ماتليءَ جي ڊاڪٽرياڻي ملاڪا ۾
الطاف شيخ

ڊاڪٽر عطا، جيتوڻيڪ ان ڳالهه کي ناممڪن تصور ڪيو، ڇو جو اڄ ڏينهن
تائين نه هن جو فون خراب ٿيو آهي ۽ نه وري چوري ٿيو آهي. تنھن ھوندي به هن اي ميل
ذريعي، پنهنجي گهر ۽ آفيس جو لينڊ لائين نمبر ۽ ائڊريس سان گڏ، ٻه ٻيا موبائل نمبر
به موڪليا. هڪ سندس پٽ مير غلام محمد جو ۽ ٻيو سندس ڪزن مير سعيد ٽالپر جو. ملاڪا
پهتس ته ڊاڪٽر عطا کلي چيو؛ ”مون پئي سوچيو ته توهان اجايو ايترو خبردار ٿا رهو،
هڪ فون نمبر ئي ڪافي آهي پر خبر اٿانوَ ته ڪالهه منهنجو سڄو ڏينهن فون خراب رهيو ۽
آئون اهو ئي سوچيندو رهيس ته ٻيو نمبر وٺي توهان عقلمندي ڪئي، نه ته منهنجو سڪون
به چٽ هجي ها. پنهنجي پٽ غلام محمد کي به ان ڪري گڏ کڻيو پئي هليس ته جيئن توهان
جو فون اچي ته توهان کي وٺڻ لاءِ ان هنڌ تي پهچي وڃون.“
”سائين ماٺ اٿانوَ ڀلي“ مون ڊاڪٽر عطا کي چيو؛ ”ان قسم جي ننڍڙين
ڳالهين ڪري، ڪيترن کي مون پرديس ۾ پريشان ٿيندي ڏٺو آهي.“
جيتوڻيڪ ڪيترا ماڻهو ان تي کلندا آهن پر مون سياڻن سياحن کي، خاص ڪري
گورن انگريزن کي ڏٺو آهي ته هو پرديس ۾ پنهنجو پاسپورٽ گنجيءَ اندر، زپ وارو کيسو
ٺاهي، منجھس رکندا يا قميص هيٺان سنهي ڪپڙي جو کيسي وارو ويڪرو بيلٽ ٻڌي ان ۾
رکندا. پئسا هڪ ئي کيسي ۾ رکڻ بدران، انهن کي ٻن يا ٽن حصن ۾ ورهائي، مختلف کيسن ۾
وجهندا. چوندا ته؛ برو وقت ايندي دير نٿي لڳي. ڪو شاهينگ کيسو ڪٽي وڃي ته سڀ ڪجهه
ته هليو نه وڃي. پرديس ۾، وڌ ۾ وڌ ڪو رستو ٻڌائيندو، پئسا ته نه ڏيندو. جنهن شهر
يا ملڪ ۾ ويندا، ان ۾ رهندڙ پنهنجن دوستن ۽ مائٽن جا فون نمبر ٻن پنن تي ڪري
لکندا. هڪ پنو ڪوٽ جي ٻاهرئين کيسي ۾ ته ٻيو قميص يا پتلون جي کيسي ۾. جيئن هڪ گم
ٿي وڃي ته ٻيو موجود هجي.

ڊاڪٽر عطا سان ملي، خبر چار ڪرڻ بعد، جڏهن مانيءَ لاءِ هڪ ريسٽورنٽ ۾ اچي ويٺاسين ته مون کي اوچتو ياد آيو؛ ڊاڪٽر عطا پنهنجي ڪزن جو به فون نمبر ڏنو هو ته هو به ملاڪا ۾ رهي ٿو.
”سعيد ٽالپر به توهان وانگر ڊاڪٽر آهي ۽ توهان سان رهي ٿو؟“ ڊاڪٽر
عطا کان پڇيم؛ ”يا هتي گهمڻ لاءِ آيو آهي.“
”نه هو آءِ ٽي ۽ ڪمپيوٽر جو پروفيسر آهي ۽ هتي جي ملاڪا انٽرنيشنل
اسڪول ۾ پڙهائي ٿو.“ عطا ٻڌايو.
”زبردست! ڏاڍي خوشي ٿي ته هتي جي تعليمي ادارن ۾ پاڪستاني پڙهائين ٿا
۽ ملاڪا شهر ۾ انٽرنيشنل اسڪول به آهي.“
ڊاڪٽر عطا ٻڌايو ته؛ سندس ڪزن سعيد ٽالپر جو وڏو ڀاءُ فاروق احمد
سندس ڀيڻويو ٿئي ۽ اهي ٽنڊوڄام جي مير باغ علي ٽالپر جا پٽ ۽ مشهور سماجي ورڪر،
سنڌي ليکڪ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جا ڀائٽيا ٿين.
”سعيد کي ڀلا هيءَ نوڪري ڪيئن ملي؟“ مون ڊاڪٽر عطا کان پڇيو.
”دراصل ملاڪا انٽرنيشنل اسڪول کي ڪمپيوٽر پڙهائڻ واري جي ضرورت پئجي
وئي ۽ هنن هتي جي اخبار ۾ اشتهار ڏنو“ عطا ٻڌايو؛ ”مون کي يڪدم سعيد ڌيان ۾ اچي
ويو. هن جي نه فقط ان سبجيڪٽ ۾ ڊگري هئي پر هو ان ۾ ڄاڻو هو. هو محنتي ۽ سخت حالتن
۾ به رهي سگهيو ٿي ۽ ايمانداريءَ سان ڊيوٽي ڪرڻ کان هن جي هر هڪ تعريف ڪئي ٿي.“
”سعيد ٽالپر نه فقط هن نوڪري لاءِ چونڊجي ويو پر هو پنھنجي محنت ۽
ڄاڻ ڪري، هتي جي دلپسند شخصيت مڃيو وڃي ٿو.“
ٻئي ڏينهن، رات جي مانيءَ لاءِ، اسان سعيد ٽالپر جي گهر وياسين. جيڪا
سندس ڪنوار ڊاڪٽر اِرم ياسمين تيار ڪئي. ”ڊاڪٽر اِرم، ملاڪا جي جنرل هاسپٽل ۾
نوڪري ڪري ٿي.“
ڊاڪٽر عطا ٻڌايو ته؛ ”ملاڪا اچڻ وقت، سعيد اڪيلو هو. سال کن نوڪري
ڪرڻ بعد، هو پاڪستان ويو ۽ ڊاڪٽر ارم سان شادي ڪري هتي آيو. پوءِ هتي رهي ڪري،
هوءَ نوڪريءَ لاءِ Apply ڪندي رهي ۽ 6 مهينا کن ٿيندا ته کيس هتي جي وڏي اسپتال ۾ نوڪري ملي وئي
آهي.“

ڊاڪٽر ارم نظاماڻي، غلام شاهه نظاماڻي جي ڌيءَ آهي. غلام شاهه
نظاماڻي 1942ع ۾ ماتلي ۾ ڄائو ۽ اڄڪلهه حيدرآباد ۾ رهي ٿو. ھو اڪوپنڪچر جي ڄاڻ کان
به مشهور آهي. سندس والد، حاجي محمد خان جو تعلق، ڳوٺ ڪڙيو گهنور سان آهي، جيڪو
ڳوٺ محمود فقير جي درگاهه کان مشهور آهي. غلام شاهه نظاماڻيءَ جهڙن ماڻهن کي اهو
ڪريڊٽ ضرور ڏيڻ کپي ته هنن ڳوٺ ۾ رهي ڪري به پنهنجن پٽن توڙي نياڻين کي اعليٰ
تعليم ڏياري ۽ کين وڏيرڪي ذهنيت کان پري رکيو. کين سست ۽ ڪاهل ٿيڻ نه ڏنو. اهو ئي
سبب آهي جو ڊاڪٽر اِرم، ننڍيءَ عمر ۾ پرديس اندر نه فقط دل لڳائي نوڪري ڪري رهي
آهي پر بنا ڪنهن ماسي يا نوڪرياڻيءَ جي، گهر جي ٺاهه جوڙ ۽ رڌ پچاءُ به ڪري رهي
آهي.

پاڻ هتي، ماتليءَ جي، بلڪ ڳوٺ ڪڙيو گهنور جي غلام شاهه نظاماڻيءَ جي
ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جنهن پنهنجي سڀني ٻارن کي تعليم لاءِ همٿايو ۽ مشڪلاتن کي
منهن ڏيڻ لاءِ تربيت ڏني. اهو ئي سبب آهي جو سندس ڌيءَ، ڊاڪٽر اِرم (نظاماڻي) ٽالپر، اڄ هتي اڪيلي سر گهر ۽ نوڪريءَ کي منهن ڏيو ويٺي آهي. ارم جي وڏي ڀيڻ، روحي
نگار به ڊاڪٽر آهي. هن پڻ لياقت يونيورسٽي ڄامشورو مان، ايم بي بي ايس ڪئي ۽ ان
بعد، ايف سي پي ايس ڪيائين. سندس مڙس پروفيسر اڪرام اڄڻ، پڻ ڊاڪٽر ۽ لياقت يونيورسٽي
جو گريجوئيٽ آهي.
ڊاڪٽر روحيءَ کانپوءِ ڀاءُ رشيد آهي، جنهن مهراڻ يونيورسٽيءَ مان بي
اي ڪئي آهي. ان بعد ڀيڻ شاهين آهي، جنهن جو گهوٽ راڄوخاناڻي جو علي احمد ٽالپر
انجنيئرنگ ڪرڻ بعد پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ آهي. ڊاڪٽر ارم چوٿين نمبر تي آهي ۽ پنجين ۽
آخري نمبر تي ڀاءُ ياسر آهي، جنهن تازو ڪامرس ۾ ماسٽرس ڪئي آهي.
No comments:
Post a Comment