Thursday, March 03, 2022

پاڻ پسيو پرڏيهه - عبدالله عثمان ميمڻ

اتساهه جو سبب بڻجندڙ سنڌ جي سيلاني جوڙي جي سفري ڪٿا

Notes from Europe

عبدالله عثمان ميمڻ



سائين رفيع الدين جوڻيجي صاحب جي شريڪ حيات محترمه صفيه انصاري جو اسپين ۽ ايندورا جو لکيل سفرنامو ”پاڻ پسيو پرڏيهه“ منهنجي ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي کليل آهي ۽ مون کي حڪم ٿيو ته ان ڪتاب لاءِ ڪجهه لکي ڏيان. مون هن زندگيءَ جي محدود وقت ۾ تمام ٿوريون ۽ محدود خواهشون رکيون آهن ۽ انهن محدود خواهشن مان هڪ الله جي خلقيل هن دنيا کي گهمي ڏسڻ آهي. سير سفر ڪرڻ منهنجي لاءِ عشق جو درجو رکي ٿو. آءٌ به پنهنجي وس آهر ڪيل سفر جا تجربا هم خيال دوستن سان ونڊ ڪندو رهندو آهيان پر ان کان به وڌيڪ ٻين سيلاني دوستن جا تجربا پڙهڻ، ڏسڻ، يا ٻڌڻ تمام گهڻو پسند ڪندو آهيان.


زندگيءَ ۾ سفر ڪرڻ ۽ نيون شيون ڏسڻ ۽ پرکڻ تمام ضروري آهي. ائين ڪرڻ سان ماڻهو پنهنجي ملڪ اندر يا دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سفر ڪرڻ سان اتان جي ثقافتن، تهذيبن، رهڻي ڪهڻي، کاڌي پيتي ۽ اتان جي عام رواجي زندگيءَ بابت ڄاڻ حاصل ڪري ٿو. نيون شيون ڏسڻ ۽ پرکڻ سان انسان جو دماغ کلي ٿو ۽ هو نيون شيون سکي ٿو ۽ زندگيءَ جي ٻين رخن کي پڻ ڳولهي لهي ٿو.

سفر ڪرڻ سان ماڻهو پنهنجي روزمره جي زندگي کان ڪٽجي ٿو ۽ جيڪي مسئلا روزمره جي زندگيءَ ۾ هوندا آهن، انهن کي هڪ يا ٻن هفتن لاءِ ماڻهو وساري ٿو ڇڏي. پر ڪن ماهرن جو اهو به خيال آهي ته ڪڏهن ڪڏهن انهن مسئلن کي ماڻهو پنهنجي روزمره جي زندگيءَ ۾ حل ڪرڻ جو اهل نٿو رهي ۽ جڏهن هو سفر ڪري ٿو ته هو انهن کي حل ڪرڻ جي باري ۾ سولائيءَ سان سوچي سگهي ٿو. ماهرن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سير سفر ڪرڻ سان انسان جي اسٽريس واري ليول تمام گهٽجي وڃي ٿي ۽ هڪ سروي ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته جڏهن ماڻهو پنهنجي آسپاس جي ماحول کان پري سير سفر ڪرڻ لاءِ نڪري ٿو وڃي ته ان سان انسان جو جسم ۽ دماغ ري سيٽ ٿئي ٿو ۽ نتيجي ۾ زندگيءَ ۾ دل جي دوري پوڻ جي امڪان ۾ ڪافي گهٽتائي اچي ٿي.

ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي ته جيڪي شيون سامهون هونديون آهن، انهن جي اهميت ته هوندي آهي پر شايد اها محسوس ناهي ٿيندي ۽ ائين چيو به ويو آهي ته جڏهن شيون اسان کان پري هليون وينديون آهن ته پوءِ انهن جي اهميت جو احساس ٿيندو آهي، ته ڪجهه هفتن لاءِ جڏهن ماڻهو پنهنجي آسپاس جي ماڻهن يا پنهنجي گهر ڀاتين کان پري ٿو هليو وڃي ته اهو هڪ قسم جو ظاهري رابطو ڪٽجي ٿو ۽ جڏهن رابطو ڪٽجي ٿو ته پوءِ پنهنجن پيارن جي اهميت جو احساس ٿئي ٿو. سو سفر ڪرڻ سان ماڻهو پنهنجن پيارن سان وڌيڪ ويجهو ٿئي ٿو. جڏهن ماڻهو پنهنجن ٻارن سان گڏ سير سفر ڪري ٿو ته کين هن دنيا جي ڪاروهنوار جي ڄاڻ ملي ٿي ۽ سندن اعتماد وڌي ٿو. پنهنجي گهر ڀاتين يا پيارن سان گڏ سفر ڪرڻ سان انسان زندگيءَ ۾ بهترين يادن جو ذخيرو گڏ ڪري ٿو، جيڪو زندگيءَ ۾ اڳتي ضرور ڪم اچي ٿو.

اڪيلو سفر ڪرڻ جا به پنهنجا مزا آهن، ماڻهوءَ ۾ فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت وڌي ٿي ۽ ان سان گڏوگڏ ماڻهو ٽائيم مئنيجمينٽ، ڳالهائڻ جا طريقا، پنهنجي اسٽريس کي قابو ۾ رکڻ، شين کي اڪيلي سر مُنهن ڏيڻ ۽ پلاننگ ڪرڻ، سوچي سمجهي خرچ ڪرڻ، ٻي ڪا ٻولي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ، ذهني پختگي پيدا ٿيڻ ۽ طبيعت ۾ لچڪ پيدا ٿيڻ جهڙا ڳڻ انسان ۾ پيدا ٿيو وڃن. اڪيلي سر سفر ڪرڻ سان انسان پنهنجي پاڻ سان پنهنجي بابت پڻ ڳالهائي ٿو، جيڪو تمام ضروري آهي. ان سان گڏوگڏ اڪيلي سياح کي پاڻ ئي پنهنجي کاڌي پيتي جو بندوبست ڪرڻو آهي، کيس پاڻ ئي لٽي ڪپڙي جو فڪر ڪرڻو آهي. پر دوستن سان گڏ سفر ڪرڻ جا به پنهنجا فائدا آهن، ماڻهو اڪيلائپ جو شڪار نٿو ٿئي ۽ پنهنجو پاڻ کي محفوظ سمجهي ٿو.

سفر ڪرڻ سان ماڻهو ڪي نيون ۽ سٺيون عادتون به سکي ۽ شروع ڪري سگهي ٿو ۽ ڪن خراب عادتن مان جان به ڇڏائي سگهي ٿو. سياڻن ماڻهن جو خيال آهي ته جيڪي ماڻهو سفر ڪن ٿا، اهي مسئلن کي صحيح طريقي سان حل ڪرڻ جا گر سکي وٺن ٿا. اهي ڪنهن به ٿوري گهڻي تبديليءَ کان ڊنل ناهن هوندا. ظاهر آهي هيءُ زندگي جو ميلو ئي آهي، جيڪو ڪٿي نه ڪٿي ته ختم ٿيڻو آهي، سو جڏهن ماڻهو اڪيلو يا پنهنجي گهروارن سان سفر ڪري ٿو ته هو زندگيءَ جو بهترين وقت پنهنجي سر يا هڪٻئي سان گذارين ٿا ۽ اهو زندگيءَ ۾ وڏو يادگار ٿئي ٿو. سفر ڪرڻ کانپوءِ ماڻهو دوستن يارن کي نوان نوان قصا ٻڌائي سگهي ٿو ۽ اهي قصا ٻڌائي ماضيءَ جي سفر جون يادون تازيون ڪري ماضيءَ جي قصن مان لطف اندوز ٿي سگهي ٿو ۽ شايد سفر ڪرڻ سان انسان پنهنجي پاڻ کي پڻ سڃاڻي ۽ ڳولي لهي ٿو. سو هاڻي اچو ته سائين رفيع الدين جوڻيجي ۽ صفيه انصاريءَ سان اسپين ۽ ايندورا جو سير ڪيون.

هن سفرنامي ۾ اسپين ۽ ايندورا جو مڪمل تعارف لکيل آهي، جنهن سان انهن ملڪن بابت دلچسپي رکڻ وارن کي هڪ ئي هنڌ ڄاڻ ملي ٿي. هي سفرنامو پڙهڻ جي دلچسپي اوڏي مهل ئي وڌي وڃي ٿي، جڏهن ميڊم صفيه اسپين بابت ننڍي هوندي ڏٺل خواب ٻڌائي ٿي ۽ ڪاليج ۾ نوڪريءَ دوران هڪ شاگردياڻي سندس هٿ ڏسي ٻڌائي ٿي ته سندس زندگيءَ ۾ سفر جي لڪير تمام ڊگهي آهي. منهنجي خيال ۾ اهو ڪو رڳو اتفاق ناهي، قدرت پنهنجو ڪم ڪندي رهي ٿي. پهرين ته سفر جو شوق هئڻ، ٻيو وري مٿان زندگيءَ جو ساٿي اهڙو ملڻ جيڪو پڻ سفر جو شوقين هجي ۽ خدا جو شڪر به ته سفر ڪرڻ جو موقعو ۽ وسيلا پڻ موجود هجن. آءٌ پڪ سان چئي سگهان ٿو ته سائين رفيع الدين ۽ صفيه جو جوڙو هڪ آئيڊيل جوڙو آهي، جيڪي پنهنجن سفر جي خوابن کي عملي طور پورو ڪري رهيا آهن، ۽ پنهنجي وسيلن جو مناسب ۽ صحيح استعمال پنهنجي پاڻ مٿان ڪري رهيا آهن. سياڻن سچ چيو آهي ته خوش نصيب آهي اهو شخص جنهن جو هم سفر ان جو هم خيال هجي.

هي سفرنامو پڙهڻ سان ماڻهو هڪ ته سندن ڪيل سفر جي تجربن مان لطف اندوز ٿئي ٿو ۽ ٻيو وري دلچسپ عربن جي دور ۽ اسلام سان گڏوگڏ عيسائيت ۽ يهودين بابت تاريخي قصن جي ڄاڻ به تمام گهڻي ملي ٿي. نه رڳو اهو، پر فلاسافيڪل ڳالهيون، قول، محاورا، تاريخي واقعا، جنگيون ۽ ڪافي ٻيون نيون ڳالهيون جيڪي پهريان ٻڌل نه هجن، اهي هن ڪتاب جي اهميت ۽ خوبصورتيءَ کي وڌائڻ سان گڏوگڏ ڄاڻ ۾ تمام گهڻو واڌارو ڪن ٿيون. سفر کان پهريان ان علائقي بابت ڀرپور تياري ۽ ڄاڻ، وقت کان پهريان بس، ريلوي اسٽيشن يا هوائي اڏي تي پهچڻ يا پاڻ سان گڏ کاڌي پيتي جون شيون رکڻ ۽ آس پاس جي ماحول ۽ ماڻهن جو انتهائي گهرائيءَ سان جائزو وٺڻ هڪ مڃيل ۽ تجربي گار سياح جي نشاني آهي، جيڪا هن سفرنامي ۾ واضح طور محسوس ٿئي ٿي. ان حڪمت عمليءَ تي، خاص ڪري ٻئي ملڪ ۾ عمل ڪرڻ سان هڪ ته اسٽريس نه ٿيندو ۽ ٻيو ته جيڪڏهن ڪو مسئلو آهي ته ان کي ماڻهو وقت سر حل ڪري سگهي ٿو. جديد تيز رفتار ريل گاڏين، بسن، پاڻيءَ جي وڏن جهازن ۾ موجود سهولتن ۽ انهن ۾ سفر ڪرڻ جا تجربا، بسن ۽ ٽيڪسين ۾ سفر ڪرڻ، هوٽلن ۾ رهڻ ۽ ريسٽورنٽس يا ڪافي شاپس تي کائڻ پيئڻ جا تجربا، سڀ هن سفرنامي جي سونهن ۾ واڌارو ڪن ٿا.

وقت بچائڻ ۽ سستيون ٽڪيٽون پاڪستان مان ئي وٺڻ جي صلاح پڻ يورپ ويندڙن لاءِ تمام ڪارگر ثابت ٿيندي. هن سفرنامي ۾ ندين، جهنگلن، ميدانن ۽ شهرن کي تمام سهڻي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. سچ ۾ دل چوي ٿي ته ماڻهو پاڻ به شايد انهن وادين ۾ گهمندو هجي. مون کي اهو سچ پچ محسوس ٿئي ٿو ته سنڌي جوڙو هجي، اسپين ۽ پورچوگال جي وچ ۾ رات جي وقت ريل جو سفر هجي ۽ زال پنهنجي مڙس کي ننڊ ڪرائڻ لاءِ ڪا آکاڻي ٻڌائي ته منهنجي خيال ۾ اها رومانس، زال ۽ مڙس جي پاڻ ۾ تمام گهڻي هم آهنگي، احترام، هڪ ٻئي جو خيال رکڻ ۽ دوستي جي ايڊوانس ليول آهي، جيڪا هن جوڙي کي مالڪ سائين نصيب ڪئي آهي.

هن سفرنامي ۾ تاريخي توڙي جديد جاين، برجن، عمارتن، محلن، ريسٽورنٽس، ڪيفيٽيرياز، ڪافي شاپس، خوبصورت پارڪن، عجائب گهرن، آثارِ قديمه ۽ چونڪن ۽ ان سان گڏوگڏ شهرن ۾ ٺهيل مجسمن، مشهور شاهراهن، يادگارن، گرجاگهرن، پلين، مشهور قلعن، مسجدن، خانقاهن، گيٽن، وادين، درياهن ۽ لينڊ اسڪيپ بابت پڻ ڄاڻ ملي ٿي. تهوارن، ثقافتن، ريتن رسمن، روايتي ناچ گانن ۽ ميلن بابت پڻ تفصيل سان لکيل آهي، جنهن سان سفر جو مزو به اچي ٿو ۽ گڏوگڏ ٻي ڄاڻ مان به ماڻهو لطف اندوز ٿئي ٿو.

هن سفرنامي ۾ روزمره جي بنياد تي پيش ايندڙ واقعن جيئن ميڊرڊ ۾ مئڪڊونلڊ جي هڪ ملازم جي پرس بابت تنبيهه ڪرڻ ۽ ڪيبل ڪار ۾ انگريز جوڙي جو ويهڻ کان انڪار يا وري سهڻين ڇوڪرين جو آڌرڀاءُ ڪري کين گلاب جا گل پيش ڪرڻ يا هڪ آفريڪن نينگريءَ جو ريل گاڏيءَ ۾ هنن کي پاڻ طرف متوجهه ڪرائڻ لاءِ بالي ووڊ جو ڪو گانو ڳائڻ يا وري ريل گاڏيءَ ۾ ٽي ٽي جو قرطبه کي ڪارڊوبه چوڻ يا هڪ ريسٽورينٽ ۾ ديسين جو جهيڙو ۽ ٿانوَن جو هڪ ٻئي مٿان آزادانه استعمال، هڪ جوڙي جو پاڻ ۾ اخبار ۽ علم جي باري ۾ بحث ڪرڻ کي انتهائي سچائيءَ سان قلم بند ڪيو ويو آهي. ان آفريڪن نينگريءَ جو هندستاني گانو ڳائڻ واري ڳالهه تان مون کي پڻ هڪ قصو ياد آيو ته هتي اسٽاڪهولم ۾ اسان جي يونيورسٽيءَ ۾ هڪ ايٿوپيا جو شاگرد منهنجو ڪلاسي هو، پوءِ جتي به ملندو هو ته مشڪريءَ ۾ هڪ بالي ووڊ جي فلم جو ڊائلگ ”ڪچهه ڪچهه هوتا هي“ هڻندو هو، جنهن تي اسان کان کل نڪري ويندي هئي. آءٌ اسپين ٻه دفعا ويو آهيان پر اڃا تائين ميڊرڊ، مونٽسيريٽ، سويليا، قرطبه، غرناطه ۽ توليدو وڃڻ نه ٿيو آهي ۽ بارسيلونا پنهنجن ڀاڻيجن مُعز ۽ سالار سان گڏ ويل به آهيان ته به اتي ڪجهه سياحتي ماڳ گهمڻ کان رهجي ويا آهن. بهرحال هي سفر نامو پڙهڻ کان پوءِ سچ پچ هاڻي دل چوي ٿي ته جتي جتي نه وڃي سگهيو آهيان اتي مستقبل ۾ ضرور وڃبو انشاءَالله. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته سائين رفيع الدين جوڻيجو صاحب خوشنصيب آهي جو سندس شريڪ حيات تاريخ ۾ گهڻي دلچسپي ۽ ان جي ڄاڻ رکي ٿي، ان جي ڪري سفر جو مزو يقينن ٻيڻو ٿي پوندو هوندو.

ميڊم صفيه ۽ سائين رفيع الدين جو اهو حقيقت تي ٻڌل تجزيو آهي ته ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستاني، هندستاني ۽ ڪنهن حد تائين بنگلاديشي هڪ ٻئي سان ڪافي ويجهو هوندا آهن. ڪتاب ۾ قدرت جي خلقيل حسن، مسئلن سورج مکيءَ جي گلن سان ڍڪيل ميدانن، کجي، زيتونن ۽ نارنگين جي باغن کي تمام بهترين ۽ سهڻي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. جنهن حساسيت سان قرطبه جي تاريخ کي پيش ڪيو ويو آهي، سچ پچ ته هاڻي اوڏانهن وڃڻ لازمي ٿي پيو آهي ته جيئن ماڻهو پاڻ به ان کي محسوس ڪري سگهي.

غرناطه ۾ مانيءَ جي چڪر ۾ ذري گهٽ الحمرا گهمڻ کان ٿي رهجي ويو پر ڀلائي ٿي وئي، منهنجي پنهنجي تجربي ۽ خيال ۾ اهڙِي قسم جي صورتحال ۾ فاسٽ فوڊ وٺي هلندي هلندي کائي وقت سان اتي پهچڻ جي ڪجي ها ته هروڀرو جو اسٽريس نه ٿئي ها. پر اهو به شايد سفر جو حُسن آهي ته ڪٿي ڪٿي اهڙين جڳ مشهور جاين تي به ڀڄي ڀڄي پڄجي، پر ان ۾ به شايد الله سائينءَ جي ڪا ڀلائي هوندي. بهرحال الحمرا کي جنهن انداز سان قلم بند ڪيو ويو آهي، اهو به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. الحمرا ۾ ڀنؤرن جو هئڻ ۽ ان کي وري پاڻي هڻڻ، بيرن جي وڻن کي ڀتر هڻڻ، نانگن جي باري ۾ وير وٺڻ جا قصا، ماکيءَ جي مکين ۽ مراڪش جي ڦودني واري قهوي، پرديس ۾ رات جو آسمان تي تارن کي ڏسڻ تان مون کي به ڪافي ڳالهيون ۽ يادون ذهن تي تري آيون. منهنجي خيال ۾ غرناطه جهڙي شهر ۾ اڃا ڪجهه ڏينهن وڌيڪ ترسڻ گهرجي ها.

سياحت جي ماهرن جي اها صلاح آهي ته جنهن علائقي ۾ وڃجي اتي ڪوشش ڪري گهڻي کان گهڻيون جايون يا علائقا ڏسڻ گهرجن. مون هن سفرنامي ۾ اهو محسوس ڪيو ته سائين رفيع الدين ۽ سندس شريڪِ حيات صفيه انصاري ان تي عمل ڪندي ايندورا پڻ ويا ۽ ان کان پوءِ ٻين ملڪن ڏانهن به روانگي هئن. ڇاڪاڻ ته هڪ دفعو ان علائقي ۾ گهمي وڃڻ کان پوءِ وري هڪ اڌ رهيل شين کي ڏسڻ لاءِ وري موٽي اچڻ ٿورو ڏکيو هوندو آهي. مون کي ان ڳالهه جو احساس تڏهن ٿيو هو جڏهن آءٌ سڊني جي هوائي اڏي تان هوائي جهاز ۾ واپسيءَ لاءِ چڙهيس ۽ اهو خيال ٿي پيو ته آسٽريليا جا ڪجهه علائقا پنهنجي سوٽ الطاف سان گهمان ۽ اسان نيوزيلينڊ پڻ وڃڻ جو سوچيو پر نه وڃي سگهياسين پر جيڪڏهن ٿوري همٿ ڪجي ها ته اتان جي به سياحت اڄ ٿيل هجي ها ۽ ان رهجي ويل ملڪ لاءِ وري خبر ناهي ته مالڪ سائين ڪڏهن گهمڻ جو موقعو ڏيندو.

بهرحال ايندورا جا قصا ٻڌي اهو احساس پڻ ٿئي ٿو ته اسان کي به اتي هڪ ٻه راتيون رهي تفصيل سان گهمڻ گهرجي ها. خاص ڪري اتي ڪاروباري سنڌي رهائشين جو ٻڌي دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي ته ڪاش اسان به انهن سان ملون ها. منهنجي هڪ دوست ارشد ميمڻ سان به هڪ اهڙي قسم جو واقعو پيش آيو هو، جڏهن هو اسپين جي ڪنهن ٻيٽ جي شهر ۾ گهميو پئي ته اتي هن ڪجهه ماڻهن کي سنڌي ڳالهائيندي ٻڌو ۽ پوءِ اتي انهن سان ڪچهري ڪيائين، جنهن مان هڪ ٻڌايس ته اسان جو هتي ريسٽورنٽ آهي، پوءِ هو اتي جيترا ڏينهن به رهيو، ماني اتي کائيندو هو ۽ ريسٽورنٽ جا سنڌي مالڪ کيس آرڊر ڪيل کاڌي کان سواءِ پنهنجي طرفان به ڪا نه ڪا شي ڏيندا هيس يا پيرينيس پهاڙن جي خوبصورت سلسلي ۾ گهيريل ملڪ ايندورا ۾ جهنگ پنجاب جي بورچي جي سائين رفيع الدين ۽ ميڊم صفيه جي دل و جان سان سندن مهمان نوازي ڪرڻ يا اتي هڪ سٺ سالن جي سکر شڪارپوري سنڌي عورت سان ملڻ جهڙا حسين تجربا سفر کي وڌيڪ يادگار بڻائين ٿا، جن سان هڪ سياح جون اهڙي قسم جون يادون سڄي عمر ساٿ ڏين ٿيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن انسان جي منهن تي مشڪ به اچيو وڃي ۽ ها اهڙي قسم جي واقعن مان پاڻ گذرڻ يا محسوس ڪرڻ لاءِ پهريان ته گهر ڇڏي گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪرڻو پوندو ته پوءِ ئي ماڻهو ڪٿي نه ڪٿي اهڙي قسم جي تجربن مان پاڻ گذرندو.

هي سفرنامو پڙهڻ مهل شاهه سائين، علامه اقبال ۽ ڪجهه ٻين شاعرن جي ڪجهه بيتن کي پڻ سمجهڻ جو موقعو ملي ٿو. منهنجي نظر ۾ هي ڪتاب سفرنامي سان گڏوگڏ تاريخ، ٻولي، شاعري، لطيفن، نصيحتن، آتم ڪٿا، مختلف وقتن تي ڪيل پاڪستان يا پاڪستان کان ٻاهر ڪيل سفرن جون يادگيريون، سياحتي گائيڊ يا سونهون ۽ هڪ سنڌي جوڙي جي رومانس تي ٻڌل هڪ بهترين ۽ گهڻ رخو مجموعو آهي، جيڪو سنڌي ٻولي ۾ هڪ منفرد حيثيت رکي ٿو، جنهن مان ماڻهو انسپائريشن ۽ موٽيويشن حاصل ڪري سگهي ٿو ته ڪيئن نه هڪ زال ۽ مڙس جو جوڙو هڪ ٻئي جو دوست ٿي ملڪن جا ملڪ لتاڙي گهمي ٿو ۽ ڪيئن نه هڪ ٻئي جو خيال پڻ رکي ٿو.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۳ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment