Friday, December 17, 2021

هُو ته هليا هنگلاج - رکيل مورائي

هُو ته هليا هنگلاج

رکيل مورائي



انساني خواب ڪڏهن ڪڏهن ساڀيان ماڻڻ ۾ چڱو ئي وقت وٺندا آهن. ادب سان جڙڻ واري شروعاتي عمر ۾ جڏهن شاهه سائينءَ کي پڙهڻ جو موقعو مليو هُئو، (جڏهن ته ٻڌڻ جو موقعو اڳ مليو هو) تڏهن کان سُر رامڪليءَ ۾ جيڪو هنگلاج، ۽ ناني ماتا جو ذڪر هُئو ۽ اڄ به آهي، ان جي پراسراريت، مون لاءِ اڄ به ساڳي آهي، جيڪا ڀٽائي سائينءَ جي دور ۾ هئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان دور ۾ هنگلاج ياترا تي وڃڻ ايترو سولو نه هُئو، جيترو اڄ جي سائنسي ايجادن آسان بڻايو آهي. اڄ به ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ هنگلاج جي سفر لاءِ توڻي لاهوت لامڪان وڃڻ لاءِ جيڪي سفري ڏکيائيون پيش اينديون هيون اهي ذهن تي اچن ٿيون ته ماڻهو خوف ۾ وٺجيو وڃي. پوءِ به اهو تاريخ جو سچ آهي ته سائنسي ايجادن جي حيرت انگيزي پنهنجي جاءِ تي، هنگلاج يا ٻين اهڙن اسٿانن جي پراسراريت جي محسوسات ٻي آهي. ايئن لاهوت لامڪان جو سفر پنهنجي نجي اهميت رکي ٿو.


ڪيئن به عمر جي ستونجاهين سال ۾ هنگلاج ياترا لاءِ سفر (جيڪو آسان رهيو) منهنجي تهذيبي، تاريخي توڻي ادبي حاصلاتن مان هڪ اهم حاصلات آهي. جنهن سفر لاءِ مان پنهنجي دوست اسد سولنگيءَ جو نهايت ٿورائتو آهيان، جنهن موقعو ميسر ڪري ڏنو. اسان جي سفر جو سونهون اول آخر ڀٽائي آهي، هنگلاج ياترا، ٻيءَ طرح ڀٽائيءَ جي سفر جا پيرا کڻڻ پڻ آهي، جنهن جو پاڻمرادو مثال هيءَ ئي گهڻو آهي، جو اسان حب چوڪي ڇڏڻ وقت لڳ ڀڳ ان گهڙيءَ مان گذري رهيا هُئاسين جنهن لاءِ ڀٽائي چيو آهي ته:

لڙيو سج لڪن ۾، راسيون رتائين

مونکي ماريائين، اديون اونداهي ڪري

عاليشان جڙيل روڊ تي اسان جي اونداهي وقت ۾ سفر وقت ڪنهن دوست چيو ته، رستو ڪنهن کان پڇي وٺون ته ڀٽائي جي سٽ منهنجي روح مان روشني ڪري زبان مان نڪتي.

’واٽ وندر جي، وڻ پيا ڏسيندا‘

سچ پچ ٿوري سفر ڪرڻ سان روشنيءَ ۾ پري کان رستي جي ڏس لاءِ ڪوسٽل هاءِ شروع ٿيڻ واري موڙ تي هنگلاج ماتا جي قدِ آدم مورتي نظر آئي جتان اسان کي رستو مڙڻو هئو پر ڊرائيور ڌيان ڪو نه ڏنو ڇاڪاڻ ته هو اڻ پڙهيل هئو، ڀٽائي جي سٽن کان ۽ رستي کان اڻ واقف هئو جنهن ڪري اسين اچي چاليهارو ڪلو ميٽر اڳتي ”اُٿل“ شهر ۾ پهتاسين، اهو پتو اسان کي رستو پڇڻ وقت پيو، ڀرسان ويٺل دوست سنڌي ٻوليءَ جي لاجواب شاعر مشتاق باگاڻي کي زبان تي تري آيل شعر ٻڌائڻ چاهيم، جيڪو خواجه غلام فريد جو سرائڪي ۾ چيل آهي، ڇاڪاڻ ته مشتاق باگاڻيءَ جي مائيتي ٻولي به سرائڪي آهي، پڪ سان شعر سُر سسئيءَ مان آهي.

تانگهه سسئي دي دل وچ آئي، ڪيچ دي ملڪه ٿيسان

جتُ پرڻيسان

ڪيڃي آسن، لاگ ڪريسن، ڦلان وچ تُليسان

جتُ پرڻيسان

آکي فريد نهين خبر سسئي ڪون، ”اُٿل“ دي وچ دفينسان

جت پرڻيسان

هڪ سٽ کان سواءِ شعر ٻڌي مشتاق واهه ڪئي ۽ اسان اٿل کان گاڏي واپس ڪري هنگلاج ماتا جي مورتيءَ کان موڙي ڪوسٽل هاءِ وي تي چڙهياسين ٻن ڏينهن واپسيءَ تي ڏينهن جو ڏسڻ سان خبر پئي ته هن سموري پهاڙي پيچري تي، جنهن سان شاهه سائين آيو هئو، وڻڪار وارو علائقو صرف وندرئي هئو، جنهن لاءِ ڀٽائي روندر ۾ وڻڪار، جملو چيو هئو، اڳيان ته فقط ”رائو ۽ رڃ“ هُئو، جنهن ۾ فقط اڃ ئي مرڻو هئو، جنهن لاءِ احتياط طور ڀٽائي اڳواٽ ئي ٻڌايو هئو ته:

”متان ڪا مري اڃ، ڏئي پاراتو پنهونءَ کي“

جيتوڻيڪ اسان جو سچ اهو هئو، ته اسان پنهونءَ جو بيوسيءَ ۽ سسئيءَ جي بهادريءَ وارو رستو ڇڏي هنگلاج جي ياترا وارو رستو اختيار ڪيو هُئو، جيڪو سفر ڪري ڀٽائيءَ سُر رامڪلي لکيو هُئو.

اڄ اسان جو هنگلاج جو سفر ان مقصد لاءِ به هئو ته جيئن ان مقصد کي اڄ جي نئين نسل جي آڏو واضح ڪري سگهجي، جنهن لاءِ هنگلاج پهچي اسان جو پهريون ڪم سُر رامڪليءَ تي ليڪچر ڏيارڻو هُئو جيڪو اسد سولنگيءَ نهايت اعتماد سان ڏنو.

هڪ تلخ ڳالهه به سامهون آهي ۽ جنهن عمل خلاف اڄ سموري دنيا ڪٺي ٿي رهي آهي، اها آهي، مذهبي/ڌرمي انتهاپسندي، جنهن جي لُوءَ دنيا ۾ هڪ اعليٰ مرتبو رکندڙ ۽ امن طور قبول ڪيو ويندڙ ماڳ هنگلاج کي به لوساٽڻ لڳي آهي، جنهن جي تپش ڀل عام ياتري محسوس نه ڪري سگهي پر اها تپش اهڙي آهي، جيڪا ڪڏهن به ڀڙڪو ڏئي ڪو ڀڀڙ ڀڙڪائي سگهي ٿي جنهن جي بھرحال اسان سخت نندا ڪريون ٿا.

هنگلاج ماتا جي گديسر نهايت ڏک ۽ پيڙا مان ٻڌايو ته ڪجهه وقت اڳ هڪ گروپ آيو هُئو: جنهن جو چوڻ هُئو ته، هتي ڀٽائي آيو هئو ۽ هُن ڏند ڪٿائن موجب جنهن جڳهه تان نديءَ جي پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏنو هئو ۽ مڪليءَ کان اچي نڪتو هُئو، ان جڳهه اتي اسان کي ڀٽائيءَ جو تڪيو ٺاهڻ ڏنو وڃي، ڳالهه ڇرڪائيندڙ هئي، اڄ اها ندي هنگلاج مندر جي بنهه هيٺان آهي، جتي اهڙو ڪجهه به ممڪن نه آهي، شايد انهن ئي ڏينهن ۾ سنڌ جو سرمست ڪهاڻيڪار امر جليل سنڌ جي آءِ جي پوليس اي ڊي خواجه سان گڏجي هنگلاج ياترا تي ويل هُئو ۽ مندر جي گديسر اهو خدشو خواجه صاحب سان سليو هُئو.

ڪنهن به طرح ڀٽائيءَ جو اهو سفر هڪ عقيدت ۽ احترام وارو سفر  هُئو جيڪو ائين ئي رهڻ گهرجي، ڪا به مذهبي/ڌرمي مداخلت انساني امن پسند خيالن جي ابتڙ ويندي، ان ڪري هن ماڳ بابت اهڙو ويچار آڻڻ بنهه ٺيڪ نه آهي، خير ! ڳالهه ڏکائيندڙ ته آهي، ۽ اسان ان ڏک کان پري ٿي پنهنجي هنگلاج جي سفر کي ماڻڻ ٿي چاهيو پنهنجي عقيدت، احترام ۽ هڪ عالمي طور قبول ڪيل تهذيبي ماڳ کي اکين سان ڏسي، واڌو اک به اها جنهن لاءِ ڀٽائي پاڻ چيو آهي ته:

اک الٽي ڌار، ونءُ الٽو عام سين.

اسان جي هيءَ ياترا الٽي اک واري هئي، اسان جي اڳواڻ ڀٽائيءَ ائين ئي هيءُ سفر ڪيو هُئو ۽ هيءَ سفر سندس پوئلڳيءَ وارو ئي هئو جنهن ۾ عقيدت به هئي ته احترام به، اهو احترام جيڪو سنڌي شاعراڻي ادب جو هڪ اهم حصو آهي.

هنگلاج سان واهپو رکندڙ سنڌي ٻوليءَ جي لفطن ۽ نسبتن جو اهو سمورو حصو الڳ محفوظ ٿيڻ گهرجي، جيڪو شاهه سائين جي شاعريءَ کان الڳ ٻين جي شاعريءَ ۾ حصو به آهي، جنهن جو پهريون استعمال ڪندڙ ته اڳي پوءِ شاهه سائين ئي آهي، کائنس پوءِ جنهن به شاعر اديب هنگلاج ياترا جو سانگ رٿيو آهي، ان کي ٻولي ماڳ مڪان، ٽاڻا، ٽڪر ڀٽائيءَ کان اڌارا ئي وٺڻا پيا آهن ۽ وٺڻا پوندا، جنهن ۾ اسين سڀ شامل آهيون جيڪي ڪارونڀار جيان مٿان ڇانوَن ڪري بيٺل پهاڙن جي گود ۾ ڪائنات جي هڪ پراسرار واديءَ جي وچ ۾ جڙيل هنگلاج ماتا جي ياتريءَ طور فطرت جي بيمثال جوڙجڪ ڏسي رهيا آهيون.

هٿرادو روشنين جيتوڻيڪ ستارن جي جهر مر ۽ آڪاس جي وسندڙ نور کي جهڪو ڪري رکيو آهي، پوءِ به نقلي روشنين کان نظر پري ڪجي ٿي ته ”هُو“ پنهنجي سموري سونهن سوڀيان سان ڏسڻ پسڻ ۾ اچي ٿو جنهن لاءِ ڀٽائي سُر رامڪليءَ ۾ چيو هُئو ته:

سچا سامي، سچا سامين پنڌ،

هُو ته وسي هر هنڌ، پر هِنن ڏٺو هنگلاج ۾.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۷ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment