڄامشورو، دادو، عمرڪوٽ، مٽياري،
ميرپورخاص ۽ بدين جي شھرن جي تاريخي ماڳ مڪانن جبلن درياهن، ڍنڍن ڍورن، قديم آثارن
زيارت گاهن ۽ ماڻھن جي مشاهدن ۽ ملاقاتن
تي ٻڌل آهي.
اڪثر سفرنامن ۾
سفرنامو لِکندڙ شخص پنھنجو گهڻو ذڪر ڪندو آهي يا اُن سفر دوران پنھنجي ڪيل پنڌ جون
وڏايون بيان ڪندو آهي، اهو سفرنامو گهٽ، پر سفرنامو لِکندڙ شخص جي مختصر سوانح
عمري ٿي ويندي آهي. اها ڳالھه به ڪا خراب ناهي، گهڻا ماڻھو پنھنجي ڪنھن هِڪ سفر يا
هِڪ حادثي ۾ پنھنجي پوري حياتي بيان ڪري ڇڏيندا آهن. اِھو به ھِڪ فن و ھُنر آھي، ڪري سگھجي ٿو.
پر سفرنامي ۾ جيڪڏهن
ان سفر جون ڳالھيون لِکجن، ان سفر جا تجربا، مشاهدا لِکجن ته پڙهندڙ لاءِ اها نئين
ڳالھه هوندي آهي ۽ وڻندڙ ڳالھه هوندي آهي. مور ساگر جو هي سفرنامو مون اکر اکر ڪري
پڙهيو آهي ته مور هِن سفرنامي ۾ پنھنجي ذات جو ذڪر تمام گهٽ ڪيو آهي. سفر دوران جيڪو
ڪجهه ڏِٺو آهي، جيڪو ڪجهه محسوس ڪيو آهي، ان کي علمي ايمانداري سان بيان ڪيو آهي.
پاڻ سان گڏ جيڪي ساٿي آھن، جيئن ڊاڪٽر عبدالجبار نظاماڻي صاحب، شيخ عبدالله صاحب،
منظور جوڻيجو صاحب، فھد مخدوم يا جيڪي دوست گس پنڌ ۾ مِليا، اُنھن جو ذڪر به دِل
جي سخاوت سان ڪيو آھي. جيئن اياز امر شيخ، علي اڪبر ميمڻ، عبدالقدوس احمداڻي صاحب،
سرور خاصخيلي، اياز سمون صاحب، ارباب نيڪ محمد صاحب ۽ ٻين جو. سفر دوران جيڪي به شھر، ماڳ، مڪان مور کي نظر
آيا آهن، پاڻ انھن ماڳ مڪانن جي تمام ٿوري گهڻي فرق سان سندن دستاويزي تاريخ بيان ڪئي
آهي. ان تاريخ هن سفرنامي کي تحقيقي ۽ تاريخي دستاويزي حيثيت ڏئي ڇڏي آهي. جنھن به
شھر ۽ ڳوٺ ۾ ويو آهي، ان شھر ۽ ڳوٺ جي ڪنھن نه ڪنھن علمي، ادبي، شخصيت جو ذڪر ضرور
ڪيو اٿس. شھيد صادق فقير، عبدالرحيم گرهوڙي، مخدوم نوح سرور، مخدوم طالب المولى،
شاهه عبداللطيف، محمد صديق مسافر، مير غلام محمد، عبدالواحد آريسر، شھيد فاضل
راهو، مولوي احمد ملاح جي شخصيتن جو هن سندن ۽ ٻين شاعرن جي شاعري جا حوالا ڏئي ذڪر
ڪري سندن مختصر سوانح عمريون لِکي ڇڏيون آهن. ابراھيم منشي، شيخ اياز، وفا ناٿن
شاهي جو به دِل سان ذڪر ڪيو اٿس.
مور ساگر جو هي سفر
بامقصد، دِلي جذبن سان ھُٻڪاريل سفر آهي، ٽوٽين واندن ۽ رولن وارو رولڙو نه هو، جيڪو
اڪثر ڌنڌي کان نٽائي، گهرو ذميوارين کان ڀڄي نڀاڳا رول ماڻھو ڪندا آهن. جنھن سفر
جو ڪوبه مقصد نه هوندو آهي. جنھن سفر لاءِ عام طور چوندا آهن ”رَلي ڪُلھي تي ماني
راڄن تي“. جِت به رات پئي ٽُڪر کاڌو صبح جو وري جوڳي نه ڪنھن جا مِٽَ. ان قسم جي
رولن، ٽوٽين جون به کوٽون ڪونھي، ان قسم جا صاحبِ سفر يار ٽِن ڳالھين جو خاص خيال
رکندا آهن. ماني چڱي ملي، هنڌ چڱون مِلي، ڀاڙو ڀتو مِلي، ڪو ڪم نه چوَن ۽ سوکڙي
پاکڙي جي به تمنا هوندي آهي. باقي ان شھر جون، ان پنڌ جون، ان مسافري جون ٻيون ڪھڙيون
چڱايون ۽ سُٺايون آهن، ڪو تاريخي ماڳ مڪان، ڪي قديم آثار انھن شين جي انھن ماڻھن
کي گُهرج نه هوندي آهي، نه تلاش، نه ڏِسڻ جي تمنا. بس رڳو ڪنھن وڏي اوطاق جي تمنا
هوندي آهي، جِت ٽُڪر ڀور سولو ملي ۽ پاڻ جھڙا ٽوٽي رول ڌنڌي کان ڀڳل يار مِلن.
جڏهن ته مور ساگر ۽
سندن ساٿين جي هي مسافري پيٽ تي پٿر ٻڌي سنڌ جي سونھن، سنڌ جي تاريخي، علمي،
هُنري، ثقافتي، سماجي سونھن جي نور جو سفر آهي. مور جنھن ٻولي ۾، جنھن جذبي سان سنڌ
جي تاريخي ماڳ مڪانن ۽ چڱن انسانن جو ذڪر ڪيو آهي، سندس اها ٻولي، سندس اهو جذبو،
ان سچ ان حقيقت ۽ ان سُٺائيءَ جو گواهه آهي ته سندس هي سفر نامو، سندس، سنڌ جي پَٽن
پوٺن، ماڳن مڪانن ۽ ماڻھن سان دِلي عاشقي جو تاريخي، تحقيقي دستاويزي عشق نامو
آهي.
(چنا لائبرري درٻيلو جي فيسبڪ پيج تان ۲۴ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)
No comments:
Post a Comment