دبئي جو سير
عبدالله مورائي
جنوري ۲۰۲۰ع ۾ موري
کان اسٽاڪهولم واپس وڃڻو هو. هن دفعي پنهنجي پياري ۽ ننڍي هوندي جي دوست محمد
معروف چانڊئي سان دبئي ۾ ڪجهه ڏينهن گڏجي گهمڻ ڦرڻ ۽ ملڻ جو پروگرام رٿيل هو. دبئي
سان منهنجي پهرين سڃاڻپ ننڍي هوندي ئي بابا جي دوست سائين محمد رمضان ميمڻ جي
معرفت ٿيل هئي، جيڪو ان وقت دبئي ۾ اصيل صافي ڪمپني ۾ نوڪري ڪندو هو. اسان جڏهن ننڍا
هوندا هئاسين ته هو جڏهن به موڪلن ۾ ڳوٺ موري ايندو هو ته بابا هُن جي دعوت ڪندو
هو ۽ ان دعوت ۾ چاچا هادي بخش ميمڻ ۽ چاچا علي اڪبر ميمڻ ۽ ٻيا به ڪجهه بابا جا
دوست شريڪ ٿيندا هئا. اسان کي ان وقت دبئي لاءِ وڏو تجسس هوندو هو ۽ ان ڪچي عمر ۾
جيڪي به ڪچا ڦڪا سوال ذهن ۾ ايندا هئا، اهي سائين محمد رمضان ميمڻ کان پڇندا
هئاسين. ان ڪچهريءَ ۾ هڪ بلوچ صاحب جو ذڪر به ايندو هو، جيڪا بعد ۾ خبر پئي ته اهو
سائين امداد بهراڻي بلوچ صاحب آهي.