وڍَ ڏانهن ويندَي
گل حسن ڪلمتي
بلوچستان جي حقن
لاءِ بلوچ قومپرستيءَ جي نظريي هيٺ جدوجهد ڪندڙ ماڻهن جو آخري ستون سردار عطاءُ
الله مينگل به ۴ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي ڪراچيءَ ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. سندس تدفين تعلقي وڍ، ضلعي خضدار جي
علائقي لوهي ۾ سندس وصيت مطابق هڪ ويراني ۾ ڪئي وئي.
مير غوث بخس بزنجو،
نواب خيربخش مري ۽ سردار عطاءَ الله مينگل، بلوچستان جي حقن لاءِ ٿيندڙ جدوجهد ۾ ”ٽرائيڪا“
طور مشهور هئا. انهن کان سواءِ نواب اڪبر بگٽي ۽ مري علائقي جي شير محمد مري
المعروف جنرل شيروف به بلوچستان جي حقن جي حاصلات لاءِ سرواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو.
هاڻي، گهڻي عرصي کان بلوچستان جي قومي سياست نوجوانن جي هٿن ۾ آهي.
ڪجهه زميني حقيقتن
جي ڪري عطاء الله مينگل گهڻي عرصي کان سياست کان پاسيرو هئو ۽ سندس پٽ؛ اختر جان
مينگل سياست ۾ سرگرم آهي ۽ هن وقت به هو پارليامينٽ جو حصو آهي. سردار عطاء الله
مينگل جي وفات سبب پوري بلوچستان ۾ ڏُک جي لهر ڇانيل آهي.
اسان به ”وڍ“ جو
سفر ڪيو، جنهن ۾ مان، ڊاڪٽر رخمان گل پالاري، لسٻيلا بار جو صدر ايڊووڪيٽ غلام
رسول اڱاريو ۽ نواز خان کارائي گڏ شامل هئاسين. اسان ايڊووڪيٽ غلام رسول اڱاريي کي
حب چوڪيءَ وٽان کنيو. غلام رسول راڌو اڱاريو، لسٻيلي جي قبائلي روايتن، تاريخ ۽
علائقن جو ڄاڻو آهي. هي ماضيءَ ۾ بلوچستان جي قومپرست سياست ۾ سرگرم رهيو آهي. هن
وقت سياسي طور خاموش آهي، پر لسٻيلا بار جو ٻيو ڀيرو صدر چونڊيو ويو آهي.
حب چوڪي کي پراڻن
وقتن ۾ ”حب ناڪو“ چوندا هئا. هتي لسٻيلي رياست پاران سُنگ/ محصول لاءِ ناڪو هوندو
هئو. پوليس چوڪي به هوندي هئي. حب نديءَ ڪناري هئڻ ڪري ”حب چوڪي“ طور اهو مشهور ٿيو.
انهيءَ چوڪي ڪري گند بو منداڻي نالي جو هي ڳوٺ ”حب چوڪي“ واري سڃاڻپ حاصل ڪئي. غلام
رسول اڱاريو اسان کي علائقي بابت ڄاڻ ڏيندو هليو.
حب چوڪي شهر کان
پوءِ ديوار وانگر هڪ جابلو سلسلو آهي، جنهن کي ڪَٽي رستو ٺاهيو ويو آهي. اهو لڪ
”گند بو منداڻي لڪ“ جي نالي سان مشهور آهي. گند بو منداڻي جو ذڪر لسٻيلي ۽
ميرپورساڪري جي لوڪ شاعريءَ ۾ موجود آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب
”جنگناما“ ۾ لکي ٿو ته، ”گند بو/ گند ٻو منداڻي جي سورهيائي ۽ لوڙهين هڻڻ وارو دور
خاطريءَ سان معلوم ڪونهي. روايتن ۾ لسٻيلي جي حاڪم ملڪ پاهڙ خان ۽ ان بعد مائي چاڳليءَ
جا نالا اچن ٿا، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته، اهو دور ۱۱۲۵- ۱۱۵۵هه (۱۷۱۳ع-۱۷۴۲ع) وارو هو.“
گند بو، مَندو جو پٽ
هو، انهيءَ ڪري انهيءَ جا پويان ”منداڻي“ سڏجڻ لڳا. هن جي گهوڙيءَ جو نالو ”گُري“
هو. جڏهن ڪنهن دور ۾ لسٻيلي مان لڏي سنڌ ڏانهن ويا ته، ”ديھ کيراڻي“ ۾ رهڻ لڳا.
اهو لڪ، جنهن جو ذڪر مٿي ڪري آيو آهيان، اها ڏکي چاڙهي هئي. گند بو/ گند ٻو جڏهن
پنهنجي گهوڙي ”گُري“ هتان ٽپائي آيو هئو ته، ان تي ”گند بي وارو لڪ“ ۽ ”گند بي
وارو جبل“ نالو پيو. گند بي جي رومي (قبر) ميمڻ ڳوٺ لڳ ”ملڪ طوطا واري چوڪنڊي
(بلوچ مقبرا-Baloch Tombs) ۾ آهي. هن جي پٽ جي رومي، ميرپور ساڪري جي
علائقي ”راج ملڪ“ واري قبرستان ۾ آهي، جنهن تي لکيل آهي، ”منده بن گنده په
کلماتي.“
لڪ کان پوءِ ”بيروٽ“
وارو ڍورو اچي ٿو، جنهن تي هاڻي پل ٺهيل آهي. ان ڍوري کانپوءِ ”ڀواني“ جو علائقو
شروع ٿئي ٿو، جتي روڊ جي ڪناري ڪلمتي قبيلي جون چٽساليءَ واريون روميون آهن.
هنگلاج ويندڙ ياترين جو منگهي پير کان پوءِ اهم پڙاءُ ”ڀواني“ هوندو آهي، جتي مندر
به آهي. ڀوانيءَ ۾ ”وندر“ ڏانهن ويندي کاٻي هٿ تي هڪ ”بُٺي“ جو نالو ”ڳئون بُٺي“
آهي. روايت آهي ته، ڪنهن زماني ۾ هڪ ڳئون مٿي بُٺيءَ تي چڙهي ويئي هئي ۽ اتي ئي ڪنهن
کڏ يا غار ۾ ڪِري پئي هئي، جنهن کي بعد ۾ ماڻهن وڏي مشڪل سان ٻاهر ڪڍيو هئو. ان
کان پوءِ ان بُٺي تي ”ڳئون بُٺي“ نالو پيو. گهڻا هن کي ”ڳوھ بُٺي“ لکن ٿا، جيڪو
درست نه آهي.
”ڀواني“ کان
پوءِ گڏاڻي/ گڊاني ڪراسنگ آيو. گڏاڻي سمنڊ ڪناري پاڪستان ۾ پاڻيءَ جي جهازن جي ٽوڙڻ
جي وڏي صنعت آهي. اڳتي پير جرار کان ايندڙ ”باگڙ وارو ڍورو“ پار ڪيوسين، جنهن سان
لڳ ڊي جي سيمنٽ فيڪٽري آهي. لڪ بدوڪ کان پوءِ کارڙيءَ وارو علائقو شروع ٿيو. ”کارڙي
ناڪو“ مشهور آهي، جتي پراڻن زمانن ۾ لسٻيلي رياست جو ناڪو هوندو هو. هن وقت اتي پاڪستان
ڪوسٽ گارڊز ۽ ليوز جي چوڪي آهي.
وندر شهر کان اڳ جيڪو
”ڍورو“ اچي ٿو، ان کي هتي ”ڪاٺوڙ ڍورو“ چون ٿا. اهو ڍورو، منهٻار نئين آهي، جيڪو
سسئي پنهون جي مزار، سنگھر پٽ کان مٿي جبلن مان وهي، شورداڻ کانپوءِ ڪاٺوڙ واري
علائقي کي ريج ڏيئي اڳتي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي. سسئي پنهونءَ جي مزار وندر کان ۲۲ ڪلوميٽر اوڀر پاسي آهي.
وندر شهر ۽ وندر
نئن کان پوءِ ”راڻو ڀٽ“ وارو علائقو آيو. وندر جو ذڪر شاھ عبداللطيف ڀٽائي، سسئي
پنهونءَ جي داستان تي آڌاريل پنجن سُرن ۾ ۲۵ ڀيرا ڪيو آهي. وندر کان رستو سمنڊ ڏانهن،
ماضيءَ جي مشهور بندر ”سون مياڻي“ لاءِ نڪري. سون مياڻي مورڙي جو اصلي ڳوٺ ۽ ماضيءَ
جو مشهور بندر هو. هنگلاج ياتري ڀوانيءَ کان پوءِ هتي ترسندا آهن، جتي مندر به
آهي. سون مياڻيءَ جي جاءِ تي، هڪ ڪلوميٽر اڳتي هاڻي ”ڊام بندر“ آهي. پراڻو رستو
سمنڊ ڪناري سون مياڻي کان پوءِ ڊام، لياري بندر، گرو چيلي وارو پٽ، سيراندو ڍنڍ
کان جوڳي بندر، ڦور هنگول ڏانهن ويندو هو. پنڌ وارا اڄ به اهو رستو استعمال ڪن ٿا.
انهيءَ رستي ۽ علائقي جي باري ۾ تفصيل منهنجي ۽ ڊاڪٽر رخمان گل پالاريءَ جي شاھ
عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي پاران ڇپائيءَ هيٺ ڪتاب ”سسئيءَ جي واٽ:
شاھ لطيف جي شاعريءَ جي پسمنظر ۾“ ڏنل آهي. ڪتاب ڇپائي جي آخري مرحلن ۾ آهي.
راڻو ڀٽ ۽ کڙڪيريو
کان پوءِ اسان ”ڄوڙا“ ٽپي ”اٿل“ پهتاسين. ”ڄوڙا“ هاڻ ”زيرو پوائنٽ“ طور مشهور آهي.
هتان ڪوسٽل هاءِ وي؛ گوادر ۽ جيوڻي لاءِ نڪري ٿو. هنگلاج ماتا مندر، اورماڙو، پسني
به انهيءَ رستي سان آهن.
پورالي نئن جي ڪناري
اڏيل لسٻيلي جو هيڊڪوارٽر ۽ قديم وسندي ”ٻيلو شهر“ آيو. اسان ٻيلي وڃڻ بدران باءِ
پاس تان اڳتي وياسين. پوراليءَ ۾ تار پاڻي وهي رهيو هو.
پورالي نئن
پوراليءَ کان پوءِ
جائو آواران روڊ نڪري ٿو، جيڪو جائو، آواران ۽ هوشاب کان ڪيچ تائين وڃي ٿو. هي
قديم رستو آهي، جيڪو فارس کان ڪيچ، لسٻيلو ۽ اڳتي سنڌ جي بندرن ڏانهن ويندو هو.
اهو رستو اڄ به استعمال هيٺ آهي. هينئر بلوچ ويڙهاڪن جي ڪري هي رستو غير محفوظ
آهي. اهو رستو جائو بالو سلسلي ۾ خطرناڪ آهي، جيڪو ”ٻيلو لڪ“ هو، پر هاڻي ”شيرين
فرهاد لڪ“ طور مشهور آهي. هتي ”شيرين فرهاد“ جون قبرون آهن، جتي اُن ڌوتي مائيءَ
جي قبر به آهي، جنهن هنن ٻنهي عاشقن ۾ بدگماني پيدا ڪئي ۽ فرهاد کي چيو هو ته؛
”شيرين مري ويئي آهي.“ ايران جي اها ڪهاڻي هتي ڪيئن آئي؟ ممڪن آهي ته ائين هجي جو
اسان وٽ اڪثر اهڙن قصن کي ڄاڻي واڻي ظاهر ڪري مزار ٺاهڻ ۽ ان مان ڪمائڻ مقصد هوندو
آهي.
پورالي ندي، جنهن
کي پورالي ڪئور (نئن) به چون ٿا، پٻ ۽ اورناچ جابلو سلسلي مان نڪري ول پٽ، ٻيلي،
سنجري، اٿل ۽ لاکڙي کي سيراب ڪندي سيراندو ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندي آهي. ڪانڪي سميت ڪيترا ئي
ڍورا ۽ نيون هن جو حصو بڻجي ويندا آهن.
لسٻيلو، جهالاوان،
سراوان، شال ڪوٽ (ڪوئيٽا)، قندار، ڪيچ، فارس، آواران، پنجگور، گوادر ۽ ٻئي سنڌ ڏانهن
ويندڙن رستن جي مرڪز تي آهي. اڪثر حملو ڪندڙن اهي رستا اختيار ڪيا. سڪندر مقدوني،
محمد بن قاسم ۽ زرتشيتن انهن رستن سان اچي مختلف علائقن تي حملا ڪيا، تنهنڪري لسٻيلي
لاءِ هيءَ چوڻي مشهور ٿي ته: ”لس، گهوڙن جو گس.“
جڏهن ۳۲۶ ق. م. ۾ سڪندر اعطم هتي آيو ته، هن علائقي
کي گدروشيا (Gedrosia)
چيو ويندو هو. اڄ به هتي هڪ قبيلو گدور به آهي. سڪندر اعظم ايران وڃڻ لاءِ هنگول
وارو رستو اختيار ڪيو هو. راس ميلان، اورماڙا، ڪلمت، پسني ۽ گوادر کان هو ايران ڏانهن
ويو هو.
محمد بن قاسم ڪيچ مڪران
کان پوءِ سنڌ تي حملي لاءِ آواران جائو وارو رستو اختيار ڪيو هو. عربن جي دور ۾ هن
علائقي کي ارمن بيل (آرمابيل) چيو ويندو هو.
لسٻيلي ۾ اڪثريتي ڳالهائيندڙ
ٻولي سنڌيءَ جو لهجو ”لاسڪي“ آهي، جنهن کي جدگالي ۽ نمڙڪي به چون ٿا.
رونجهن کان پوءِ
گونگا حڪمران ٿيا، جن مان دينار مشهور حڪمران ٿي گذريو آهي. گونگن جو پهريون حڪمران
مير موسو گونگو هئو ۽ انهن جو آخري حڪمران براهم (ابراهيم) هو.
پنهنجن جي جنگ ۾ جڏهن
براهم مارجي ويو ته، پاهڙ خان حملاڻي برفت، جيڪو براهم جو مامو هو، ان ڪوهستان مان
لشڪر کڻي لسٻيلي تي حملو ڪيو. ”اُٿل ڪوٽ“ وٽ جنگ لڳي، گونگن کي شڪست آئي. ۱۱۱۵هه ۾ پاهڙ خان برفت لسٻيلي جو حاڪم ٿيو.
اورنگزيب عالمگير، پاهڙ خان جي مدد ڪئي هئي. پاهڙ خان کان پوءِ پڳ سندس پُٽ عزت
خان تي آئي، جيڪو اڃا ٻار هو، تنهنڪري عزت خان جي والده مائي چاڳلي حڪمران ٿي.
مائي چاڳلي پنهنجي
وقت ۾ پورالي نديءَ مان زراعت لاءِ پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ ”ڪسين“ جو بهترين نظام جوڙيو.
زراعت کي هٿي ملي ته ملڪ خوشحال ٿيو ۽ اها چوڻي مشهور ٿي ته ”پورالي اٿس پار، تڏ
چاڳلي تي چاڳ ڪري.“
هڪ عورت جي حڪمراني،
مرد سردارن کي نه وڻي. هو مائي چاڳليءَ سان حسد ڪرڻ لڳا ۽ لسٻيلي ۾ اها چوڻي به
مشهور ٿي ته ”ڏاڙهي ڪانهي ڏيهه ۾، تڏ چاڳلي تي چاڳ ڪري.“
چاڳلي جي حڪومت کي
اڪثر رونجها هلائي رهيا هئا. ڪنراج، عالي کٿورئي جي حوالي هو. عالي کٿورئي جو ڀاءُ
ٻيلي ويجهو رونجهن هٿان مارجي ويو. ان وقت قلات جو حڪمران مير محبت خان هو، جيڪو
چاڳليءَ جي حڪومت جي ڪري ناراض هو. خان آف قلات، عالي کٿوريو جي دانهن تي ۱۷۴۲ع ۾ آخوند محمد حيات جي اڳواڻيءَ ۾ لسٻيلي
تي حملو ڪيو. مائي چاڳلي مقابلي لاءِ ٻاهر نڪتي، ته ٻئي پاسي کان عالي کٿورئي ٻيلي
شهر تي حملو ڪيو. مائي چاڳليءَ کي شڪست آئي. چاڳليءَ کي لسٻيلو ڇڏڻ جو چيو ويو.
مائي پنهنجي پٽ عزت خان سان ڪوهستان ڏانهن هلي وئي، جتي گمناميءَ ۾ رهي ۱۲۱۴هه ۾ گذاري وئي. هوءَ ڪوٽڙي لڳ قبرستان ۾
مدفون آهي.
۱۷۴۲ع ۾ ڪوريجا/ ڪونريجا لسٻيلي جا حڪمران ٿيا. ”ڄام“ جي لقب سان حڪومت ڪرڻ لڳا.
هي خاندان اڳ ۾ ئي ڄاموٽن جو سردار هو. ڄامن جو پهريون حاڪم ڄام عالي کٿوريو هو،
تنهنڪري هي ”عالياڻي ڄامن“ طور مشهور آهن. ڄام غلام قادر ۱۹۳۷ع ۾ حڪمران ٿيو، جيڪو آخري حڪمران هو.
پاڪستان ٺهڻ کان
پوءِ ۱۹۵۶ع ۾ لسٻيلي جي رياست واري حيثيت ختم ڪئي وئي، ان کي هڪ ضلعي جي حيثيت ڏيئي ڪراچي
ڊويزن ۾ شامل ڪيو ويو. اها هئي لسٻيلي تي حڪمرانيءَ جي مختصر تاريخ..
اسان جو سفر جاري
هو. وڍ ڏانھن ويندَي رستي ۾ ول پٽ (ويل پٽ) جو علائقو آيو، جيڪو زراعت جي ڪري
مشهور آهي. ان جي هڪ پاسي خضدار ويندي رستي جي کاٻي پاسي رستو نڪري ٿو، جنهن تي
”مائي پير درگاھ“ جو بورڊ لڳل آهي. انهيءَ درگاھ لڳ جبلن ۾ غارن جھڙا انساني هٿن
جا کوٽيل گهر آهن، جن کي ”شهر روغان،“ ”پري وڍ“ ۽ ”گندراڻي غار“ به چون ٿا. انهن
جو مون ٻه ڀيرا دورو ڪيو آهي، جنهن جو تفصيلي ذڪر ڪنهن ٻئي ڀيري.
ول پٽ (لسٻيلو)
نمي چيڪ پوسٽ کان ڪنڊي
ٻيلا جو علائقو آيو، جيڪو پورالي نديءَ جي ڪناري تي آهي. نمي چيڪ پوسٽ کان ٿورو اڳتي
ضلعي لسٻيلي جون حدون ختم ٿيون ۽ ضلعي خضدار جون حدون شروع ٿيون. انهيءَ دنگ کان
”وڍ شهر“ ۹۷ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. وڍ تائين جيڪي علائقا آيا،
انهن ۾ ”ڪراڙو“ جتي ريسٽ هائوس به آهي، سونارو، اورناچ ۽ ڊراکالا شامل هئا، وڏن وڏن
جبلن جي وچ ۾ هي سڀ خوبصورت واديون هيون. رستي جا ٻئي پاسا زراعت ڪري سرسبز هئا.
”وڍ“ انتظامي
طور تعلقو آهي. ان جون حدون شاھ نوراني تائين آهن. وڍ شهر مينگل قبيلي جو هيڊڪوارٽر
به آهي. ان سان گڏ اهو ميونسپل ڪاميٽي آهي.
وڍ شهر ۾ وڏي ڪوٽ ٻاهر
اسان گاڏي پارڪ ڪري مينگل هائوس پهتاسين. وڏي ڇني ۾ سردار اختر مينگل، سندس ڀائٽيو،
جيڪو هن وقت مينگل قبيلي جو سردار آهي، اسد الله مينگل، خان آف قلات جو چاچو آغا
موسيٰ جان ۽ ايم پي اي مير اڪبر مينگل تڏي تي موجود هئا. اسان فاتحه خواني ڪئي.
اختر مينگل سان سندس والد جي وفات تي سنڌ پاران تعزيت ڪئيسين. سوين ماڻهن جي فاتحه
خوانيءَ لاءِ اچ وڃ جاري هئي. تعزيتي ڪتاب تي مون ۽ سائين رخمان گل پالاري سنڌيءَ
۾ تاثرات لکيا. ٿوري دير کان پوءِ اختر جان مينگل ۽ ٻين سان گڏ مانجهاندو ڪرايو
ويو. ڪجهه دير ويهي اسان موڪلايو.
ايم پي اي مير اڪبر
مينگل کي چيوسين ته، ”اسان کي سردار عطاءُ الله مينگل جي قبر تي وڃڻو آهي، ڪو
سونهون ڏيو.“ هن فضل الله کي اسان سان وڃڻ لاءِ چيو. اسان هڪ پڪي سان وڍ شهر ڇڏي
اوڀر پاسي روانا ٿياسين.
افغانستان ۽ قلات
جو سياسي تعلق ۽ نصير خان نوري
لوهيءَ جي رڻ ۾ ستل
سردار عطاءُ الله مينگل خان ڏانهن پوءِ ٿا هلون، اول ٿورو ذڪر افغانستان ۽ قلات جي
سياسي تعلق ۽ نصير خان نوريءَ جو ڪريون ٿا،
ڇاڪاڻ جو لوهيءَ سان نصير خان جي به هڪ نسبت جڙيل آهي.
نصير خان احمدزئي
’خوانين قلات‘ جو مشهور حڪمران هو. نصير خان ۱۷۴۹ع کان ۱۷۹۴ع تائين قلات جو خان رهيو. هُو ”خوانين
قلات“ ۾ سڀني کان مشهور حڪمران هو. ”نوري“ ۽ ”ولي“ سندس لقب هئا. افغانستان جي حڪمران
نادر شاھ جي قتل کان پوءِ احمد شاھ ابدالي سندس سلطنت جو وارث بڻيو ته، هُن نصير
خان جي اقتدار کي تسليم ڪيو ۽ کيس مير محبت خان جي جاءِ تي قلات جو خان مقرر ڪيو.
محبت خان، نصير خان جو ويڳو ڀاءُ هو، جنهن جي ماءُ جدگال قبيلي مان هئي.
ڊاڪٽر حميد بلوچ
پنهنجي ڪتاب ”مڪران: عهدِ قديم سي عهدِ جديد تڪ“ ۾ لکي ٿو ته: ”نصير خان، احمد شاھ
ابداليءَ جو خاص جنرل هو. هن جو رتبو سردار جھان خان کان پوءِ هو. نصير خان ڪيترن
محاذن تي احمد شاھ ابداليءَ جو ڀرپور ساٿ ڏنو. هو خراسان ۽ هندستان جي ٽن حملن ۾
احمد شاھ ابداليءَ سان گڏ هو. اڳتي هلي جڏهن احمد شاھ ابداليءَ کي هندستان ۾ شڪست
مٿان شڪست ملي، ته نصير خان موقعو ڏسي آزاديءَ جو اعلان ڪيو. انهن شڪستن کان پوءِ
احمد شاهه ابدالي هندستان پاسي ڌيان ڏيڻ ڇڏي ڏنو ۽ هُن هر طرح ڪوشش ڪئي ته، نصير
خان سندس ساٿ ڏئي ۽ ساليانو خراج، جيڪو ابدالي، قلات کان وصول ڪندو هو، اهو نصير
خان ادا ڪري، پر نصير خان ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ احمد شاھ جي خلاف اڍائي لک
بلوچن جو لشڪر گڏ ڪيو.
احمد شاھ ابداليءَ
انهيءَ جي جواب ۾ وزيراعظم شاھ ولي خان جي اڳواڻي ۾ هڪ لشڪر نصير خان سان مقابلي
لاءِ روانو ڪيو... نصير خان، ابداليءَ جي فوج سان مقابلي لاءِ تيار هو. نصير خان
پنهنجي فوج کي مستونگ جي علائقي ۾ جمع ڪرڻ جو حڪم ڏنو. پڙنگ آباد ۾ لڙائي لڳي،
جنهن ۾ احمد شاھ ابداليءَ جي وزير اعظم شاھ ولي کي شڪست ملي. ان بعد احمد شاھ
ابدالي پاڻ هڪ وڏي لشڪر سان مستونگ پھتو، جتي ٿيل ويڙھ ۾ نصير خان کي شڪست ملي.
نصير خان مستونگ ڇڏي
قلات ۾ قلعي بند ٿيو. چاليهن ڏينهن تائين گهيرو ڪري رکڻ کان پوءِ احمد شاھ
ابداليءَ صلح تي راضي ٿيو. صلاح نامي کان پوءِ ٻنهي جي دوستي بحال ٿي ۽ هڪ ٺاھ ڪيو
ويو، جنهن مطابق، ”خان آف قلات آئيندي افغانستان کي ڪو خراج نه ڏيندا، نه ئي
بلوچستان ۽ قلات هڪٻئي جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪندا. جيڪي علائقا احمد شاھ
ابداليءَ، افغانستان قبضي ۾ ڪيا آهن، اُهي هو خان آف قلات کي واپس ڪندو.“
”ان ٺاھ کان
پوءِ احمد شاھ ابداليءَ، نصير خان جي سئوٽ کي رشتو ڏيئي پنهنجن لاڳاپن کي مضبوط ڪيو.“
حميد بلوچ وڌيڪ لکي
ٿو ته؛ ”نصير خان ان کان پوءِ ڪيچ جي حاڪم ملڪ دينار گچڪيءَ خلاف جنگ جو فيصلو ڪيو،
جنهن کي هن مذهبي رنگ ڏنو، ڇاڪاڻ ته ڪيچ جا گچڪي ذڪري فرقي سان تعلق رکندڙ هئا.
آخري لڙائي ۱۷۷۸ع ۾ لڳي. ملڪ دينار جنگ ۾ مارجي ويو. اهڙي طرح پنجگور، ڪيچ ۽ گوادر نصير
خان جي هٿ هيٺ آيا. ان جنگ ۾ ڪيترا ئي ماڻهو مارجي ويا.“
ڊاڪٽر حميد لکي ٿو
ته؛ ”نصير خان جو ڪيچ مڪران تي حملو بلوچستان جو ڪارو باب آهي. هن نه فقط قتل عام ڪيو،
پر مڪران جي بزرگن جون هڏيون به قبرن مان ڪڍي ساڙيون هيون.“ ان جي باوجود نصير خان
جي دور ۾ ڪجهه وقت متحده بلوچستان جو خواب پورو ٿيو.
هاڻي اچون ٿا وري
پنهنجي سفر تي:
اسان جو سفر ”وڍ“
شهر جي اوڀر پاسي، ”لوهي“ واري علائقي ڏانهن هو. رستو پڪو ته هئو، پر ٽُٽل هو. ڪارا
ڇمر آسمان تي ڇانئجي رهيا هئا. رستي سان گورم (ڍڳين) ۽ اَئيَن (ٻڪرين) جا ڌڻ
پنهنجن وٿاڻن ڏانهن موٽي رهيا هئا. پڪي رستي تان هيٺ ڇڻي (لهي) ڪچي رستي تي
آياسين. ڳَئي (گوڙ) سان گڏ ڇيھه (کنوڻ) جي چمڪاٽ سان گڏ ڦڙ ڦڙ شروع ٿي ويئي. ڪچي
رستي سان، ڪجهه ڍورن کي پار ڪري اسان پوٺي تي آياسين. پري کان هڪ قبر تي بي اين پي
جو جهنڊو ڦڙڪندي نظر آيو. قبر سان به جهنڊو ويڙهيل هو. اِن رڻ ۾ اها اڪيلي قبر
بلوچ سردار عطاءُ الله مينگل جي هئي، جنهن پنهنجي سموري عمر بلوچستان جي حقن لاءِ
جدوجهد ڪندي گذاري هئي.
هي علائقو، جنهن کي
”لوهي“ چون، اهو ”وڍ“ شهر کان پنج ڪلوميٽر
اوڀر پاسي آهي. قبرستان سان گڏ ”لوهي جهل“ جي ڪناري زيتون جو هڪ قديمي وڻ آهي،
جنهن لاءِ هتان جي ماڻهن ٻڌايو ته، ”اهو خان ناخت آهي،“ معنيٰ خان (نصير خان نوري
خان آف قلات) جو زيتون جو وڻ. چشمي جي وهندڙ پاڻيءَ کي ”جهل“ چيو ويندو آهي.
عطاءُ الله مينگل
کي اها جاءِ پسند هئي. خان آف قلات نصير خان، جيڪو ”نوري“ ۽ ”ولي“ جي نالي سان
مشهور آهي، اهو جڏهن جهالاوان ڏانهن ايندو هو ته، انهيءَ جاءِ تي پڙاءُ ڪندو هو ۽
زيتون جي ان وڻ هيٺان ويهندو هو. ”لوهي جهل“ ۾ برسات کان پوءِ گهڻي عرصي تائين صاف
پاڻي وهندو آهي. براهوي قبيلي ۾ مشهور آهي ته؛ ”هيءُ وڻ ڀاڳ جي نشاني آهي.“
ان جي اتر پاسي، ٿورو
پري هڪ گهر هو، جنهن لاءِ ٻڌايو ويو ته؛ ”اهو جاويد مينگل جو آهي.“
گذريل ڪيترن سالن
کان سياست کان پاسيرو ۽ خاموش رهندڙ عطاءُ الله مينگل هن جاءِ جي تاريخ کان واقف
هو. اڄ هو جڏهن هتي دفن ٿيو آهي ته ، ”لوهي“ جي هن ويراني ۾ ۽ نصير خان نوريءَ سان
منسوب ”خان ناخت“ کي بين الاقوامي شهرت ملي آهي.
”وڍ“ جي
مينگلن جو اباڻو قبرستان وڍ شهر پويان آهي. شهيدن جو قبرستان ”لوهي“ کان اڳيان
”دودڪي“ واري جاءِ تي آهي. هتي نورا مينگل سميت ٻيا شهيد دفن آهن. ”دودڪي“ ۾ هڪ
اجتماعي قبر به آهي، جنهن ۾ انگريزن سان ويڙھ ۾ شهيد ٿيل دفن آهن. هتي انهن جي ٺهيل
هڪ يادگار تي سڀني جا نالا لکيل آهن.
لوهيءَ جي رڻ ۾
ستل عطاءُ الله مينگل کان موڪلاڻي
جهالاوان،
سراوان، وڍ ۽ نال
ضلعي خضدار، جنهن
جو پراڻو نالو ”جهالاوان“ آهي، اهو پنهنجن ٻن علائقن: ”وڍ“ ۽ ”نال“ جي ڪري دنيا ۾
مشهور آهي. ”وڍ“ عطاءُ الله مينگل جو ڳوٺ آهي ۽ ”نال“ مير غوث بخش بزنجو جو ڳوٺ
آهي. قلات ۽ مٿيون پاسو ”سراوان“ آهي ۽ هيٺ خضدار وارو علائقو ”جهالاوان“ آهي.
”سه“ معنيٰ مٿو يا مٿيون، ”جهال“ معنيٰ هيٺيون.
برسات شروع ٿي چڪي
هئي. اسان سردار عطاءَ الله مينگل جي قبر کي الوداع چئي ”وڍَ“ شهر ڏانهن روانا ٿياسين.
عطاءَ الله مينگل ”وڍ“ ۾، سردار رسول بخش مينگل جي گهر ۾ ڄائو هئو. هن جو تعلق
شاهزئي مينگل قبيلي سان آهي. هو اڃا سيڪنڊري اسڪول ۾ پڙهندو هو ته سندس والد جي وفات
کانپوءِ کيس سردار چونڊيو ويو. ”وڍ“ جي مينگل سردارن جون خان آف قلات، ڄام آف لسٻيلا،
ملير جي جوکين جي ڄامن، ڌريجي جي ڀوتاڻين ۽ ڪوٽڙيءَ جي برفتن ملڪن سان مائٽيون
آهن. ملير مان ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوکيو، عطاءُ الله مينگل جو ڏوهٽو آهي. هن
۽ سندس ڀاءُ ڄام اويس جي گهر ۾ عطاءُ الله مينگل جون پوٽيون آهن.
عطاءَ الله مينگل
قومپرست سياست ۽ کاٻي ڌر جي سياست ڪرڻ سبب مشهور هئو. عطاءُ الله مينگل هڪ وڏو
سياسي اڳواڻ هو. بهترين مقرر ۽ ماڻهن کي پنهنجي ڳالهه تي قائل ڪرڻ جي صلاحِت وارو
هي ماڻهو اڄ هڪ ويراني ۾ ابدي ننڊ ستل آهي. عطاءَ الله مينگل جي وڃڻ سان بلوچستان
هڪ رهبر، رهنما ۽ تاريخ ساز شخصيت کان محروم ٿي ويو. جدوجهد جي هڪ باب جي پڄاڻي
”لوهي“ جي علائقي ۾ ٿي. اڳتي هلي هي علائقو تاريخ جو حصو بڻجي ويندو، بس سردار
اختر مينگل کي هڪ ڳالهه تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ته، هو هڪ ترقي پسند ۽ قومپرست سياسي اڳواڻ
کي ’ولي‘ ۽ ’پير‘ ٿيڻ کان بچائي.
سردار عطاءُ الله
مينگل پنهنجي هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو هو ته، ”هن ۱۹۵۲ع ۾ مينگل قبيلي جي سرداري ڇڏي پنهنجي وڏي پٽ
منير مينگل کي سردار ڪيو هئو. هُن جي وفات کانپوءِ قبيلي منير جي پٽ اسد الله
مينگل کي سردار چونڊيو هو، جيڪو هن وقت قبيلي جو سردار آهي.“ هن تي اهو نالو سندس
وڏي پٽ اسد الله مينگل جو رکيو ويو آهي، جنهن کي ۱۹۷۰ع جي ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ مان مير شير بازار
مزاري جي بنگلي تان سندس دوست احمد شاهه ڪرد سميت کڻي غائب ڪيو ويو هئو. اغوا بعد
انهن ٻنهي کي جاتيءَ ۾ لاڏيون ٿاڻي تي رکيو ويو هئو. ان کانپوءِ انهن ٻنهي کي جيڪڏهن
ماريو ويو ته، ڪٿي کين دفن ڪيو ويو؟ ان جي اڄ ڏينهن تائين ڪا خبر پئجي ناهي سگهي.
اُن وقت سردار عطاءءُ الله مينگل قيد ۾ هو، ۽ بلوچستان جون حالتون خراب هيون.
ان وقت غلام مصطفيٰ
جتوئي سنڌ جو وڏو وزير هئو. وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي سان بلوچستان جي اڳواڻن جا
اختلاف ان وقت پيدا ٿيا هئا، جڏهن ۱۹۷۰ع دوران چونڊن ۾ نيشنل عوامي پارٽي (نعپ) بلوچستان ۽
سرحد ۾ وڏي اڪثريت حاصل ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ سردار عطاءُ الله مينگل بلوچستان
جو پهريون چونڊيل وڏو وزير، مير غوث بخش بزنجو گورنر ۽ نواب خيربخش مري اسيمبليءَ
۾ نعپ جو پارلياماني اڳواڻ چونڊيا ويا هئا. مرڪز، پنجاب ۽ سنڌ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي
جي حڪومت هئي. هنن جا سياسي، انتظامي ۽ اختيارن واري معاملي تي اختلاف پيدا ٿيا.
سردار عطاءُ الله مينگل صوبي مان ۵ هزارن کان مٿي غيرمقامي ماڻهن کي نيڪالي ڏني ۽ انهن جي
جاءِ تي مقامي ماڻهو ڀرتي ڪيا، ڪوسٽ گارڊ جو ساحلي علائقن تان عمل دخل ختم ڪيو ۽ ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ڪاليجن جو بنياد رکيو.
اهي ڳالهيون وفاق کي پسند نه آيون. نون مهينن جي ٿوري عرصي ۾ عراقي سفارتخاني مان
هٿ آيل هٿيارن کي بهانو بڻائي، بلوچستان جي چونڊيل حڪومت ختم ڪئي ويئي. مٿن الزام
مڙهيو ويو ته، ”بلوچ اڳواڻ عراق مان هٿيار آڻي ملڪ ۾ بغاوت ڪرڻ چاهين ٿا.“
عطاءُ الله مينگل
سميت نعپ جا سمورا اڳواڻ ”حيدرآباد سازش ڪيس“ ۾ گرفتار ڪري جيلن ۾ بند ڪيا ويا.
صوبي ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪري اڪبر بگٽيءَ کي گورنر بڻايو ويو، پر جلد ئي بگٽي صاحب
به حڪومت کان ڌار ٿي ويو. بلوچستان جون حالتون خراب ٿيون ته بلوچستان ۾ آپريشن
شروع ڪيو ويو، جيڪو ۱۹۷۷ع تائين تيستائين جاري رهيو، جڏهن
ضياءَ الحق اقتدار تي قبضو ڪيو. ان بعد ضياءُ الحق ”حيدرآباد سازش ڪيس“ جي سڀني
بلوچ اڳواڻن کي آزاد ڪيو. آزاديءَ کانپوءِ عطاءُ الله مينگل، خيربخش مري ۽ شير
محمد مري جلاوطن ٿي ويا. نعپ تي جڏهن
پابندي لڳائي ويئي ته، آزاديءَ کانپوءِ ميرغوث بخش بزنجو پاڪستان نيشنل پارٽي (پي
اين پي) جو بنياد وڌو. عطاءُ الله مينگل ڊگهي عرصي کانپوءِ سنڌي بلوچ پشتون فرنٽ
جوڙيو. جڏهن سنڌي بلوچ پشتون فرنٽ جي ٻين اڳواڻن: ممتاز علي ڀٽي ۽ حفيظ پيرزادي
سان سندس اختلاف ٿيا ته ۱۹۹۶ع ۾ واپس اچي هن بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) جو بنياد رکيو. ڪجهه وقت
اندر اندروني اختلافن جي ڪري بي اين پي ٻن دڙن ۾ ورهائجي ويئي. ڊاڪٽر حئي بلوچ الڳ
پارٽي ٺاهي، ۽ اختر مينگل بي اين بي (مينگل) جو صدر ٿيو، جڏهن ته خير بخش مري
جلاوطني ختم ڪري واپس بلوچستان آيو ته ”حق توار“ نالي تنظيم ٺاهيائين.
۱۹۹۷ع وارين عام چونڊن ۾ عطاءُ الله مينگل جو پٽ سردار اختر مينگل مسلم ليگ (ن)
سان گڏيل حڪومت ٺاهي بلوچستان جو وڏو وزير ٿيو، پر اڍائي سالن کانپوءِ سندس حڪومت
ختم ڪئي وئي. عطاءُ الله مينگل جو هڪ پٽ جاويد مينگل ”لشڪر بلوچستان“ نالي ويڙهاڪ
تنظيم ٺاهي. هو هن وقت دبئي ۾ رهي ٿو.
هاڻي وري اچون ٿا
پنهنجي واپسيءَ واري سفر تي: اسان فضل
الله کي ”وڍ“ شهر ۾ ڇڏي واپس ٿياسين.
ضلعي خضدار، جنهن
جو پراڻو نالو ”جهالاوان“ آهي، اهو پنهنجن ٻن علائقن: ”وڍ“ ۽ ”نال“ جي ڪري دنيا ۾
مشهور آهي. ”وڍ“ عطاءُ الله مينگل جو ڳوٺ آهي ۽ ”نال“ مير غوث بخش بزنجو جو ڳوٺ
آهي. قلات ۽ مٿيون پاسو ”سراوان“ آهي ۽ هيٺ خضدار وارو علائقو ”جهالاوان“ آهي.
”سه“ معنيٰ مٿو يا مٿيون، ”جهال“ معنيٰ هيٺيون.
”وڍ“ کان
پوءِ اسان کي ول پٽ (ويل پٽ) پهچڻو هو، جتي حيات بنديجو اسان جي اوسيئڙي ۾ هو.
اسان ساڻس وعدو ڪيو هئو ته، واپسيءَ تي وٽس، سندس ڳوٺ چانهه پيئڻ اينداسين. ول پٽ
تي عارف والا پيٽرول پمپ تي هو اسان جي انتظار ۾ هو. اسان هڪ لنڪ روڊ تان سرسبز کيٽن
مان هڪ ڳوٺ پهتاسين. ڳوٺ جي اسڪول تي ”عارف والا“ نالو لکيل هو. ڳوٺ کي به هو عارف
والا چئي رهيا هئا. معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته هي ڳوٺ ”عاري وارو“ هو. ۱۹۷۰ع کان اڳ هتي جيڪي پنجابي ملازم روينيو کاتي
۾ هئا، انهن هن چڪ ”عاري وارو“ کي ”عارف والا“ لکيو ته، اهو مشهور ٿي ويو.
ڪچهريءَ ۾ انهن ٻڌايو
ويو ته، ”جڏهن عطاءُ الله مينگل وڏو وزير ٿيو هئو ته هن اهي سڀ ماڻهو واپس پنهنجي
صوبي ڏانهن موڪليا هئا ۽ هاڻي سڀ مقامي ماڻهو روينيو کاتي ۾ آهن.“ مينگل جي حڪومت
ختم ڪرڻ جي جيڪا ڳالهه مشهور آهي، ول پٽ جي ڳوٺاڻن ڳالهين ڳالهين ۾ ان جي تصديق ڪئي.
هتي ساريال فصل ڏسي اسان کي حيرت ٿي. ڳوٺاڻن ٻڌايو ته، ”ول پٽ ۾ پورالي نئين ڪري ’ساري‘ ۽ ’ڪمند‘ جو فصل به ٿئي ٿو. هي علائقو ڦُٽي، تِر، ٻاجهر ۽ سبزي جي ڪري مشهور آهي. اڳين ڪسين ۽ کيٽن وسيلي زراعت ٿيندي هئي، جيڪو نظام اڄ به آهي. هاڻي بورنگ ۽ سولر سسٽم جي ڪري وڌيڪ آساني ٿي آهي. اسان عاري وارن ڳوٺاڻن کي الله واهي چئي ڪراچي لاءِ روانا ٿياسين. بارش ٻيهر شروع ٿي چڪي هئي.
No comments:
Post a Comment