Saturday, May 18, 2013

ڄميل سمنڊ تي ٻه سنڌي ۽ رگا ڏانهن روانگي - عبدالله مورائي


ڄميل سمنڊ تي ٻه سنڌي ۽ رگا ڏانهن روانگي
Notes from Europe
عبدالله مورائي
۽ جڏهن اوچتو اوچتو اسان جي ڪمري ۾ وڏا وڏا آواز اچڻ شروع ٿيا ته مون پريشاني وچان ارشد ميمڻ کان پڇيو ته يار هي آواز ڇا جا آهن؟ ٿورو غور ڪرڻ کانپوءِ احساس ٿيو ته پاڻي وارو جهاز هاڻي ڄميل سمنڊ کي چيريندو ليٽويا (Latvia) جي گادي واري شهر رگا (Riga) ڏانهن تيزي سان وڌي رهيو هو. احساس ٿيو ته اسان وارو ڪمرو جنهن کي ڪيبن چئبو آهي سا بلڪل هيٺين سطح تي هئي، جنهن ڪري هي هيڏا وڏا آواز پيدا ٿي رهيا هيا.

بهرحال آواز کان بچڻ لاءِ اسان لفٽ ۾ چڙهي وڃي اٺين فلور تي پهتاسين، جتي رنگ برنگي محفلون جاري و ساري هيون ۽ جوان جسم پنهنجي جوڀن ۾ هيڏانهن هوڏانهن گهمي ڦري رهيا هئا ۽ ڊيوٽي فري وارن دڪانن تان اگهه چڪائي رهيا هئا.
اهو منهنجو پهريون اتفاق هيو جو مان پاڻيءَ واري جهاز تي هجان ۽ سمنڊ ڄميل هجي. جهاز جي ڊيڪ (Deck) واري حصي ۾ ويس ته ٻن منٽن کان وڌيڪ اتي بيهي نه سگهيس. گرميءَ جو درجو ڪاٽو ۱۶ هيو ۽ تيز هوا لڳي رهي هئي. هن کان پهريان مان پنهنجي دوست عالم صديقيءَ سان گڏ اونهاري جي موسم ۾ فنلينڊ جي گاديءَ واري شهر هيلسنڪي (Helsinki) ويو هيس، تڏهن جهاز تي تمام گهڻا سياح موجود هيا، پر هاڻي سخت سيءَ جي ڪري سياحن جو ڪافي تعداد گهٽ هيو. هي پاڻي وارا جهاز وڏا شاندار آهن، هيئن کڻي چئجي ته ٻارنهن منزله عمارت آهي، جيڪا پنهنجي اندر هڪ ننڍي شهر جو ڏيک ڏئي ٿي ۽ هي هڪ شهر وتي ٿو پاڻيءَ تي ترندو ۽ ملڪ لتاڙيندو. هنن جهازن تي وڏا شاپنگ سينٽر، مختلف قسم جا ريسٽورنٽس، شراب خانا، جوا کيڏڻ جون مشينون، نچڻ جا ڪلب، مساج سينٽر ۽ ڪيفي ٽيريا وغيره سياحن جي خدمت لاءِ هر وقت کليل رهن ٿا. هر ڪو ماڻهو پنهنجي پسنديده مشغلي ڏانهن رخ ڪري ٿو. جهاز تي وائرليس انٽرنيٽ به مسافرن لاءِ هر وقت Connect رهي ٿي.
ماڻهو هنن جهازن تي روزمره جي زندگي کان پاسيرو ٿيڻ لاءِ weekend تي خاص ڪري گهمڻ لاءِ نڪريو وڃن. هڪ ننڍي ڪمري ۾ ۴ ماڻهو مزي سان رهي سگهن ٿا ۽ اهي ننڍا ڪمرا Luxury ٿين ٿا جن ۾ فون، ٽي وي ۽ اٽيچ باٿ روم هجن ٿا.
اسان رات جي مانيءَ کانپوءِ، پنهنجي ڪمري ڏانهن واپس ورياسين. آواز ڪافي حد تائين گهٽجي ويو هيو ۽ جهاز بالٽڪ (Baltic) سمنڊ جي وچ ۾ تري رهيو هو ۽ هاڻي وچ سمنڊ ۾ رڳو برف جا ننڍا وڏا ٽڪرا نظر اچي رهيا هئا.
صبح جو اک کلي ته ڪمري جي فون ۾ لڳل اسپيڪر تي اعلان ٿي رهيو هو ته اسان هڪ ڪلاڪ تائين رگا (Riga) تائين پهچي وينداسين. جهاز جيستائين بندرگاهه تي پهچي، اسان تيار ٿي ناشتو ڪري فارغ ٿي چڪا هئاسون ۽ بندرگاهه کان ٽيڪسي ڪرائي اچي شهر جي لائما (Laima) چوڪ تي لٿاسين. شهر ۾ هر هنڌ برف ڄميل هئي، گهٽيون صاف ۽ ماڻهن جي اچ وڃ جاري هئي. گهرن جي مٿان نڪرندڙ چمنين مان دونهون ان ڳالهه جي ثابتي ڏئي رهيو هو ته هتي ماڻهو ڪاٺ ٻاري گهرن کي گرم رکن ٿا. اڳوڻي روسي رياست ليٽويا (Latvia) تازو ئي يورپي يونين ۾ شامل ٿيڻ ڪري تمام گهڻي ڪوشش ڪري رهي آهي ته يورپ جي ٻين ملڪن وانگر مقرر ڪيل قانون ۽ اصولن تي پورو لهجي ۽ ٻين دنيا (second world) مان نڪري پهرين دنيا (First world) تائين جلد از جلد پهچجي پر جيئن ته پهرين، ٻين ۽ ٽين دنيا جو تصور اتان جي رهاڪن جي اخلاقيات ۽ روين مان اخذ ڪيو ويندو آهي ۽ مون کي اتي ائين محسوس ٿيو ته هنن کي اڃا وقت لڳندو ان مقام تائين پهچڻ لاءِ، پاڻ ته اڃا تمام گهڻو پوئتي آهيون. ان مقام تائين پهچڻ لاءِ پهرين وک اها ئي آهي ته جنهن ڏينهن اسان قطار ۾ بيهي پنهنجي واري جو انتظار ڪرڻ ۾ بي عزتي نه پر عزت سمجهنداسين ته سمجهو اسان ان طرف هلڻ شروع ڪيو آهي.
رگا (Riga) جيڪو بالٽڪ ملڪن جي شهرن ۾ سڀني کان وڏو آهي ۾ اڃا تائين راڻي سوويت يونين جي دؤر جون ڪافي شيون نظر اينديون. خاص طور تي پراڻيون عمارتون شهر ۾ اڃا تائين ذري گهٽ اڌ آبادي روسي ٻولي ڳالهائيندڙن جي آهي، جن کان هتان جا ماڻهو اندر ئي اندر ۾ ڏاڍي خار کائيندا آهن. يورپ جي ٻين شهرن وانگر رگا ۾ به پراڻي ۽ نئين شهر جو فرق واضح آهي، جيڪو سياحن کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪري ٿو. پراڻي شهر ۾ گهمڻ جو هڪ پنهنجو مزو آهي. سوڙهيون پٿريليون گهٽيون، جن اندر هوٽل، ريسٽورنٽ، سياحن لاءِ سوکڙيون خريد ڪرڻ جا انيڪ ننڍا وڏا دڪان، شراب خانا ۽ ڪلبن جي ڀرمار آهي. سخت سيءَ جي ڪري، شهر ۾ سياحن جو تعداد گهٽ هئڻ ڪري هر دڪان جي  سيلز گرل (Sales girl) جي اها ئي ڪوشش هئي ته اسان ڪا نه ڪا سوکڙي ضرور وٺون. پر انهن جي اها ڪوشش گهڻي قدر ڪامياب نه وئي. مون صرف ٻن چاٻين وجهڻ جا ڇلا ورتا جن تي رگا (Riga) جو نقشو ٺهيل هيو. منهنجي ڪل خريداري اها هئي. توڙي جو هتان جا ماڻهو تمام گهڻا امير نه آهن پر تنهن هوندي به انهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ ڪپڙي لٽي مان اهو محسوس ٿئي ٿو ته ڪو به غربت جي زندگي هتي نٿو گذاري. مطلب ته هتي ۽ يورپ جي ٻين ملڪن ۾ هڪڙا غربت جا معيار ۽ حدون مقرر ٿيل آهن ۽ ماڻهو جو ايترو خيال ڪيو وڃي ٿو ته اهي مقرر ٿيل حد کان هيٺ هرگز نه وڃن. هتي به هر شيءِ ميسر هئڻ باوجود هتان جا ماڻهو ٻين ملڪن ڏانهن وڃن ٿا ۽ بهتر کان بهتر جي ڳولا ۾ رهن ٿا. مطلب ته ڪم، ڪم ۽ صرف ڪم جيڪو انهن کي بهتر زندگي گذارڻ جي ضمانت ڏئي ٿو.
رگا (Riga) مون کي صفائي جي لحاظ کان اسٽاڪهوم (Stockholm) جي ٽڪر جو لڳو. بلڪ رگا ۲۰۰۷ع ۾ يورپ جي صاف ترين شهر جو اعزاز به ماڻي چڪو آهي ۽ ۲۰۱۴ع ۾ يورپ جي ثقافت جي گاديءَ وارو شهر پڻ ٿيندو، جيڪو اُتان جي ماڻهن لاءِ هڪ اعزاز آهي. هتي به نوجوان ۱۸ سالن جا ٿيڻ کانپوءِ، الڳ رهڻ کي پسند ڪن ٿا پر هر ڪو ائين ڪري نٿو سگهي. سو گهڻي قدر خاندان ۾ ئي رهن ٿا ۽ جڏهن به کين وٿي ملي ٿي ته مائٽن کي ڇڏي الڳ رهڻ لڳن ٿا. هتي به هر ڪو آزاد آهي ته پنهنجي مرضيءَ سان زندگي جو ساٿي چونڊي، توڙي جو اهو ڀلي آفريڪا جو هجي يا آمريڪا جو يا وري پنهنجن ملڪن جو. منهنجو دوست عمران جمالي خاص طور تي جڏهن اسٽاڪهوم (Stockholm) جي مصروف ۽ ڀڄ ڊڪ واري زندگي مان تنگ ٿيندو آهي ته پوءِ هن پرسڪون شهر جو رخ ڪندو آهي.
يورپين يونين ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ يورپ جا ملڪ پنهنجن ميمبر ملڪن کي ڏاڍي هٿي وٺائين ٿا. رگا ۾ مون کي ساڳيا سئيڊن وارا وڏا دڪان ۽ بئنڪون نظر آيون. مطلب ته آسي پاسي جا ملڪ انهن جي ڀرپور مدد ڪن ٿا ته جيئن اهي ترقي جا ڏاڪا تيزيءَ سان پار ڪري پنهجن پيرن تي بيهي سگهن.

No comments:

Post a Comment