آمريڪا ۾ رهڻ لاءِ DOS ۽ DONT’s
الطاف شيخ
نيو
جرسيءَ منجھان نيويارڪ ڏي وڃڻ کان ٻه ڏينهن اڳ، ملائيشيا مان منهنجي هڪ شاگرد ۽
هاڻ دوست، ڪئپٽن نور عذري (Nur Azri) جو فون آيو.
مون کيس گذريل مهيني فون ڪيو هو پر پاڻ پينانگ کان آسٽريليا روانو ٿي چڪو هو. سندس
زال فاطمه فون کنيو هو. تنهن ٻڌايو هو ته سندس مڙس (ڪئپٽن عذري) جيڪو هڪ جهاز ران
ڪمپنيءَ جي آفيس ۾ ڪم ٿو ڪري، سندس ڪمپني جي ڪنهن جهاز جي ڪئپٽن جي بيمار ٿيڻ ڪري
هو پاڻ ايمرجنسي جي حالت ۾ جهاز کي آسٽريليا وٺي ويو آهي جو جهاز کي بنا ڪنهن دير
جي، وقت اندر اتي پهچي گلف جي ڪنهن بندرگاهه لاءِ رڍون ڍوئڻيون هيون.