Monday, March 26, 2012

ملاڪا هاءِ اسڪول جا ڪجهه شاگرد - الطاف شيخ


ملاڪا هاءِ اسڪول جا ڪجهه شاگرد...
الطاف شيخ
ملائيشيا ۾ اڌواڌ چيني باشندا رهن ٿا، جيڪي مختلف دورن ۾ پنهنجي وطن چين جي ڏاکڻي حصي کان هيڏانهن ملائيشيا ۽ سنگاپور ايندا رهيا. هڪڙا ته تمام گهڻو اڳ جا آيل آهن. هندو راجا پريمشور حملن کان بچڻ لاءِ جاوا سماترا پاسي کان ڀڄي، هيڏانهن ملاڪا کان اچي نڪتو. اهو سال 1400 کن هو ۽ هي اڄ وارو ملائيشيا، سڄو گهاٽو جنگل هو. ملاڪا جو بندرگاهه، جتي هن اچي منزل ڪئي، مهاڻن جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ (Fishing Village) هو. هن هتي ٽِڪي پوڻ جو ارادو رکيو. اهو به لکندو هلان ته ان وقت هن ڳوٺ جو ڪو نالو به نه هو. راجا جنهن وڻ هيٺان اچي آرام ڪيو، ان جي نالي تان هن ڳوٺ جو نالو ملاڪا رکيو ۽ اهڙيءَ طرح ملاڪا سلطنت جي شروعات ٿي. عرب سوداگرن جي هن بندرگاهه مان اچ وڃ ٿيڻ ڪري، هي هندو راجا دين اسلام کان متاثر ٿيو. پاڻ ۽ ساڻس گڏ آيل ماڻهو، مسلمان ٿيا.


انهن ڏينهن ۾ هن علائقي اندر ٻه طاقتور حڪومتون هيون؛ هڪ سيام جي جنهن ملڪ جو هاڻ نالو ٿائلينڊ آهي ۽ ٻي سمنڊ جي ٻي پاسي چين جي، منگ سلطنت هئي. سيام، ملائيشيا سان ڳنڍيو پيو آهي، جنهن جو گذريل صديءَ جي شروع تائين ملائيشيا جي اتراهن رياستن تي قبضو رهيو. سو انهن ڏينهن ۾ سيامين جي اڄ واري ملائيشيا جي علائقي سان وڏي هٿ چراند هئي ۽ پرميشور راجا ان جي مقابلي ۾ ڪا حيثيت نٿي رکي. هڪ ڳالهه آهي ته پرميشور (اسڪندر شاهه) جنهن جو اولاد هي اڄ جا ملئي حاڪم آهن. حڪومت هلائڻ ۾ بيحد سياڻو هو. هن پنهنجي حڪومت برقرار رکڻ ۽ عوام کي امن سڪون جي حالت مهيا ڪرڻ لاءِ، چين تي حڪومت ڪندڙ منگ سلطنت سان دوستي ڪئي ۽ هڪ ٻئي ڏي اچڻ وڃڻ ۽ تحفا تحائف جي ڏي وٺ ڪري نه فقط سندس اباڻي سلطنت جاوا سماترا جي حاڪمن تي پر سيامين تي به رعب ويٺو ۽ هن سان هٿ چراند ڪرڻ ڇڏي ڏنائون. پوءِ ملاڪا جو بندرگاهه ويو ترقي ڪندو. هر هڪ هن سڪون ڀرئي شهر ۾ رهڻ چاهيو ٿي. انڊيا، عرب ملڪن، سريلنڪا ۽ ٻين پرانهن علائقن کان ماڻهو، واپار ۽ پورهئي يا مزدوري لاءِ، ملاڪا اچڻ لڳا ۽ ڪيترا هتي ئي هميشه لاءِ رهي پيا.
اڳتي هلي چين سان وڌيڪ ويجها تعلقات قائم ڪرڻ لاءِ، ملاڪا سلطنت جي ڇهين سلطان منصور شاهه چين جي منگ ۽ شهنشاهه جي شهزاديءَ ”هنگ لِي پو“ (Hang li Po) سان شادي ڪئي. سلطان منصور شاهه 1459 کان 1477 تائين حڪومت ڪئي. چيني شهزاديءَ سان شادي ڪرڻ بعد جڏهن اها ملاڪا آئي ته هن سان گڏ 500 خدمتگار چيني عورتون به آيون، جن اچي مڪاني ماڻهن سان شاديون ڪيون ۽ انهن جو اولاد هلندو اچي. اهڙيءَ طرح ائڊمرل ”زهينگ هي“ جڏهن چين جي شهنشاهه جا ٻيڙا هاڪاري هتان لنگهندو هو ته رستي تي ملاڪا ۾ ترسڻ تي ڪيترا ئي عالم فاضل چيني هتي رهي پيا ٿي. سو انهن جو چيني اولاد به هلندو اچي. 1511 ۾ ملئي سلطانن کان ملاڪا سلطنت هلي وئي. يورپي طاقتون؛ پورچوگالي، ان بعد ڊچ ۽ پوءِ انگريز هنن پٽن تي، 1946 تائين حڪومت ڪندا رهيا. انهن جي ڏينهن ۾ به چين کان چيني ايندا رهيا. سڀ کان گهڻا اڄ کان ڏيڍ سئو سال اڳ آيا، جڏهن ڪئالالمپور ۽ اپوح ۾ قلعي (Tin) جي کوٽائيءَ لاءِ مزدورن جي ضرورت پئي ۽ اهي چين کان آيا. يعني اهي چيني، جيڪي هينئر هينئر چين کان لڏي ملائيشيا ۾ اچي رهيا، انهن کي به سئو سالن کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي. هو ۽ انڊيا کان آيل تامل (مسلمان ۽ هندو) به هن ملڪ جا اهڙا ئي شهري آهن، جهڙا ملئي مسلمان. هو سڀ هن ملڪ جي ترقيءَ ۽ سياست ۾ حصو وٺن ٿا. سندن سياسي جماعتون به آهن جيئن ته MCA (ملاين چائينز ايسوسيئيشن) آهي يا DAP (ڊيموڪريٽڪ ايسوسيئيشن پارٽي) وغيره.
ملاڪا هاءِ اسڪول مان پڙهيل لِم گئان اينگ (Lim Guan Eng)، جنهن جو گذريل مضمون ۾ به ذڪر ڪيو ويو آهي، DAP سياسي پارٽي جو سيڪريٽري جنرل ۽ پينانگ رياست جو چوٿون وزيراعليٰ آهي. سندس زال بيٽي چِييو گيڪ به DAP جي ميمبر ۽ ملاڪا جي اسيمبليءَ جي ميمبر آهي. کين چار ٻار آهن. سياست ۾ اچڻ کان اڳ، لِم گئنان اينگ، بئنڪ جو سينئر مئنيجر هو. پاڻ ملاڪا ۾ ان ڪري به مشهور آهي جو هو، جيل ۾ به وڃي چڪو آهي. ملاڪا جي اڳوڻي وزيراعليٰ عبدالرحيم تامبي چڪ تي، هڪ نابالغ پورچوگالي ڇوڪريءَ جي سلسلي ۾ جڏهن ڪورٽ ۾ زنا باالجبر جو ڪيس هلي رهيو هو ته لِم گئان، حڪومت ۽ جوڊيشري تي سخت تنقيد ڪئي. پمفليٽ ڇپرائي، ماڻهن کي غلط معلومات ڏنائين ۽ ڀڙڪايائين. لِم گئنان کي، 18 مهينا جيل جي سزا ملي. بهرحال 12 مهينا جيل ڪاٽڻ بعد، کيس 25 آگسٽ 1999ع تي آزاد ڪيو ويو. جيل ۾ وڃڻ ڪري، هو پنجن سالن تائين اليڪشن ۾ حصو وٺي نه سگهيو. بهرحال اڄڪلهه پينانگ رياست جو چيف منسٽر آهي.

لِم گئان اينگ جو پيءُ لِم ڪِٽ سيانگ (Lim kit Siang)، به ملاڪا جو مشهور سياستدان ۽ اسان جو هم عمر آهي. منهنجيون ساڻس ۽ ٻين مخالف ڌر جي ڪيترن ئي سياستدانن سان ملاقاتون ٿيون. ملاڪا جو چيف منسٽر رحيم تامبي چڪ ۽ گورنر سيد احمد شهاب الدين، منهنجا دوست هوندا هئا، اهي کلندا رهندا هئا. آئون کين چوندو هوس ته هڪ ليکڪ جي حساب سان، مون کي هر قسم جي ناليري ماڻهوءَ سان ملي هن کان حال احوال وٺڻ کپي، خاص ڪري سياست ۾ ته سياستدان ڪڏهن ڪنهن پاسي رهن ٿا ته ڪڏهن ڪنهن پاسي. اسان جي ڏينهن ۾ يعني 80 واري سڄي ڏهي ۾ چيني سياستدان لي لام ٿائي، مخالف ڌر ۾ رهيو ۽ هو حڪومت تي سخت نڪته چيني ڪندو هو. هن ڀيري اهو معلوم ڪري حيرت ٿي ته؛ هو حڪومت جي پارٽيءَ ۾ اچي ويو آهي. بهرحال منهنجون ملاقاتون، مختصر انٽرويو وٺڻ جي حد تائين، محدود رهن ٿيون. اڄ ڪيترا سياستدان ۽ ٻيون اهم شخصيتون، حيات نه آهن پر مون کي خوشيءَ سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ تي به حيرت ٿئي ٿي ته مختلف ملڪن جي بندرگاهن ۾ ڪيئن بي ڊپو يا بي شرم ٿي نه فقط سياستدانن، سرڪاري ڪامورن، گورنرن، وزيرن ۽ ڪارخانيدارن سان ملندو رهيس پر کدڙن، بازاري عورتن، ڌاڙيلن، ڪوڙن پيرن ۽ جادوگرن سان به ملي خبرون چارون وٺندو رهيس. هاڻ اها ٻي ڳالهه آهي ته اخبار وارا منهنجا ڪيترا ڪالم اهو چيو موٽايو ڇڏين ته؛ پڙهندڙ هضم ڪري نه سگهندا.
بهرحال لِم ڪٽ سيانگ کي ملئي ماڻهو پسند نٿا ڪن، جو هو ڪٽر قسم جو چيني آهي. هن سڄي زندگي، حڪومت جي مخالفت ڪئي آهي. 1969ع کان ملڪ جي ٿيندڙ هر اليڪشن ۾ کٽندو اچي، سواءِ 1999ع واري اليڪشن جي. هو هميشه DAP جو سيڪريٽري جنرل ٿي رهيو. هاڻ پارٽي جو چيئرمين آهي ۽ سندس پٽ لِم گئانگ اينگ سيڪريٽري جنرل آهي. لِم ڪِٽ چيني ماڻهن کي ڀڙڪائڻ جي ڏوهه ۾، ملڪ جي انٽرنل سيڪيورٽي ائڪٽ هيٺ، جيل به ڪاٽي چڪو آهي. لِم جي Plus point اها آهي ته هو سٺو ليکڪ آهي. هو ويهارو کن ڪتابن جو مصنف پڻ آهي.
ملاڪا جي ٻي چيني اهم شخصيت، جنهن پڻ ملاڪا جي هاءِ اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي، اهو تان سيئو سِن (Tan Siew Sin) آهي. هو ملايا (جيڪو پوءِ ملائيشيا ٿيو) جو پهريون ڪامرس منسٽر هو. بعد ۾ 15 سال 1959ع کان 1974ع تائين، وزير خزانا ٿي رهيو. پاڻ چينين جي سياسي پارٽي MCA (ملائيشين چائينز ايسوسيئيشن) جو صدر پڻ رهيو.
تان سيئو 1916ع ۾ ملاڪا ۾ ڄائو. سندس پيءُ تان چينگ لاڪ MCA سياسي جماعت ٺاهي هئي. تان سيئو ملاڪا جي هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ بعد، سنگاپور جي رئفلس ڪاليج مان پڙهيو. قانون جي تعليم هن لنڊن مان حاصل ڪئي.
تان سيئو سان منهنجي جڏهن 1986ع ۾ ملاقات ٿي ته هو 70 سالن جو هو ۽ ريٽائرمينٽ جي زندگي گذاري رهيو هو. 17 مارچ 1988ع تي سندس ڪئالالمپور ۾ وفات ٿي. جيتوڻيڪ ملائيشيا جي آدمشماري گهٽ هجڻ ڪري، ڪنهن به گهٽ ٻار ڄڻڻ جو نٿي سوچيو. يعني هي 80 واري ڏهي جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان. ان وقت ملائيشيا ۾ اها ڳالهه جيتوڻيڪ عجيب سمجهي وئي ٿي پر تان سيئو جي زال ڪئٿرين فئملي پلاننگ جي پرچار ڪندي رهي. کين ٽي ٻار، ٽئي ڌيئرون آهن.
تان سيئو نالي ڪئالالمپور ۾ ”جالان تُن تان سيئو سِن“ (Jalan Tun Tan Siew Sin) روڊ به آهي، جيڪو 2003ع تائين جالان سِلانگ نالي سان سڏيو ويو ٿي. هتي يادگيريءَ لاءِ هڪ دفعو وري به لکندو هلان ته جالان، ملئي زبان جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي روڊ يا شاهراهه ۽ Tun ۽ Tan Seri ملائيشيا جا اهم خطاب آهن، جيڪي ملڪ جو بادشاهه ملڪ جي اهم ماڻهن کي سندن ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪيل اهم خدمتن جي بدلي ۾ نوازي ٿو. هتي اهو به لکندو هلان ته؛ ملائيشيا ۾ رهندڙ چينين جو مختلف مذهبن سان تعلق آهي. ڪي عيسائي آهن ته ڪي ٻڌ. ڪي مختلف مندرن ۾ ضرور وڃن ٿا پر سندن مذهب ڪو به ناهي. جيڪي چيني، مسلمان ٿين ٿا، اهي ملئي ماڻهن جي رسم رواج ۽ لباس پهرڻ تي ملئي ئي ليکيا وڃن ٿا. تان سيئو سِن جي خاندان جو تعلق، ٻُڌ ڌرم سان آهي. باقي سندس زال جو نالو ڪئٿرين هجڻ ڪري، هوءَ عيسائي هجي. پر ملائيشيا جي چينين ۾ اهو به فئشن آهي ته هنن جو کڻي ڪهڙي به دين ڌرم سان واسطو هجي، هو پنهنجي چيني طرز جي نالي سان گڏ انگريزي نالو به رکن ٿا.
ملاڪا شهر جي هڪ ٻي اهم شخصيت، جنهن پڻ ملاڪا هاءِ اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي ۽ جنهن کان اسان جا ادب ۽ شاعري جي مطالعي جا شوقين واقف آهن. اها آهي شرلي گيوڪ لِم (Shirley Geok Lim) هوءَ منهنجي همعصر آهي.
شرلي، ملاڪا جي غريب گهر ۾ 1944ع ۾ ڄائي. کيس ننڍي هوندي کان، ڪتابن پڙهڻ ۽ انگريزي ادب سان دلچسپي هوندي هئي. انهن ڏينهن ۾ اها ڳالهه خراب سمجهي وئي ٿي ته ڪا ڇوڪري پنهنجي مشرقي زبان ۾ دلچسپي وٺڻ بدران، انگريزيءَ کي ترجيح ڏئي. هن جو پهريون انگريزي Poem ملاڪا جي اخبار ملاڪا ٽائيمس ۾ تڏهن ڇپيو، جڏهن پاڻ يارهن سالن جي هئي. اڳتي هلي هوءَ، دنيا جي مشهور شاعره، افسانا نويس ۽ نقاد مشهور ٿي.
شرليءَ، يونيورسٽي آف ملايا مان B.A آنرس ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيو. 1969ع ڌاري کيس آمريڪا جي فل برائيٽ اسڪالر ملي ۽ مساچوسيٽ جي Brandeis يونيورسٽيءَ مان Ph.D جي ڊگري انگريزي ۽ آمريڪن لٽريچر ۾ حاصل ڪيائين. اڄڪلهه پاڻ آمريڪن شهري آهي ۽ سندس شادي يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا جي هڪ پروفيسر چارلس بيزرمئن سان ٿي آهي.
شرلي گوئيڪ لِم کي، سندس شاعري ۽ نثر جي ڪيترن ئي ڪتابن تي ايوارڊ ملي چڪا آهن. خاص ڪري سندس شاعريءَ جي پهرئين مجموعي Crossing the Peninsula تي جيڪو 1980ع ۾ ڇپيو هو. پاڻ پهرين ايشيائي ۽ پهرين عورت آهي، جنهن کي شاعريءَ تي ”ڪامن ويلٿ پوئيٽري پرائيز“ مليو. ٻين انعامن ۾ هڪ ڪتاب سندس يادگيرين جو به آهي جنهن جو عنوان آهي:
Among the white Moon Faces
هي ڪتاب 1997ع ۾ ڇپيو هو ۽ مون ٻڌو آهي ته هن ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو سنڌ يونيورسٽي جو پروفيسر اسحاق سميجو ڪري رهيو آهي.

No comments:

Post a Comment