اچو ته گڏجي ڇپر کڻون
ڊاڪٽر فهميده حسين
سنڌ جي ڀلائيءَ لاءِ سوچڻ جو حق هر سنڌي ماڻهوءَ جي سرشت ۾ شامل آهي ۽ هو
ان کي ادا ڪرڻ به چاهي ٿو، پر هر ماڻهوءَ جو پنهنجو طريقو ٿيندو آهي، جيئن ڪو به
هڪڙو ماڻهو ٻئي جهڙو ٿي نه ٿو سگهي تيئن هڪ ماڻهوءَ جي سوچڻ جو انداز ٻئي ماڻهوءَ
کان مختلف ٿيندو آهي، سوچ جي ٻنهي اندازن ۾ فرق سندن سوچ جي محور ۽ ان لاءِ خلوص
نيت ۾ فرق جي مترادف نه سمجهڻ گهرجي، تازو آءٌ پنهنجي هڪ نجي ڪم سان جڏهن آمريڪا
وئي هئس، تڏهن ان ڳالهه جو احساس مون کي شدت سان ٿيو.
17 آگسٽ تي آمريڪا جي شهر سينٽ لوئس ۾ پنهنجي ڀاءُ اعجاز جي گهر
پهتس، هن ئي شهر ۾ اسان جو ڀاءُ ڊاڪٽر مٺل وقاصي پڻ رهي ٿو جنهن کي منهنجي اچڻ جو
اطلاع اڳ ۾ ئي هو ۽ هن نه صرف ان شهر ۾ مون سان ملاقات ڪئي، پر مون کي آمريڪا ۾
ديٽرائيٽ جي شهر ۾ سنڌين جي تنظيم ”سانا“ ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني ۽ هڪ سيشن ۾
پيپر پڙهڻ جي نينڍ پڻ ڏني، جيڪو سانا جي 32هين ڪنوينشن جي پڇاڙيءَ ۾ رکيل هو، آءُ
جيئن ته پنهنجي ڀائيٽي جي شاديءَ ۾ شرڪت لاءِ ويل هئس، جيڪا انهيءَ هفتي جمعي ۽
ڇنڇر تي رکيل هئي، ان ڪري پهرين ته مون معذرت ڪئي، پر ڊاڪٽر صاحب سان اهڙا
برادرانه تعلقات آهن جو سندس زور ڀرڻ تي وڌيڪ انڪار ڪري ڪا نه سگهيس، ساڳئي وقت
”سانا“ جي سيڪريٽري جنرل ڀيڻ نورالنساءِ گهانگهرو جي اي ميل آئي ۽ پوءِ فون به
ڪيائين ته هن ڀيري سانا جي طرفان اوهان کي ”لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ“ ڏيڻ جو
فيصلو ٿيو آهي جيڪو اوهان کي آچر تي ٿيندڙ جشن جي موقعي تي ڏنو ويندو ان ڪري اهو
وٺڻ لاءِ توهان ڪيئن به ڪري پهچو، ٻئي ڏينهن صبح جو ڊاڪٽر وقاصيءَ واري سيشن ۾ به
شرڪت ڪرڻي اٿو“، نور النساء ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ منهنجي شاگردياڻي رهي آهي، سندس
صحبت اڳيان انڪار ڪرڻ به ڏکيو ٿي پيو، پر سوال اهو هو ته شاديءَ جي گهر مان نڪرجي
ڪيئن، جنهن ۾ هتان سنڌ مان ويل ۽ اتي آمريڪا ۾ رهندڙ، اسان جو سڄو خاندان اچي گڏيو
هو، منهنجي ڀاءُ اعجاز کي سانا جي صدر
محترم جميل دائوديءَ پڻ فون ڪري ٿاڪيد ڪئي، ايئن نيٺ اعجاز همت ڪئي ۽ اسين آچر تي
صبح جو نڪري پياسين، 8 ڪلاڪن جي رستي تي سمورو وقت ”سانا“ جي باري ۾ سنڌ جي اخبارن
۾ پڙهيل تنقيدي، وضاحتي ۽ تعريفي خطن بابت ذڪر ٿيندو رهيو، انهن ئي ڏينهن ۾ نيٽ تي
محترم عزيز ناريجي جو لکيل هڪ خط به پڙهيو هئم جنهن ۾ هن سانا جي ٺهڻ کان هن وقت
تائين ٿيندڙ مثبت سرگرمين تي روشني وڌي هئي، ان ڏس ۾ منهنجا تاثرات گڏ وچڙ هئا،
ڪير صحيح ڪير غلط اهو فيصلو ڪرڻ منهنجو ڪم ڪونهي، پر اتفاق سان آءٌ 1991 کان وٺي
ڪڏهن سانا جي دعوت تي ته ڪڏهن پنهنجي ڪنهن ذاتي دوري دوران امريڪا ۾ هئڻ سبب سندن
ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪندي رهي آهيان، ٿيندو هيئن آهي ته جيئن ئي کين خبر پوندي آهي ته
آءٌ اتي آهيان ته ادبي نشست ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ حجت ڪندا آهن.
هڪ ڀيري ڪيناڊا جي شهر ٽورانٽو ۾ پنهنجي پٽ جي گريجوئيشن ۾ شرڪت لاءِ ويل
هئس ته محترم خير محمد ڪولاچيءَ کي الائجي ڪيئن خبر پئي، سو اهو دعوت ڏيڻ پهچي
ويو، ۽ ادبي نشست جي صدارت مون کان ڪرايائين، ان کان اڳ هڪ ڀيري ڀاءُ اسحاق تنيو ۽
نديم جمالي خاص طور مون کي شڪاگو وٺي ويا (اسحاق تنيو منهنجو شاگرد رهيو آهي ۽
نديم جمالي ڄڻ ته منهنجو ڀائيٽيو آهي جنهن جو والد مرحوم ڊاڪٽر ايم بي جمالي ادا
سراج جو گهاٽو دوست هو ۽ اسان جا گهرا خانداني لاڳاپا آهن) منهنجا ٻه ڀائر امريڪا
۾ رهن ٿا جيڪي پڻ ”سانا“ ۾ تمام فعال رهيا آهن، مطلب ته گذريل 25 سالن کان آءٌ سڌي
يا اڻ سڌي طرح هنن بابت باخبر رهي آهيان ۽ مون محسوس ڪيو آهي ته سنڌ کان پري پرديس
۾ رهندڙ سمورن سنڌين کي عام طرح پر ”سانا“ جي سڄاڻ ساٿين کي خاص طرح سنڌ مان آيل
دوستن مان سنڌ جي آسيس ايندي آهي ۽ هو انهن سان ملڻ، انهن جون دعوتون ڪرڻ ۾ اڳڀرا
هوندا آهن. جتي هو سنڌ جي باري ۾ وڌ ۾ وڌ ڄاڻڻ چاهيندا آهن، انهيءَ جي دردن تي
روئندا آهن ۽ ڪنهن ڪاميابيءَ تي خوش ٿيندا آهن ۽ پنهنجي طرفان سنڌ جي خدمت ڪرڻ جا
وس آهر جتن ڪندا آهن، گهڻو ڪري سڀئي محبتي، سڀئي خلوص وارا، ها پر انهن پنجويهن
سالن دوران جيڪا ڳالهه مون محسوس ڪئي سا اها ته اهي هڪ ٻئي سان سوچ يا راءِ جي فرق
کي يا معمولي اختلاف کي به گهڻو محسوس ڪن ٿا ۽ پوءِ هڪ ٻئي جي خلاف گهڻا تلخ ٿيو
وڃن.
سوچيندڙ ذهنن ۾ اختلاف هئڻ به هروڀرو ڪا غلط ڳالهه ڪانهي، بلڪ ان کي آءٌ ته
مثبت ڳالهه ٿي سمجهان پر هڪ ٻئي جي راءِ ۾ اختلاف کي سمجهڻ ۽ برداشت ڪرڻ بدران، ان
کي اڻسهپ ۾ تبديل ڪرڻ درست ڪونهي، پنهنجي اندروني اختلافن کي جهيڙي جو ڪارڻ سمجهي
اخبارن ۾ بيان بازيءَ يا چئنلن تي بحث مباحثا ڪرڻ کي الائجي ڇو منهنجي دل قبول نه
ٿي ڪري، مون ڏٺو آهي ته ٻنهي طرفن جا ساٿي تمام باشعور، مخلص ۽ سنڌ جو درد دل ۾
رکندڙ هوندي به هڪ ٻئي لاءِ مَسهو ٿيو پون، جيئن اسان وٽ اليڪشن ۾ کٽڻ هارائڻ کي
زندگيءَ ۽ موت جو سوال بڻائي ڌريون هڪ ٻئي سان دائمي دشمني پالي ويٺيون هونديون آهن سياست ۾ ته ايئن ٿئي
ٿو پر ادبي علمي ۽ سماجي تنظيمن ۾ به اهو ساڳيو رويو هوندو آهي، سانا ۾ ته گهڻو
ڪري اعليٰ تعليم يافته ۽ سڌريل دنيا ۾
جياپي جي جنگ جوٽڻ وارا باشعور فرد ويٺا آهن انهن ۾ اهڙي روايت کي موجود نه هئڻ
گهرجي، پر ڇا ڪجي جو اها ڳالهه شايد اسان جي رت (جينس) ۾ آهي.
مون محترم ابراهيم جويي جي هڪ ليک ۾ پڙهيو هو ته سڪندر اعظم سان گڏ آيل
مؤرخن مان ڪنهن هڪ ڄڻي سنڌ جي ڌرتيءَ، ماڻهن جي بهادريءَ يا فصلن وغيره جي تعريف
لکڻ سان گڏ اهو به لکيو آهي ته ”اسان کي سنڌ ۾ اڳتي وڌڻ ۾ ان ڪري گهڻي دقت پيش ڪا
نه آئي جو اتان جا دنگئي زميندار هڪ ٻئي خلاف هئڻ ڪري اسان جي هڪ ٻئي خلاف مدد
ڪندا هئا، جيڪڏهن منجهن ٻڌي هجي ها ته اسين اڳتي وڌي نه سگهون ها“ ۽ سچ ته اها
حقيقت به آهي. ايئن سنڌي هڪ ٻئي کي سهڻ جي معاملي ۾ اهڙا ئي آهيون، ماڻهو تمام
سولائيءَ سان هڪ ٻئي جي خلاف ٿي وڃن ٿا، جنهن مان ڪو به ڌاريون گهڻو فائدو وٺي
سگهي ٿو….
سو بهرحال جڏهن اسين شام جي وقت ڊيٽرائيٽ پهتاسين ته اتي سانا وارن جي جنرل
باڊي ميٽنگ هلندڙ هئي، سمورا ميمبر ان ۾ هليا ويا ۽ اسين هوٽل جي ڪمري ۾ جائتا ٿيڻ
وياسين جو رات جي جشن ۽ ڊنر ۾ شرڪت ڪرڻي هئي ۽ سچ ته اتي وڃي دل خوش ٿي وئي جو خبر
پئي ته جنرل باڊيءَ ۾ شڪوا شڪايتون، ڏوراپا ميارون ڏيڻ کانپوءِ ٻئي ڌريون پاڻ ۾
کير کنڊ ٿي ويون، ٿيڻ به ائين گهربو هو، آخر ته پڙهيل لکيل سڄاڻ ماڻهن جي تنظيم
آهي، ڊنر ۾ ڪيترن ئي پراڻن ساٿين سان ملاقات ٿي، سڀئي خوش ۽ پرجوش هئا، آءٌ سوچيو
ويٺي هئس ته ايوارڊ وٺڻ کانپوءِ ٻه لفظ
ڳالهائڻ لاءِ موقعو ملندو ته اهوئي پيغام ڏيندس ته سنڌ جي محابي پاڻ ۾ ٻڌي ڪريو جو
اها وقت جي اهم ضرورت آهي، پر پوءِ سندن پاڻ ۾ پرچڻ جو ٻڌي چپ چاپ هيٺ لهي آيس، ۽
جيئن ئي اسٽيج تان لٿس ته پهرين نور النساء گهانگهرو ۽ پوءِ اسحاق تنيو اڳتي وڌي
سڪ سان مليا ۽ مبارڪون ڏنائون، مون دل ۾ سوچيو هنن ٻنهي ۾ اختلاف هوندي به جيئن
آءٌ هڪ استاد جي حيثيت ۾ کين پياري آهيان ۽ ٻئي گڏجي ٻه قدم اڳتي هلي آيا آهن،
تيئن ئي هو ”سنڌ“ جي پيار ۾ ٻه قدم اڳتي وڌي پنهنجا اختلاف وساري هڪ ٿي هڪ امڙ جي
خدمت ڪن ته ڪيڏو نه چڱو ٿئي، ۽ هاڻي اميد اٿم ته ايئن ئي ٿيندو.
اهو ئي ساڳيو پيغام سوشل ميڊيا تي اڄڪلهه هلندڙ اختلافي بيانن ۽ هڪ ٻئي خلاف
محاذ جوڙي، هڪ ٻئي تي ڇتي تنقيد ڪرڻ وارن اديبن لاءِ ڏيڻ ٿي چاهيان، راءِ جي
اختلاف کي ذاتيات تائين کڻي وڃڻ ۽ ميڊيا خاص ڪري سوشل ميڊيا تي اهڙيون پوسٽون رکڻ
مناسب نه آهي ڇو جو اسان جو نوجوان طبقو ئي ان کي سڀ کان وڌيڪ ڏسي ۽ پڙهي ٿو،
سماج جو سڀ کان سڄاڻ ۽ باشعور طبقو اديبن ۽ ليکڪن کي سمجهيو ويندو آهي، اهي
پنهنجي قول ۽ فعل سان ڪنهن جي دل آزاري نه ڪن ته بهتر عمل ٿيندو ۽ نوجوان طبقو ان
مان گهڻو ڪجهه سکندو، پنهنجن بزرگن کي لوئڻ، پنهنجن ساٿي اديبن کي خوار ڪرڻ، ذاتي
اختلافن کي صنفي يا عورت مرد وچ ۾ اختلافن جو رنگ ڏيڻ ۽ ادبي تنظيمن ۾ ڌرين جي
مقابلي کي دائمي جهيڙي جو رنگ ڏيڻ ڪنهن جي به مفاد ۾ ڪونهي، ان مان ڌاريا فائدو
وٺي سگهن ٿا، جيڪي ”ڪانءَ کي لڙ ۾ مزو“ جي چوڻيءَ موجب انهن اختلافن کي اڃا به هوا
ڏيئي سگهن ٿا، اسين سڀئي ان ڳالهه تي متفق آهيون ته سنڌ هن وقت تمام نازڪ دور مان
گذري رهي آهي ان ڪري اهو اسان کي سمجهڻ گهرجي ته اسان لاءِ ٻڌيءَ ۾ ئي ڀلائي آهي،
ها البت ڪنهن هڪ جو ٻئي جي سوچ يا راءِ سان اختلاف ڪرڻ جو حق تسليم ڪندي مهذب
انداز ۾ معاملا طي ڪرڻ سان ئي اسين سنڌي ليکڪ پنهنجي پڙهندڙن کي ڪو مثبت پيغام ڏئي
ٿا سگهون.
اڄڪلهه سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي ۽ سنڌي لينگئيج اٿارٽي پڻ خبرن ۾ آهن، اهي
ادارا اسان جي بزرگن جي خوابن جي ساڀيان جو درجو رکن ٿا ۽ سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ ڪلچر
جي تحفظ ۽ ترقيءَ لاءِ جوڙيل آهن، انهن ۾ ڪم ڪرڻ ايترو سولو ڪونهي، ماڻهوءَ کي
پنهنجو رت ولوڙڻو ٿو پوي، راتين جون ننڊون ڦٽائي، اوجاڳا ڪري محنتون ڪرڻيون ٿيون
پون پوءِ به پورو حق ادا نه ٿو ٿئي، پوءِ به سڀڪو راضي نه ٿو ٿئي، ضرورت ان ڳالهه
جي آهي ته انهن ادارن جي مالڪي ڪجي، انهن تي مقررين لاءِ ميرٽ کي اوليت ڏيڻ گهرجي،
دوستي ياري، سياسي وابستگي يا ادبي گروهه بنديءَ کان بالاتر ٿي انهن ادارن ۾ اهل ۽
مناسب ماڻهو آڻجن ۽ جڏهن ايئن ٿئي ته ساڳئي جذبي سان انهن جا هٿ مضبوط ڪجن. حڪومت
جي مخالفت ۾ غير شعوري طور پنهنجن ادارن سان دشمني ڪرڻ ڪنهن به ريت سنڌي ٻوليءَ،
ادب ۽ ڪلچر لاءِ درست ڪونهي. سنڌ جو مفاد اسان کي سڀني کان مٿانهون رکڻ لاءِ
پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، سمورا اختلاف وساري هڪ نقطي، سنڌ جي مفاد تي هڪ
ٿيڻ ۾ ئي اسان جو جياپو آهي، اها ڳالهه
اچو ته ڳنڍ ۾ ٻڌي ڇڏيون ۽ پاڻ ۾ ٻڌي ڪريون.
گلوبلائيزيشن جا چئلينج ۽ سنڌ
ڊاڪٽر فهميده
حسين
سڀ کان پهرين آئون پنهنجي اڄ جي
گفتگوءَ جي موضوع تي روشني وجهندس سو آهي: “Globalization
verses culture and language of Sindh” يعني ”عالمگيريت“ ”سنڌ جي
ثقافت“ ۽ ”سنڌي ٻولي“ هن عنوان جا ڪنجي لفظ (Key
words) آهن. جن کي سمجهائڻ جي ضرورت گهٽ ۾ گهٽ هن
فورم تي بنهه ڪانهي، البت اهو ضرور چوڻ چاهينديس ته ڪنهن به ڪلچر جو بنيادي وسيلو
آهي ئي ”ٻولي“ ڇو جو ڪوبه ثقافتي عمل ٻوليءَ بنا ممڪن ٿي نه ٿو سگهي. ٻولي ئي آهي
جيڪا ڪنهن به قوم، گروهه يا ڪميونٽيءَ جي سماجي تنظيم ڪري ٿي ۽ اها ئي ان جي سڃاڻپ
۽ وجود جي ضمانت هوندي آهي. جيڪڏهن سنڌي ٻولي نه رهي ته پوءِ ڪوبه سنڌي-”سنڌي“
سڏائڻ جو حق وڃائي ويهندو. (هتي SANA جو مثال ڏئي
سگهجي ٿو ته انهيءَ جا ميمبر سنڌي ٻوليءَ جي بنياد تي هڪ قوم هئڻ جي دعويٰ ڪندي
اتر امريڪا جي هڪ ڪميونٽيءَ طور گڏ ٿين ٿا. نه ته سنڌ ۾ ته ٻيا به گهڻا ئي گروهه
رهن ٿا، پر اهي اها ساڳي سڃاڻپ نه ٿا رکن) ها البت سنڌ جي مفادن سان ڳنڍيل ڪي فرد
ضرور ان دائري ۾ اچي سگهن ٿا.
ٻئي طرف عالمگيريت (Globalization) جي عمل ۾ جيڪڏهن دنيا سوڙهي ٿي هڪ ڳوٺڙو (Global
Village) ٿي وئي آهي ته اتي ان سڃاڻپ کي قائم رکڻ جي
ڳڻتي به اسان کي ورائي وئي آهي. هڪ ئي گلوبل ٻولي ۽ ڪلچر جي حاوي ٿيڻ جو خطرو
محسوس ٿيڻ لڳو آهي. اهو عمل 21 صديءَ تائين ايندي ايندي روپ مٽائيندو رهيو آهي
جنهن جو شڪار دنيا جو وڏو حصو ٿي چڪو آهي. مختلف وقتن تي ان جا مختلف روپ رهيا آهن
Modernization, Westernization, colonization,
Americanization اهي انهن اصطلاحن سان مروج
رهيا آهن جن کي قومن هميشه پنهنجي اصل شناخت يا سڃاڻپ لاءِ خطرو پئي محسوس ڪيو آهي
۽ ماڻهو ۽ قومون انهن جي خلاف مزاحمت به ڪندا رهيا آهن... پر هن وقت جيڪو اصطلاح
رائج ٿيو آهي “Globalization” اهو دراصل
پوين ويهن پنجويهن سالن ۾ ڪميونيڪيشن جي سڌريل وسيلن سبب يا انٽرنيٽ، اليڪٽرانڪ ۽
سوشل ميڊيا جي ڪري دنيا جي مختلف خطن ۾ پاڻ ۾ ڳانڍاپي ۽ ڄاڻ (Knowledge) ۽ خبر (Deformation) جي آسان پهچ سبب وڌيڪ اثر انداز ٿيو آهي جنهن سان ڪي مثبت ته ڪي
منفي اثر ٿيا آهن ۽ قومن جي ڪلچرن ۽ ٻولين کي خطرو محسوس ٿيڻ لڳو آهي ۽ سموري دنيا
تي ڪنهن هڪ ٻوليءَ يعني انگريزيءَ جو رابطي جي زبان طور مسلط ٿيڻ جو امڪان، ڪيترين
ئي ننڍين ٻولين جي موت جو امڪان سمجهيو وڃي ٿو.
اهو محض انهن ٻولين جي
ڳالهائيندڙن جي ڪلچر ۽ سڃاڻپ وڃائجي وڃڻ جو امڪان ڪونهي بلڪ هن خوبصورت دنيا جي
لساني ۽ ڪلچرل رنگارنگي يا Diversity لاءِ پڻ
خطرو آهي. دنيا جي سجاڳ ۽ سڄاڻ قومن اهو سوچڻ شروع ڪيو آهي ته اهو عمل دنيا کي يڪ
ثقافتي هڪ رنگو هڪ لساني Monolingual, Mono-cultural بڻائڻ جي سازش آهي.
يونيسيف جي تحقيق ٻڌائي ٿي ته
هن صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين دنيا جي ڇهن کان ستن هزار ٻولين مان اڌ کان وڌيڪ ٻوليون
صفئه هستيءَ تان ميسارجي مري وينديون. لاهور اسڪول آف اڪنامڪس جي ريسرچ موجب اسان
جي خطي يعني ڏکڻ ايشيا ۾ هونءَ ته 1700 کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهائجن ٿيون پر هن صديءَ
۾ انهن مان مکيه 66 ٻولين مان 23 ٻوليون ته بنهه ختم ٿي وينديون. ان جو وڏي ۾ وڏو
ڪارڻ مختلف ملڪن ۾ رائج ٻولين مٿان ڪنهن هٿرادو قومي ٻوليءَ يا بين الاقوامي
ٻوليءَ جو جبر يعني Linguistic imperialism سمجهيو وڃي ٿو، جنهن سان ڪنهن به قوم جو ڪلچر سڃاڻپ، لوڪ ڏاهپ (folk
wisdom) ۽ سماجي تاريخ تي منڌيئڙو فري ويندو. ڇو جو
ٻولي قوم جي گڏيل ڏاهپ يا Collection wisdom جو به اهڃاڻ ۽ عملبردار هوندي آهي.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته
اهو گلوبلائيزيشن جو راڪاس ته اچي ويو آهي ۽ آدم بو آدم بو ڪندو اڳتي وڌندو اچي،
اهڙي صورتحال ۾ اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي، ڇا اسين ان کان ڊڄي ان جو کاڄ ٿي وڃن يا
پنهنجي بچاءَ ۾ به ڪجهه ڪري ٿا سگهون.
اسين ڄاڻون ٿا ته عالمگيريت جو
وڏو سبب معاشي به آهي Multi-national ڪمپنيون ان
۾ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿيون IMF، ورلڊ بينڪ،
ڪارپوريٽ ڪلچر، سمورو نظام انگريزيءَ يعني هڪ گلوبل ٻوليءَ جي آڌار تي هلي ٿو.
پوءِ ڇو نه معاشي پاڻ ڀرائيءَ لاءِ اپاءَ سوچڻ گهرجن! ان ڪري ان پهلوءَ کي مضبوط
ڪرڻ سان گلوبلائيزيشن جي مثبت پهلوئن مان فائدا وٺي سگهجن ٿا، جيئن هندستان وارن
ڪيو آهي. هنن انگريزي ٻوليءَ کي سندن ٻولين کي ڳيهي ويندڙ راڪاس سمجهڻ بدران ان
سان دوستي ڪري ورتي آهي ۽ پنهنجين ٻولين کي قائم رکندي ان ۾ بنيادي مهارت جي
پاليسي اپنائي آهي. هنن وٽ هر اسٽيٽ (يا صوبي) جي سطح تي مادري ٻوليءَ کي ذريعه
تعليم رکندي، انگريزيءَ جي بهتر سکيا کي يقيني بڻايو ويو آهي ۽ اها سندن Second
Language بڻجي وئي آهي. هنن جو ميٽرڪ پاس ماڻهو به
انگريزيءَ ۾ اظهار ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته پاڪستان ۾ ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ سرڪاري اسڪولن
۾ انگريزي ته پري جي ڳالهه آهي، سنڌي به صحيح نه ٿي پڙهائي وڃي. اسان وٽ اصلوڪين
ٻولين جي ڪابه سرپرستي ڪانهي، ان ڪري انهن جو مستقبل اونداهو ڏسڻ ۾ ٿو اچي. ان ڪري
پهريون اپاءُ مادري ٻوليءَ ۽ انگريزيءَ جي بهتر تعليم جي ڏس ۾ ڪرڻ گهرجي. هندستان
پاران گلوبلائيزيشن جي ٻئي مثبت پهلوءَ طور ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ ۾ مهارت حاصل ڪرڻ
آهي ۽ اڄ سڄي دنيا ۾ ڀارت جا cyber cities مشهور آهن ۽ هو ان حوالي سان فني ۽ معاشي سطح تي پاڻ ڀرا آهن.
اسان کي به ان ڏس ۾ اڳتي قدم رکڻو پوندو ۽ پنهنجي تعليمي نظام ۾ ڪمپيوٽر لٽريسيءَ
کي به اهميت ڏيڻي پوندي. پنهنجي ٻوليءَ کي بچائڻ لاءِ ان کي پڻ ڪمپيوٽر
ٽيڪنالاجيءَ سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو. خوش قسمتيءَ سان سنڌي ٻولي هاڻي مائيڪرو سافٽ
Unicode ۽ ٻين ٽيڪنالاجيڪل فورمن تي موجود
آهي. ان ۾ گهڻي اڳڀرائيءَ جي ضرورت آهي.ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پيپر، پرنٽنگ ۽ ڪتاب جو
رواج ختم ٿي ويندو ۽ سمارٽ فون، ٽيبليٽ I-Pad ۽ ٻين اوزارن ذريعي ڄاڻ، خبر ۽ تعليم جو رواج پوندو. جيڪو امريڪا
۽ يورپ ۾ عملي طور ٿي چڪو آهي. ان ڳالهه کي ڏسندي مون سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ ۾
ڪيتريون ئي اسڪيمون شروع ڪرايون جن ۾ آٽوميٽڪ ٽرانسليشن ۽ ٽرانسلٽريشن، O.C.R آواز مان ٽيڪسٽ ۽ رڪارڊن جي Digitalization ورچوئل لائبريري، آن لائين ڊڪشنريون، آن لائين سنڌي سکيا ۽ ٻيا
ڪيترائي ڪم شروع ڪرايا جيڪي هن وقت نتيجا ڏئي رهيا آهن، اهڙن ڪمن کي هٿي ڏيڻ سان
سنڌي ٻولي دنيا جي ترقي يافتا ٻولين ۾ پنهنجي هڪ جاءِ ٺاهي وٺندي ته ان جي بقا جو
ڪو آسرو به ٿيندو ۽ پنهنجي ڪلچر کي به دنيا آڏو پڌرو ڪري سگهبو.
پنهنجي ٻوليءَ سان گڏ ادب، فن ۽
ڪلچر کي به هن عالمگيريت جي دؤر ۾ بچائڻ جا اپاءَ ڪرڻ ضروري آهن. مثلن سنڌي راڳ جو
مثال وٺو. اسين نئين نسل کي نئين دور جي پاپ موسيقيءَ کي ڇڏي پراڻا ڪلام ٻڌڻ تي
مجبور نه ٿا ڪري سگهون. پر اهو ته ڪري ٿا سگهون ته پنهنجي ڪلاسيڪي ورثي کي محفوظ
ڪريون، روايتي سنڌي راڳ کي مقبول ۽ مشهور ڪريون. عابده پروين، علڻ فقير ۽ اهڙن ٻين
فنڪارن کي جديد ميڊيائي وسيلن معرفت عام ڪريون، الغوزي يا دنبوري جهڙن سازن کي
محفوظ ۽ مشهور ڪريون. پر گڏوگڏ وري انهن ڪلامن ۽ موسيقيءَ کي جديد طور طريقن سان
ڳنڍي نوجوانن کي انهن ڏانهن مائل ڪريون، جيئن هن وقت ڪوڪ اسٽوڊيو طرفان يا سيف
سميجي جهڙن نوجوانن جي بينڊ طرفان ڪيو پيو وڃي؟ جنهن جي ڪري نه صرف سنڌي نوجوان پر
غير سنڌي به انهن کي سڃاڻڻ ۽ مڃتا ڏيڻ لڳا آهن. ان کي روايتي راڳ جي جاءِ تي نه پر
گڏوگڏ (Parallel) هلڻ گهرجي. ڪلچر ڪنهن بيٺل ۽
جامد شيءِ جو نالو ڪونهي اهو هڪ وهندڙ درياهه وانگر آهي جنهن ۾ مثبت تبديلي ان جي
تسلسل جي ضمانت ڏيندي.
ايئن ئي ادب آهي وائي، ڪافي ۽
غزل کان اڳتي وڌي نيون صنفون، نوان لاڙا ۽ رجحان سنڌي ادب کي شاهوڪار ڪري چڪا آهن
۽ اهو سلسلو هلندو رهي ته چڱي ڳالهه ٿيندي. هاڻي وقت آهي ته رڳو ڇپيل يا پرنٽيڊ
لٽريچر نه پر آن لائين مئگزين ۽ ڪتاب به جاري ڪجن ۽ پراڻن ڪلاسڪس کي Digitalize ڪرائجي ته ان ادب کي پڙهندڙن جو دائرو وسيع ٿيندو ۽ اهو مڃتا
ماڻيندو.
اسان جي سنڌي ٻوليءَ“ ادب، ڪلچر
۽ راڳ جو سڀ کان وڏو نالو شاهه لطيف جو آهي ان تي به گهڻي تحقيق ٿي آهي. سندس
شاعريءَ ۽ فڪر جي ڪيترن ئي پهلوئن تي ماڻهن پي ايڇ ڊيون ڪيون آهن. هي اهو شاعر آهي
جنهن لاءِ ڊاڪٽر سورلي دعويٰ ڪئي هئي ته دنيا جي اڪثر شاعرن کان وڏو شاعر آهي، ته
ان کي اسان هن گلوبلائزيشن جي دور ۾ ڪيترو عام ڪيو آهي؟ سندس فڪر، فلسفي ۽ فن جي
ڪهڙي ترجماني ڪئي آهي ۽ ڪهڙي جديد روشنيءَ ۾ ان کي سمجهايو (Interpret) ڪيو آهي؟ سندس روشن خيال، سيڪيولر سوچ، ترقي پسندي ۽ انسانيت ۾
يقين ۽ محبت، ڀائيچاري ۽ برابريءَ وارن آدرشي خيالن کي دنيا تائين پهچائڻ لاءِ
ڪهڙا جديد وسيلا استعمال ڪيا آهن؟ آئون سمجهان ٿي ته ان مقصد ۾ اسين مڪمل طرح سان
ناڪام ويا آهيون، ان جو سبب نه جذبي جي ڪمي آهي ۽ نه ئي وسيلن جي کوٽ“ بلڪ ان جو
سبب جديد ٽيڪنالاجيءَ ۾ اسان جي اديبن ۽ اسڪالرن جي تربيت نه هئڻ آهي. اسان واري
پيڙهي ته ڪمپيوٽر لٽريٽ ڪانه هئي، پر 21 صديءَ ۾ شاهه تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ اسڪالر به
ڪمپيوٽر جي واجبي ڄاڻ رکي ٿو ته پوءِ هو ڪهڙيءَ ريت پنهنجي ريسرچ کي دنيا اڳيان پيش
ڪندو! اسان وٽ اڄ به ”لڪير جا فقير“ شاهه کي ولي الله پهتل بزرگ ۽ صوفي ثابت ڪرڻ ۽
وڏا وڏا مقالا لکي ڊگريون وٺن ٿا ۽ سندس شاعريءَ مان عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ لاءِ
عملي پيغامن ۽ فڪري مسئلن بدران روحاني راز ڳولڻ ۾ لڳا پيا آهن. اهي افعال ته اسان
کي هن گلوبل وليج ۾ اسرڻ ۽ اڀرڻ ڪونه ڏيندا.
اسان جي تعليمي نظام جو الميو
اهو آهي ته جيڪي سنڌي ميڊيم مان پڙهي نڪرن ٿا ۽ شاهه کي سمجهن ٿا، اهي انگريزيءَ ۾
سندس پيغام کي عام ڪرڻ جي قابل ڪونه آهن ۽ جيڪي پرائيويٽ اِليٽ انگريزي ميڊيم
اسڪولن مان پڙهيل آهن اهي سنڌي هوندي به نه شاهه ۽ ٻين اهم شاعرن کي پڙهي ٿا سگهن
۽ نه سمجهي ٿا سگهن. ان ڪري ضروري آهي ته پنهنجي سڃاڻپ، وجود جي بقا جي اهڃاڻ سنڌي
ٻوليءَ جي بچاءِ لاءِ ۽ سنڌي ڪلچر کي هن عالمگيريت جي دؤر ۾ محفوظ رکڻ لاءِ Globalization جي بڇايل ڀوتن سان دوستي ڪريون، پنهنجي ٻوليءَ ۾ تعليم سان گڏ
انگريزي، ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۽ ڪميونيڪيشن جي جديد هٿيارن ۽ وسيلن سان پاڻ کي
طاقتور ڪريون. ميرٽ کي هٿي ڏيندي پنهنجي ايندڙ نسلن کي هن عالمگيريت جي دؤر ۾
مقابلي ۽ چٽاڀيٽيءَ سان معاشي طرح مضبوط ڪريون ته ڪو سبب ڪونهي ته اسين سرخرو نه
ٿيون.
(ڊيٽرائيٽ
امريڪا ۾ سانا جي 32 ڪنوينشن ۾ پڙهيل)
No comments:
Post a Comment