اسان وٽ مُون
سائيٽنگ ۽ مُون فائيٽنگ
الطاف شيخ
اسلامي مهينو نئين چنڊ جي ”اڀرڻ
يعني ڄمڻ“ سان نه پر ”نظر اچڻ“ سان شروع ٿئي ٿو. سج ته جيئن ئي اڀري ٿو ته اسان کي
نه رڳو نظر اچي ٿو پر سڄو گول نظر اچي ٿو. جو هن کي پنهنجي روشني آهي. چنڊ ڪوئلي
وانگر ڪارو ۽ اونداهو آهي. اهو فقط تڏهن نظر اچي ٿو جڏهن ان تي سج جي روشني پوي ٿي
۽ اسان کي فقط اوترو نظر اچي ٿو جيترو سج جي روشني وارو حصو اسان جي ڌرتيءَ ڏي
آهي. مثال طور چوڏهين تاريخ تي اهو سڄو گول نظر اچي ٿو، ڇو جو چنڊ جو اهو سڄو پاسو
جنهن تي سج جي روشني پوي ٿي ان جو منهن اسان ڏي، يعني ڌرتيءَ ڏي آهي. اسلامي مهيني
جي پهرين تاريخ تي به اهو سڄو بال جهڙو چنڊ اڀري ٿو پر اسان کي فقط گدري جي سنهي ڦار
جهڙو نظر اچي ٿو جو سج جي روشني وارو فقط ايترو حصو ڌرتي ڏي آهي.
دراصل هر مهيني جو نئون چنڊ
اسلامي مهيني جي پهرين تاريخ کان هڪ ڏينهن کن (اٽڪل 17 کان 23 ڪلاڪ) اڳ اڀري ٿو پر
جيئن ته اهو سمورو وقت چنڊ جي روشن پاسي جي پٺ اسان ڏي آهي، ان ڪري ڪنهن به صورت ۾
نظر نٿو اچي. سج يا ٻين تارن جي اڀرڻ ۽ لهڻ جي ٽائيم وانگر اسان هر مهيني جي نئين
چنڊ جي اڀرڻ (ڄمڻ) جو نه فقط ڏينهن ۽ وقت معلوم ڪري سگهون ٿا پر ملڪ پڻ ته اهو ڪٿي
ڄمندو .... پر اهو اڳواٽ هرگز نٿا چئي سگهون ته ڪڏهن ۽ پهرين ڪهڙي ملڪ ۾ نظر
ايندو. اسانجو اسلامي مهينو نئون ”چنڊ نڪرڻ سان“ نه پر ”نظر اچڻ سان“ شروع ٿئي ٿو.
اسان وٽ ٻين مهينن جي شروع ٿيڻ
تي ايڏي آنڌ مانڌ يا ڇڪتاڻ نٿي ٿئي، جيڏي رمضان ۽ شوال جي شروع ٿيڻ تي. ڇو جو
رمضان جي پهرين تاريخ کان روزا شروع ٿين ٿا ۽ شوال جي پهرين تاريخ تي عيد ملهايون ٿا.
اسان جهڙي وڏي ايراضيءَ واري ملڪ
۾ اهو طئه ڪرڻ ۾ اڪثر وڳوڙ ٿئي ٿو ته چنڊ نظر آيو يا نه؟ پوءِ سڄي ملڪ ۾ هڪ ڏينهن
رمضان شروع ڪرڻ (يا عيد ملهائڻ) بدران ڪٿي هڪ ڏينهن اڳ ته ڪٿي هڪ ڏينهن دير سان
شروع ڪيو وڃي ٿو. اسان وٽ چنڊ ڪٿي ڊزن کن مولوين کي دوربينن سان به نظر نٿو اچي ته
ڪٿي، خاص ڪري اسانجي اتراهين علائقي جي ماڻهن کي، بنا دوربين جي نظر اچيو وڃي! اهڙن
موقعن تي ماڻهن جي وات تي اها شڪايت هوندي آهي ته: ”اسان جي حڪومت سڄي ملڪ لاءِ
رمضان يا عيد لاءِ هڪ ڏينهن اڳواٽ مقرر ڇو نٿي ڪري“. ڪي وري چوندا آهن ته ”سائنس
هيڏي ترقي ڪئي آهي حساب ڪري عيد جو ڏينهن اڳواٽ ڇو نه ٿو معلوم ڪيو وڃي جيئن عوام
روزن يا عيد جي تياري اڳواٽ ڪري سگهي ۽ هڪ ئي ڏينهن تي روزا رکڻ شروع ڪري ۽ هڪ ئي ڏينهن
تي عيد ملهائي“. ڪي چوندا آهن ته: ”جيئن عيسائي هڪ تاريخ 25 ڊسمبر تي ڪرسمس ڊي
ملهائين ٿا، تيئن دنيا جا مسلمان هڪ ئي ڏينهن تي ’عيد‘ ڇو نٿا ملهائين“. ڪي ماڻهو
اهو به چوندا آهن ته: ”ائين ڀلا ڇو آهي ته سعودي عرب ۾ هڪ ڏينهن اڳ عيد ملهائي وڃي
ٿي ۽ ان جو اعلان به اڳواٽ ڪيو وڃي ٿو پر اسان وٽ مولوي ڦڏو ڪري رمضان يا عيد ۾
دير وجهيو ڇڏين.“
انگريزي جا هڪ ٻئي سان ملندڙ
جلندڙ لفظ Astrology ۽ Astronomy آهن. ائسٽرولاجي
جوتش، نجوم رمل جو عمل آهي. ائسٽرونامي چنڊ، تارن، سيارن جي اڀرڻ، لهڻ ۽ چرپر جي
سائنس آهي جنهن جي ڄاڻ اسان نيويگيٽرن (هوائي جهاز يا پاڻي جو جهاز هلائڻ وارن)
لاءِ ضروري آهي ۽ اسان جي تعليم ۾ اهو پڻ لازمي سبجيڪٽ آهي. ائسٽرونامي (علم هيئت،
علم فلڪيات يا سج، چنڊ ۽ تارن جي ڄاڻ) جو شاگرد هجڻ جي ناتي ضروري سمجھان ٿو ته ان
بابت پنهنجي پڙهندڙن کي ڪجهه ڄاڻ ڏيان، جيئن هو حقيقت کان آگاهه ٿي سگهن. هونءَ ته
ان بابت منهنجو سڄو ڪتاب ”چنڊ چوانءِ سچ“ جي نالي سان ڏهه سال اڳ ڇپجي چڪو آهي.
هتي فقط مختصر طور چنڊ جي اڀرڻ ۽ عيد جو ڏينهن مقرر ڪرڻ بابت سائنسي ۽ اسلامي نقطي
نگاهه جي معلومات ڏيان ٿو.
پهرين چنڊ بابت ڪجهه ڄاڻ ۽ ان
جي نظر اچڻ بابت عام سوالن جا جواب ۽ انهن جون ثابتيون ڏيڻ چاهيان ٿو.
چنڊ کي سج يا تارن وانگر پنهنجي
روشني ناهي. چنڊ هڪ سيارو آهي. جيڪو بلڪل ڪوئلي وانگر ڪارو آهي. ان تي سج جي روشني
پوي ٿي ته نظر اچي ٿو نه ته بلڪل نٿو اچي.
ڌرتي هڪ ته لاٽونءَ وانگر
پنهنجي چوڌاري گهمي ٿي جنهن ڪري سج جي روشني هن جي چوڌاري ڦري ٿي جنهن ڪري ڏينهن
رات ٿئي ٿو. ان سان گڏ گڏ ڌرتي 365 ڏينهن ۾ سج جي چوڌاري چڪر مڪمل ڪري ٿي جنهن
موجب موسمون ٿين ٿيون.
چنڊ ڌرتيءَ جي چوڌاري جيترن ڏينهن
۾ ڦيرو ڪري ٿو ايتري ئي وقت ۾ هو پنهنجي چوڌاري به ڦري ٿو. ان ڪري اسان کي چنڊ جو
هر وقت فقط ساڳيو پاسو نظر اچي ٿو. هو جتان شروع ٿئي ٿو ان هنڌ ڦيرو مڪمل ڪري پهچڻ
۾ هن کي ساڍا 29 ڏينهن کن لڳن ٿا. ان بعد هو نئين مهيني جي شروعات ڪري ٿو. چنڊ جو
اهو سفر ان وقت شروع ٿئي ٿو جنهن وقت هڪ ئي قطار ۾ سج، چنڊ ۽ ڌرتي اچن ٿا. چنڊ وچ
۾ هوندو آهي. ان جي هڪ پاسي مغرب ۾ سج هوندو آهي ته ٻئي پاسي مشرق ۾ ڌرتيءَ جو
گولو.
جنهن وقت چنڊ پنهنجي سفر جي
شروعات ڪندو آهي يعني جنهن گهڙيءَ سج چنڊ ۽ ڌرتي هڪ قطار ۾ اچي ويندا آهن، ان گهڙيءَ
کي ”ميلاپ جي گهڙي“ Conjunction سڏجي ٿو ۽ اها ئي گهڙي نئين چنڊ جي ڄم جي ٿي. ان گهڙيءَ
کانپوءِ ان نئين ڄاول چنڊ جي عمر وڌڻ شروع ٿئي ٿي.
اٽڪل 17 کان 23 ڪلاڪن تائين هي
چنڊ جنهن کي invisible چنڊ به چون ٿا، ڌرتي وارن کي نظر نٿو اچي، ڇو جو چنڊ جي
جنهن اڌ تي سج جي روشني پئجي رهي آهي، اهو اسان پاسي ناهي. اسان پاسي ان جي پٺ آهي
جيڪو اونداهو پاسو آهي. پوءِ وقت سان گڏ چنڊ جيئن ئي سڌي ليڪ کان ڪجهه پري ٿئي ٿو
ته پوءِ چنڊ جي روشن پاسي جو ٿورو ٿورو حصو نظر اچڻ شروع ٿئي ٿو. چوڏهن ڏينهن بعد
جڏهن چنڊ ڌرتيءَ جي بلڪل ٻئي پاسي آهي ته ان جو سڄو روشن حصو اسانکي نظر اچي ٿو،
جنهن کي اسان چوڏهينءَ جو چنڊ يعني Full Moon سڏيون ٿا.
ڪيترن مذهبن ۽ قومن ۾ چنڊ جي ڄمڻ
سان يعني Conjunction ٿيڻ سان مهيني جي پهرين تاريخ شروع ٿئي ٿي، پوءِ کڻي اها
ڪنجڪشن ڪهڙي به ملڪ ۾ ٿئي، سڄي دنيا لاءِ پهرين تاريخ شروع ٿيو وڃي، جيئن چيني،
جپاني، منگولين ڪئلينڊرن ۾ نظر اچي ٿو. ان ميلاپ (Conjunction) يعني نئين چنڊ جي ”ڄم جي گهڙي“ ڪجهه
جدولن (Formulae) ذريعي اسان اڳواٽ معلوم ڪري سگهون ٿا، جيئن سج جي يا ٻين
تارن جي روزاني اڀرڻ لهڻ جي calculate ڪريون ٿا. ڪيترائي ٻڌ
ڌرم جا ۽ ٻين قومن ۽ ڌرمن جا ماڻهو نئين سال جا ڏينهن سڄي چنڊ جي نڪرڻ (يعني چنڊ
جي چوڏهين تاريخ) کانپوءِ ٻئي ڏينهن شروع ڪن ٿا. اسان مسلمانن جي مهيني جي پهرين
تاريخ هلال چنڊ کان شروع ٿئي ٿي- يعني ان ڏينهن کان شروع ٿئي ٿي جڏهن چنڊ جي ڄمڻ
بعد هو پهريون دفعو نظر اچي ٿو. ۽ اهو ڄم جي گهڙي (Conjunction) کان 17 کان 23 ڪلاڪن بعد ئي نظر
اچڻ لڳي ٿو. مثال طور ڪنهن مهيني چنڊ جي ڪنجڪشن (ڄم يا ميلاپ) سج لٿي مهل جپان ۾ ٿئي
ٿي. ظاهر آهي ان وقت اهو چنڊ جپان ۾ ته نظر نه ايندو پر چئن ڪلاڪن بعد اسان وٽ پاڪستان
۾ به سج لٿي مهل نظر نه ايندو. سعودي عرب ۾ سج لٿي مهل ان نئين ڄاول (بيبي) چنڊ جي
عمر 6 ڪلاڪ ڪا مس ٿيندي .... ۽ جيڪڏهن سعودي عرب حڪومت اعلان ڪري ته چنڊ نظر اچي
ويو ته اها ناممڪن ڳالهه آهي. نسورو ڪوڙ چئبو. ائسٽرونامي يا جاگرافيءَ جي معمولي ڄاڻ
رکڻ وارو به سمجھي سگهي ٿو ته اها ڳالهه اڻ ٿيڻي آهي. اهڙي طرح لنڊن، پئرس، فئنڪفرٽ
(جرمني) وغيره ۾ به اهو چنڊ موجود هجڻ جي باوجود نظر نه ايندو، جو ان وقت ان نئين
چنڊ جي عمر 9 ڪلاڪ ئي هوندي. ويندي نيويارڪ پهچڻ تي به اهو نظر نه ايندو جو اتي سج
لٿي مهل اهو اڃا 13 ڪلاڪن جو ٿيو هوندو ۽ نه لاس اينجلس ۾ نظر ايندو جو اتي ان جي
عمر 16 ڪلاڪ ٿي هوندي. ها البته اهو پئسفڪ سمنڊ جي ٻيٽ هوائي پهچڻ تي نظر اچي سگهي
ٿو، جتي اهو 19 ڪلاڪن جو ٿي چڪو هوندو. پر پڪ ناهي.... ڇو جو اُن عمر ۾ ڪڏهن نظر
اچي ٿو ته ڪڏهن نه. پڪ سان نظر فقط 23 ڪلاڪن جي عمر کان پوءِ ئي اچي ٿو.
جپان ۾ ڄاول نئون چنڊ، اُن ڄم
واري رات ته نظر نه اچي سگهيو پر اهو جڏهن سڄي دنيا جو ڦيرو ڪري جپان پهچي ٿو ته
هاڻ اهو 24 ڪلاڪن جو آهي ۽ چٽو نظر اچي ٿو ۽ پوءِ اسان وٽ پاڪستان ۾ به صاف ڏسڻ ۾
اچي ٿو جو هاڻ اسان وٽ پهچڻ تي اهو 28 ڪلاڪن جو آهي ۽ چنڊ نظر اچڻ تي اسان وٽ
پهرين تاريخ ٿئي ٿي. جيتوڻيڪ چنڊ جي ڄم جو اهو ٻيو ڏينهن هوندو آهي ۽ اسان وٽ رهندڙ
ٻڌ جن جو مهينو چنڊ جي ڄم (Conjunction) سان شروع ٿئي ٿو، انهن لاءِ ٻي تاريخ ٿي پر اسان مسلمانن
لاءِ پهرين جو اسان لاءِ تيسين پهرين نٿي ٿئي جيسين چنڊ اکين سان نظر نه اچي.
اسان وٽ اڪثر اهو سوال ڪيو
ويندو آهي ته ڇا سائنس اڃان ايڏي ترقي نه ڪئي آهي جو نئين چنڊ جي اڀرڻ جي تاريخ جو
اڳواٽ اعلان ڪري سگهجي؟
ان جو جواب اهو آهي ته نئين چنڊ
جي ”اڀرڻ“ جي تاريخ ۽ ويندي ٽائيم معلوم ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم نه آهي پر اسان جي عيد
نئين چنڊ جي نڪرڻ (اڀرڻ) تي نه پر ان جي ”نظر“ اچڻ تي ٿئي ٿي. ظاهر آهي چنڊ کي
پنهنجي روشني ناهي سو ان تي جيسين سج جي روشني نه پوي اهو اسان کي اڀرڻ جي باوجود
نظر نٿو اچي. ۽ اڃان ته سائنس ايڏي ترقي نه ڪئي آهي جو اهو اڳواٽ معلوم ٿي سگهي ته
اسلامي مهيني جو نئون چنڊ ڪڏهن نظر اچي سگهي ٿو.
هر مهيني جو چنڊ ڄم بعد گهـٽ ۾
گهٽ سترهن ارڙهن ڪلاڪ اڳتي هلڻ بعد ڪنهن ملڪ ۾ اهڙي Angle تي اچڻ شروع ٿئي ٿو جو هن جي
روشن اڌ واري جو ذرڙو ان ملڪ جي ماڻهن کي نظر اچي ٿو ۽ هو ان کي ”هلال“ جو يا
”پهرين جو چنڊ“ سڏين ٿا. ۽ اهو ملڪ ۽ ان کان پوءِ وارا ملڪ جتي جتي چنڊ جو روشن
حصو نظر اچڻ لڳي ٿو ته مسلمان عيد جو اعلان ڪن ٿا. ان کان اڳ وارن ملڪن جا مولوي ڀلي
دوربينيون جھلي بيهن هنن کي چنڊ هرگز هرگز نظر نه ايندو.
اسان ناٽيڪل ٽيبل ذريعي حساب ڪري
سمجھي سگهون ٿا ته فلاڻي وقت تي فلاڻي ملڪ ۾ نئون چنڊ نموندار ٿي چڪو آهي يعني conjunction (ڄم) ٿيو آهي. پر روشن نه هجڻ ڪري
نظر نه ايندو.
”نئين چنڊ“ جو اصطلاح جيئن مٿي
لکي آيو آهيان، اسان ان حوالي سان استعمال ڪريون ٿا، جڏهن چنڊ ڌرتي جي چوڌاري اٽڪل
ساڍن اوڻٽيهن ڏينهن جو سفر پورو ڪري ان Astronomical نقطي تي پهچي ٿو جتي هو سج ۽ ڌرتيءَ سان گڏ سڌي لائين ۾
اچيو وڃي. ان گهڙيءَ کان پوءِ چنڊ ڌرتيءَ جي چوڌاري نئين چڪر (Revolution) جي وري شروعات ڪري ٿو. قدرت جي
هن نظاري (Phenomenon) لاءِ انگريزيءَ جو مشهور لفظ Conjunction بيان ڪري چڪو آهيان، جنهن کي ميلاپ جو عمل يا ڪيفيت
به چئون ٿا- يعني سج، چنڊ ۽ ڌرتيءَ جو گولو هڪ سڌي ليڪ تي قطار ۾ هڪ ٻئي پويان ٿي
بيٺا آهن. ان عمل کي چنڊ جو ڄم (Birth of the Moon) به سڏجي ٿو ۽ ان گهڙيءَ واري چنڊ کي نئون ڄاول چنڊ (New Moon) يا ”بيبي مون“ به سڏجي
ٿو. اها گهڙي اٽڪل ساڍن 29 ڏينهن بعد هر مهيني اچي ٿي. لفظ ”اٽڪل“ ان ڪري لکيو اٿم
جو ان ۾ ڪجهه منٽن جي هيٺ مٿاهين ٿئي ٿي. ۽ اهو به ضروري ناهي ته هڪ لائين ۾ بيهڻ
وارو ميلاپ هر دفعي ساڳي ملڪ ۾ ٿئي. ڪڏهن اها گهڙي يعني چنڊ جو ڄم جپان ۾ ته ڪڏهن
پاڪستان ۾ ته ڪڏهن انگلنڊ يا ٻئي ملڪ ۾ نمودار ٿئي ٿو. ان گهڙيءَ کان پوءِ جيئن
جيئن وقت گذري ٿو يعني ڌرتيءَ جو گولو ۽ ان سان گڏ چنڊ اڳتي جو سفر جاري رکي ٿو
تيئن تيئن چنڊ جي عمر وڌڻ شروع ٿئي ٿي ۽ آخر مٿي ٻڌايل ڪجهه ڪلاڪن بعد ڪنهن ملڪ
کان نظر اچڻ به شروع ٿئي ٿو.
هاڻ توهان جي ايستائين ڳالهه
سمجھي آهي ته پوءِ توهان کي ضرور کل ايندي ته اهو چنڊ جيڪو برما يا بنگلاديش ۾ ڪلاڪ
کن اڳ ڄائو هجي يعني اسان وٽ پهچڻ مهل ان جي عمر ڪا ڪلاڪ مس هجي ۽ ان جي ڳولا لاءِ
اسان جا مولوي دوربينون کڻي آسمان پيا ڦولهين يا هيليڪاپٽر ۾ چڙهي پيا سروي ڪن ته
انهن کي ڇا نظر ايندو! اهو ان ڪري جو برما، بنگلاديش يا ملائيشيا ۾ ٿيل Conjunction
(نئين
چنڊ جو ڄم) وارو چنڊ ته 18 ڪلاڪن بعد لاس اينجلس آمريڪا ۾ به شايد ئي نظر اچي. ۽
علم فلڪيات (Astronomy) جي ٿوري به ڄاڻ رکندڙ
لاءِ ان کان وڌيڪَ ٻيو ڪهڙو لطيفو ٿيندو، جڏهن سعودي عرب وارا اعلان ڪن ته چنڊ نظر
اچي ويو سڀاڻي عيد ملهائبي .... اسان جا اٻوجهه ماڻهو سعودي عرب مان ايڏو مرعوب ۽
متاثر آهن جو هنن جي هر ڳالهه تي ”واهه واهه“ ڪندا وتندا آهن. اها ڄاڻ ئي نه ته
اهو نئون چنڊ جڏهن سعودي عرب پهتو ته ان جي عمر ته پنج ڇهه ڪلاڪ به ڪا مس هئي جيڪو
موجود اتي ضرور هوندو پر نظر هرگز هرگز نه آيو هوندو ۽ اسان جي عيد ته نئين چنڊ جي
موجودگيءَ تي نه پر نظر اچڻ تي ٿئي ٿي. ڪيترن جو چوڻ آهي ته سعودي عرب وارا شايد ٽيهن
سالن وارو ”اُم القُريٰ ڪئلينڊر“ (Umm al-Qura) استعمال ڪن ٿا جنهن ۾ هر مهيني جي ”پهرين تاريخ“ نئين ڄاول
چنڊ (Conjunction) تي ٻڌل ٿئي ٿي.
هتي اهو به لکندس ته دنيا جا
مسلمان - ويندي يورپ ۽ آمريڪا جا گورا نو مسلم اها ڳالهه مڃين ٿا ۽ قدر ڪن ٿا ته
انڊيا ۽ پاڪستان ۾ چنڊ ڏسڻ جو اعلان صحيح معنيٰ ۾ اسلامي طريقي سان ڪيو وڃي ٿو. اهڙي
طرح ايران ۾ پڻ چنڊ ڏسڻ تي اعلان ڪيو وڃي ٿو. پاڪستان جي ”رويتِ هلال (چنڊ ڏسڻ جي)
ڪميٽي“ ۾ مختلف فڪر جي مڪتبن جا مولوي ميمبر آهن ۽ ايترا گهڻا مولوي ڪوڙ ته نه ڳالهائيندا.
ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿئي ٿو ته
اسان وٽ اتراهن علائقن ۾ يا سعودي عرب ۾ ڪن هڪ ٻن ڄڻن کي پهرين تاريخ جي چنڊ بدران
آسمان ۾ ان هنڌ تي ڪا سنهي، چنڊ جهڙي ڪا ڪڪري يا جيٽ جهاز جو ڄميل دونهون نظر اچي ٿو
جنهن تي هن کي چنڊ جو گمان ٿئي ٿو ۽ حڪومت انهن کي معتبر سمجھي چنڊ نظر اچڻ جو
اعلان ڪريو ڇڏي جو شريعت موجب هنن وٽ شاهدي پهچي وئي.
چنڊ کان علاوه ٻيون ڏهه هزار کن
مختلف شيون جن ۾ گهڻا راڪيٽن جا ٽڪرا ۽ ٻيو سامان (Equipment) آهي، اهي شيون ڌرتيءَ جي چوڌاري
گردش ڪنديون رهن ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن انهن شين مان ڪا سج لٿي مهل افق (Horizon) وٽ چمڪندي ڏسي اسان
کي اڪثر نئين چنڊ جو شڪ ٿئي ٿو.
مٿئين سڄي قصي جو تَتُ هن ريت
ته نئون چنڊ (New Moon) جيڪو سج، چنڊ ۽ ڌرتيءَ جي هڪ قطار يا لائين (Plane) ۾ اچڻ وقت ”ڄمي“
ٿو يعني ان وقت چنڊ جي عُمر ٻُڙي (Zero) ڪلاڪ آهي ۽ ان گهڙيءَ کان چنڊ جي عمر ڳڻي وڃي ٿي. ان گهڙي
(Conjunction) جي
خبر Calculation (حساب ڪتاب) سان اڳواٽ پئجي سگهي ٿي. پڙهندڙن جي سمجھڻ
لاءِ هڪ ٻي ڳالهه ته نئون چنڊ سڄي چنڊ (چوڏهين جي چنڊ) جي بلڪل ابتڙ پوزيشن (Phase) ۾ رهي ٿو.
نئين چنڊ مهل، توڙي سڄي چنڊ مهل سج، چنڊ ۽ ڌرتي هڪ ئي قطار ۾ اچيو وڃن پر فرق فقط
اهو آهي ته سڄي چنڊ مهل ڌرتيءَ جو گولو وچ ۾ رهي ٿو جنهن جي هڪ پاسي (مغرب ۾) سج
آهي ته ٻئي پاسي (مشرق ۾) چنڊ آهي ۽ اهو سڄو چنڊ اسان کي روشن نظر اچي ٿو. ڇو جو
ان تي سج جي پوندڙ ڪرڻن وارو پاسو اسان (ڌرتي) ڏي آهي ۽ چنڊ جي سڄي Reflection اسان تي پوي ٿي.
نئين چنڊ مهل ڌرتيءَ بدران چنڊ
وچ ۾ رهي ٿو جنهن جي هڪ پاسي مغرب طرف سج آهي ته ٻئي پاسي مشرق ۾ ڌرتيءَ جو گولو.
چنڊ جو اڌ گول جيڪو ڌرتيءَ ڏي آهي اهو اونداهو آهي. سج جي روشني هن جي ٻئي پاسي
پوندي رهندي آهي، جيڪو سج ڏي آهي. ان ڪري نئون ڄاول چنڊ ٺپ نظر نٿو اچي. ايتريقدر
جو محسوس به نٿو ٿئي. سندس ڪو لينگھو يا ٻاهرين گول جي ڪا ذرڙي (arc) به نظر نٿي اچي.
هونءَ علمِ فلڪيات (چنڊ، سج،
تارن جي ڄاڻ) ۾ دلچسپي رکندڙ شاگردن توڙي عام پڙهندڙ لاءِ هتي پنهنجا خيال Share ڪندس ته قدرت جو هي
نظام ڪيڏو Perfection تي مبني آهي جو ڪروڙها اربها سياره ۽ چنڊ تارا هن ڪائنات
۾ تيز رفتاريءَ سان هلي رهيا آهن جن بابت جيترو ٿو سوچجي اوتري ٿي حيرت ٿئي. هن
سائنس (يعني Astronomy) جي ڄاڻ رکندڙ هڪ گوري (يورپي) نو مسلم پروفيسر کان پڇيم
ته هن کي يقين آهي ته هن ڪائنات کي هلائڻ وارو هڪ الله آهي؟ ته هن وراڻيو: ”آئون
علم فلڪيات جو شاگرد آهيان. ڇا ڪو اهڙو ماڻهو به آهي جنهن کي ٿوري گهڻي هنن چنڊ تارن
جي چرپر ۽ ساخت جي معلومات هجي ۽ هو دهريو هجي؟! ان ڪري جو هو سمجھي ٿو ته هنن جو
خالق ۽ هنن جي تيز رفتاري تي نظر رکڻ وارو هڪ الله آهي جيڪو سڀني عالمن جو رب آهي“.
چنڊ بابت مٿيون احوال لکندي هن
وقت آئون اهو ئي سوچي رهيو آهيان ته چڱو جو اسان جي دنيا جو گولو (ڌرتي) پنهنجي
محور جي به چوڌاري ڦري ٿو جو اٽڪل 12 ڪلاڪ ڏينهن ۽ 12 ڪلاڪ رات ٿئي ٿي نه ته ڌرتي
جي اڌ گول تي هميشه رات هجي ها ته ٻئي اڌ تي هميشه ڏينهن - ۽ اهي به قدرت جا ڪرشما
آهن جو چنڊ کي سج وانگر پنهنجي روشني ناهي جي سج وانگر روشني هجي ها ته اسان لاءِ
مهيني جي تاريخن جو حساب ڪرڻ ناممڪن ٿي پوي ها جو اهو (چنڊ) روز چوڏهين جي چنڊ
وانگر سڄو ۽ چلڪندو نظر اچي ها. هاڻ ته جهازن تي کڻي نيويگيشن جا اوزار ايجاد ٿيا
آهن جن ذريعي سمنڊ تي رستو ۽ مختلف طرفن جي ڄاڻ ٿيو وڃي، نه ته حضرت نوح نبي جي ٻيڙيءَ
کان گذريل صديءَ جي اڌ (1950ع) تائين ته پاڻي جا جهاز تارن ذريعي رستو ڳولي هلايا
ويا ٿي ۽ چنڊ کي پنهنجي روشني هجي ها ته روز سج وانگر سڄو اڀري ها ۽ تارن جي نظر
اچڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿئي ها! بهرحال هن سائنس (Astronomy) بابت جيترو سوچجي ٿو
ته قدرت جي هن نظام ۽ ڪاريگريءَ جي ڏاهپ ۽ حڪمت جون سوين ڳالهيون دماغ ۾ اچن ٿيون
جيڪي اسان انسان ذات جي ڀلائيءَ خاطر آهن.
No comments:
Post a Comment