گاجي شاهه جي ميلي جو
سربستو احوال!
محمد خالد ميمڻ
گذريل ڇنڇر واري ڏينهن
دوستن ممتاز کوسو، استاد غلام مرتضيٰ ڦل، ماجد علي ميمڻ ۽ ڊرائيور وقار ڪوري سان گڏ
جنن جي بادشاهه طور مشهور گاجي شاه جو ميلو گهمڻ جو پروگرام ٺھيو. ڦل شھر مان
منجنهد جو ٽين وڳي نڪتاسين. نڪرڻ کان اڳ سگا ڪاڇو شاخ جي جنرل سيڪريٽري پياري دوست
غياث الدين شاهاڻي، جيڪو دادو ۾ رهندو آھي، ان کي به پاڻ سان گڏ ميلي تي وٺي وڃڻ
واسطي تيار رهڻ لاءِ چيم. دادو پهچي، غياث الدين شاهاڻي کي گڏ کڻي، گاجي شاهه جي
ميلي تي نڪري پياسين. رستي تي جوهي شھر جيڪو تعلقي هيڊڪوارٽر آھي، اتي شام جي چانھ
هڪ هوٽل تي پيتيسين. جوهي تائين روڊ ڀلو هو. پر جڏهن اڳتي هلياسين ته روڊ جيڪو مان
ٻه سال اڳ، گاجي شاهه جي ميلي تي ويو هيس ته صحيح هو، پر هن دفعي ڏٺم ته صفا خراب
لڳو. تنھن تي غياث الدين شاهاڻي ٻڌايو ته؛ گذريل سال جيڪا برساتن سبب ٻوڏ آئي هئي
۽ پاڻيءَ جي سخت دٻاءَ سبب ايف پي بند ڀَڳو هيو ته ان پاڻيءَ جي ڪري روڊ هنڌان هنڌان
ٽُٽي ويو آھي. روڊ جو هڪ پاسو، صفا کاڄي ويو هو. جنهن جي ڪري ميلي جي زائرين کي
تمام گهڻي تڪليف سان منهن ڏيڻو پيو آهي. هن ميلي تي ڪارن، بسن، رڪشن کان سواءِ موٽرسائيڪلن
تي زائرين وڏي تعداد ۾ ويندا آھن.
اسان ميلي تي ويندي،
ڇِني شھر کان پهريان ايندڙ ”نانگ ٽڪر“ وٽ لهي، اتي تصويرون ڪڍيوسين. غياث الدين
”نانگ ٽڪر“ بابت ٻڌايو ته؛ ’هن پهاڙ جو نالو ”نانگ ٽڪر“ ان ڪري پيو ھو جو هن جي
لاءِ اهو مشهور آھي ته هن ٽڪر تي هڪ وڏو نانگ رهندو هو. وڏڙن جي ڳالهين مطابق؛ جتي
به نانگ رهندو آھي، اتي سون ۽ چاندي پوريل هوندا آھن. هتان به ڪجھ ماڻھن سون ۽ چانديءَ
ڪڍڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي. انهن مان ڪن کي چانديءَ جا سڪا مليا آھن. باقي سون ملڻ جون ڪي
شاهديون ناهن مليون.‘ ائين اسان اتي ڪجھ تصويرون ڪڍي، اڳتي هلياسين. ڇِني شھر ڪراس
ڪري، اچي گاجي شاهه جي ميلي ۾ پهتاسين. اتي گاڏين ۽ ماڻھن جي ايتري ته رش هئي جو
اسان گاڏي اڳتي ڪاهي نه سگهاسين. شروعاتي رستي ۾ ئي، هڪ پاسي گاڏي بيهاري، ميلي ۾
پنڌ نڪري پياسين. پهريان سڌو گاجي شاهه جي درگاهه تي وياسين. گاجي شاهه جي درگاهه،
هڪ جبل تي هئي. ميلي ۾ عوام جي رش کي ڪراس ڪندي، وڏي مشڪل ۽ ڏکيائيءَ سان درگاهه تي
پهتاسين. اتي دعائون گهري، گاجي شاهه جي درگاهه جي بلڪل پوئين پاسي ”ڏاچيءَ جي
قبر“ جي نالي سان هڪ وڏي ٺھيل قبر ڏسڻ وياسين. اتي هڪ وڏي قبر ٺھيل هئي. جنهن جي
باري ۾ اهو مشهور آھي ته اها ”ڏاچيءَ جي قبر“ آھي. اتان گهمي، جبل تان هيٺ لهي،
ميلي ۾ هڪ دڪان تي ميلي جي شئي ڪشمش ۽ پنير کاڌوسين. وري ميلو گهمندي، سرڪس، چؤڏول،
موت جو کوهه واري پاسي وياسين. هن گاجي شاهه جي ميلي جي هڪ خاص خصوصيت اها نظر آئي
ته هتي ٻين ميلن کان تمام گهڻي تعداد ۾ عورتون، وڏي رش هوندي به، بنا خوف ۽ خطري
جي گهمي رهيون هيون. ميلي ۾ مٿي جبل تي، درگاهه جي چؤڌاري، ڪيترا ئي ماڻھو پنهنجي
فيملين سوڌو بسترا لڳائي ستا پيل نظر آيا. گهڻين جاين تي راڳ ۽ ساز جون محلفون
هليون پئي. راڳ دوران ڪٿي مرد ته ڪٿي عورتون ڪنڌ ڌوڻي رهيا هئا. جن جي باري ۾ اهو
چيو پئي ويو ته؛ ’انهن ۾ جن پيل آھن. انهن جو راڳ ۽ سازن وسيلي جن ڪڍيو پيو وڃي.‘
ميلو گهمي واپس دادو شھر آياسين. اتي رات جي ماني کائي، دوست غياث الدين شاهاڻيءَ
کان موڪلائي، رات جو تقريبن هڪ بجي گهر پهتاسين. اچو ته هاڻي ٿورو گاجي شاهه جي
زندگيءَ متعلق پڙهون.
وڪيپيڊيا مطابق؛
گاجي شاھ جي پيدائش جي تاريخ: ۱۰۲۷ ھ، بمطابق ۱۶۲۸ع ۽ وفات جي تاريخ: ۱۱۰۲ھ، بمطابق ۱۶۹۱ع آھي. گاجي شاهه المعروف پير گاجي شاھ گنج
بخش، سنڌ جو وڏو بزرگ ولي اللہ آهي. پاڻ ننڍپڻ ۾ والد سان گڏ، اچ شريف کان سنڌ آيا.
ميان نصير محمد ڪلھوڙو جا قريبي ساٿي ۽ سپه سالار رهيا.
سيد پير گاجي شاھ
المعروف گاجي شاھ گنج بخش جو اصل نالو غازي شاھ هو، جيڪو عام لهجي ۾ گاجي شاھ بڻيو.
پاڻ ننڍپڻ ۾ پنهنجي والد سيد احمد شاھ سان گڏجي اچ شريف مان آيا. سندس والد دادو
ضلعي جي جوهي تعلقي ۾ ٽنڊي رحيم خان واري علائقي ۾ دلشاد کوسي جي والد وٽ قيام
پذير ٿيو. ان وقت جوهي، ٽنڊو رحيم خان، گرانڊي، هليلي، ٽوڙي، ڇِني ۽ واهي، کوسن جي
علائقي ۾ شامل هئا. سندس سردار روحل کوسو هو، جنهن جي مزار جوهي شهر کان اولهه ڏکڻ
۾ بچاءُ بند سان لڳ ڪاڇي ۾ آهي. کوسن جو وڏو اثر رسوخ هو ۽ ميان نصير محمد ڪلهوڙي
جي ميانوال تحريڪ جا حامي هئا. سندن والد ڪجهه وقت قيام کان پوءِ حج جو ارادو ڪيو
۽ دلشاد کوسي جي والد کي چيائون ته مان حضرت بلاول شاھ نوراني جي زيارت کان پوءِ
حج تي وڃڻ چاهيان ٿو پر معصوم سيد غازي شاھ سفر ڪري سگهي يا نه. تنهن تي دلشاد
کوسي جي ماءُ راڻي چيو ته؛ ’تون مرشد آهين، معصوم سيد جي سار سنڀار مان ڪنديس.‘
سيد احمد شاھ حج تي هليو ويو ۽ واپس نه موٽيو. اهڙيءَ طرح معصوم سيد غازي شاهه هت
ئي رهيو. ننڍپڻ ۾ ڪرامتون ۽ سندس شجاعتون مشهور ٿيڻ لڳيون. سيد پير گاجي شاھ بزرگ
هستي طور مشهور ٿيو ۽ سندس پذيرائي ۽ پيري مريدي جو دائرو وڌڻ لڳو. نه صرف کوسا
قبيلو سندس مريديءَ ۾ شامل ٿيو، پر ٻيا قبيلا به سندس مريديءَ جي حلقي ۾ شامل ٿيا.
سندس حيثيت ۽ اثر رسوخ کي ڏسي ميان نصير محمد ڪلهوڙو به سندس عزت ۽ قدر ڪرڻ لڳو ۽
کيس سپهه سالار بڻائي ٽنڊي رحيم لڪ تي مقرر ڪيو هو، جتان خان آف قلات مير احمد اول
(۱۶۹۵ع-۱۶۶۶ع) جو سنڌ تي حملن جو خطرو رهندو هو. سيد پير گاجي شاھ جي اهميت، عظمت ۽
بزرگانه شجاعت کي ڏسندي، سندس نالو ڪلهوڙن جي آزي ۾ شامل ڪيو ويو.
گاجي شاهه جي ميلي
تي عوام، جن ۾ مرد عورتون شامل هيون، انهن جي ايڏي رش ڏسي ۽ گڏوگڏ سنڌ جي ٻين ميلن
۾ عوام جي وڏي تعداد ۾ شرڪت ڏسي، دل ۾ هڪڙو خيال آيو ته؛ ’ڇو نه سنڌ حڪومت، انهن
اسان جي روايتي ثقافتي ميلن ۾ سائنسي تجربن جا نمائشي اسٽال لڳائي، ميلي ۾ ايندڙن
کي سائنس جي باري ۾ معلومات ڏئي ته جيئن اسان جي عوام کي دنيا اندر آيل سائنسي
انقلاب بابت به معلومات ملي سگهي. ائين اسان جي ميلن، جن جي ڪري اسان جي ثقافت
محفوظ آھي، اتي سائنسي تجربن جيڪي صرف ڪجھ مخصوص يونيورسٽين يا وڏن شھرن ۾ نمائشون
ٿين ٿيون، اتي ميلن ۾ نمائشون منعقد ڪرڻ سان عوام کي سائنس جي ترقي ۽ ايجادن متعلق
وڏي ڄاڻ ملندي. عوام جو ذھن کلندو ۽ اسان جي عوام جي سائنسي ترقيءَ جي بنياد تي
پنهنجي ترقي پڻ ٿيندي. اسان جي اندر جيڪا سائنس کان اڻ ڄاڻائي هجڻ سبب جهالت آھي،
اها به ختم ٿي سگهندي. ان لاءِ سنڌ حڪومت کي ان طرف ضرور ڌيان ڏيڻ گهرجي.‘
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۳۱ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
Post a Comment