منهنجي
ناتمام خواهش جو پورائو
جڏهن به مان
سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪو اهڙو ڪتاب پڙهندو آهيان جيڪو منهنجي جيءَ کي جڪڙي ويندو آهي
ته منهنجو ان ڳالهه ۾ ايمان تازو ٿي ويندو آهي ته سنڌ اڃا جاڳي ٿي، سنڌ جو شعور
اڃا ستو نه آهي. سنڌي ادب اڄ جنهن مقام تي بيٺو آهي ان پٺيان صدين جو پنڌ آهي.
شاهه لطيف کان شيخ اياز ۽ کانئس پوءِ واري ٽهيءَ تائين سنڌ جو ليکڪ پنهنجي پوري
ذميداريءَ سان لکي رهيو آهي. تازو سنڌ جي نوجوان شاعر، ڪهاڻيڪار، مترجم ۽ ڪالم
نگار رضوان گل جڏهن پنهنجو ڪتاب ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ مون ڏي مهاڳ لکڻ
لاءِ موڪليو ته مون اها ساڳي ئي خوشي محسوس ڪئي، جيڪا ڪنهن به سٺي ڪتاب پڙهڻ کان
پوءِ محسوس ڪندو آهيان. جڏهن مون ڪتاب جي فهرست ڏٺي ته مون سوچيو ته اهڙي ڪتاب کي
ته ڪنهن به تعارف ۽ مهاڳ جي ضرورت ئي نه آهي، ڇو ته هي ڪتاب پنهنجو تعارف پاڻ آهي.