Monday, April 04, 2016

گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر جو دؤرو - ياسر قاضي

گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر جو دؤرو
ياسر قاضي
هن سفرنامي جي گذريل حصّي ۾ اسين دنيا جي اقتصادي گاديءَ واري هنڌ، نيُويارڪ ۾ گڏيل قومن جي پاڪستاني مشن جي دؤري ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستاني نمائندي (تڏهوڪي سفِير) مسعُود خان سان ڪچهري ڪرڻ کان پوءِ کان گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر طرف اُسهڻ لڳا هُئاسِين. ”گڏيل قومن“ (اقوامِ مُتحده) جي حوالي سان دنيا جي هر پڙهيل ڳڙهيل ٻار ٻچي کي به خبر آهي، بلڪ اسان مان لڳ ڀڳ هر ڪو گڏيل قومن جي ڪردار ۽ افاديت کان به ڀليءَ ڀَت واقف آهي. دنيا ۾ جتي به جنگ لڳي ٿي يا بدامنيءَ جي باهه ڀڙڪي ٿي، ته هر ڪنهن جُون نظروُن هن اداري طرف کڄن ٿيُون. ٿيڻ ته ايئن گھرجي ها ته هن اداري جي وجُود ۾ اچڻ کان پوءِ دنيا ۾ ڪٿي به بدامني نه رهي ها، پر ايئن سوچڻ وارو شايد احمقن جي جنت ۾ رهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ”خلفشار“ هن جهان جي قديمي بلڪه اصلوڪي روايت آهي ۽ انسان اندر مُحبت جيان ويڙهه جو جذبو (جبلت) به اوتري ئي قديم آهي، جيترو پاڻ انسان! ان ڪري گڏيل قومن جهڙا ڏهه ادارا به قائم ٿي وڃن، پر دنيا مُڪمّل طور تي امن جو آماجگاهه بڻجي نه ٿي سگھي. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته ضرُوري ناهي ته گڏيل قومن جي هر جاءِ تي ”رِٽ“ به قائم هُجي. نه ئي وري ان حوالي سان ڪا سزا مُقرر ٿيل آهي ته جيڪڏهن ڪو مُلڪ، ڪا قوم، ماڻهن جو جٿو يا ڪو گروهه يا برادري گڏيل قومن جي قراردادن ۽ فيصلن تي عمل نه ڪندو ته انهن کي فلاڻي سزا ملندي. ان جو سادو مثال اسان جي پاڙي ۾ ”ڪشمير“ جي صُورت ۾ موجُود آهي، جيڪو اسان جي سمجهڻ لاءِ کوڙ آهي، ته ان ڏس ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائُونسل ۾ ڪيترا ڀيرا منظور ٿيل قراردادن جي باوجُود اهو مسئلو اتان جي رهندڙن جي مرضيءَ ۽ منشا مُوجب حل ڪونه ٿو ڪيو وڃي ۽ نه ئي وري ان جي حل ٿيڻ جو ڪو آسرو آهي.


جتي به گھمڻ وڃبو آهي، ته اهو ڏاڍو نفعي بخش رهندو آهي ته ان جاءِ جي باري ۾ ڪا اڳواٽ ڄاڻ حاصل ڪري وڃجي ۽ جي اهو ڪو ادارو هجي ته اهڙي ضرُورت هيڪاندي وڌي وڃي ٿي. گڏيل قومن جي حوالي سان مُون کي جيڪا بنيادي ۽ ابتدائي ڄاڻ هن امريڪا ياترا کان اڳ حاصل هُئي، ان ۾ ڪجهه ته واڌارو اسان جي ميزبان اداري ”اِيسٽ ويسٽ سينٽر“ پاران فراهم ڪيل مواد جي مدد سان مليو ۽ ڪجهه وري مُون به هتي اچڻ کان اڳ گڏيل قومن جي ويجهڙي ماضيءَ ۾ ادا ڪيل ڪردار جي حوالي سان مطالعو ڪيو هو، جيڪو گھڻو مددگار ثابت ٿيو. هن ”سفر ـ سار“ جي گذريل ڀاڱي ۾ مُون اوهان سان سَليو هو ته اسان کي پاڪستاني مِشن مان نڪرندي سوا ٽي ٿي ويا. پاڪستاني مِشن ۾ اسان کي نه رڳو عمارت، پر ان ۾ اندر موجُود گھڻيُون تڻيوُن شيوُن پاڪستاني لڳيُون، جن مان ڪجهه جو ذڪر ته مان اوهان سان هن سفرنامي جي پوئين ڀاڱي ۾ ڪري چُڪو آهيان ۽ ڪجهه ڳالهين جو ذڪر ڪري ڪو نه ٿو سگھان.
اسين گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر منجهند 3 لڳي 45 منٽن تي پهتاسِين، يعني اسين ٿُلهي ليکي لڳ ڀڳ 15 کان 20 منٽ ليٽ پهتاسُون، ڇاڪاڻ ته اسان کي جنهن گرُوپ سان سلهاڙجي گڏيل قومن جي هيڊڪرارٽر جو سير ڪرڻو هو، ان سان اسان جي سلهاڙجڻ جو وقت ئي 3:45 لڳي جو هو، جڏهن ته اسين گڏيل قومن جي صدر دروازي تي ئي 3:45 لڳي پهتاسين، جتان سيڪيورٽيءَ جي مرحلن منجھان گذرندي گذرندي ۽ ان گرُوپ سان ملڻ وارِيءَ جاءِ (استقباليه) تائين پهچندي اسان کي 15 کان 20 منٽ ٻيا لڳي ويا. جنهن مهل اسان جي ڪوسٽر گڏيل قومن واريءَ عمارت جي آڏو گذري ته مُون کي ته پڪ ئي نه پئي پوي ته آءٌ هن جاءِ تي موجُود آهيان، جنهن جُون فوٽيجز ۽ تصويروُن ننڍپڻ کان ڏسندو آيو آهيان، بلڪه مان اوهان کي اها دلچسپ ڳالهه به ٻُڌائيندو هلان، ته مُون ننڍپڻ ۾ ماچيس جُون ٻه خالي دٻيُون اُڀي نمُوني هڪ ٻئي جي مٿان رکي گڏيل قومن جي مستطيل عمارت جو ماڊل به تخليق ڪيو هو، ته اُن عمارت کي سامهُون ڏسي جهڙوڪر ٻالڪپڻي واري محسُوسات جاڳِي. اُها ئي اُڀي مستطيل عمارت... ان جي آڏو اها ئي دُنيا ڀر جي مُلڪن جي جھنڊن جي رنگبرنگي قطار... بس فرق اهو هو جو مان جڏهن به گڏيل قومن جي ڪا فوٽيج يا تصوير ڏسندو هوس ته سدائين ايئن لڳندو هو ڄڻ ان جاءِ تي جُهڙ هُجي (ڪڪر هُجن)، جڏهن ته اسين جڏهن سرزمين تي پهتاسِين، ته اُتي تيز اُس هُئي. عمارت اندر داخلا جو دروازو عمارت جي اڳيان مُڪمل طور تي گُذري وڃڻ کان پوءِ اڳيان هو. کن پل لاءِ ايئن لڳو ته اسين اُن عمارت کان پري ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيُون! پر اسان جي ڪوسٽر اُن مُک دروازي آڏو اچي بيٺي، جتان داخل ٿي اسان کي سيڪيورٽي ڪليئرنس جي مرحلن مان پار پئي، عمارت جي اندر داخل ٿيڻو هو. اسان سيڪيورٽي استقباليه تي پنهنجن پاسپورٽن رستي پنهنجي شناخت ڪرائي. اسان کي اسان جي ”وزيٽرس پاسز“ جاري ٿيا، جن کي سِينن تي سينگاري اسان گڏيل قومن جي عمارت جي حدن اندر داخل ٿياسِين. اندر داخل ٿيڻ سان اُها اُڀي مُستطيل مُک عمارت الاهي پري نظر آئي، جنهن تائين هڪ ڇپري سان ڍڪيل راهداري وڃي رهي هُئي. جنهن تي راهي ٿيڻ کان اڳ هڪ وڏي قد وارو سُهڻو مُجسّمو اسان جو استقبال ڪري رهيو هو، جنهن ۾ هڪ گھوڙي تي هڪ هسوار، سُوار آهي ۽ گھوڙو جوش ۾ آهي. گھوڙي جا اڳيان ٻئي سُنب زمين کان مٿي اُڀا آهن. گھوڙي جا پويان سُنبَ هڪ زهيلِي ازدها (وڏيءَ بَلا) جي مٿان کُپيل آهن ۽ گهوڙي سوار جي هٿ ۾ هڪ نيزو آهي، جيڪو هُن، اُن بَلا کي هنيو آهي. بلا جو مُنهن گھوڙي جي پُڇ طرف آهي ۽ اهو تڪليف مان کُليل آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اُهو گھوڙي سوار اُن بلا کي ماري چُڪو آهي. هن مُجسمي کي جنگ ۽ بدامنيءَ جِي مات ۽ امن ۽ امن پسندن جي فتح جي علامت جي طور تي تخليق ڪيو ويو آهي، جيڪو گڏيل قومن جو مُک مُول ۽ متاع آهي.
گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر گھمڻ کان اڳ هن اهم عالمي اداري جي جوڙجڪ کي سمجھڻ بي حد ضرُوري آهي. اوهان کي ٻُڌائيندو هلان ته گڏيل قومن جو وجُود ٻي مهاڀاري جنگ جي دؤران عمل ۾ آيو، جڏهن 25 اپريل کان 26 جُون 1945ع تائين امريڪا جي شهر ”سان فرانسسڪو“ ۾ 50 ملڪن جي نمائندن جي هڪ ڪانفرنس منعقد ٿي. هن ڪانفرس ۾ هڪ بين الاقوامي اداري جي ٺهراءَ تي غور ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ گڏيل قومن جو منشور يا چارٽر مرتب ڪيو ويو. پر گڏيل قومن جو هي ادارو (يُونائيٽيڊ نيشنز) 24 آڪٽوبر 1945ع تي وجُود ۾ آيو. ”گڏيل قومن“ جو نالو امريڪا جي اڳوڻي صدر ”فرينڪلن ڊي روزويلٽ“ تجويز ڪيو هو. هن وقت گڏيل قومن جو سيڪريٽري ”بان ڪي مُون“، ڊپٽي سيڪريٽري جنرل، ”جان ايلياسن“، جنرل اسيمبليءَ جو صدر، ”موگنس ليڪيٽوفٽ“، اقتصادي ۽ سماجي ڪائُونسل جو صدر، ”اوهه جُون“، جڏهن ته سلامتي ڪائُونسل جو صدر ”ڊيٽو ريملن ابراهيم“ آهي.
گڏيل قومن جي چارٽر مُوجب سڀئي رُڪن مُلڪ ان ڳالهه تي مُتفق آهن ته: 1. هُو (گڏيل قومن جا ماڻهو) ايندڙ نسلن کي جنگ جي لعنت کان بچائيندا 2. انسانن جي بنيادي حقن تي ٻيهر ايمان آڻيندا ۽ انساني قدرن جي عزت ۽ قدر ڪندا 3. مردن ۽ عورتن جا حق برابر هوندا ۽ ننڍين وڏين قومن جا حق برابر هوندا 4. اهڙيُون حالتُون پيدا ڪندا ته جيئن عهدنامن ۽ بين الاقوامي آئين جي عائد ڪيل ذميوارين کي نڀايو وڃي. آزاديءَ جي هڪ وسيع فضا ۾ اجتماعي ترقيءَ جي رفتار وڌي ۽ زندگيءَ جو معيار بلند ٿئي.
اهي مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ رواداري اختيار ڪرڻ 2۔ پاڙيسري مُلڪن سان پُرامن زندگي بسر ڪرڻ 3. بين الاقوامي امن ۽ تحفظ خاطر پنهنجي طاقت متحد ڪرڻ، اصولن ۽ روايتن کي قبول ڪري سگھڻ ۽ ان ڳالھ جو يقين ڏيارڻ جهڙا واعدا به ڪيا ويندا آهن ته گڏيل مفاد کان سواءِ ڪڏهن به طاقت جو استعمال نه ڪيو ويندو ۽ سمُوريُون وڏيُون قومون عالمي اقتصادي ۽ اجتماعي ترقيءَ خاطر بين الاقوامي ذريعا اختيار ڪنديُون. گڏيل قومن جي شق نمبر1 تحت گڏيل قومن جا مقصد، گڏيل صلاح سان بين الاقوامي امن ۽ تحفظ قائم ڪرڻ، قومن جي وچ ۾ دوستاڻن واسطن کي وڌائڻ، بين الاقوامي اقتصادي، سماجي، ثقافتي ۽ انسانن جي بهتريءَ سان لاڳاپيل مُنجهيل سُٽن کي سلجھائڻ لاءِ بين الاقوامي تعاون پيدا ڪرڻ، انساني حقن ۽ بنيادي آزاديءَ لاءِ ماڻهن جي دلين ۾ عزت پيدا ڪرڻ، اهڙو مرڪز پيدا ڪرڻ جنهن جي ذريعي قومون عمل وارو رابطو پيدا ڪري انهن گڏيل مقصدن کي حاصل ڪري سگھن، آهن. آرٽيڪل نمبر 2 جي تحت سمُورن رُڪن ملڪن کي مرتبي جي بنياد تي برابري حاصل آهي.
گڏيل قومن جي رُڪنيت جي حوالي سان ڪسوٽي اها آهي ته هر امن پسند ملڪ، جيڪو گڏيل قومن جي چارٽر جون شرطون تسليم ڪري ۽ اداري جي نظر ۾ اهو ملڪ انهن شرطن کي پُورو ڪري سگھي ۽ گڏيل قومن جي ذميدارين کي ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار هجي، برابريءَ جي بنياد تي گڏيل قومن جو رڪن بڻجي سگھي ٿو. مُنڍ ۾ گڏيل قومن جا صرف 51 ميمبر هئا، جيڪي بعد ۾ وڌندا ويا. هن وقت دنيا جا 193 ملڪ گڏيل قومن جا رُڪن آهن، جڏهن ته 2 ملڪ ”مُبصر قومن“ طور شامل آهن. سڪيورٽي ڪائونسل (سلامتي ڪائونسل) جي سفارش تي جنرل اسيمبلي، مختلف مُلڪن جي رڪنيت کي معطل يا خارج ڪري سگھي ٿي ۽ جيڪڏهن ڪو رُڪن مُلڪ، چارٽر جي مسلسل خلاف ورزي ڪري، ته ان کي خارج ڪري سگھجي ٿو. سلامتي ڪائونسل معطل ٿيل ميمبر مُلڪن جي رڪنيت جي حقن کي بحال ڪري سگھي ٿي.
گڏيل قومن جا 6 اهم شعبا (عضوا) آهن. جن ۾ ”جنرل اسيمبلي“، ”سلامتي ڪائونسل“ (سڪيورٽي ڪائونسل)، ”اقتصادي ۽ سماجي ڪائُونسل“ (اڪنامڪ اينڊ سوشل ڪائونسل)، ”ٽرسٽي شپ ڪائونسل“، ”بين الاقوامي عدالت“ (انٽرنيشنل ڪورٽ) ۽ ”سيڪريٽريٽ“ شامل آهن. جنرل اسيمبلي سمُورن رڪن ملڪن تي مشتمل هوندي آهي. هر رڪن ملڪ اسيمبليءَ ۾ وڌ ۾ وڌ 5 نمائندا موڪلي سگھي ٿو. اهڙن نمائندن جي چونڊ ملڪ پاڻ ڪندو آهي. هر رڪن ملڪ کي صرف هڪ ووٽ جو حق حاصل هوندو آهي. جنرل اسيمبليءَ جو ساليانو معمولي اجلاس سال ۾ هڪ دفعو سيپٽمبر مهيني جي ٽين اڱاري تي شروع ٿيندو آهي، پر جيڪڏهن سلامتي ڪائونسل چاهي يا گڏيل قومن جي رڪنن جي اڪثريت چئي ته جنرل اسيمبليءَ جو سال دؤران ڪو خاص اجلاس ڪنهن ٻي وقت ۾ به ڪوٺائي سگھجي ٿو.
جنرل اسيمبليءَ جو ڪار وهنوار هلائڻ لاءِ 6 ڪميٽيون ٺهيل آهن۔ انهن ڪميٽين ۾ نمائندگيءَ جو حق هر ميمبر ملڪ کي حاصل آهي. پهرين ڪميٽي تحفظاتي ۽ سياسي معاملن سان لاڳاپيل آهي. ان جي وڌيڪ مدد لاءِ هڪ خاص سياسي ڪميٽي به موجُود آهي. ٻي ڪميٽي اقتصادي ۽ مالياتي معاملن متعلق، ٽين ڪميٽي سماجي انساني ۽ ثقافتي معاملن بابت ۽ چوٿين ڪميٽي توليتي معاملن متعلق آهي، جنهن ۾ انهن علائقن جا معاملا به شامل آهن، جيڪي خودمختار ناهن. پنجين ڪميٽي انتظامي معاملن ۽ بجيٽ متعلق، جڏهن ته ڇهين ڪميٽي قانون سان لاڳاپيل آهي. ان کان سواءِ هڪ ڪميٽي، جنرل اسيمبليءَ جي صدر، 17 نائب صدرن ۽ وڏي ڪميٽيءَ جي 6 ميمبرن تي مشتمل آهي، جنهن جي چُونڊ جنرل اسيمبلي ڪندي آهي۔ جنرل ڪميٽيءَ جو اجلاس اسيمبليءَ جي ڪم جو جائزو وٺڻ ۽ ان کي بخوبي انجام ڏيڻ لاءِ اڪثر منعقد ٿيندو آهي.
جنرل اسيمبليءَ جي مدد لاءِ ٻيُون ڪئين ڪميٽيون پڻ قائم آهن. جنرل اسيمبلي اڪثر ضرورت جي وقت هنگامي ڪميٽيون به ٺاهيندي آهي۔ مثال طور: اسيمبليءَ، ڊسمبر 1948ع ۾ ڪوريا جي لاءِ گڏيل قومن جي ڪميشن مقرر ڪئِي. ان طرح گڏيل قومن مصالحتي ڪميشن برائي فلسطين مقرر ڪئي. سمُورين ڪميٽِن جون سفارشون جنرل اسيمبليءَ ۾ منظوريءَ لاءِ پيش ڪيو وينديون آهن. جنرل اسيمبليءَ جا اختيار ۽ فرض وسيع آهن۔ جهڙوڪ: امن عافيت لاءِ بين الاقوامي اصولن تي غور ڪرڻ ۽ ان ڏس ۾ پنهنجون سفارشون پيش ڪرڻ، بين الاقوامي سياست جو واڌارو، بين الاقوامي قانونن جي ترقي ۽ تدوين، انسان ذات لاءِ بنيادي حقن جي آزاديءَ کي حاصل ڪرڻ، اقتصادي، سماجي، ثقافتي، تعليمي ۽ صحتِ عامه متعلق عمل ۾ بين الاقوامي سهڪار، سلامتي ڪائونسل ۽ گڏيل قومن جي ٻين عضون جي رپورٽن تي غور ڪرڻ، ڪنهن ڦڏي جي صورت ۾ ان جي حل جي لاءِ پنهنجون سفارشون پيش ڪرڻ، ٽرسٽي شپ ڪائونسل جي ذريعي توليتي معاهدن جي تعميل جي نگراني ڪرڻ، سلامتي ڪائونسل جي 10 غير مستقل رڪنن جي چونڊ، گڏيل قومن جي بجيٽ تي غور ڪري ان کي منظور ڪرڻ، رڪن ملڪن لاءِ چندي جي رقم مقرر ڪرڻ، مخصُوص ادارن جي بجيٽ جي جاچ پڙتال ڪرڻ ۽ ٻيا ڪمَ.
سلامتي ڪائونسل گڏيل قومن جو سڀ کان اهم جُز آهي، جنهن جا ڪل 15 رڪن هوندا آهن، جن مان 5 مستقل رڪن فرانس، رُوس، برطانيه، چين ۽ امريڪا آهن، جن وٽ ڪنهن به معاملي ۾ راءِ شماريءَ کي اڪيلي رد يعني ”وِيٽو“ جو حق حاصل آهي. ان کان سواءِ ان جا 10 غير مستقل رڪن به آهن، جن کي جنرل اسيمبلي ٻن ٻن سالن جي لاءِ چُونڊِيندي آهي ۽ انهن کي فوري طور تي ٻيهر منتخب نٿو ڪري سگھجي. سلامتي ڪائُونسل جي فرضن ۽ اختيارن ۾ گڏيل قومن جي اصولن جي مطابق سڄيءَ دنيا ۾ امن ۽ سلامتي قائم رکڻ، ڪنهن اهڙي جھيڙي يا موضوع جي جانچ ڪرڻ جيڪو بين الاقوامي ڏڦيڙ پيدا ڪري سگھندو هجي، بين الاقوامي ڦڏن کي سُلجھائڻ جي باري ۾ منصوبا تيار ڪرڻ وغيره شامل آهي.سلامتي ڪائونسل گڏيل قومن جي سمُورن رڪنن پاران ڪاروائي ڪندي آهي۔ هي سڀ رڪن سلامتي ڪونسل جي فيصلن جي تعميل لاءِ هائوڪار ڪندا آهن ۽ ان جي درخواست تي بين الاقوامي امن ۽ سلامتيءَ جي لاءِ مناسب قدم کنيا ويندا آهن. سلامتي ڪائونسل جي ڪارروائي هميشہ جاري رهندي آهي. ان لاءِ رڪن ملڪن جو هڪ هڪ نمائندو هر وقت گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ موجود رهندو آهي. سلامتي ڪائونسل جڏهن چاهي، پنهنجو اجلاس فوري طور تي منعقد ڪري سگھي ٿي. فوجي عملي جي ڪميٽي، سلامتي ڪائونسل جي پنجن مستقل رڪنن جي چيف آف اسٽاف يا انهن جي نمائندن تي مشتمل هوندي آهي. سلامتي ڪائُونسل جي ڪميٽين ۾ ملٽري اسٽاف ڪميٽي، اسلحي جي تخفيف واري ڪميٽي، داخله ڪميٽي، ماهرن جي ڪميٽي ۽ اجتماعي تدبيرن وارِي ڪميٽي شامل آهن. اقتصادي ۽ سماجي ڪائُونسل جا 54 رڪن آهن، جن مان 18 ميمبرن کي جنرل اسيمبلي هر ڀيري واري واري سان 3 ، 3 سالن جي لاءِ چونڊيندي آهي. جنرل اسيمبليءَ جي انتظام هيٺ هيءَ ڪائونسل گڏيل قومن جي اقتصادي ۽ سماجي سرگرمين لاءِ ذميوار هُوندي آهي. هن ڪائونسل ۾ هر فيصلو صرف ڪثرتِ راءِ سان ڪيو ويندو آهي. هر رڪن جو هڪ ووٽ هوندو آهي. هيءَ ڪائونسل ڪميشنن ۽ ڪميٽين جي ذريعي ڪم ڪندي آهي. هن ڪائونسل جي ڪميشنن ۾ اقتصاديات، روزگار ۽ ترقيءَ سان لاڳاپيل ڪميشن، رسد ۽ مواصلات سان لاڳاپيل ڪميشن، سرڪاري خزاني وارِي ڪميشن، شماريات ڪميشن، آبادي ڪميشن، انساني حقن سان لاڳاپيل ڪميشن، سماجي ترقي ڪميشن، عورتن جي حقن بابت ڪميشن، نشي آور دوائن سان سلهاڙيل ڪميشن، يورپ لاءِ اقتصادي ڪميشن، ڏکڻ امريڪا لاءِ اقتصادي ڪميشن ۽ ايشيا ۽ اوڀر بعيد جي لاءِ اقتصادي ڪميشن وغيره شامل آهن.
گڏيل قومن جي پنجين عضوي ”بين الاقوامي عدالت“ جو هيڊڪوارٽر، نيدرلينڊز (هالينڊ) جو شهر ”هيگ“ آهي۔ هيءَ عدالت گڏيل قومن جو سڀ کان وڏو قانوني ادارو آهي. اهي سمورا ملڪ، جن هن عدالت جي آئين ۽ منشور تي پنهنجيُون صحيُون ڪيُون آهن، جنهن مقدمي کي چاهن، هن عدالت ۾ پيش ڪري سگھن ٿا. ان کان سواءِ پاڻ به سلامتي ڪائونسل قانوني تنازعا عدالت موڪلي سگھي ٿي. بين الاقوامي عدالت 15 ججن تي مشتمل آهي. عدالت جي انهن ميمبرن کي جنرل اسيمبلي ۽ سلامتي ڪائونسل آزاد راءِ شُماريءَ ذريعي 9 سالن لاءِ منتخب ڪندي آهي. جج پنهنجي ذاتي قابليت جي آڌار تي منتخب ٿيندا آهن، پر اهو خيال رکيو ويندو آهي ته اهم قانوني نظام جي نمائندگي ٿئي. ياد رهي ته هڪ ئي ملڪ جا 2 جج هڪ ئي وقت منتخب نه ٿا ٿي سگھن.
سيڪريٽري جنرل گڏيل قومن جي سڀ کان وڏي ناظم جي حيثيت سان ڪم ڪندو آهي۔ سلامتي ڪائُونسل جي سفارش تي جنرل اسيمبلي، سيڪريٽري جنرل جي چونڊ ڪندي آهي. سيڪريٽري جنرل اسيمبلي کي هڪ سالياني رپورٽ پيش ڪندو آهي ۽ ان کي حق حاصل ته پنهنجو عملو هُو پاڻ نامزد ڪري. گڏيل قومن جي سيڪريٽريٽ جي دفترن ۾ سيڪريٽري جنرل جو دفتر، اقتصادي ۽ سماجي معاملن وارو کاتو، خصوصي سياسي معاملن جو دفتر، توليتي ۽ غيرمختيار علائقن جو عملو، اطلاعات عامه جو دفتر، قانوني معاملن جو دفتر، ڪانفرس سروس جو دفتر، ڪنٽرولر جو دفتر، جنرل سروسز جو دفتر، سياسي ۽ تحفظاتي معاملن جو کاتو ۽ گڏيل قومن جو جنيوا وارو دفتر وغيره شامل آهن.
”يُونيسيف“، ”يُو اين ڊِي پي“، ”انڪٽاڊ“، ”يُو اين آر ڊبليُو اي“ (مهاجرن جي ڪميشن)، ”اقتصادي ترقيءَ جي تنظيم“ وغيره جهڙن امدادي ادارن ۾ به گڏيل قومن جو عملو ڪم ڪري ٿو.
گڏيل قومن جي جوڙجڪ سمجھي سِين. ايندڙ قسط ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر جي هن اهم ۽ تاريخي عمارت جو سير ڪنداسُون.
.......
هن سفرـ پچار جي پوئين ڀاڱي ۾ اسان نيُويارڪ ۾ ”گڏيل قومن“ (اقوامِ مُتحده) جو هيڊڪوارٽر گھمڻ لاءِ پهتا مسَ هُئاسُون ۽ اڃا مُک دروازي مان اندر گھڙيا هُئاسُون. پوئين ڀيري مُون گڏيل قومن جو هيڊڪوارٽر گھمائڻ کان اڳ اوهان کي گڏيل قومن جي جوڙجڪ پيرائتي نموني سمجھائي هُئي ۽ هاڻي اسين گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر جي هن اهم ۽ تاريخي عمارت جو سير ڪرڻ لاءِ اُن مُجسّمي کان اڳتي اندر جي طرف وڌياسِين، جيڪو مُجسّمو گڏيل قومن جي مُک دروازي مان داخلا کان سُتت پوءِ ئي پاڻ طرف هر ايندڙ جو توجهه ڇڪائي ٿو. اصل ۾ هن جاءِ تي مجُسمن جِي جوڙي آهي، جن ٻنهي ۾ هڪ عنصر (گھوڙو) مُشترڪ آهي. هنن مُجسمن منجھان وڏو مُجسّمو اهو آهي، جنهن جو ذڪر پوئينءَ قسط ۾ ڪيو هُئم. هي معرُوف مُجسمي ساز ”ضراب سريتيلِيءَ“ جو ٺهيل شاهڪار آهي، جيڪو گڏيل قومن جي ”فرسٽ ايوينيُو“ تي اڏيل آهي. هن مُجسمي تي انگلنڊ جي درويش اڳواڻ ”سينٽ جارج“ کي گھوڙي تي ويٺل ڏيکاريو ويو آهي، جنهن پنهنجي صليبي (ڪراس واري شبيهه جي) نيزي سان ”ڊريگن“ (بَلا) کي ماريو آهي ۽ سندس گھوڙي جا سُنب اُن ڊريگن جي مٿان آهن. هن مُجسمي ۾ امريڪي ۽ رُوسي بيليسٽڪ ميزائيلن جا ٽڪرا به ڏيکاريل آهن. هن مُجسمي کي جنگ خلاف ويڙهه جي علامت جي طور تي ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو گڏيل قومن جي مُول، متاع ۽ نصب العين کي به ظاهر ڪري ٿو ته جنگ سان جھيڙڻو آهي ۽ امن قائم ڪرڻو آهي. ان مقصد جي حاصلات ۾ گڏيل قومن جو هي ادارو ڪيتريءَ حد تائين ڪامياب رهيو آهي ۽ ان تي امريڪي حڪومت جو ڪيترو دٻاءُ رهيو آهي يا نه، ڇا هي ادارو رُتبي جي لحاظ کان مختلف مُلڪن جي وچ ۾ ٻه اکيائيءَ وارو ورتاءُ ڪري ٿو؟ يا سڀني کي هڪ ئي نظر سان ٿو ڏسي، يا هن اداري جي پنهنجن فيصلن تي عمل درآمد ڪرائڻ لاءِ ”رِٽ“ ڪيتري اثرائتي آهي، يا نه، انهن سُوالن جا جواب هر باشعُور ۽ ڄاڻ رکندڙ شخص بهتر نمُوني ڄاڻي ٿو، خاص ڪري جن جي دنيا جي معاملن تي گهري نظر آهي.
اسين ان مُجسمي کان پوءِ شرُوع ٿيندڙ ڊگھي راهداريءَ رستي سيڪريٽيرييٽ جي مُک عمارت طرف وڌڻ شرُوع ڪيو. هيءَ مُستقل ڇپرَي (شيڊ) سان ڍڪيل هڪ ڊگهي راهداري هُئي، جنهن جي ٻنهي پاسن کان رِيلنگلس لڳل هيُون. اسان اُن راهداريءَ جي کاٻي طرف کان ڳاٽ اُوچو ڪري بيٺل نيُويارڪ جي حسين عمارتن جي قطار جي سُهڻي نظاري منجھان لطف اندوز ٿيندا اڳتي وڌندا وياسِين ۽ جلدي جلدي پنهنجي اُن ٽوئر گرُوپ سان سلهاڙجڻ لاءِ تڪڙيون وکُون پڻ ڀريندا رهياسِين، جن سان اسان کي منجھند 3:45 لڳي ملڻو هو، جڏهن ته ان وقت تي اسين اڃا مسَ سيڪيورٽي ڪليئرنس ڪرائي چُڪا هُئاسِين ۽ هن راهداريءَ رستي، اندرئين استقابليه ڪائُونٽر تائين پهچڻ ۾ اڃا گھٽ ۾ گھٽ اسان کي 15 منٽ لڳڻا هُئا. اسين تڪڙا تڪڙا قدم کڻندا به لڳ ڀڳ 4 لڳي اچي اُن هال نما استقبالي لائُونج رستي گڏيل قومن جي سيڪريٽيرييٽ جي عمارت اندر داخل ٿياسين، جتي پنجيتاليهارو سال کن عُمر جي اسان جي ڏکڻ ڪوريا سان تعلق رکندڙ سُونهِي (گائيڊ) اسان جي انتظار ۾موجُود هُئي. اسان جي هن ٽُوئر گرُوپ ۾ اسان سمُورن ساٿين (پاڪستاني صحافين) کان علاوه هڪ فلپائني نوجوان سيّاح ڇوڪري به شامل هُئي ۽ بس! اسان جي ڪوريائي گائيڊ اسان جي اچڻ شرط مُنهن ڪِنو ڪيو، ڇاڪاڻ ته اسان جي دير سان اچڻ واري ڳالهه کيس ڪا نه وڻي. اها ته خير! اسان جي غلطي هُئي، جنهن تي سندس اَرهائي ٺهِي به ٿَي، پر هن سمُوري ٻن ڪلاڪن جي دؤري ۾ هُونءَ به اسان کي هُوءَ هرُون ڀَرُون ڪا ايڏي ڀلي به ڪانه لڳي! ڪوريا جا ماڻهُو هُونءَ به پنهنجين ٺڳين جي ڪري ڏاڍا مشهُور آهن. آءٌ هن سفرنامي جي پونين ڀاڱن ۾ ”ننڍين اکين وارن جي ديسن جي لوڪن“ جُون عام خصلتُون لکي چُڪو آهيان ۽ ان حوالي سان اوهان پڙهندڙن کي انتباهه به ڏيندو رهيو آهيان، اُميد آهي ته اوهان کي ياد هُوندو ۽ جي ياد ناهي ته پوءِ هن سفرنامي جي ڪتابي صُورت ۾ اچڻ جو انتظار ڪريو. سو مجمُوعي رويّن جي لحاظ کان ڪوريا جا باشندا هُونءَ ئي ”پُورن ڏينهن جا ڄاول“ هُوندا آهن، پر هيءَ مائي پنهنجي هم ديسن کان به ٻه آڱر اڳتي هُئي ۽ پُوري ”تيرنهن تالِي“ هُئي. هُن جيڪو ڪجهه ڳالهايو پئي، ان ۾ سندس اکين، سندس گُفتن جو ساٿ ڪونه پئي ڏنو. سندس اکين ۾ سامهُون واري لاءِ عزت ڪانه ڏٺم، جيڪا هر ماڻهُوءَ جي گفتگُوءَ توڙي جسماني زبان (باڊي لئنگئيج) مان آسانيءَ سان محسُوس ڪري سگھجي ٿي.
اسين هڪ قطار ۾ بِيهڻ کان پوءِ (جنهن ۾ کوڙ سارا ماڻهُو بيٺل هُئا) پنهنجا پنهنجا بيج وٺي، انهن کي سيني تي سجائي، پنهنجي ان ڪوريَن گائيڊ جي پُٺيان پُٺيان هلڻ لڳاسين. اسان جي بيجن تي اسان جي ”گھومُو“ (وزِيٽر) هُجڻ جي نشاندهي ته ٿيل ئي هُئي، پر ان مٿان اسان وارو ٽائيم (جنهن ٽائيم تي اسان کي گڏجڻو هو) به واضح طور تي لکيل هو، جنهن مان مُراد اها هُئي ته اسين 3:45 لڳي وارو سيّاح گرُوپ هُئاسِين. (ٻين لفظن ۾ اسان جي بيجن تي اسان جي ”اوقات“ به لکيل هُئي) اسان گڏيل قومن جي عمارت جي پهرينءَ منزل کان پنهنجي سير جي شرُوعات ڪئي. نيُويارڪ جي ”مينهيٽن“ واري علائقي ۾ اڏيل گڏيل قومن جي هن هيڊڪوارٽر جي عمارت جو نالو ”يُونائيٽيڊ نيشنز پلازا“ آهي، جنهن جو پلاٽ نمبر 760 آهي. هن عمارت جي اڏاوت 1948ع ۾ شرُوع ٿي ۽ 4 سال لاڳيتو جاري رهي، 9 آڪٽوبر 1952ع ۾ توڙ تي پهتي. هن هيڊڪوارٽر جي عمارت جي تعمير تي اُن زماني ۾ 6 ڪروڙ 50 لک امريڪي ڊالرن جو خرچ آيو. 39 منزله هن عمارت جي اُوچائي 155 ميٽر (509 فوٽ) آهي. هن سهڻيءَ عمارت جو نقشو جڳ مشهُور آرڪيٽيڪٽس، ”آسڪر نِي ميئر“ (ڄم: 15 ڊسمبر 1907ع ـ لاڏاڻو: 5 ڊسمبر 2012ع)، ”لِي ڪوربُوسِيئر“ (ڄم: 6 آڪٽوبر 1887ع ـ لاڏاڻو: 27 آگسٽ 1965ع) ۽ امريڪا جي مشهُور آرڪيٽيڪچرل ڪمپنِيءَ ”هيرِيسن اينڊ ايمبرامووِيٽز“ تخليق ڪيو. گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر جي عمارت جي طبعي حصّن ۾ جنرل اسيمبليءَ جي عمارت، ”ڪانفرنس بلڊنگ“، ”سيڪريٽيرييٽ بلڊنگ“ ۽ ”ڊيگ هيمرسڪ جولڊ لائبررِي“ شامل آهن. گڏيل قومن جي عمارت اندر مختلف منزلن جي ڀتين تي امن جو پرچار ڪندڙ انتهائي سهڻيُون پينٽنگز پڻ لڳل آهن ته عمارت جي ٻاهر، مختلف ڪُنڊن ۾ مختلف مُجسما پڻ ٺهيل آهن، جن رستي آرٽ جي زبان ۾ جنگ سان نفرت ۽ امن سان مُحبّت جي اظهار کي عام ڪيو ويو آهي. هُونءَ ته اهڙن فنپارن جو پيرائتو ذڪر گھڻو ٿي ويندو، پر هتي هڪڙي ٻئي مُجسمي جو ذڪر ڪرڻ ضرُوري ٿو سمجھان، جنهن جو نالو ”نان وايولنس اسڪلپچر“ (دهشتگرديءَ جي خلاف پيغام ڏيندڙ مُجسّمو) آهي، جيڪو پتل جو ٺهيل مُجسمّو آهي ۽ سُوئيڊن جي مُجسمي ساز ”ڪارل فريڊرڪ ريٽرس ورڊ“ (ڄم: 1934ع) جي تخليق آهي، جنهن ۾ هڪ 357 ميگنم ريوالور جي ناليءَ (بيريل) کي ڳنڍ ٻڌي، اُن کي جنگ جي خلاف مضبُوط علامت طور ظاهر ڪيو ويو آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي بلڊنگ اندر 188 نشستن تي مُشتمل اسيمبلي هال آهي، جيڪو گڏيل قومن جو وڏي ۾ وڏو ايوان آهي، جتي جنرل اسيمبليءَ جا اجلاس ٿيندا آهن. هي، هن ڪامپليڪس جو وڏي ۾ وڏيءَ ماپ وارو هال آهي، جنهن جي ڊيگھه 165 فُوٽ (50 ميٽر) ۽ ويڪر 115 فُوٽ (35 ميٽر) آهي، جڏهن ته هال جي ڇت 75 فُوٽ (23 ميٽر) اُوچي آهي. هن ايوان اندر هر ملڪ جي وفد جي 6 ڄڻن جي حساب سان 192 مُلڪن جي وفدن جي هڪ ئي وقت ويهڻ جو انتظام آهي. هن هال جي مُون کي سڀني کان سهڻي ڳالهه اها لڳي، هن جي داخلي دروازي تي شيخ سعدي رحه جي ”گلستان“ منجھان سهڻيُون سِٽُون لکيل آهن.
گڏيل قومن جي ٻئي عمارت، ”ڪانفرنس بلڊنگ“ آهي، جيڪا جنرل اسيمبلي بلڊنگ ۽ سيڪريٽيرييٽ واريءَ عمارت جي وچ ۾ واقع آهي ۽ ان جو مُنهن اوڀارِين نديءَ طرف آهي. گڏيل قومن جو ڪتب خانو ”ڊيگ هيمرسڪ جولڊ لائبررِي“ هتي 1946ع ۾ قائم ٿيو. هن لائبرريءَ جو اصلوڪو نالو ”يُونائيٽيڊ نيشنز لائبرري“ هو. 50ع واري ڏهاڪي جي آخر ۾ ”فورڊ فائُونڊيشن“ گڏيل قومن کي لائبرريءَ جي نئين عمارت ٺهرائڻ لاءِ گرانٽ ڏني. گڏيل قومن جو 1951ع کان 1961ع تائين رهندڙ ٻيو سيڪريٽري جنرل ”ڊيگ هيمرسڪولڊ“ (ڄم: 29 جُولاءِ 1905ع ـ لاڏاڻو: 18 سيپٽمبر 1961ع) پڻ هن لائبرريءَ لاءِ ڏوڪڙ گڏ ڪرڻ ۾ پيش پيش رهيو، جنهن ڪري ”ڊيگ هيمرسڪ جولڊ“ جي لاڏاڻي کان سُتت پوءِ 16 نومبر 1961ع تي هن ڪتب خاني کي سندس نالي پُٺيان منسُوب ڪندي ان جو سرڪاري نالو ”ڊيگ هيمرسڪ جولڊ لائبررِي“ رکيو ويو.
ٻئيءَ منزل کان وٺي هن عمارت جي پنجن منزلن جو تفصيل سان دؤرو ڪيوسِين. اسان کي اسان جي ڪوريائي سُونهِيءَ پنهنجي مخصُوص انداز ۾ رٽيل جُملن سان عمارت جا مختلف ڀاڱا گھمايا پئي، مُون پنهنجن ساٿين کي ٺُونٺيُون هڻي پئي چيو ته: ”گڏيل قومن جي باري ۾ جيترو هيءَ مائي پئي ٻُڌائي، ان کان وڌيڪ ته اسان پنجين درجي واري ڪتاب ۾هن اداري بابت سبق ۾ پڙهيو هو!“ هن مائيءَ کان اسان گڏيل قومن جي ڪردار جي حوالي سان ڪوبه سوال ٿي ڪيو ته کيس ان جو جواب ته نه ٿي آيو، پر عام امريڪيُن وانگر هن پنهنجي اهڙِي اڻ ڄاڻائيءَ توڙي ڪم علميءَ تي معذرت نه پئي ڪئي، پر انتهائي خراب انداز ۾ نٽايائين پئي ۽ سوال ڪندڙ کي ڪوبه ريسپانس نه ڏيندي ڳالهه مٽائي پئي ڇڏيائين، ايتري قدر جو سوال ڪندڙ ڏانهن نهاريائين ئي نه ٿي! مُون ته پنهنجي اصل سُونهِيءَ (اِيسٽ ويسٽ سينٽر جي ڪووآرڊينيٽر) ”مسز اين هارٽمين“ کي صاف چيو ته: ”هيءَ مائي ته ڏاڍي بدتميز آ!“ اين به اسان سان سؤ سيڪڙو مُتفق هُئي، پر هن اسان کي دلجاءِ پئي ڏني ته: ”ڏکيا سُکيا هي ٻه ڪلاڪ ٽپايو!“ ٻي ڳالهه جيڪا مُون اُن ڪوريائي مائيءَ جي حوالي سان نوٽ ڪئي، اُها اها ته اسان مان ڪنهن به سندس تصوير ڪڍڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ته اُن کي هُن صاف منع ته ڪونه پئي ڪيو، پر جڏهن هُن محسُوس ڪيو ٿي ته ڪو سندس فوٽو پيو ڪڍي، ته هُن ڄاڻي واڻي ڳالهائيندي پنهنجو مُنهن ٻئي پاسي پئي ڦيرايو. مُون پهريان ان ڳالهه کي اتفاق سمجھيو، پر پوءِ جڏهن ٽي چار دفعا سندس ان حرڪت کي نوٽ ڪري ورتم ته پوءِ پنهنجن ساٿين اشفاق آذر ۽ ضياء الرحمٰن جو توجهه به ڇڪايُم. هُنن به پنهنجين ڪيميرائن سان اهڙي ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ منهنجي ان مشاهدي جي تصديق ۽ توثيق ڪئي.
هن عمارت جي هر منزل جُون ديوارُون حسين پينٽنگز ۽ گھٽيُون (ڪاريڊور) ڪن نه ڪن تاريخي شين جي نماءَ سان سينگاريل هيُون ۽ گڏيل قومن جي عمارت به ”پينٽاگون“ جيان پُورو ميُوزيم بڻيل هُئي. هنن ڪاريڊورس ۾ هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي ڪريل ائٽم بمن جي تباهيءَ کان پوءِ ملبي جا ڪي نشان، دنيا ڀر جي مختلف جنگين ۾ استعمال ٿيندڙ گوليُون ۽ هٿيار ۽ اهڙو ٻيو سامان نماءَ لاءِ موجُود هو، جنهن جو موضُوعاتي حوالي سان تعلق سڌيءَ طرح امن يا جنگ سان هو. پينٽنگز جو اهم موضوع به امن، جنگ، انسان دوستي ۽ انساني ڀلائي وغيره هو.
اسان مختلف منزلن جو سير ڪندا هن عمارت جي اُن فلور تي پهتاسِين، جتان اسان مهمانن واري گئلريءَ منجھان داخل ٿي جنرل اسيمبليءَ واري هال ۽ سلامتي ڪائُونسل واري ايوان جو نظارو ڪرڻ وارا هُئاسِين. اهي لمحا مُنهنجي زندگيءَ جي يادگار ترين لمحن منجھان هُئا، جڏهن مُون گئلريءَ منجھان انهن ٻنهي ايوانن جو نظارو ڪيو. جنرل اسيمبليءَ جي هال جو نظارو ڪرڻ وياسِين ته اهو اڌ اُونداهو مليو (بتيُون پُوريءَ طرح ٻريل ڪو نه هيُون)، پر تنهنجي باوجُود به ان سان اُن جي جاح ۽ جلال تي ڪوبه اثر ڪونه ٿي پيو ۽ دنيا جو هي عظيم ترين ايوان پنهنجي پُوري شڪوهه سان اسان جو استقبال ڪري رهيو هو. مُنهنجي ذهن ۾ هڪدم هن هال جي ڀريل هجڻ جو تصّور ذهن ۾ آيو، ته جڏهن هن هال ۾ اجلاس هلندو هُوندو ۽ هي هال ڀريو تَريو هُوندو، تڏهن ڪيڏو نه سهڻو نظارو پيش ڪندو هُوندو. ان ئي منزل تي جڏهن اسين هڪ دروازي منجھان مهمانن واري گئلريءَ ۾ اندر داخل ٿيڻ وارا هُئاسِين، جنهن جي دروازي تي ”سيڪيورٽي ڪائُونسل“ لکيل هو ته دل عجيب طرح سان ڌڙڪڻ لڳي. گئلريءَ اندر داخل ٿياسِين ته هن هال جُون سڀ لائيٽُون آن هيُون ۽ پُورو هال پنهنجي پوري آب ۽ تاب سان اسان جي آڏو هو. هُونئن ته هن هال ۾ کوڙ سارا اهم اجلاس ۽ اهم فيصلا ٿيا هُوندا، پر مُنهنجي ذهن ۾ بس 1971ع وارو اهو ئي تاريخي اجلاس ترِي آيو، جنهن جي گھٽ ۾ گھٽ 5 منٽن جي ويڊيو فوٽيج اسان منجھان لڳ ڀڳ هر ڪنهن ڏٺي هُوندي. ان ويڊيو ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي نمائندي جي حيثيت ۾ پاڪستان ۽ ڀارت ۾ لڳندڙ جنگ جي جنگبنديءَ جي سلسلي ۾ شريڪ هو ۽ اهو چئي گڏجاڻِيءَ جو ايجنڊا وارو پنو ڦاڙي اُٿي واڪ آئُوٽ ڪري هليو ويو ته: ”مُنهنجو مُلڪ جنگ جي باهه ۾ ٻري پيو ۽ هتي سلامتي ڪائُونسل منهنجو وقت پئي وڃائي. اسين واپس وينداسِين ۽ وڙهنداسِين!“ مُنهنجي اکين اُن نشست کي پئي ڳولهيو، جنهن تي شهيد ڀُٽي ويهي اها تقرير ڪئي هُوندي ۽ اُن دروازي کي پئي ڳولهيو، جتان واڪ آئُوٽ ڪري هُو نڪتو هُوندو. جيتوڻيڪ هاڻي هن هال جو مُهانڊو ئي مَٽيل آهي، پر تنهن جي باوجُود به مُون اُن فوٽيج جي آڌار تي ڌُڪا پئي هنيا ته جيئن ته ڀُٽو صاحب ڪنهن اڌ گول ٽيبل جي ٻاهران کان ٻئي نمبر نشست تي ويٺل هو ته اُها سِيٽ فلاڻي به ٿي سگھي ٿي... فلاڻي به ٿي سگھي ٿِي... ته فلاڻِي به... ۽ ان ڏس ۾ اهڙين سمُورين مُمڪنه سِيٽن تان نظر ڦيرائي ويم. نه رڳو اهو، بلڪه اهڙين سمُورين مُمڪنه نشستن جا فوٽُو به ڪڍيم.
اها عجيب ڪيفيت کڻي سلامتي ڪائُونسل جي گئلرِيءَ مان نڪري ته آيس، پر ڪيتريءَ دير تائين مُنهنجي ڪنن ۾ ڀُٽي صاحب جي ان تقرير جا لفظ گُونجندا رهيا ۽ سندس بي باڪ انداز اکين ۾ جھُومڻ لڳو. اسين پنهنجي مردُم بيزار ڪوريائي سُونهِيءَ کان موڪلائي، عمارت جي بيسمينٽ (زيرِ زمين) وارِيءَ منزل تي آياسِين، جتي گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر جو ”سووينئر شاپ“ (تحفن جو دڪان) هو، جتي هن اداري جي حوالي سان ان جي لوگو سان سِينگاريل شيُون انتهائي مهانگي اگھه تي دستياب هيُون، جتان اسان جي سٿ جي تمام گھٽ ساٿين خريداري ڪئي. ان ئي هال ۾ اسان کي گڏيل قومن جي عمارت جو آرڪيٽيڪچرل ماڊل به رکيل مليو ته ان گفٽ شاپ تي ملاله يُوسفزئي جي حوالي سان ڪتاب به نظر آيا. ديوارن تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري، ”بان ڪِي مُون“ جا فوٽو سندس پيغام سميت به ڏسڻ لاءِ مليا ته ”يُونائيٽيڊ نيشنز فار چلڊرين“ جي نالي سان السٽريشنز تي مُشتمل بورڊ پڻ گڏيل قومن جي ٻارڙن لاءِ ڪيل خدمتن جو وچُور ٻُڌائيندي مليا.
اسين مُختلف ڪاريڊورس لتاڙيندا، بيسمينٽ منجھان زميني منزل (گرائُونڊ فلور) تي نڪري سيڪريٽيرييٽ جي عمارت جي ٻاهران آياسِين. ان وقت شام جا لڳ ڀڳ 6 ٿيڻ وارا هُئا، ٽنپهرن جو وقت هو پر سيڪريٽيرييٽ جي عمارت جي اصل سُونهن، گڏيل قومن جي ميمبر مُلڪن جا اُهي رنگبرنگي جھنڊا (جيڪي مُلڪن جي الف بي وار نالن جي ترتيب سان لڳل هُوندا آهن) لهِي چُڪا هُئا، جن کان سواءِ هيءَ عمارت بنهه ٻُسِي پئي لڳي. مُون اين هارٽمين کي ٻارن وانگر ڪنجھندي چيو ته: ”اين! تُون ٻُڌائين ها ته آفيشل وقت کان پوءِ هي جھنڊا لهِي ويندا ته عمارت اندر داخل ٿيڻ کان اڳ هتي بيهي تصوِيرُون ڪڍرايُون ها، ته ڪيڏيُون نه سُٺيُون تصوِيرُون اچن ها!“ هُوءَ به ان ڳالهه سان مُتفق هُئي ۽ مُون سميت مُنهنجي ڪيترن ساٿين جي ان غم ۾ برابر جي شريڪ هُئي، پر هُن ٻه ڪلاڪ اڳ وارِي اُها تڙ تڪڙ ياد ڏيارِي، جنهن ڪري هتي دير سان پهچڻ سبب اسان سڀني کي بس اها لڳل هُئي ته اندر پهچؤن، جنهن تي هُن چيو ته: ”اسين ليٽ ئي ايڏا هُئاسِين، جو هتي بيهي وڌيڪ وقت وڃائڻ جِي پوزيشن ۾ ئي نه هُئاسِين!“ ڳالهه ته مائيءَ جي به صحيح هُئي. بهرحال نه هُجڻ کان هُجڻ بهتر هو، سو اسان مان سمُورن هن عمارت سان پنهنجا اڪيلا فوٽا به ڪڍرايا ته سمُورن گڏجي گرُوپ فوٽا به ڪڍرايا.

گڏيل قومن جي ان دؤري کان پوءِ اسان پنڌ ئي گوڏي گاڏيءَ کي ڇڪيوسي، ڇاڪاڻ ته اسان جنهن هوٽل ۾ ٽڪيل هئاسِين، اها هوٽل (روزيويلٽ) ڪا گھڻي پري ڪانه هُئي ۽ اسين 15 کان 20 منٽن جي واڪ کان پوءِ ”مينهيٽن“ جُون پُررونق بازارُون لتاڙيِندا سجَّ لٿي ڌاري اچي هوٽل تي پهتاسِين ۽ ڪمرن تي اچي فريش ٿياسِين.

No comments:

Post a Comment