خوبصورت مُلڪ ملائيشيا ۽ الطاف شيخ
منير نارائي
الطاف شيخ منهنجو هميشه کان پسنديده ليکڪ رهيو آهي. سندس ڪتابي شڪل ۾
موجود، لڳ ڀڳ سمورا سفرناما مون پڙهيا آهن. سندس لکڻ جو انداز اهڙو وڻندڙ ۽
معلوماتي هوندو آهي جو دل چوندي آهي ته؛ سندس هر لکڻيءَ کي پورو ڪري پوءِ ڇڏجي. سال 1985ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ ئي، مون الطاف شيخ جا
سفرناما پڙهڻ شروع ڪيا هئا. سمنڊ سان الائي ڇو منهنجي تمام گهڻي دلچسپي رهي آهي.
مون کي اهي سڀئي فلمون به ڏاڍيون وڻنديون آهن، جيڪي سمنڊ ۾ فلمايل هونديون آهن ۽
الطاف شيخ به سمونڊ کي جهاڳڻ وارو شخص آهي ۽ سندس لکڻين ۾ به سمنڊ بابت گهڻي
معلومات آهي. ان ڪري به سندس لکڻيون مون کي وڻنديون آهن ۽ جڏهن الطاف جا سفرناما
پڙهندو هئس ته مون کي ائين لڳندو هو ڄڻ؛ مان الطاف شيخ سان گڏ آهيان ۽ سندس بيان
ڪيل شين ۽ منظرن کي پنهنجي اکين سان ڏسي رهيو هجان. هاڻي جڏهن الطاف جون لکڻيون
باقاعدگي سان روزاني عبرت ۾ شايع ٿي رهيون آهن ته مان به انهن کي باقاعدگيءَ سان
پڙهي رهيو آهيان. سندس هر لکڻي معلومات سان ڀريل آهي ۽ مون کي گهڻي خوشي ان ڳالهه
جي آهي ته ملائيشيا ۾ جن ماڳن تي مان ويو آهيان، الطاف شيخ انهن جو به ڪافي ذڪر
ڪيو آهي. جيئن ڪوالالمپور جي انڊين مسجد کان چند قدم اڳيان گلوبل سلڪ سينٽر آهي،
جنهن جو ذڪر الطاف تازو ئي پنهنجي هڪ ڪالم ۾ ڪيو آهي.
مان اڪثر گلوبل سينٽر جي ٻاهران وڃي بيهندو هوس ۽ فارغ وقت اتي
گذاريندو هوس. پر اڳ ۾ مون کي اها خبر نه هئي ته ڪو گلوبل سلڪ سينٽر هڪ سنڌيءَ جو
آهي. اهو 1989ع وارو سال هو جو مان ۽ منهنجا دوست؛ جميل شيخ ۽ ڪامران انصاري،
انڊين مسجد جي ڀرسان سلنگور مينشن نالي هڪ پلازه ۾ رهيل هئاسين ۽ افسوس جو انهن
ڏينهن ۾ اها ڄاڻ نه هئي ته ڪو الطاف شيخ به ڪوالالمپور ۾ ئي موجود آهي، نه ته ساڻس
هر صورت ۾ ملاقات ڪيان ها ۽ اڄ به مون کي الطاف شيخ سان ملڻ جو گهڻو شوق آهي. پر
اهو اتفاق ئي آهي جو اڄ تائين ساڻس روبرو ملاقات نه ٿي سگهي آهي. جيتوڻيڪ فون تي
هڪ ٻه ڀيرا ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ الطاف جون اي ميلز به مون ڏانهن اينديون رهن ٿيون
پر ملاقات الائي ڇو نه ٿي سگهي آهي. ڌڻي پاڪ چاهيو ته اها به ضرور ٿي ويندي.
سندس ملائيشيا بابت تسلسل سان لکيل ڪالم پڙهي، منهنجي به دل چيو ته؛
مان به ڪجهه اکر خوبصورت ملڪ بابت لکان. ڇاڪاڻ ته الطاف جا ڪالم پڙهي، منهنجيون
پراڻيون يادگيريون اکين اڳيان اچي رهيون آهن. مان 7 نومبر 1989ع تي ڪراچيءَ جي
پراڻي ايئرپورٽ کان سريلنڪا جي ايئر لائين ”ايئر لنڪا“ ذريعي بينڪاڪ ڏانهن روانو
ٿيو هئس. پهريان بمبئي هاڻ (ممبئي) ۽ پوءِ ڪولمبو ۾ ٿورو ٿورو وقت ترسڻ کانپوءِ 8
نومبر تي بينڪاڪ پهتو هئس. بينڪاڪ ايئرپورٽ تي منهنجو دوست جميل شيخ اڳ ۾ ئي موجود
هو، جيڪو مون کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو هو. جميل شيخ يونين بينڪ آف بئنڪاڪ جي سامهون
”ميامي“ گيسٽ هائوس ۾ حيدرآباد جي ڪجهه دوستن سان گڏ ترسيل هو. ڪجهه آرام ڪرڻ
کانپوءِ، اسان شام جي وقت بئنڪاڪ شهر جو سير ڪرڻ لاءِ گيسٽ هائوس کان ٻاهر نڪتا
هئاسين ۽ سڀ کان پهريان ”پسني ڪانت“ واري علائقي ۾ ويا هئاسين. ڇاڪاڻ ته بئنڪ جو (GPO) اتي ئي هو. انهن ڏينهن ۾ موبائيل فون اڃا وجود ۾
نه آئي هئي ۽ مون کي ٽيليفون ڪري حيدرآباد ۾ گهر وارن کي پنهنجو حال احوال ڏيڻو هو
ته؛ مان خير خيرت سان پنهنجي منزل تي پهچي ويو آهيان. جڏھن ته ٽيليفون جي سستي
سهوليت (GPO) ۾ موجود هئي. پسني ڪانت، بئنڪاڪ جو اهڙو علائقو
آهي، جتي ائين محسوس ٿيو ڄڻ، ڪراچيءَ جي ڪنهن علائقي ۾ هجون. ڇاڪاڻ ته اتي هر طرف
جيڪي هوٽلون ۽ ڪئبنون وغيره هيون، سي پاڪستانين جون هيون ۽ اردو ڳالهائي پئي وئي. ان ڪري ڪا به اوپرائپ محسوس نه پئي ٿي. 2 ڏينهن بئنڪاڪ ۾ ترسڻ کانپوءِ اسان؛ جميل
شيخ ۽ مان، ريل ذريعي ملائيشيا وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو، جتي اسان جو دوست ڪامران
انصاري اڳي ئي موجود هو. اهو رات جو 8 وڳي جو ٽائيم هو جنهن وقت اسان بئنڪاڪ ريلوي
اسٽيشن تان، ٿائيلينڊ جي سرحدي شهر هيتائي ڏانهن سفر شروع ڪيو هو. سچي رات جي سفر
کانپوءِ، صبح جو اسان هيتائي پهتا هئاسين ۽ هڪ ٻاڪڙا هوٽل تي ناشتو ڪرڻ کانپوءِ،
بس جي ذريعي ڪوالالمپور ڏانهن وڃڻ جو سوچي رهيا هئاسين ته بئنڪاڪ کان هيتائي تائين
اسان سان گڏ سفر ڪندڙ ٻن سکن اسان کي صلاح ڏني ته توهان پينانگ تائين اسان سان گڏ
ٽيڪسي ۾ هلو. پوءِ اتان توهان ڪوالالمپور هليا وڃجو. پر جميل شيخ چيو ته؛ پاڻ بس ۾
سڌا سنوان ڪوالالمپور ٿا هلون. جنهن تي اسان سک دوستن سان معذرت ڪئي ۽ ڪوچ ۾ سوار
ٿي وياسين. ڇا ته خوبصورت نظارا هئا، ان رستي سان. سڄو ڏينهن قدرتي نظارن مان، لطف
اندوز ٿيندا رهياسين. اسان واري ڪوچ، منجهند جي ماني لاءِ هڪ هوٽل تي اسٽاپ ڪيو هو. اهڙي ريت ڪيترن ئي ننڍن وڏن شهرن ۾ اسٽاپ ڪندي، ڪجهه مسافر لاهيندي ۽ نوان مسافر
کڻندي، پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان رهي ۽ رات جو اٽڪل 12 وڳي اسان ڪوالالمپور
پهتا هئاسين. انڊين مسجد واري علائقي ۾ اها رات، اسان هڪ چائنيز هوٽل، جنهن جو
نالو (هينگ منگ) هو، ۾ ترسيا هئاسين. ان هوٽل جو هڪ پوڙهو چيني مئنيجر هو، جنهن
پاسپورٽ ڏسي اسان کي ڪمرو ڏنو هو. صبح جو اسان پنهنجي دوست ڪامران انصاريءَ سان
ملڻ لاءِ ڀرسان ئي موجود سلنگور مينشن ۾ پهتا هئاسين. پر هو اسان جي پهچڻ کان اڳ ۾
ئي، ڊيوٽي تي هليو ويو هو ۽ خبر پئي ته هاڻي اهو شام جو 4 کان 5 وڳي ڌاري واپس
ايندو. سمورو وقت اسان، گلوبل سلڪ سينٽر جي ٻاهران بيهي گذاريو هو. منجهند جي ماني
اسان سلنگور مينشن جي سامهون موجود هڪ ڌاٻي واري وٽ کاڌي هئي، جتي ٻيا به ڪيترا ئي
ڌاٻا هئا. بهرحال شام به ٿي ۽ اسان سلنگور منيشن جي مک دروازي تي بيهي رهياسين ۽
ڪجهه گهڙين کانپوءِ ڪامران انصاري به اچي پهتو. هڪ ٻئي کي ڀاڪرن ۾ ڀري ورتوسين ۽
ڏاڍا خوش ٿياسين. پوءِ نڪري پياسين، ڪوالالمپور شهر کي گهمڻ لاءِ. ڪامران اسان کي
سيون اليون واري علائقي ۾ وٺي ويو جتي وڏو پارڪ هو ۽ نوجوان فوٽ بال کيڏي رهيا هئا.
ان پارڪ جي وچ تي ملائيشيا جو هڪ وڏو جهنڊو لڳل هو. اسان ان کي ڏسڻ لاءِ، جهنڊي
واري قدآور ٽاور جي ويجهو وياسين. ان وقت حيرت ٿي، جڏهن ڏٺوسين ته ٽاور جي هيٺان
هڪ شيشو هو ۽ ان جي هيٺان ماڻهو گهمندي ڦرندي نظر آيا. پوءِ خبر پئي ته پارڪ جي
هيٺان زير زمين مارڪيٽ آهي. ان پارڪ جي سامهون، هڪ شاندار، محل نما، تاريخي عمارت
به هئي. ان بابت شايد مون کي ڪنهن ٻڌايو هو ته؛ اها عمارت وزيراعظم هائوس آهي. پر
مون کي پڪ نه آهي. يقينن الطاف شيخ کي ان عمارت جي باري ۾ ضرور خبر هوندي. ڇاڪاڻ
ته تازو ئي الطاف شيخ پنهنجي هڪ آرٽيڪل ۾ سيون اليون واري علائقي جو ذڪر ڪيو آهي.
ملائيشيا، واقعي هڪ خوبصورت ۽ قدرتي نظارن سان مالا مال ملڪ آهي، جتي
امن ۽ قانون آهي. مون کي هڪ دفعو انڊين مسجد ۾ فجر جي نماز پڙهڻ جو موقعو به مليو. ان مسجد ۾ وضو خانو اهڙو آهي جو بيٺي بيٺي وضو ڪيو ويندو آهي. فرض نماز پڙهي، سلام
ورايوسين ته منهنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي، جيڪي نمازي هئا تن مون سان هٿ ملايو. بلڪ
سڀني هڪ ٻئي سان هٿ ملايو ۽ خوش خير عافيت ڪئي. اها روايت مون کي سٺي لڳي. بعد ۾
اسان پاڪستان مسجد به ڏسڻ ويا هئاسين. جنهن علائقي ۾ الطاف شيخ، قديم دؤر ۾ هڪ جيل
هئڻ بابت لکيو آهي. ان وقت مون کي اها ڄاڻ نه هئي. ڪجهه ڏينهن ڪوالالمپور ۾ رهڻ
کانپوءِ، اسان ملائيشيا جي هڪ ٻيٽ ”پينانگ“ وياسين ۽ فيري جي ذريعي اتي پهتا
هئاسين. هر طرف کان سامونڊي پاڻي جي گهيري ۾ موجود اهو ٻيٽ، هڪ چڱو خاصو جديد شهر
آهي ۽ اهو شهر مون کي ڏاڍو وڻيو.
No comments:
Post a Comment