”سِٽي آف بنارس“
جهاز جو حادثو
الطاف شيخ
هوائي جهازن جا گهڻو ڪري نالا نه
ٿين پر پاڻي وارن جهازن.... يعني بحري جهازن تي نالا رکيا وڃن ٿا. پوءِ ڪي جهاز ٻڏيو
وڃن، ويهه پنجويهه سال کن سمنڊ تي هلي هلي پوڙها ٿيو وڃن ان بعدانهن کي وڍي ڪٽي، منجھائن
نڪتل لوهه، ڪاٺ ۽ ٻين شين کي شهر جي ردي مارڪيٽ ۾ اسڪريپ طور وڪيو وڃي ٿو.... اهڙا
جهاز ڪڏهن ٺهيا ڪڏهن پنهنجو وجود وڃائي ويٺا، ڪجهه ڏينهن يا وڌ ۾ وڌ ڪجهه هفتن بعد
هر هڪ جي دل تان ميسارجيو وڃن. پر گتاريخ ۾ ڪي ڪي اهڙا جهاز آهن جيڪي ڪن اهم ۽ منفرد
قسمن جي حادثن ڪري يا خاص قسم جو سامان کڻڻ ڪري يا ڪنهن اهم دور ۾ ڪو اهم ڪارنامو سرانجام
ڏيڻ ڪري هميشه هميشه ماڻهن جي دلين تي جُڙيا رهن ٿا. مثال طور اسان جي ملڪ جا پوڙها
هميشه سفينه حجاج جهاز جي ڳالهه ڪندا آهن جيڪو جهاز ڪيترائي سالَ پاڪستان جا ماڻهو
تمام گهٽ ڀاڙي (فقط 115 رپيا) تي ڪراچي کان جدي ۽ جدي کان واپس ڪراچي آڻيندو رهيو.
حاجي پاڻ سان رڌ پچاءَ جو سامان، اٽو، چانور ۽ ٿانوَ ٿپا پڻ پاڻ سان کڻي ويندا هئا
جو انهن ڏينهن ۾ حج لاءِ ٽي مهينا لڳندا هئا. هفتو وڃڻ ۾ هفتو اچڻ ۾ ۽ اڍائي مهينا
اتي رهڻ لاءِ ملندا هئا. هاڻ هوائي جهاز ۾ وڃڻ وارا مهينو کن مس ٿا رهن. سفينه جاج
بعد سفينه عرب، سفينه مراد ۽ شمس نالي پئسينجر جهاز به هليا پر اهي ننڍا هئا ۽ اند
وران فيول (ٻارڻ جو تيل) ۽ ٻيا خرچَ ايترو ته وڌي ويا جو حڪومت جي سبسڊي جي باوجود
جهاز هلي نه سگهيا ۽ هاڻ اسانجي ملڪ جا حاجي فقط باءِ ايئر وڃن ٿا.
بهرحال سفينه حجاج جهاز جي ڪهڙي
ڳالهه ڪجي جنهن کي اڄ به ياد ڪيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ اهو به لکندو هلان ته هن حاجين جي
جهاز سفينه حجاج جو سفر ڪو فرحت بخش نه هو جيڪو اڄ جي پئسينجر ڪروز جو تصور ڪيو وڃي
ٿو. سچ ته اهو آهي ته اهو سفر لگزري بدران سزا هوندو هئو. پر شاباس هجي اسان جي حاجين
۽ انهن جي ايمان کي جيڪي دعائون پڙهندا کلندا خوش ٿيندا روانا ٿيندا هئا ۽ ڀلي پار
تان ورتل سوغاتن جون هڙونکڻي موٽندا هئا. منهنجي
ٽيچرن (ڪئپٽن اين ايڇ شاهه ۽ چيف انجنيئر عاقل قُريشيءَ) ۽ منهنجي ڪجهه ڪلاس ميٽن
(خاص ڪري منهنجي پياري مرحوم دوست چيف انجنيئر آصف غيور) هن جهاز کي هلايو..... بلڪه
هڪ دفعو مرمت لاءِ آصف غيور هن جهاز کي هانگ ڪانگ وٺي آيو هو ته آئون به هن جو مهمان
ٿي ان جهاز رهيو هوس. هي سال 1974ع جي ڳالهه آهي. ان وقت اسان جيڪي جهاز هلائي رهيا
هئاسين اهي اهڙا ته ماڊرن، سهڻا ۽ آٽوميٽڪ هئا جو اسان کي پنهنجي دوست آصف غيور سان
همدردي هئي. بهرحال پوءِ هي جهاز سگهوئي فيروري 1976ع ۾ گڊاني ۾ اسڪريپ ڪيو ويو.
دراصل هي جهاز سفينه حجاج مسافرن
لاءِ نه پر مال (ڪارگو) ڍوئڻ لاءِ 1936ع ۾ جرمني جي بندرگاهه بريمن ۾ ٺاهيو ويو. ان
وقت هن جهاز جو نالو پوٽسڊم (Potsdam) هو. ٻي جنگ
عظيم دوران هي جهاز جرمن فوجي (Troops) ڍوئيندو رهيو.
1945ع ۾ انگريزن جي فوج جرمنن تي حملو ڪري کانئن هي جهاز کسي ورتو ۽ پوءِ سندس نالو
Empire Jewel رکيو. هڪ سال بعد يعني
1946ع ۾ هي جهاز P&O جهازران ڪمپني حوالي ڪيو ويو جنهن هن جو نالو Empire
Fowey رکي هن کي وري ٽروپ شپ طور هلايو. ان بعد ٽي
سال 1947ع کان 1950ع تائين نه فقط هن جهاز ۾ تبديليون آنديون ويون پر پراڻي انجڻ ڪڍي
نئين لڳائي وئي. ۽ پوءِ ڏهه سال هلڻ بعد هي جهاز 1960ع ۾ پاڪستان جي هڪ جهازران ڪمپني
”پئن اسلامڪ اسٽيم شپ ڪمپني“ کي وڪيو ويو جن هن جهازجو نالو سفينه حجاج رکيو. جهاز
تي فوجين لاءِ ڪجهه ڪئبنون هيون جن کي مٿاهين درجي جي مسافرن لاءِ رکيو ويو باقي سوين
حاجي ڊيڪ تي ٺهيل هئچ (گدامن) ۾ رکيا ويا ٿي جن کي سنڌ جا ڳوٺاڻا ”ديڳ“ سڏيندا هئا
۽ واقعي اونهاري جي سخت گرمي ۾ بحرِ احمر (ڳاڙهي سمنڊ) ۾ لوهه جي جهاز ۾ جڏهن ايئر
ڪنڊيشنر به ڪم ڪرڻ ڇڏيو ڏين، اتي سفينه حجاج جهاز جو کلئي آسمان هيٺان ڊيڪ واقعي تپي
ديڳ ٿي پوندو هو. پر هڪ سؤ رپين تائين جي ٽڪيٽ ۾حج اوٽ موٽ سفر اسان جي ملڪ جي غريب
ماڻهن لاءِ ڪو برو سودو نه هو. بهرحال هن جهاز مان مالڪن ڪو خاص نه ڪمايو پر حاجين
جي خذمت ڪئي. هن جهاز ڪري اسان جي ڪيترن غريب ماڻهن جن کي پئسو نه هو اهي به پنهنجي
دل جي خواهش پوري ڪري سگهيا. 20 فيبروري 1976ع تي هن جهاز کي گڊاني جي ڪناري تي آڻي
Scrap ڪيو ويو يعني ڀڃي ٽڪرا
ٽڪرا ڪيو ويو.
پاڻي جي جهازن تي هر قسم جا نالا
رکيا وڃن ٿا ويندي شهرن، ندين، جبلن، ملڪن، وڻن، گلن وغيره جا. اسانجي ملڪ جي قومي
جهازران ڪمپني جي جهازن جا نالا به شهرن ۽ ندين تي هئا جن مان ڪجهه جن تي مونکي Sail
ڪرڻ جو موقعو مليو انهن جا نالا هئا: اَباسين، مالاڪنڊ، چناب،
سندر بنس، پنجند، پدما، ڪرنا ڦلي ۽ سرما وغيره. پدما، ڪرنا ڦلي ۽ سُرما تن ڏينهن جي
مشرقي پاڪستان ۽ هاڻ بنگلاديش جون نديون آهن. سندر بنس به اتي جي مشهور جنگل جو نالو
آهي جيڪو شينهن کان مشهور آهي.
اسان جي ملڪ جي جنگي جهازن جا نالا
آهن: خيبر، ڍاڪا، بابر، ٽيپو، بدر وغيره ۽ مرچنٽ نيوي جي ڪجهه ٻين جهازن جا نالا آهن:
سرگودا، حيدرآباد، خيرپور، موهن جو دڙو، نواب شاهه، باغِ ڪراچي، ڀمڀور..... وغيره.
پاڪستان جي جهازن جو ذڪر ته آئون
ائين کڻي ويٺس. مونکي دراصل ارڙهين صدي جي هڪ مشهور جهاز ران ڪمپنيءَ ”ايلر مئن شپنگ
ڪمپني“ جي ڳالهه ڪرڻي هئي جنهن وٽ ڪيترائي مسافر ۽ مال برادر جهاز هئا ۽ هڪ اهڙو وقت
آيو جو اها دنيا جي گهڻن جهازن جي مالڪ بڻجي وئي. پر پوءِ ويهين صدي جي اڌ ڌاري، ٻي
جنگ عظيم وارن ڏينهن کان هن ڪمپني جو زوال شروع ٿي ويو. 1963ع ۾ جڏهن اسان جهازراني
۽ جهاز سازي جي تعليم وٺڻ لاءِ نيول اڪيڊمي ۾ آياسين ته ان وقت به هن ڪمپنيءَ جو پڙاڏو
جِتي ڪٿي ٻڌڻ ۾ آيو ٿي. سندس ڪيترن ئي جهازن ۽ انهن جي سحر انگيز ۽ خوفناڪ سفرن جون
ڪهاڻيون ڪلاس روم ۾ پنهنجن انگريز ۽ يورپين پوڙهن پروفيسرن کان ٻڌندا هئاسين جن انهن
مان ڪجهه جهازن تي ڪئڊٽ کان ڪئپٽن ۽ جونيئر انجنيئرن کان چيف انجنيئر بڻجڻ دوران Sail (سامونڊي سفر) ڪيو.
ايلرمئن (Ellerman) شپنگ لائين جي ڪيترن ئي جهازن جا نالا دنيا جي مشهور شهرن تان کنيل
هئا. جيئن ته اي. ايس. سٽي آف پئرس، اهڙي طرح آڪسفورڊ، خارطوم، ناگپور، جھانس برگ،
هل (اسڪاٽلنڊ جو شهر)، خارطوم (سوڊان جو شهر) وغيره. انهن ڏينهن ۾ هر جهاز جي نالي اڳيان ايس ايس (S.S) لکيو ويندو
هو معنيٰ Steamship ٻاڦ تي هلي ٿي. جيئن اڄ
ڪلهه پيٽرول يا ڊيزل انجڻ ۾ پسٽن هيٺ مٿي ٿين ٿا جو انهن ۾ پيٽرول يا ڊيزل تيل ساڙيو
وڃي ٿو. پر انهن ڏينهن ۾ جيڪي نيون انجڻيون نڪتيون هيون انهن ۾ ٽي مختلف Piston
هئا جن ۾ بئالر ۾ تيارڪيل ٻاڦ وجھي هيٺ مٿي ڪيو ويو ٿي ۽ پسٽن
جي هيٺ مٿي ٿيڻ تي جهاز جو پنکو (Propeller) هليو ٿي. بعد ۾ جهازن جي انجڻين ۾ پسٽن بدران ٽربائين لڳايا ويا جيڪي
اسٽيم تي هلايا ويا ٿي. اهي جهاز TSS يعني ٽربو اسٽيم شپ سڏبا هئا. جيئن سفينه حجاج جنهن جي اڳيان ٽي. ايس.
ايس لکيل هو. ان بعد اسان جي دور ۾ ڊيزل انجڻ مشهور ٿي ۽ انهن جهازن جي نالن اڳيان
M.V يعني ”موٽر ويسل“ لکيل
نظر ايندو.
بهرحال مٿين ايلرمئن ڪمپني جو هڪ
اهم جهاز جيڪو اڄ تائين مشهور آهي ۽ جنهن تي فلم ۽ ڪئين ڪِتابَ ڇپجي چُڪا آهن اهو آهي
”سِٽي آف بنارس“ مٿي پاڪستان جي حاجين جي جهاز
سفينه حجاج جو ذڪر ڪيو اٿئون ته اهو جرمني
جي شهر بريمن ۾ POTSDAM نالي 1936ع ۾ ٺهيو. ٺيڪ
ان سال 509 فٽ ڊگهو ۽ 63 فٽ ويڪرو، مسافر ۽ سامان کڻڻ لاءِ يارهن هزار ٽن وزن جو جهاز
گلاسگو (اسڪاٽلنڊ) ۾ ”ايس ايس سٽي آف بنارس“ ٺهيو.
هي جهاز ٻه ٽي سالَ خوش خير اسلوبيءَ
سان مسافر ۽ سامان هڪ بندرگاهه کان ٻئي بندرگاهه ڍوئيندو رهيو. پوءِ ٻي وڏي لڙائي جي
شروع وارن ڏينهن ۾ جڏهن هٽلر اٿڻ سان اهڙي باهه ٻاري جو فرينچن سان گڏ انگريزن جون
به وايون بَتال ٿي ويون. هي اهو وقت هو جڏهن انگريزن کي اها ڳالهه ڌيان ۾ آئي ته متان
جرمن بمباري ڪري انگلنڊ سان گڏ انگريز نسل ئي ختم ڪري ڇڏي سو ڇو نه هن ملڪ جا ٻار ڪئنادا
جهڙي ڏورانهين ڏيهه موڪلي ڇڏجن. ان لاءِ پهرين 90 ٻارن جي کيپ ”سِٽي آف بنارس“ جهاز
ذريعي 13 سيپٽمبر 1940ع تي لورپول بندرگاهه کان رواني ڪئي وئي. ٻارن کان علاوه 150
کن جهاز هلائڻ وارا ۽ جهاز تي ڪم ڪرڻ وارا، ڪجهه ٻيا مُسافر ۽ انهن جو سامان پڻ هو
.
جهاز انگلنڊ جو بندرگاهه ڇڏي ڪئناڊا
جي بندرگاهه مانٽريل وڃي رهيو هو ته 17 سيپٽمبر جي شامَ جو دير سان هڪ جرمن آب دوز
U-48 جي نظر چڙهي ويو. هنن
رات جو پوڻي يارهين بجي ان تي ٻه ٽارپيڊا هنيا پر بنارس جهاز بَچي ويو. ان بعد ڪلاڪ
کن رکي هڪ بجي (18 سيپٽمبر) هنن ٽيون ٽارپيڊو هنيو جيڪو جهاز کي اهڙو ته سنڌائتو لڳو
جو هن کي ٻڏڻ ۾ اڌ ڪلاڪ به نه لڳو.
ٽارپيڊو لڳڻ سان 15 منٽن ۾، جيتوڻيڪ
بيحد ڏکيائي سان پر سڀ ماڻهو ٻيڙين ذريعي جهاز تان لهي ويا. جهاز ته ٻڏي ويو پر ماڻهو
سڀ بچي ويا. اهو به لکندو هلان ته بنارس اڪيلو
جهاز نه هو. ان سان گڏ گڏ ايس ايس مرينا نالي پڻ جهاز هو جنهن کي پڻ جرمن آبدوز وارن
ٽارپيڊو هڻي تباهه ڪري ڇڏيو هو. اهو ڪارگو جهاز هو ۽ ان جا چند جهاز هلائڻ وارا پنهنجي
اڪيلي ٻيڙي ۾ لهي پيا. ٻيڙين ۾ سوار ماڻهن کي بچائڻ لاءِ جيڪو ويجھي ۾ ويجھو جهاز هو
اهو برطانيه جو جنگي جهاز HMS HURRICANE
هو. باوجود تيز رفتار جي هو انهن کي ڳولي انهن تائين پهچڻ ۾
هن کي 24 ڪلاڪَ لڳي ويا. ان وچ ۾ سامونڊي تکين لهرن ۽ سخت سيءَ ڪري ڪيترا ٻيڙي مان
ڪري ٻُڏي ويا ۽ ڪيترا ٿڌ ڪري مري ويا. ٻي غلطي اها ٿي ته بچائڻ واري جهاز ”هريڪين“
لوٽ نمبر 2 (جيڪا ”مرينا“ جهاز جي هئي) اها ”بنارس“ جهاز جي ٻيڙي سمجھي پنهنجي حساب
سان سڀ ٻار بچائي ورتا. پوءِ اها بچيل ٻيڙي جنهن ۾ ڪافي ٻارَ هئا اٽڪل هفتو ائٽلانٽڪ
سمنڊ ۾ ڦرندي رهي ان بعد اها ٻيڙي هڪ ٻئي فوجي جهاز HMS
Authony کي نظر آئي. پر تيسيتائين ان جا ڪافي ٻار ۽
وڏا ٿڌ ۽ اڃ بَکَ وگھي مري چڪا هُئا. بهرحال سِٽي آف بنارس تي سوار 407 ماڻهن مان فقط
147 بچي سگهيا جن ۾ ٻار فقط 13 هئا. يعني 90 ٻارن مان 77 ٻار مري ويا. ان حادثي بعد
انگلنڊ وارن پنهنجنٻارن کي انگلينڊ مان ڪڍڻ جو پروگرام ختم ڪري ڇڏيو. ان وقت جي وزير
اعظم سر ونسٽن چرچل به ان اسڪيم جي سخت مخالفت ڪئي.
سٽي آف بنارس جهاز جي هن حادثي جي
ڪهاڻي جيمس هينيگان پنهنجي ناول Wish Me Luck ۾ هڪ ٻار واتان ڏني آهي جيڪو ”سِٽي آف بنارس“ ذريعي پنهنجي شهر لورپول
کان روانو ٿيو هو.
اُنَ ڪِتابَ کان علاوه Dust
نالي ناول ۾ پڻ ان وقت جي خوبصورت جهاز ”سِٽي آف بنارس“ جي ٻڏڻ
جي ڪهاڻي آهي جيڪو مارٿا گرائمس لکيو آهي.
انهن ڪِتابن کان علاوه هڪ Miracles
on the water آهي جيڪو ان وقت جهاز
۾ سفر ڪندڙ هڪ پولنڊ جي همراهه جي پوٽي ”ٽام ناگور سڪي“ جو لکيل آهي جيڪو هن پنهنجي
ڏاڏي ۽ ٻين بچيل وڏن ۽ ٻارن کان اکين ڏٺو احوال وٺي لکيو آهي.
ان جهاز (سِٽي آف بنارس) تي هڪ ٻيو
ڪِتابُ به مارڪيٽ ۾ آهي جنهن جو نالو آهي: The Sky is Falling
بهرحال پڙهندڙن جي شوقينن کي پهريون ڪِتاب Wish
me Luck ڪراچي ۽ لاهور مان ضرور ملي ويندو جيڪو 208 صفحن جو آهي ۽ 1997ع ۾ ڇپيو
هو.
No comments:
Post a Comment