Saturday, April 16, 2016

بنارس تي لکيل انيڪ ڪِتابَ - الطاف شيخ

بنارس تي لکيل انيڪ ڪِتابَ..
الطاف شيخ
هن کان اڳ بنارس بابت ڪِتابن، ڪهاڻين ۽ بالي ووڊ جي هندي فلمن ۽ گانن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين. ”بنارس“ نالي واري هڪ گانن سان ڀرپور 2009ع جي مليالم زبان جي پڻ فلم آهي. تامل، تيلگو ۽ ڪنهڙ وانگر مليالم پڻ ڏکڻ هندستان جي عام ٻولي آهي. انگريز راڄ ۾ جڏهن انڊيا ۽ عدن کان وٺي سري لنڪا ۽ برما تائين ۽ ملايا (ملائيشيا) کان هانگ ڪانگ تائين برطانيه جي حڪومت هئي ته ان وقت نوڪرين، پورهئي يا واپار لاءِ جيڪي ننڍي کنڊ جا ماڻهو ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ آيا انهن ۾ گهڻائي ڏکڻ هندستان جي ماڻهن جي هئي. ان ڪري اڄ به انهن ملڪن ۾ اڙدو يا هندي کان وڌيڪَ تامل ۽ ٻئي نمبر تي مليالم هلي ٿي. سنگاپور جي ته انگريزي، ملئي ۽ چيني زبان سان گڏ چوٿين تامل زبان به قومي زبان قرار ڏنل آهي. ملائيشيا جي قومي زبان ملئي آهي پر پڙهائي لاءِ انگريزي استعمال ٿئي ٿي ۽  اتي به سنگاپور وانگر هر شاگرد کي مئٽرڪ تائين آپشنل سبجيڪٽ ۾ تامل ۽ چيني مان هڪ کڻڻو پوي ٿو. شروع کان گهٽ ۾ گهٽ جڏهن کان منهنجو انهن ملڪن ڏي 1968ع کان وڃڻ شروع ٿيو آهي. سنگاپور ۽ ملائيشيا جي هڪ ٻن سئنيما هالن ۾ ننڍي کنڊ جون فلمون ڏيکاريون وڃن ٿيون. هندي، پنجابي يا بنگالي ڪڏهن ڪڏهن چڙهن ٿيون نه ته فقط تامل يا مليالم هلن. گذريل سڄو مهينو ملائيشيا ۾ هوس پر رڳو مٿين ٻولين جون يعني سائوٿ انڊين فلمون هلنديون رهيون.


پر سائين ڪن ڪن ڳالهين ۾ تامل، تيلگو ۽ مليالم فلمون هندي کان به زور آهن. اسين به جڏهن جهاز تي هئاسين ته ڪولمبو، ڪوالالمپور ۽ سنگاپور جهڙن شهرن ۾ هندي فلم نه لڳل هوندي هئي ته تامل يا مليالم ئي ڏسي ايندا هئاسين. ڪا ڪا فلم ڏسي رڙ نڪري ويندي هئي ته هيءَ ته نسورو ئي فلاڻي هندي فلم جي ڪاپي آهي. ان تي تامل ڳالهائيندڙ ٻڌائيندا هئا ته اصل ڳالهه ان جي ابتڙ آهي يعني هندي فلمون ڏکڻ هندستان جي فلمن تان ڪاپي ٿين ٿيون ڇو  جو ڏکڻ هندستان جا ماڻهو آرٽ، راڳ، ناچ وغيره ۾ اتر هندستان جي ماڻهن کان گهڻو اڳيان آهن. اهڙي طرح ڪوالالمپور، پينانگ، سنگاپور جي ايف ايم ريڊيو اسٽيشن تي تامل، تيلگو يا مليالم زبان جا گانا ايندا آهن ته انهن جا لفظ ته کڻي سمجهه ۾ نه ايندا آهن پر انهن جون ڌنون پهرين جون ٻُڌل لڳنديون آهن. انهن لاءِ اسان جا دهلي، لکنو، اجمير پاسي جا جهازران ٻڌائيندا آهن ته اهي اصل آهن جن تان هندي زبان جا گانا ڪاپي ٿيل آهن. بالي ووڊ فلمن جون ڪيتريون ٽاپ جون هيروئنون تامل، تيلگو يا مليالم ڳالهائڻ واريون ڏکڻ هندستاني آهن جن کان اسان جي ملڪ جا ماڻهو به واقف آهن. جيئن ته اسان جي جوانيءَ جي ڏينهن جون: وحيده الرحمان، وجينتي مالا ۽ هيما ماليني جيڪي تامل ڳالهائڻ واريون مدراسي آهن. تامل فلمن جي مشهور ائڪٽر جيمني ۽ تيلگو فلمن جي ائڪٽريس پشپا والي جي ڌيءَ ريکا پڻ تامل آهي. سِري ديوي تامل  ۽ تيلگو ڳالهائڻ واري پڻ تامل  ناڊو رياست جي آهي. اڀيشيڪ بچن جي زال مس ورلڊ ايشوريا راءِ به ڏکڻ هندستان جي رياست ڪرنا ٽڪا جي شهر مئنگلور جي آهي.
”بازيگر“ ۽ ”مين کلاڙي تو اناڙي“ جهڙيي فلمن جي هيروئن جو پڻ ايشوريا راءِ جي شهر سان واسطو آهي. اڄ ڪلهه جيڪا ٽاپ جي ائڪٽريس آهي... خبر ناهي پاڪستان ۾ آهي يا نه پر هِتي بنارس ۾ ضروري آهي، جنهن جون ٽي ٽي فلمون سئنيما هالن ۾ هلي رهيون آهن اها ڪونڪي زبان ڳالهائيندڙ دِپيڪا پاندوڪون آهي. دِپيڪا بيڊمنٽن جي چئمپين بلڪ ليجنڊ پرڪاش پادوڪون جي ڌيءَ آهي ۽ 1986ع ۾ ڊئنمارڪ جي شهر ڪوپن هيگن ۾ ڄائي.
ان تان مون کي ياد آيو ته ڪيترا ماڻهو پڇندا آهن ته ”ڏکڻ هندستان جا انيڪ ماڻهو جيڪي  ملائيشيا ۾ رهن ٿا انهن ته ڪو به ٻوٽو نه ٻاريو آهي... نه ڳائڻ وَڄائڻ ۾، نه راندين ۾ ۽ نه تعليم ۾! ملائيشيا ۾ جيڪي مشهور ۽ نامور انڊين آهن اهي سک، پنجابي، سنڌي هندو ۽ گجراتي وغيره آهن!“
ڳالهه اها آهي ته ملائيشيا ۾ پوک جي ڪمن لاءِ ڏکڻ هندستان جا اڻ پڙهيل ۽ هيٺين ذات جا گهرايا ويا هئا جن جو ڪم کيتي ٻاڙي ڪرڻ، جنگلن ۾ رهڻ ۽ ٺرو پي پنهنجي دنيا ۾ مست رهڻ هو. گجراتي ۽ سنڌي هندو ٽائيپ انڊين واپار لاءِ آيا ۽ انهن کي پنهنجي ٻارن جي مستقبل جو اونو  هو ۽ هنن انهن کي پڙهايو ۽ ٻين ڪمن ۾ هوشيار ڪيو.
پنجابي، پٺاڻن ۽ سکن جو وڏو حصو فوج ۾ هو ۽ ٻي وڏي لڙائي بعد ملايا (ملائيشيا) ۾ رَهي پيا ۽ ڪجهه چوڪيداري جهڙن ڪمن لاءِ آيا. شروع وارا سالن 69-1968ع ۾،  مون کي ياد آهي ته پينانگ ۽ ڪوالالمپور جي بئنڪن جا چوڪيدار/گارڊ پٺاڻ هوندا هئا ۽ هوٽلن جا دربار سک. پر انهن سڀني ماڻهن جو واسطو شهرن سان هو ۽ هنن بدلجندڙ حالتن کي نظر ۾ رکي پنهنجن ٻارن کي پڙهايو ۽ ڌنڌي بزنيس ۾ لڳايو. اڄ ملائيشيا ۾ رهندڙ اسانجي ملڪ جي پٺاڻن ۽ پنجابين جو اولاد توڙي هندستان جي سکن جو، وڏن سرڪاري ۽ غير سرڪاري عهدن تي آهي. کيتن (لڊانگن) ۾ ڪم ڪندڙ ڏکڻ هندستانين جو اولاد هاڻ مڙيئي گذريل ٻن ٽن ڏهائين کان تعليم ۾ آيو آهي ۽ پوليس جهڙين نوڪرين ۾ نظر اچي ٿو يا ٽئڪسي هلائي ٿو. پر اڄ به گهر ۾ زالن کي مار موچڙو ڪرڻ، ڪچو شراب پي گار گند ڪرڻ يا جوا جهڙن ڏوهن ۾ سندن نالا هر روز اخبار ۾ ايندا رهن ٿا. ٿي سگهي ٿو اڳتي هلي هنن مان به ڪو ڪرڪيٽ رانديگر ڪو اديب شاعر، ڪو آرٽسٽ يا وري ڪا سِري ديوي ۽ ريکا پيدا ٿئي.
مٿي ذڪر ڪيل 2009ع جي فلم ”بنارس“ مليالم زبان جي آهي جنهن ۾ هن شهر بنارس جا ڪافي نظارا آهن. فلم جو هيرو جيڪو هڪ ڳوٺ جو ڇوڪرو آهي بنارس اچي اتي جي ”بنارس هندو يونيورسٽي“ جو شاگرد ٿئي ٿو. سو ڪهاڻيءَ جو ڳپل حصو بنارس شهر ۾ ئي ڦري ٿو. پر ڪنهن کي جي بنارس شهر جا اڃان به وڌيڪَ نظارا ڏسڻا آهن ته پوءِ ان لاءِ 2006ع جي بالي وڊ جي هندي فلم
Banaras: A Mystic Love Story ڏسڻ ضروري آهي جيڪا نوي سيڪڙو بنارس شهر ۾ فلمايل آهي ۽ ڏهه سيڪڙو ماريشس ۾. هن فلم جي هيروئن ڪل يگ، رنگيلا، جدائي ۽ ستيا فلم واري اُرمِلا متوندڪر  آهي جيڪا امير برهمڻ والدين راج ببر ۽ ڊمپل ڪپاڊيا جي ڌيءَ ٿي آهي. هوءَ بنارس جي يونيورسٽي جي شاگردياڻي آهي جِتي هن جو هڪ هيٺين ذات جي شاگرد اشمت پٽيل سان عشق ٿي ٿو وڃي ۽ هو ٻئي شادي ڪرڻ چاهين ٿا. اها ڳالهه بنارس جي سڄي شهر ۾ scandal طور هُلي  وڃي ٿي. بهرحال ڪهاڻي کڻي ڇا به هجي فلم ڏسڻ واري کي بنارس شهر جا منظر ڏسڻ جو موقعو مليو وڃي. باءِ دي وي هي اشمت اهو آهي جنهن سان بگ باس ۾ وينا ملڪ جو اسڪئنڊل مشهور ٿيو.
گهمڻ لاءِ نڪرڻ وارن کي آئون هميشه چوندو آهيان ته جنهن ملڪ جي جنهن شهر ۾ توهانجو وڃڻ ٿئي ان بابت وڃڻ کان اڳ ڪجهه معلومات حاصل ڪري وڃو. بنارس ته اهو شهر آهي جنهن تي ننڍي کنڊ توڙي يورپ جي ماڻهن ڪيترائي ڪِتابَ لکيا آهن. ڪجهه ڪِتاب جن کي پڙهڻ جو مونکي موقعو مليو يا جن بابت ٻين Suggest ڪيو آهي بنارس ۾ دلچسپي رکندڙن لاءِ هيٺ ڏيان ٿو:
Life in Ancient Varanasi آڳاٽي بنارس بابت بريندر پرتاب سنگهه جو ڪِتابُ ــ 1985ع ۾ ڇپيل.
Varanasi at Crossroads سوامي ميڌاس آنند جو لِکيل 2002ع جو ڇپيل
Tales of Banaras پال گولڊنگ جو ڪِتابُ.
1909ع جو لنڊن ۾ ڇپيل سي فلپس ڪيپ جو لکيل ڪِتابُ Banaras-The Stronghold of Hinduism.
1983ع جو ڪِتاب Banaras-The City of Light جنهن جو مصنف ايل ڊائنا آهي.
ارنيسٽ هئه وِل جو ڪِتابُBanaras-The sacred City جيڪو 1912ع ۾ ڇپيو.
Banaras Seen from within آمريڪا ۾ ڇپيل 1999ع جو ڪِتاب جنهن جو مصنف رچرڊ لئنوا آهي.
مکرجي وشواناٿ جو 2009ع ۾ ڇپيل هندي ڪِتابُ ”بنا رهي بنارس“ جنهن جو ترجمو ڪيترين ئي زبانن ۾ ٿي چڪو آهي.
Banaras-Hindus Holy City” 1925ع ۾ ڇپيل ڪِتابَ جو مصنف ايڇ. اي نيول آهي.
The Artisans of Banaras..... نيتا ڪُمار جو لِکيل ڪِتابُ جنهن تي ڇپائيءَ جو سال 1988ع لکيل آهي.
ٽي پي ورما ۽ ڊي پي سنگهه جو بنارس تي ڪِتاب Varanasi Through the Ages جنهن جي ڇپائي جو سال 1986ع آهي.
بنارس ۾ رهندڙ مسلمانن بابت جمال اختر جو انگريزي ۾ ڪِتابُ آهي: “Muslims in Varanasi city”.
ڪملا پرساد مشرا جو 1975ع ۾ ڇپيل ڪِتابُ آهي “Banaras in Transition”.
نيويارڪ ۾ 1997ع ۾ ڇپيل ڪرسٽا فرجسٽس جو بنارس بابت ڪِتاب: Dying the Good Death- The Pilgrimage to Die in India’s Holy City.

1985ع ۾ ڇپيل بائديا ناٿ ارستوَتي جو انگريزي ڪِتابُ: Kashi Pilgrimage-The End of Endless Journey.

No comments:

Post a Comment