Sunday, October 21, 2012

ٻارن جي مائرن سان گڏ - الطاف شيخ


ٻارن جي مائرن سان گڏ
الطاف شيخ
جپان ۾ نيون نيون خبرون ۽ مزيدار ڳالهيون حاصل ڪرڻ ۽ سفرنامو لکڻ لاءِ منهنجن ڏوهٽن احسن ۽ ايمان جو اسڪول به دلچسپ جاءِ آهي. صبح جي وقت هرهڪ ٻار جي ماءُ جلدي ۾ هوندي آهي ۽ پنهنجي ٻار کي پري کان ئي ڇڏي هلي ويندي آهي. پر موڪل مهل مائرون پنهنجن ٻارن کي وٺڻ لاءِ وقت کان اڳ ئي پهچيو وڃن، جيئن ٻارن کي ڪلاس روم مان نڪرڻ مهل گهر وڃڻ لاءِ انتظار ڪرڻو نه پوي. پوءِ جيسين موڪل ٿئي ٻارن جون مائرون هڪ ٻئي سان دل جا حال اورين ۽ ڪوڙيون سچيون ٻڌل يا اخبار ۾ پڙهيل خبرون هڪ ٻئي کي ٻڌائين. هتي جپان ۾ سڀني ٻارن کي هڪ ئي وقت موڪل نه ٿئي. اسڪول شروع ضرور هڪ وقت تي ٿئي ٿو- يعني اٺين بجي پر موڪل ڪنهن ڪلاس کي پنجين بجي ٿئي ته ڪنهن ڏينهن چئين ۽ ٽين بجي به ۽ ڪنهن ڪلاس کي ڇهين بجي به. ان جو مدار ميوزڪ، سئمنگ ۽ راندين جهڙين ڪلاسڪن تي آهي. پوءِ ڪنهن جا ٻه ٻار آهن ته اها ماءُ ٻئي ٻار جي اچڻ جي انتطار ۾ ويٺي هوندي آهي. احسن ۽ ايمان به مختلف ڪلاسن (ڪلاس فور ۽ ٿري) ۾ هجڻ ڪري ڪڏهن ڪڏهن مون کي به ڪلاڪ ڏيڍ وڌيڪ ويهڻو پوندو آهي. ايمان جي چئين بجي موڪل ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ جيسين احسن جو فُٽ بال راند سکڻ جو ڪلاس پنجين يا ساڍي پنجين ختم ٿئي. شروع وارن ڏينهن ۾ آئون چپ چاپ اڪيلو ويٺو رهيس، پر پوءِ آهستي آهستي پهرين اهي مائرون مون سان خبرچار ڪرڻ لڳيون، جن جا ٻار احسن ۽ ايمان جا سٺا فرينڊ هئا. احسن ۽ ايمان سان گڏ هنن جا ڪلاس ميٽ به مون کي اوجيسان (نانا) سڏڻ لڳا ۽ هاڻ انهن جي مائرن به مون کي نانا سڏڻ شروع ڪري ڏنو آهي. انهن ۾ هڪ ڏکڻ ڪوريا ۽ فلپين جي به عورت آهي، جن جا مڙس هتي نوڪري ڪن ٿا ۽ هڪ ميڪسيڪن ۽ هڪ تائيوان جي عورت پڻ آهي، انهن جا مڙس هتي جا جپاني آهن. اهي انگريزيءَ ۾ خبرون چارون ڪن. ان کان علاوه ڪجهه جپاني مائرون اهڙيون آهن، جيڪي پنهنجي انگريزي سڌارڻ لاءِ مون سان زوريءَ غلط سلط انگريزيءَ ۾ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون. هنن کان هتي جون خبرون حاصل ٿيڻ ڪري هو مون لاءِ دلچسپ عورتون آهن ۽ آئون هنن لاءِ دلچسپيءَ جو باعث ان ڪري آهيان جو آئون هنن پَٽَن تي ڏهه سال کن تڏهن رهي ويو هوس، جڏهن هو ٻن ٽن سالن جون ٻار هيون يا ڪي ته اڃا ڄايون به نه هيون. ظاهر آهي جيڪا هن وقت 3۵ کن سالن جي آهي اها ۱۹۷3ع ۾ جڏهن آئون هتي جپان ۾ پهريون دفعو آيو هوس، ته ٽن چئن سالن جي ئي هوندي. هو انهن ڏينهن جي ۽ اڄ جي هن شهر ڪوڪورا ۽ ڀر وارن شهرن: موجي، فڪوئوڪا، شمونوسيڪي ۾ نظر ايندڙ خاص فرق بابت مون کان پڇنديون آهن. هو منهنجا سنڌي ۽ اڙدو جا ڪجهه ڪتاب ڏسي تعجب کائينديون آهن- خاص ڪري پوسان (ڏکڻ ڪوريا) جي رهاڪو ماءُ جنهن جي ڳوٺ پوسان ۽ هتي جي ڀر واري بندرگاهه شمونوسيڪي جي وچ ۾ اسان کي هر دفعي ڪيترائي دفعا جهاز کي وٺي وڃڻو پوندو هو ۽ سندن ساهيڙي- مريم (جيجل) يعني احسن ۽ ايمان جي ماءُ جو ننڍپڻ مون سان گڏ جهاز تي يا انهن شهرن ۾ گذريو هو. هو مون کان جهازي مسافرين ۽ هتي جي سامونڊي طوفانن جو پڇنديون آهن، هتي جي مڪاني ماڻهن ۽ ڪلچر جو پڇنديون آهن ۽ پوءِ کين ڪڏهن ڪڏهن سندن جپاني اديبن: تاڪاگي، ياڪومو، ناتسومي سوسيڪي، اڪوتاگاوا ۽ ڪاوا باتا جون Quotations ۽ اشي ڪاوا، ماتسو باشو، اس سا ۽ مورا ڪامي جهڙن شاعرن جا شعر (هائيڪو) ٻڌائيندو آهيان ته هنن کي تعجب لڳندو آهي. احسن ۽ ايمان اسڪول طرفان مليل ماني کائڻ بدران پنهنجي ڇو ٿا آڻين؟ اسلام ڇا آهي؟ اسلام ڪهڙن ڳالهين کان منع ڪري ٿو؟ هنن وٽ اڻ کٽندڙ سوال هوندا آهن، جن جا جواب ڏيڻ لاءِ آئون به تيار هونديون آهيان. ساڳي وقت سندن ڳالهيون، سندس خوشين ۽ غمن جون ڪهاڻيون، سندن خوفن ۽ اُميدن جا راز، سندن عقيدن، وسون ۽ سوچن بابت نت نوان پهلو معلوم ڪري مون کي به حيرت ٿيندي آهي ۽ انهن ۾ ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون هونديون آهن، جيڪي ڪتابن ۾ به نه ملي سگهن. انهن ۾ ڪيتريون اهڙيون خبرون هونديون آهن، جيڪي اخبار ۾ نه ڇپجي سگهن. هو اڪثر منهنجي خبرن جي انتظار ۾ هونديون آهن ته آئون هنن جي ملڪ، ماڻهن ۽ ماحول بابت ڇا ٿو سوچيان. ڪڏهن ڪڏهن ٻه ٽي ڏينهن نه ويندو آهيان ته هنن مائرن مان اڪثر پڇنديون آهن ته ”اوجيسان ڪيڏانهن ويا هئائو؟“


”اوساڪا ويو هوس.“ ٻڌائيندو آهيان. يا ڪوبي ويو هوس، ڪيوٽو ويو هوس ۽ پوءِ کين اهو ٻڌائڻو پوندو آهي ته اهي شهر مون کي هينئر ڪيئن لڳا؟
ڪڏهن ڪڏهن هو پاڪستان بابت پڇنديون آهن ته ڪڏهن ملائيشيا بابت پڻ جتي مون ڪافي سال گذاريا. هنن کي وڏو فڪر اهو هوندو آهي ته هنن جا ٻار انگريزي ڳالهائڻ سکن. هڪ ٽيچر جي حيثيت ۾ انگريزي ڳالهائڻ وارن ملڪن ۾ رهڻ ڪري هو مون کان اڪثر پنهنجن ٻارن جي مستقبل جي تعليم لاءِ پڇنديون آهن ته هو اعليٰ تعليم لاءِ پنهنجن ٻارن کي ڪيڏانهن موڪلين. ان لاءِ جواب ۾ آئون کڻي ڪيترا به دليل ڏيان ته سنگارپور، نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا جهڙا ملڪ تعليم جي لحاظ کان سٺا آهن، پر يارو جپاني ماڻهوءَ جي دماغ تي هڪ ئي ”ملڪ“ سوار آهي- اهو آهي USA! هنن کي بنيادي طرح پنهنجو ملڪ وڻي ٿو، هنن کي پنهنجي ملڪ سان پيار آهي، پر جپاني نوجوانن جي، خاص ڪري عورتن جي تمام گهڻي خواهش آهي ته امريڪا ۾ رهجي. ”اتي جوLife Style سٺو آهي، يعني عورتن کي وڌيڪ آزادي آهي ۽ عورتن جي گهڻي هلي ٿي.“ هتي جپان ۾ جپاني عورت سڄو ڏينهن پورهيو ڪرڻ بعد به مڙس جي رحم و ڪرم تي رهي ٿي- ڪيتريون ته هميشه موچڙن جي منهن ۾ رهن ٿيون. ڪيترين جي ڳالهين مان ته ائين لڳندو آهي ته هنن کي اهي ئي گهڙيون آرام جون ملن ٿيون، جيڪي هو هتي اسڪول ۾ اچي ٻارن جي موڪل جي انتظار ۾ گذارين ٿيون نه ته سڄو ڏينهن گهر ۾ پورهيو ڪن ٿيون. ڪم ڪار ۾ مدد ڪرڻ لاءِ نوڪرياڻي يا ڇوڪرو رکڻ جو ته سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. هن مهانگي ملڪ ۾ ڪم ڪار لاءِ ڪو نوڪر يا نوڪرياڻي رکڻ جو ته ڪو سوچي نه ٿو سگهي ۽ نه هتي جا مرد حضرات چاهيندا ته نه سندن جويون سک جو ساهه کڻن. جپاني عورت جنهن Tension ۾ رهي ٿي، ان کان جڳ جهان واقف آهي.

No comments:

Post a Comment