Friday, August 12, 2022

آذربائيجان جو سفرنامو - مرتضيٰ سيال

آذربائيجان جو سفرنامو

مرتضيٰ سيال



باڪو، جتي زندگي پنهنجي سمورن رنگن سان روان دوان آهي...

۶ اپريل تي جڏهن پياري دوست جامي چانڊيي فون ڪري چيو ته “تون سدائين چوندو آهين ته گڏ ڪو ٽوئر ڪيون سو پروگرام ٺاهيو آهي ته پاڻ چار ڄڻا ڊاڪٽر علم الدين انصاري، فياض لطيف، تون ۽ آئون باڪو آذربائيجان هلون، هڪ دوست ڏاڍو سٺو ٽوئر پئڪيج موڪليو آهي، بس تاريخ طئي ڪري ٻڌايان ٿو پوءِ تياري ڪيو” مون فورن حامي ڀري ۽ باڪو جي باري ۾ سوچڻ لڳس.


باڪو جي تعريف ته ڪافي ڀيرا ٻڌي هئي ۽ خواهش به هئي ته باڪو جو ٽوئر ڪجي پر ھم خيال دوست گڏ هجن ته گڏجي گهمجي، باقي اڪيلو وڃڻ لاءِ ته ڪڏهن به نه سوچيو هو.

ٻئي ڏينهن پاسپورٽ جي اسڪين ڪاپي جامي کي موڪلي ڏنم ٻن ڏينهن ۾ ويزا به اچي وئي ۽ ۱۱ اپريل تي نڪرڻ جو پروگرام به ٺهي ويو، هوڏانهن مون ۽ فياض لطيف اين او سي ۽ ايڪس پاڪستان موڪل لاءِ پڻ اپلاءِ ڪري ڇڏيو. ٻئي ڏينهن اهو ڪم به ٿي ويو پر ڊاڪٽر علم الدين انصاري جي اين او سي ملڻ ۾ مسئلو ٿي رهيو هيو ۹ اپريل تائين ڊاڪٽر انصاري جي اين او سي نه آئي ته ۱۱ اپريل بجائي ۱۴ اپريل تي نڪرڻ جو پروگرام طئي ڪري ٽڪيٽون ڪنفرم ڪرايوسين. انهي دوران اسحاق سميجي جو به هن ٽوئر ۾ شامل ٿيڻ جو پروگرام ٺهي ويو. اسحاق هڪ ڀيرو اڳ به باڪو جو ٽوئر ڪري چڪو آهي پر دوستن جي هن گروپ جي ڪري کيس اتساھ ٿيو ته ٻيهر باڪو لاءِ تيار ٿيو.

۱۵ اپريل تي رات جو ۳ وڳي فلائيٽ جو ٽائيم هئو. ۱۴ اپريل تي رات جو ڏهين وڳي اسحاق ۽ آئون اڳئي تيار ويٺا هئاسين ۽ پروگرام مطابق جيئن حيدرآباد واري سنگت ڄامشوري پهتي ته ڪراچي ايئرپورٽ لاءِ نڪري پياسين.

گاڏي ۾ ويهڻ سان ئي چرچن ۽ ٽھڪن جو چهچٽو شروع ٿي ويو، رستي ۾ چانهه پيئندي اسحاق ٻاچڪن وارو اهڙو لطيفو ٻڌايو جنهن کي باڪوءَ تائين ياد ڪري کلندا رهياسين.

ڪراچي ايئرپورٽ تي بورڊنگ پاس وٺڻ ۽ ٻي ضروري ڪارروائي کانپوءِ پوءِ لائونج ۾ پهچي فريش ٿياسين ته بورڊنگ پراسس شروع ٿي ويو. جهاز ٻن ڪلاڪن ۾ دبئي ايئرپورٽ تي پهچايو. دبئي ايئرپورٽ تي اسان کي ڇھه ڪلاڪ گذارڻا هئا. هونئن ته اُهي ڇھه ڪلاڪ سخت بوريت وارا هجن ها پر دوستن جي گڏ هجڻ سان بوريت جو احساس به نه ٿيو، البته ننڊ نه ڪرڻ جي ڪري ٿڪاوٽ جو شديد احساس ٿي رهيو هو. ڪجهه وقت ته ايئرپورٽ تي موجود ننڍڙي شهر ٽرمينل ۾ چڪر ڏيندا رهياسين پر پوءِ هڪ ريسٽورنٽ تي ويهي چانهه ۽ فرائيز آرڊر ڪيوسين، سوچيوسين ته چانهه سان ٿڪاوٽ جو احساس گهٽبو پر واهيات ۽ بي سواد بليڪ ٽي سخت مايوس ڪيو، مٿان جڏهن وري اهڙي چانهه ۽ فرائيز جا ۲۰ ڊالر بل ڀري ويتر موڊ خراب ٿي ويو.

دبئي ايئرپورٽ تي نوجوان جمشيد ڏهر جوائن ڪيو، جمشيد ۽ جنيد لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ ٻه ڀائر آهن جيڪي ٽوئر آرگنائيز ڪرڻ جو ڪم ڪندا آهن ۽ هنن ئي اسان جو هي ٽوئر آرگنائيز ڪيو هو.

۱۱ وڳي جهاز دبئي مان اڏاميو جنهن اڍائي ڪلاڪن کان پوءِ اسان کي باڪو جي حيدر علوي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهچايو.

ايئرپورٽ تي ضروري روٽين ڪارروائي کان واندا ٿي ٻاهر نڪتاسين هڪدم ٿڌ جو احساس ٿيو.

جامي ورائي ورائي اها تاڪيد ڪئي هئي ته باڪو ۾ ٿڌ کان بچڻ جو انتظام ڪري نڪرجو، واقعي هتي ڏاڍي ٿڌ هئي، ڏينهن جا اڍائي ٿيا هئا پر ڪوٽ پائڻ کان پوءِ به ٿڌ لڳي رهي هئي. ايئرپورٽ تي ٽوئر آرگنائيزر پاران بوڪ ڪيل مرسڊيز سيون سيٽر ٽئڪسي اڳئي موجود هئي، اسان پنهنجا بيگ گاڏي ۾ رکي هوٽل ڏانهن روانا ٿياسين. گاڏي مان باڪو جو نظارو ڪندي ٿوري دير ۾ هوٽل ڪانٽينينٽل پهتاسين، جتي اسان جا ۳ ڪمرا اڳواٽ بوڪ ٿيل هئا. مون ۽ فياض لطيف هڪ ڪمري تي ديرو ڄمايو، ٻئي ڪمري ۾ ڊاڪٽر علم انصاري ۽ اسحاق سميجي پنهنجو جوڙ ٺاهيو ۽ ٽئين ڪمري ۾ جامي ۽ جمشيد پنهنجو لڏو لاٿو. ٿڪ هئڻ ڪري ڪجهه دير آرام ڪرڻ جو پروگرام ٺاهي پنهنجي پنهنجي ڪمري ۾ پهچي ليٽي پياسين ته فورن اک لڳي وئي. جاڳ ان وقت ٿي جڏهن جمشيد اچي ناڪ ڪيو. تيار ٿي ساڍي ڇهين وڳي ساڳي ٽئڪسي ۾ سينٽر سٽي يعني نظامي اسٽريٽ ڏانهن رخ رکيوسين.

۲۰۱۴ع ۾ جڏهن آئون ٻن هفتن لاءِ ٿائيلينڊ ويو هوس ته مونکي اتان جي شهرن توڙي ٻهراڙيءَ ۾ زمين جو هڪ ٽڪرو به اهڙو نظر نه آيو هئو جنهن لاءِ محسوس ڪري سگهجي ته اهو انتظامي بي ڌياني جو شڪار هُجي. باڪو ۾ به ساڳي صورتحال نظر آئي، هر طرف صفائي سٿرائي، خوبصورت ماحول، چپي چپي تي حسين باغيچا، پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائيندڙ ڦوهارا، خوبصورت لائيٽنگ سان جرڪندڙ بلڊنگون آذربائيجاني معاشري جي مھذب هئڻ جي شاهدي  ڏئي رهيون هيون. ڪجهه ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ منظر، ماحول توڙي زندگيءَ جي رنگن جي تبديلي ڏسي ائين لڳو ڄڻ اسين ڪنهن ديومالائي قصن جهڙي ڪنهن دنيا ۾ پهچي ويا آهيون.

آذر جو مطلب باهه آهي. ان ڪري آذربائيجان کي لينڊ آف فائر يعني باهه جي سرزمين به چيو ويندو آهي. هي ملڪ لڳ ڀڳ ۷۰ سالن تائين سوويت يونين جو حصو رهيو آهي ۽ هن جو نالو هڪ قديم ترڪش قبيلي جي نالي تي رکيو ويو آهي، هزارين سال اڳ هتان جا ماڻهو باهه جي پوڄا ڪندا هئا. اسلامي دنيا ۾ آذربائيجان پهريون جمهوري ملڪ بڻيو هو، هتان جي ۹۵ سيڪڙو آبادي مسلم آهي جن مان ۲۵ سيڪڙو آبادي شيعا مسلڪ تان تعلق رکي ٿي جڏهن ته ۱۵ سيڪڙو سني آهن. هي اسلامي ملڪ آهي پر هتي مذهبي متڀيد يا فرقيواريت جو ذرو برابر احساس به ناهي. سمورو ملڪ ۽ معاشرو سيڪيولرازم جو حامي، هر قسم جي شخصي آزادي ۾ يقين رکندڙ ۽ هرطرح جي تعصب کان پاڪ محسوس ٿيو.

اسان جي هن ٽوئر گروپ ۾ سڀئي سٺا دوست آهيون، جامي چانڊيو، فياض لطيف ۽ اسحاق سميجو سنڌي ٻوليءَ جا ناليوارا ليکڪ آهن ۽ منهنجو به لکڻ پڙهڻ سان تعلق آهي جڏهن ته ڊاڪٽر علم الدين انصاري به آڪاش انصاري ۽ جامي جي گهڻو ويجهو رهڻ ڪري باذوق ادب دوست آهي وڏي ڳالهه ته سڀئي دوست هم خيال آهيون ان ڪري به هن گڏيل ٽوئر جو ڀرپور ۽ يادگار هئڻ يقيني آهي.

جيئن جيئن شام لڙي رهي هئي ۽ رات پنهنجا پر پکيڙڻ شروع ڪيا ته روڊن رستن ۽ بلڊنگن کي خوبصورت لائيٽس پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو هو جنهن ڪري ماحول وڌيڪ خوبصورت ۽ رنگين ٿي ويو.

اسان جي قافلي ٽئڪسي مان لهي سڀ کان پهريان نظامي گنجوي جي ديو قامت مجسمي کي سلام ڪري، ساڻس تصويرون ڪڍرائڻ کان پوءِ نظامي اسٽريٽ جو رخ ڪيو.

نظامي گنجوي ٻارهين صدي جو فارسي زبان جو جڳ مشهور شاعر ٿي گذريو آهي، جيڪو آذربائيجان جي هڪ ڳوٺ گنجا ۾ پئدا ٿيو. سندس پورو نالو جمال الدين ابو محمد الياس ابن يوسف هئو. نظامي کي فارسي جو سڀ کان وڏو رومانوي شاعر سمجهيو وڃي ٿو، اسان وٽ سنڌ جي قومي شاعر طور شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو جيترو احترام آهي آذربائيجان ۾ اوترو احترام نظامي گنجوي جو آهي.

هونئن به هي ملڪ پنهنجن اديبن، شاعرن، فنڪارن، عالمن توڙي فن، تاريخ ۽ ثقافت سان لڳاءُ ۽ عشق ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هتان جي ماڻهن جو پنهنجن اديبن سان پيار ڏسي دل ۾ خيال آيو ته هتان جا اديب ۽ شاعر ڪيترا نه خوشنصيب آهن جو هنن کي رڳو هتان جي عوام جو پيار ئي نه ٿو ملي پر رياست پاران به تمام گهڻو مان ملي ٿو. بيشڪ اهڙي معاشري کي ئي مھذب انساني معاشرو چئي سگهجي ٿو.

باڪو شهر جي دل يعني نظامي اسٽريٽ جي پسار ڪندي حسين شام ۽ ان جي خوبصورت رنگن کي ڏسندي سنگت کي جڏهن بک جو احساس ٿيو ته اسحاق اسان کي ويجهو ئي هڪ انڊين هوٽل نمستي تي وٺي هليو، هن هوٽل جي هڪ پاڪستاني پارٽنر سليم خان سان اسحاق جي پوئين ٽوئر ۾ ملاقات ۽ دوستي ٿي هئي، جيتوڻيڪ هاڻي هو پاڪستان ۾ آهي پر سليم جي پراڻي ساٿي هوٽل جي موجوده مالڪ جلال اسان کي تمام گهڻي عزت ڏني ۽ اسان جي لاءِ زبردست ڊنر تيار ڪرايائين. اسين ڪافي دير هوٽل تي ڪچهري ڪندا رهياسين ۽ گهر جهڙي ماني جو مزو وٺي جلال کان موڪلائي هوٽل پهتاسين. هوٽل تي پهچڻ کان اڳ ئي سنگت کي گاڏي ۾ ننڊ کنيو پئي وئي، هوٽل تي پهچي ڪجهه دوستن پنهنجن ڪمرن رخ ڪيو پر مون، جامي، فياض ۽ ڊاڪٽر علم ڪجهه دير محفل ڄمائي پر ٿڪاوٽ گهڻي هئڻ ڪري جلد سمهي پياسين.

**********

باڪو ۾ ٻئي ڏينهن صبح جو جيئن ئي جاڳ ٿي ته تيار ٿي ناشتي لاءِ هوٽل جي ڊائننگ ھال ۾ گڏ ٿياسين، اسحاق سميجو اسان کان اڳ ئي ناشتي جي ٽيبل تي براجمان هيو، ان ٻڌايو ته هن هتان جي روايتي ناشتي بجائي آمليٽ تيار ڪرايو ۽ کير جو گلاس وٺڻ ۾ به ڪامياب ٿي ويو پر ان لاءِ کيس هوٽل وارن کي سمجهائڻ لاءِ وڏي جفاڪشي ڪرڻي پئي. اسحاق جي تجربي ۽ اڳواٽ ڪيل محنت مان اسان کي اهو فائدو ٿيو جو هوٽل وارن کي رڳو اشارو ڪرڻ جي دير هئي، کير ته نه مليو پر آمليٽ ملڻ ۾ دير نه لڳي. هتي انگريزي ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ واري مخلوق گهٽ هئي پر هنن کي انگريزي نه اچڻ تي ڪو ڪامپليڪس يا پرواهه به نه هئي، ڏاڍي آرام سان چئي پيا ڇڏين ‘نو انگلش'’

ناشتو ختم ئي نه ڪيو هئوسين ته ٽئڪسي ڊرائيور آرزو ڊائننگ ھال ۾ اچي پنهنجو ديدار ڪرايو ۽ اهو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪيائين ته آئون ڪافي دير کان اوهان جي انتظار ۾ ويٺو آهيان. ڊرائيور کي اسان جيڪو ٽائيم ڏيون پيا ان کان اڳ پهچي پئي ويو ۽ اسان پاران ليٽ ٿيڻ تي شڪل خراب ڪري پنهنجي گهڙي ڏانهن اشارو پئي ڪيائين. آرزو جي شڪل ته امريش پوري سان ڪا گهڻي نه پئي ملي پر سندس انداز کي ڏسندي سنگت ان جو نالو امريش پوري رکي ڇڏيو.

اڄ اولڊ ڏسڻ ۽ شام نظامي اسٽريٽ ۾ گذارڻ جو پلان هيو، آرزو اسان کي شهر جا مختلف روڊن تان گهمائيندو اچي اولڊ باڪو لاٿو.

اولڊ باڪو يعني پراڻو شهر باڪو جو قديم ۽ تاريخي مرڪز آهي، جيڪو قلعي جي اندر آهي. ۲۰۰۷ ۾ هن پراڻي شهر جي آبادي لڳ ڀڳ ۳ هزار هئي.

ڊسمبر ۲۰۰۰ ۾ يونيسڪو پاران اولڊ باڪو جي شيروان شاهه محل ۽ ميڊن ٽاور کي عالمي تاريخي ۽ ثقافتي ورثو قرار ڏنو ويو هو.

اسان جو قافلو گاڏي مان لهي جيئن ئي پراڻي شهر ۾ داخل ٿيو، ان ئي وقت هڪ ڪوسٽر مان اسڪول جا ٻارڙا پنهنجن ٽن ليڊي ٽيچرس ۽ هڪ ليڊي فوٽوگرافر سان گڏ لهندي نظر آيا، اسڪولي ڊريس ۾ خوبصورت ٻارڙا ۽ سندن تمام گهڻو خيال رکندڙ ٽيچرس جو انداز ڏسڻ وٽان هيو. اسان مان هڪ دوست انهن ٻارڙن سان گڏ تصويرون ڪڍرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٽيچر معذرت ڪري تصوير ڪڍرائڻ کان ڏاڍي مھذب انداز ۾ منع ڪيو. شهر جي وزٽ کان اڳ ٽيچر ٻارڙن کي لائين ۾ بيهاري بريفنگ ڏئي رهي هئي، ٻارڙن سان ٽيچرس جي رويي ۽ خيال رکڻ واري متاثر ڪندڙ انداز کي ڏسي اسحاق چيو “هي ٽيچر ته ٻارن جو ايترو خيال رکن پيون جيترو شايد انهن جون مائرون به نه رکنديون هجن”.

پراڻي شهر جي مهڙ وٽ ميڊن ٽاور جي هيٺان شهر جو ميٽل سان ٺهيل لي آئوٽ ڏاڍي خوبصورت انداز ۾ رکيو ويو هئو.

تاريخي جايون، پٿر جي بلاڪن سان ٺهيل رستا، گهٽيون ۽ شهر جو مجموعي اسٽرڪچر پنهنجي عظمت جو داستان بيان ڪندي نظر اچي رهيو هو، ائين پئي لڳو ڄڻ اسين ڪنهن ديومالائي شهر ۾ اچي ويا آهيون. پراڻي شهر ۾ جديد شهر واريون سڀئي سهولتون موجود هيون، هنن پنهنجي تاريخي ماڳن ۽ ورثي کي جنهن نموني محفوظ ڪيو آهي ۽ جنهن انداز ۾ ان جي سار سنڀال جو انتظام ڪيو آهي ان تي اسان سڀئي سندن عظمت کي سلام پيش ڪندا رهياسين.

هڪ عاليشان ريسٽورنٽ جي خوبصورت گيٽ ٻاهران سگري تي هڪ شاهي ڪٽلي رکيل نظر آئي جنهن مان دونهون نڪري رهيو هو، اسحاق هڪدم اتي رکيل ڪرسي کي ڪٽلي جي ويجهو رکي ان تي ويهندي فرمائش ڪئي ته سندن فوٽو ڪڍان. مون ريسٽورنٽ جو شاهي دروازو کولي اندر جي ماحول تي نظر وڌي، ڪمال جو خوبصورت سيٽ اپ نظر آيو، سڀني دوستن کي اهو ماحول ڏسڻ لاءِ سڏ ڪيم ته جامي ان خوبصورت ماحول ۾ چانهه پيئڻ جو اعلان ڪيو جنهن تي سموري سنگت لبيڪ چئي اڳتي وڌي، هوٽل وارن ڏاڍي زبردست انداز ۾ اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو. هوٽل جي اٽينڊنٽ جي ڊريسنگ ايتري زبردست ۽ فارمل هئي جيتري اسان وٽ ڪنهن وڏي بيوروڪريٽ يا ڪنهن منسٽر جي ٿي سگهي ٿي، ٿوري دير ۾ اسان جي سامهون وڏي اھتمام سان هتان جي مشهور سوغات پڪلائو ۽ ترڪش بليڪ ٽي پيش ڪئي وئي، اسان ڪافي دير تائين چانهه سان گڏ اتان جي ماحول ۽ هوٽل وارن جي خوبصورت انداز کي انجواءِ ڪندا ۽ تصويرون ڪڍرائيندا رهياسين. پوءِ وري پراڻي شهر جي سحر انگيز خوبصورتين کي پسڻ لاءِ نڪري پياسين.

پراڻي شهر جو نقشو الاهي پراڻو ۽ اوائلي هئڻ جي باوجود اهڙو خوبصورت ۽ ڪلاسيڪل هيو جو سنگت چواڻي سپنن جو شهر پئي لڳو. اسان جو قافلو مختلف جاين تي خوبصورتيءَ سان سجايل اينٽيڪ، ثقافتي شين ۽ سوينيئرس جي ننڍڙن ننڍڙن دوڪانن تي شين کي ڏسندي ۽ تصويرون ڪڍرائيندي اڳتي وڌي رهيو هئو. هلندي هلندي غار نما هڪ دوڪان ۾ داخل ٿياسين، اهو هڪ وائين شاپ هيو سنگت خاص ڪري ڊاڪٽر علم ڏاڍو متاثر ٿيو، بوتلن کي اهڙي انداز سان سجائي رکيو ويو هيو جو نه پيئڻ وارو به متاثر ٿيڻ کان رهي نه سگهي. هتان جي ماڻهن کي شين کي سجائڻ، سنوارڻ ۽ پيش ڪرڻ جي وڏي مهارت حاصل آهي.

اولڊ باڪو جي سحر انگيز نظارن مان نڪري پنڌ ئي پنڌ سمنڊ تي پهتاسين ته شام ٿي چُڪي هئي. رستي ۾ عاليشان پارڪ ۽  خوبصورت ڦوهارا به پاڻ ڏانهن ڇڪي ڪجهه گهڙيون اتي ويهڻ لاءِ مجبور ڪري رهيا هئا. هتي ٿوري ٿوري پنڌ تي زبردست مجسما، خوبصورت پارڪ، سهڻن ۽ رنگ برنگي گلن جا باغيچا، ڦوهارا ۽ ويهڻ لاءِ بينچون اهڙي ته سهڻي انداز ۾ رکيل هيون جو ماڻهو نه چاهيندي به ڪجهه گهڙيون ان ماحول ۾ گذارڻ تي مجبور ٿيو وڃي. شهر جي هر چوراهي، چوڪ توڙي ڪارنر کي اهڙي ته آرٽسٽڪ انداز ۾ سجايو ويو هئو جو اتان لنگهندي ماڻهوءَ جو روح خوش ٿي ٿي ويو. ٽرئفڪ جي رش وارن چوراهن توڙي روڊن جي هيٺان ماڻهن جي اچ وڃ لاءِ انڊر پاس ٺهيل هئا ۽ انهن ڏاڪڻين سان گڏوگڏ برقي ڏاڪڻيون به لڳل هيون. واقعي هتان جا ماڻهو زندگيءَ جي هر رنگ کي ڀرپور انداز ۾ ماڻڻ جو هنر ڄاڻن ٿا.

سمنڊ ڪناري واڪ ڪندي ۽ ڪنن ۾ سرد هوا جا سرٻاٽ ٻُڌندي ڪافي وقت گذاريوسين. سمنڊ سان گڏ واڪ ڪرڻ لاءِ تمام وڏو پاٿ، ان سان گڏ وڏو باغيچو ۽ ان ۾ موجود طرحين طرحين جا خوبصورت گل ائين نظر اچي رهيا هئا ڄڻ ڪنهن آرٽسٽ پينٽنگ ٺاهي زمين تي رکي هجي. ويجهو ئي مني وينس هئي جتي ٻيڙين ۾ سير ڪرايو پئي ويو، اسين ٽڪيٽون وٺي ٻيڙين ڏانهن وڌياسين، اسين ڇهه ميمبر هياسين ان ڪري ٻن ٻيڙين ۾ ويٺاسين، هڪ ٻيڙي ۾ آئون، فياض لطيف ۽ ڊاڪٽر علم انصاري ٻي ٻيڙي ۾ جامي چانڊيو، اسحاق سميجو ۽ جمشيد ڏهر ويٺا. مني وينس ۾ چوڌاري پاڻي ۽ وچ تي خوبصورت اسٽرڪچر واريون ريسٽورنٽ ٺهيل هيون جتي ويٺل خوبصورت مخلوق ماحول کي وڌيڪ حسين بڻائي رهي هئي.

سمنڊ ڪناري واڪ ڪندي هڪ خوبصورت ۽ منفرد قسم جي ننڍڙي گاڏي اسان جي پاسي کان گذري جنهن اڳيان ڊرائيور گاڏي هلائي رهيو هئو ۽ پويان هڪ شخص ويٺو هئو، گاڏي جي پويان “ڊائريڪٽر” لکيل هئو، جنهن کي ڏسي فياض لطيف چيو، سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر وٽ به اهڙي گاڏي هئڻ گهرجي، مون چيو ها بلڪل اها زبردست گاڏي آهي. اسحاق جيئن ته اهڙو ڪوبه موقعو نه ڇڏيندو آهي ان فورن پنهنجي مخصوص شرارتي انداز ۾ چيو ته، ها اسين يونيورسٽي انتظاميا کي گذارش ڪنداسين ته اهڙي نه ته هڪ چنگچي وٺي ان ۾ ڪجهه الٽريشن ڪري ڊائريڪٽر لاءِ گاڏي تيار ڪرائي ڏين. ڪافي دير ان ڳالهه تي کلندا رهياسين. يقينن اها ننڍڙي گاڏي سمنڊ ڪناري ٿيل انتظامن تي نظر رکڻ لاءِ مقرر ٿيل ڊائريڪٽر لاءِ هئي.

سج لهي چُڪو هئو ۽ سمنڊ ڪنارو لائيٽس آن ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ خوبصورت نظارو پيش ڪري رهيو هو، سامهون نظر ايندڙ باڪو جي خاص نشاني فليمنگ ٽاور جون لائيٽون پڻ آن ٿي چڪيون هيون، دوستن انهن خوبصورت نظارن کي ڪئميرا جي اک سان محفوظ ڪرڻ کان پوءِ سامهون ئي هڪ شاپنگ مال جو رخ ڪيو.

شاپنگ مال جو چڪر هڻي نظامي اسٽريٽ جو رخ ڪيوسين، پنڌ پنڌ اچي نظامي اسٽريٽ پهتاسين، جتي زندگي پنهنجي سڀني رنگن سان روان دوان هئي. اسحاق چواڻي هتان جون ھوٽلون، گهر، دوڪان، باغيچا ڪنهن آرٽ گئلري کان گهٽ نه هيا.

جامي چيو ته آذربائيجان وڏي عرصي تائين روس جو حصو رهيو شايد تنهنڪري ئي هتان جو نظام ۽ انفرا اسٽرڪچر بهترين آهي.

نظامي اسٽريٽ پهچي مني ايڪسچينج مان ڊالرس کي آذري منت ۾ تبديل ڪرائي انڊين هوٽل تي اچي ڊراٻو ڪيوسين

ڊنر ڪري گهمندا ڦرندا اچي هوٽل پهتاسين، ڪجهه دوست وري باڪو جا ڊاڪو ڏسڻ لاءِ نڪري پيا ۽ خبر ناهي ڪهڙي ٽائيم هوٽل تي پهتا.

گبالا جي پرڪشش شام ۽ ڪوهه ڪاف جي ڪهاڻي

سفر جي ٽئين ڏينهن ۱۶ اپريل تي گبالا وڃڻ جو پروگرام هئو، گبالا باڪو کان ۲۲۵ ڪلوميٽر پري آذربائيجان جي اترين علائقي ۾ آهي، هي پاڪستان جي اترين علائقن جيان پهاڙي علائقو آهي. گبالا کي قبالا به سڏيو ويندو آهي ۽ هي آذربائيجان جي ۶۶ ضلعن مان هڪ ضلعو آهي، جنهن جون سرحدون اوغز، شاڪي، اگدش، گويچي ،اسماعيلي، ڪوبا، قصر ۽ روسي جمهوريه داخستان سان ملن ٿيون.

ڪانٽينينٽل هوٽل سينٽر سٽي کان ڪجهه پرڀرو هئو تنهنڪري گذريل رات جمشيد جي ڪوششن سان نظامي اسٽريٽ وٽ هڪ سٺي هوٽل ۾ ۳ روم ملي ويا سو گبالا وڃڻ کان اڳ سامان به سهيڙي ڇڏيو هئوسين، ناشتو ڪري سامان گاڏي ۾ رکي گبالا جو رخ ڪيوسين.

جيئن ئي شهر مان ٻاهر نڪتاسين ته ويران پٽ نظر آيا، ڪٿي ڪٿي ڪو ننڍڙو ڳوٺ ۽ مختصر آبادي هئي نه ته گهڻي ڀاڱي برپٽ هئو. سئو ڪلوميٽرن کان پوءِ وڃي ساوڪ ۽ وڻ ٽڻ نظر اچڻ شروع ٿيا.

گاڏي ۾ چرچن، لطيفن ۽ ٽھڪن جو سلسلو جاري هو، موسم جهڙالي هئي ۽ ٻاهر جا منظر به خوبصورت هئا، حدِ نگاهه تائين ساوا ميدان، قدرتي گل ۽ وڻڪار. ڊرائيور ان خوبصورت ماحول کان بي نياز گوبالا ڏانهن گاڏي ڊوڙائي رهيو هئو، هن کي اها ڳڻتي هئي ته ٽائيم سان گوبالا پهچون ڇالاءِ ته اتي ۶ وڳي کان پوءِ سڀ ڪجهه بند ٿي ويندو آهي، خير ڊرائيور کي ڪجهه خوبصورت منظرن کي ڪئميرا جي اک سان محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪجهه گهڙيون بيهڻ تي مجبور ڪيوسين.

ٿورو اڳتي هلياسين ته هڪ شهر اسماعيليه آيو جتي لهي ڊرائي فروٽ ورتوسين ۽ چانهه پيئڻ لاءِ روڊ جي پاسي ۾ ٺهيل ريسٽورنٽ تي ويهي رهياسين، هتي جيڪي به ريسٽورنٽ ۽ هوٽل هيا انهن جي سيٽنگ ۽ صفائي سٿرائي اهڙي ته زبردست هئي جو اتي ويٺي سڪون محسوس ٿي رهيو هو. هوٽل تي ڪجهه دوستن چانهه پيتي ۽ ڪجهه دوستن ڪافي جو مزو ورتو، اتي هڪ وڏي عمر وارو فنڪار رباب وڄائيندي ڀليڪار وارو گيت ڳائي رهيو هئو، کيس خبر پئي ته اسين پاڪستاني آهيون ته اسان جا نالا پڇي ڳائيندي نالن سان ويلڪم ڪري رهيو هئو. ڊاڪٽر علم، فياض لطيف ۽ مون به خوبصورت پوڙهي فنڪار سان سُر ملائڻ جي ڪوشش ڪئي. اسماعيليه کان ٿورو اڳتي وڌياسين ته اها وائين فيڪٽري نظر آئي جنهن لاءِ اسحاق سميجي اڳواٽ ئي ٻڌايو هو، وائين فيڪٽري ابقورا جنهن جاءِ تي هئي ان جاءِ جي خوبصورتي به ڏسڻ وٽان هئي، اتي موجود شاپ، ريسٽورينٽ، باغيچا ۽ ڍنڍ اهڙو حسين منظر پيش ڪري رهيا هئا جو اتي ئي ترسي پوڻ لاءِ دل پئي چاهيو. ڊاڪٽر علم ۽ ٻن سنگتين جي خواهش هئي ته خوبصورت ريسٽورينٽ ۾ ويهي انگور جي رس جو مزو وٺجي پر اتي ٽيبل بوڪ ڪرائڻ ۽ ٻئي سامان جا اگهه ٻڌي اتي ويهڻ بجائي اڳتي جو سفر جاري رکڻ لاءِ اچي گاڏي ۾ ويٺاسين.

گبالا تائين روڊ جي ٻنهي پاسن کان ٿوري ٿوري پنڌ تي خوبصورت تفريحي جايون، جهنگ ۾ ٺهيل منفرد قسم جون ڪيفي ۽ ڪنوپي ٽائيپ ننڍڙا ننڍڙا ھٽس، ٻارڙن جي راند روند جا جهولا ۽ خوبصورت ماحول دل ڇهندڙ هيا.

اسان کي رات جو ئي واپس موٽڻو هئو پر گبالا وڃڻ لاءِ بهتر اهو هو ته هڪ ڏينهن مختلف جايون گھمندي وڃي گبالا ۾ رات رهجي ۽ ٻئي ڏينهن وري مختلف جاين کي ڏسندي موٽڻ گهرجي.

فوٽو فريم ٺاهڻ جو ٿورو سينس هئڻ ڪري سنگت فوٽوگرافي جي فرمائش پئي ڪئي، سموري سنگت مان فوٽو ڪڍرائڻ جو وڌيڪ شوق اسحاق کي هيو تنهنڪري مختلف جاين کي فوٽو سيشن پئي ڪرايائين. اسحاق جملي بازي ۽ چرچن ۾ به سڀني کان اڳتي هيو پر فياض کيس هر جملي کان پوءِ وراڻي ڏيندو پئي آيو. اسحاق جيئن ته فياض جو هيڊ آف ڊپارٽمينٽ آهي ان ڪري سفر ۾ سنگت پاران به مٿس ايڇ او ڊي جو نالو رکيو ويو. جامي پاڻ ته چرچا نه پيو ڪري پر ٻين جا چرچا جنهن انداز سان ورجائيندي جملي بازي ڪري پيو ان سان ٽھڪن جو سلسلو دير تائين جاري پئي رهيو.

پري پري تائين ڦهليل ساوڪ جي خوبصورت چادر ڏسي مون چيو، “ڇٻر ته اهڙي آهي جو ان تي ليٿڙيون پائڻ تي دل ٿي چاهي” بس منهنجو اهو چوڻ هو مٿان اسحاق سدائين جيان موقعي جو فائدو وٺندي هڪدم چيو “تون ائين ڪر اسين توکي هيٺان نئن مان کڻي وٺنداسين” انهي جملي تي وري ٽھڪن جا ٽاڪوڙا شروع ٿي ويا، مٿان وري جامي جملو هنيو “بلڪل کڻنداسين پر واپسي تي”.

رستي جا خوبصورت ۽ دل ڇهندڙ نظارا ڏسندي ۽ مذاق مشڪريون ڪندا ٽن ڪلاڪن جو سفر چئن ڪلاڪن ۾ پورو ڪري نيٺ اچي گبالا پهتاسين. گبالا ضلعي جي آبادي هڪ لک، ست هزار اٺ سئو آهي ۽ هن شهر جو تاريخي پسمنظر ان جي وجود جيان رنگين رهيو آهي.

سيءُ پنهنجي پوري جوڀن تي هيو، اسان جي ديس ۾ سخت گرمي جا ڏينهن آهن ۽ هتي سئيٽر ۽ ڪوٽ پائڻ کان پوءِ به سيءُ ٿي رهيو هو، گبالا پهاڙي علائقو هئڻ جي ڪري هتي باڪو کان وڌيڪ سي هيو. چيئر لفٽ جي ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ آئون ڪائونٽر تي پهتس ته آهستي آهستي ٻي سنگت به منهنجي پويان ڪائونٽر وٽ اچي پهتي، جيئن ٽڪيٽ وٺي پوئتي موٽيس ته سڄي سنگت جي نظرن جا لينس ڪائونٽر تي ويٺل خوبصورت حسينا تي فوڪس ٿيل ڏٺم، مون ٻيهر ان حسينا تي نظر وڌي واقعي هو ڪوه ڪاف جي ڪنهن پري کان گهٽ نه هئي.

چيئر لفٽ ۾ ويهي مٿي پهاڙي چوٽي تي پهتاسين ته چيئر لفٽ ذريعي ٽاپ تي وڃڻ لاءِ ٻه اسٽيشنون ٺاهيون ويون هيون. هڪ اسٽيشن تي لهي اتي ماحول جو مزو وٺي وري چيئر لفٽ ۾ ويهي ٽاپ تي پهتاسين. هزارين سال پراڻن جبلن جون چوٽيون ته برف سان ڍڪيل هيون پر ٽاپ تي پيچرا توڙي وڻ ٽڻ به برف جي پوشاڪ پهريل نظر آيا.

ٽاپ تي پهچي چوڌاري نظر ڦيرائي ڏسڻ سان ائين پئي لڳو ڄڻ زمين تي ڦهليل ڪنهن وڏي پينٽنگ تي بيٺا هُجون. فوٽوگرافيءَ لاءِ خاص انتظام ٿيل هئو، هڪ جاءِ تي ٻن لوهي گارڊرس تي شيشي جي گيلري ٺاهي ويئي هئي، جنهن تي بيهي تصويرون ڪڍرائڻ لاءِ صرف ٽن ماڻهن جي اجازت هُئي. گيلري جو اهو حصو ٽڪريءَ کان ٻاهر نڪتل هئو ۽ شيشي جو فرش هئڻ ڪري هيٺ جو منظر ڏاڍو پُراسرار ۽ عجيب پئي لڳو. سنگت اڪيلي توڙي ٽن جي گروپ ۾ فوٽو ڪڍرايا. ماحول ايترو ته پُرڪشش هئو جو دل پئي چاهيو ته اتي ويهي رهجي پر شام لڙي رهي هئي، اسان کي واپس به ورڻو هئو سو نه چاهيندي به اُن منظر تي آخري نظر وجهي اچي چيئر لفٽ ۾ ويٺاسين. گبالا جي سموري وادي هن خوبصورت ماڳ تي ائين ڪجهه گهڙين لاءِ اچي واپس ورڻ بجائي اتي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڏينهن گذارڻ گهرجن.

دنيا جهان کي وساري اهڙي ماحول جو حصو ٿي وقت گذارڻ سان ئي روحاني سُڪون ماڻي سگهجي ٿو. فياض ڪوهه ڪاف جابلو سلسلي متعلق پڇيو ۽ اسحاق جا چرچا شروع ٿي ويا ۽ پوءِ ٽھڪن جو نان اسٽاپ سلسلو ڪافي دير هلندو رهيو. هن سفر ۾ جيترو کلياسين ايترو اڳ شايد ڪڏهن به نه کليا هونداسين.

برف سان ڍڪيل جابلو چوٽيون، سرد هوائون ۽ پراسرار ماحول جو مزو وٺڻ کان پوءِ چيئر لفٽ ٽڪيٽ ڪائونٽر تي ويٺل خوبصورت پري کي ٻيهر ڏسڻ جي خواهش سان هيٺ پهتاسين پر افسوس اها حسينا اتي موجود نه هئي، سنگت کي مايوسي ته ٿي پر چرچن جي ڀئو کان ڪنهن به ان جو اظهار نه ڪيو.

گبالا ۾ ٿوري پنڌ تي نوهر ڍنڍ هئي جتي پهتاسين ته سج لهڻ وارو هيو، ڇا ته خوبصورت ڍنڍ هئي، جنهن کي ڏسي مون کي اسڪردو جي شنگريلا واري ڍنڍ ياد اچي وئي. چوڌاري وڻن سان سٿيل پهاڙي سلسلو ۽ وچ ۾ خوبصورت ڍنڍ، نه رڳو اهو پر ڍنڍ جي آسپاس لڳايل باغيچا، ريسٽورينٽ، واڪ ڪرڻ لاءِ پاٿ، هٽس ۽ انهن جي لائيٽنگ، سڀ ڪجهه هيو ته حقيقت پر ڪنهن خواب جو گمان پئي ٿيو. هنن ماڻهن جي تخليقي صلاحيت، ننڍي کان ننڍي اسپاٽ کي خوبصورت بڻائڻ جو سينس ۽ ٽيسٽ ڪمال جو آهي. آئون اها ڳالهه ٻيهر ورجائيندس ته واقعي هي ماڻهو زندگيءَ کي ڀرپور انداز ۾ جيئڻ جو هنر چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا.

نوهر ڍنڍ تي فوٽو گرافي ڪري فريش ٿي واپس باڪو ڏانهن سفر شروع ڪيوسين ۽ ٽن ڪلاڪن کان پوءِ نظامي اسٽريٽ لڳ نئين هوٽل تي پهتاسين. دوستن گاڏي ۾ سفر دوران ننڊ جي ڪوٽا ڪافي حد تائين پوري ڪري ورتي هئي ان ڪري نظامي اسٽريٽ جي ياترا لاءِ پرجوش نظر پئي آيا، بک به لڳي هئي سو سامان ڪمرن تي رکي نمستي انڊين هوٽل پهچي گهر جهڙي ماني جو مزو ورتوسين ۽ پوءِ معمول موجب گهمندا ڦرندا آئون ۽ جامي ته اچي هوٽل پهتاسين پر ٻي سنگت باڪو جون رنگينيون ڏسڻ لاءِ ڪنهن ڪلب جو رخ ڪيو. ڊاڪٽر علم انصاري مون تي ۽ جامي تي واڪ وارا جو نالو رکيو آهي جڏهن پاڻ کي پرجوش نوجوان پئي سمجھيائين. ٿڪ هئڻ باوجود ننڊ جو پري پري تائين نالو نشان نه هئو، ٽي وي تي مختلف چئنل مٽائيندو رهيس ۽ رات جي آخري پهر ۾ الائي ڪهڙي وقت وڃي اک لڳي.

*********

چوٿين ڏينهن ۱۷ اپريل تي تاريخي جايون ۽ ميوزيم ڏسڻ جو پروگرام هيو جنهن کي ٻئي ڏينهن تائين ملتوي ڪري اڄوڪي ڏينهن کي رليڪس ۽ بنان شيڊيول جي گذارڻ جو پروگرام ٺاهيوسين. اصل ۾ جامي کي ليپ ٽاپ تي هڪ ڪم ڪرڻو هئو جنهن ڪري هن رات جو ئي سُر کڻائي ڇڏيو هو ته ٻن کان ٽن ڪلاڪن جي ڪم کان پوءِ واندو ٿيندو پوءِ جيڪو به پروگرام ٺاهيو، پر جامي جلدي واندو ٿي ويو ته اسين ٻئي واڪ لاءِ نڪري پياسين. ٻي سنگت پنهنجي منهن گهمڻ لاءِ نڪري وئي هئي.

اسان جي وڏي عياشي ڊگهي واڪ ۽ ڪچهري آهي، جامي جي ڪچهري ۾ سدائين تمام گهڻو مزو ايندو آهي هن ڀيري ته سفر ۾ ست ڏينهن گڏ رهڻ ڪري ڊگهين ڪچهرين مان ڀرپور سرور وٺڻ جو موقعو مليو. اسان نظامي اسٽريٽ جي آس پاس پاڻ ڏانهن ڇڪيندڙ باغيچن، وڻندڙ ڦوهارن، خوبصورت ماڻهن ۽ خوشبوئن سان مهڪيل هلڪي هلڪي هوا جو مزو وٺندي شام تائين پسار ڪندا رهياسين.

نظامي اسٽريٽ توڙي باڪو جي ٻين حصن ۾ گهمندي ڦرندي ڪجهه ڳالهين جو خاص طور احساس ٿي رهيو هو، هڪ ته هتان جا ماڻهو ڏاڍا خوبصورت، خوش پوشاڪ ۽ مطمئن نظر آيا، ٻيو ته هنن جو انداز ڏاڍو فضيلت ڀريو هئو. نظامي اسٽريٽ توڙي سمنڊ ڪناري ڪيئي جوڙا هٿ هٿ ۾ ڏئي يا ٻانهن ٻانهن ۾ وجهي گھمندي توڙي گڏ ويٺل ڏٺاسين پر انهن جو انداز اهڙو هو جو ڪا به اهڙي ڳالهه نظر نه پئي آئي جنهن کي غير مهذب يا بد اخلاقي چئي سگهجي.

هتان جا ماڻهو ته سهڻا آهن پر هتان جا پوليس وارا ۽ پوليس واريون به سهڻيون ۽ خوش پوشاڪ هئڻ سان گڏوگڏ بي حد خوش اخلاق پڻ هيون. سنگت چواڻي اهي پوليس واريون انڊين فلمن جي هيروئنن کان گهٽ ناهن. گهڻو ڪري هڪ نوجوان پوليس واري مرد سان گڏ هڪ نوجوان پوليس واري عورت گڏ هئي. اهڙي صورتحال ۾ ڊبل ڊيوٽي ڪرڻ تي ارهائي محسوس نه ٿيندي هوندن. اسان وٽ ماڻهن، شين، روين توڙي ڪم جي حوالي سان جيڪي تصور آهن اتي اسان کي سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ نظر آيو. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اتي اسان ڪنهن کي تيز لهجي يا آواز ۾ ڳالهائيندي نه ٻڌو سواءِ هڪ رات هوٽل ۾ ٻاهران ايندڙ تيز آواز جي، شايد ڪي دوست ڪنهن سان ڏيتي ليتي تي نه پئي ٺهيا جنهن ڪري اڳئين ڌُر جو آواز ڪجهه تيز ٿي ويو هو.

جن ملڪن ۾ ٽوئرسٽ جام وڃن ٿا اتي چِيٽنگ به هوندي آهي، ممڪن آهي ته آذربائيجان ۾ به هجي پر منهنجو اندازو آهي ته چيٽنگ هوندي ته به تمام ننڍي ليول تي وڌيڪ تجربو انهن دوستن کي ٿيو هوندو جن نائيٽ ڪلب جي ياترا ڪئي هوندي، اسين ته هياسين واڪ گروپ!

بنيادي طور تي زندگيءَ لاءِ ذهني سڪون، صاف ۽ صحتمند ماحول، شخصي آزادي، قانون جي حڪمراني ۽ آسودگي وڏي معنيٰ رکي ٿي، اسين جنهن سماج ۾ رهون ٿا اتي اُهي سڀ شيون اڻ لڀ آهن، ها اهو ممڪن آهي ته مٿئين ڪلاس کي ڄاڻايل شين مان ڪجهه ئي ميسر هجن پر عام ماڻهو جيڪا زندگي گذارڻ تي مجبور آهي ان کي زندگي چوڻ لاءِ دل نه مڃي.

اسان وٽ هر شهر ۾ ڊاڪٽرن ۽ وڪيلن جون ڪلينڪس ۽ آفيسون جام آهن، باڪو ۾ اسان کي ڪٿي به ڊاڪٽر جي ڪلينڪ يا وڪيل جي آفيس جو بورڊ نظر نه آيو جنهن مان اندازو ٿيو ته هتي قانوني مونجهارا ۽ صحت جا اشو نه هئڻ جي برابر آهن.

معيارِ زندگي بهتر هجي ته انسان جو پُرسُڪون هئڻ فطري ڳالهه آھي ۽ آذربائيجان جي عام ماڻهو جي مُک تي مون کي ڪا بيچيني يا پريشاني نظر نه آئي ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو اسان ڪنهن کي وڏي آواز ۾ ڳالهائيندي به نه ٻڌو.

رياست رڳو پنهنجي عوام، انهن جي بنيادي انساني حقن جي پاسداري ۽ انهن جي زندگيءَ کي آسان بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا نه ٿي ڪري پر تاريخي ورثي جي سار سنڀال کان ويندي وڻن، ٻوٽن، بلڊنگس جي خوبصورتي جو خيال رکڻ تائين هر جاءِ تي پنهنجي هئڻ جو ڀرپور احساس ڏياري ٿي. دوستن ٻڌايو ته بلڊنگس جي گئلريز تي جيڪي گل ۽ پلانٽس سينگاريل آهن ۽ لائيٽنگ جو انتظام ٿيل آهي. انهن جي سار سنڀال به انتظاميه جي ذمي آهي. سڌريل انساني سماج جو جيڪو تصور اسان جي ذهنن ۽ سوچ ۾ آهي ان جي چٽي تصوير يا ساڀيان اسان کي آذربائيجان ۾ نظر آئي.

باڪو جو سمنڊ هر وقت لهرن جي ساز تي ڪو مڌر گيت ڳائيندي محسوس ٿئي ٿو ۽ باڪو جون راتيون پنهنجن سڀني رنگن سميت جاڳندي محسوس ٿيون. جواني هٿ ۾ هٿ ڏئي زندگيءَ کي ڀرپور انداز ماڻيندي نظر آئي. شهر ۾ مختلف جاين تي اديبن، شاعرن، عالمن، فنڪارن توڙي آذربائيجان جي هيروز جا خوبصورت مجسما هن قوم جي زنده هئڻ جي شاهدي ڏيندي نظر ايندا. باڪو ۾ اچي ان ڳالهه جو شدت سان احساس ٿيو آهي ته هفتو تمام گهٽ آهي، باڪو، ان جي زندگي ۽ حُسن کي ڏسڻ لاءِ گهٽ ۾ هڪ مهيني جو وقت هئڻ گهرجي. هتي مستقل طور تي رهي پوڻ ته ممڪن ناهي پر گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهينو هتي گذارڻ واري خواهش پوري ٿي سگهي ٿي. جامي ۽ فياض لطيف به منهنجي انهي راءِ سان متفق آهن.

حسبِ معمول دير تائين واڪ ڪندا رهياسين، ٿڌ جي باوجود روم تي وڃڻ تي دل نه پئي چاهيو، جامي گرم گرم نٽس کارايا. جامي جي لاتعداد خوبين مان هڪ خوبي اها به آهي ته هو سنگت سان حساب ناهي رکندو، هن سفر ۾ به هن ڪيترن ئي هزارن جا پنهنجا پسنديده نٽس سنگت کي به کارايا. هونئن ته گروپ جا سڀئي ميمبر پنهنجي پنهنجي ذات ۾ انجمن هئا پر هن سفر ۾ مرڪزي ڪردار جامي جو رهيو. رات لڙي چڪي هئي ۽ اسان ڊونر کائي واپس هوٽل تي پهچي آرامي ٿياسين.

*********

آذربائيجان ۾ پنجين ڏينهن ۱۸ اپريل تي صبح جو جلدي تيار ٿي ينارداغ روانا ٿياسين، هي ماڳ باڪو کان ۲۸ ڪلوميٽر پري آهي، هي سمنڊ جي پاسي ۾ هڪ قديم ماڳ آهي جتي هڪ ڪچي پهاڙي مان باهه جا شعلا نڪرن ٿا. ٻرندڙ جبل جي وٿين مان قدرتي گئس نڪرڻ ڪري جبل ٻرندو رهي ٿو.

ينارداغ جو مطلب آهي ٻرندڙ جبل، جبل مان نڪرندڙ اها باهه ۱۹۵۰ ۾ پهريون ڀيرو هڪ ڌنار کي نظر آئي هئي، ۽ پوءِ هنن ان ننڍڙي اسپاٽ کي به ڪمال خوبصورت انداز ۾ ٺاهي ٽوئرسٽ اسپاٽ بڻائي ڇڏيو. اتي ٽڪ شاپ ننڍڙي ريسٽورينٽ، خوبصورت ميوزيم، پلي ايريا ۽ جهولا پڻ ٺاهي ان کي سياحن لاءِ اتساھ ڀريو بڻايو اٿن. مون اڳ به ذڪر ڪيو هئو هتي هر ننڍي وڏي ماڳ کي ڏاڍي سهڻي ۽ تخليقي انداز ۾ ائين چوڻ مناسب ٿيندو ته هر شئي کي ڏاڍي سليقي ۽ پيار سان ٺاهيو ويو آهي. هر شئي مان اتان جي ماڻهن جو ذوق ۽ معيار نظر اچي ٿو ۽ هنن جو اهو ذوق ڏسي پاڪستان جي ادارن ڏانهن ڌيان وڃي ٿو ته تمام گهڻو افسوس ٿئي ٿو، اسان پنهنجن سهڻن قدرتي ماڳن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ته ڪو ڪردار ادا نه ٿا ڪيون پر ٺهيل ادارن کي صحيح طرح سنڀالڻ جي صلاحيت به وڃائي ويٺا آهيون.

ينارداغ تي ملڪي غير ملڪي سياح ايندا رهن ٿا، ان ڏينهن به سياحن جو هڪ گروپ ان ٻرندڙ جبل کي ڏاڍي دلچسپيءَ ڏسي رهيا هئا ۽ هڪ گائيڊ کين بريفنگ ڏئي رهيو هو.

سموري سنگت ان قدرتي باهه سان تصويرون ڪڍرايون، مون اتي تصويرن سان گڏ ننڍڙي وڊيو پڻ ٺاهي. هڪ طرف تيز ۽ ٿڌي هوا ٻئي پاسي جبل مان نڪرندڙ باهه، دل پئي چاهيو باهه جي پاسي ۾ ڪرسي رکي ويهي رهجي. اتي ننڍڙي پر انتهائي خوبصورت ريسٽورينٽ ۾ ويهي چانهه جو مزو ورتوسين ۽ پوءِ واپس باڪو شهر جو رخ ڪيوسين. رستي ۾ هڪ جاءِ تي فروٽ جي هڪ شاهي قسم جي دوڪان تي نظر پئي ته فورن گاڏي روڪي لهي پياسين. تازو فروٽ کائڻ لاءِ ته ورتوسين پر سنگت گهر وارن لاءِ ڊرائي فروٽ ۽ دالچيني به ورتي. جامي هتان جي دالچيني جي ايتري ته تعريف ڪئي جو مون نه چاهيندي به هزار روپين جي دالچيني ورتي. هتان جا انگور، صوف، اسٽرابيري توڙي ٻيو فروٽ پنهنجو مٽ پاڻ هئو، شفيع برهماڻي چواڻي فروٽ جي ڪوالٽي صفا آخري هئي. صوف ايترا ته ڪڙڪ ۽ رسدار هئا جو چَڪ هڻڻ سان پري تائين اُن جو آواز پئي آيو.

اتان واپس موٽي حيدر علوي ميوزيم جو رخ ڪيوسين پر اتي پهچي خبر پئي ته سومر جي ڏينهن ميوزيم بند هوندو آهي. ميوزيم جي بند هئڻ جو ٻُڌي سنگت جي مُک تي ٿوري مايوسي ڦهلجي وئي. اسحاق جمشيد کان پڇيو ته اسان جي هن ٽوئر ۾ گوبستان شامل ناهي ڇا، جمشيد ٻڌايو ته شيڊيول ۾ ته ناهي پر هلي سگهجي ٿو ڪو مسئلو ناهي. ائين گوبستان جو پروگرام ٺهي ويو ۽ جلدي جلدي حيدر علوي ميوزيم جي ٻاهران فوٽوگرافي ڪري گوبستان روانا ٿياسين.

باڪو کان ڪلاڪ ڏيڍ جي پنڌ تي موجود گوبستان پهتاسين، هتي هڪ خوبصورت ميوزيم ۽ تاريخي جابلو علائقو ڏسڻ لاءِ مليو. ميوزيم ايترو ته زبردست ۽ متاثر ڪندڙ هئو جو ان کي مختصر لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي. انسان جي اوائلي دور ۽ ان جي لائف اسٽائل کي فوڪس ڪيو ويو هئو. جبلن ۾ به هنن جيڪا خوبصورتي پئدا ڪئي آهي اها متاثر ڪندڙ ئي نه پر سچ پچ ته وڏي ڪمال جي ڳالهه آھي.

نظامي ميوزيم ۽ ديومالائي قصن جهڙي شهر اولڊ باڪو جي ياترا

هن تاريخي ماڳ تي مٽي جا آتش فشان به موجود آهن. هي ڪيسپين سمنڊ جي پاسي ۾ هڪ قديم وسندي آهي، چون ٿا ته هي ماڳ قديم ترين انساني آبادين مان هڪ آهي. هتي پٿرن تي آرٽ جا نمونا ۽ اوائلي دور جي انسانن پاران پٿرن تي اُڪريل لکت سان گڏوگڏ جانورن، مڇين، انسانن ۽ ٻيون ڪيتريون سمجهه ۾ نه ايندڙ شڪليون اڪريل نظر آيون. هنن پنهنجي تاريخي آثارن ۽ ماڳن جي جنهن طرح مالڪي ڪئي آهي، اها به مثالي آهي، اسان جي ديس ۾ به تاريخي ماڳ ۽ آثار موجود آهن پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته انهن جي اهڙي مالڪي ناهي.

هتي اهڙا پٿر به ڏٺاسين جن کي ڪو ننڍڙو پٿر هڻجي پيو ته پٿر مان وڏو آواز پئي نڪتو. اهو آواز ايترو ته لائوڊ يا وڏو هيو جو پري پري تائين اهو ٻڌي سگهجي پيو. اندازو آهي ته ان دور جا ماڻهو هڪٻئي کي سڏڻ يا ڪميونيڪيشن لاءِ انهن پٿرن جو سهارو وٺندا هوندا. گوبستان ۾ پهاڙي سلسلي ۽ آثارن جي مهڙ ۾ هڪ ننڍڙو پر انتهائي خوبصورت ميوزيم ٺهيل هيو، ميوزيم جي ڪائونٽر تي ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ پهتاسين ته اتي ويٺل سمارٽ ۽ سلم ڇوڪري پڇيو ته ڪٿان آيا آهيو؟ کيس جڏهن ٻڌايوسين ته پاڪستان مان آيا آهيون ته هڪدم چيائين ته توهان اندر وڃي سگهو ٿا اڄ فري ۾ ميوزيم گهمي سگهو ٿا. پوءِ خبر پئي ته ۱۸ اپريل يادگار ماڳن جو عالمي ڏينهن آهي ۽ ۱۸ مئي ميوزمن جو عالمي ڏينهن آهي ان ڪري انهن ڏينهن تي سموري دنيا ۾ ميوزيم ۽ قديم ماڳن جي وزٽ فري هوندي آهي.

ميوزيم جيتوڻيڪ قديم آثارن ۽ پراڻي جابلو علائقي ۾ ٺهيل هيو پر ان کي جديد ۽ سائنسي انداز ۾ ٺاهيو ويو هو. هتان جي تاريخ ۽ اوائلي دور جي انسانن جي رهڻي ڪهڻي کي فوڪس ڪيو ويو هئو پر ان کي سافٽ ويئر ذريعي اسڪرين تي ڏاڍي زبردست انداز سان سمجهايو ويو هو. ايترو زبردست، جديد ۽ خوبصورت ميوزيم ڏسي خواھش ٿي ته ڪاش اسان وٽ سنڌالاجي ۾ به اهڙو جديد ميوزيم هجي. هن ميوزيم جو آرڪيٽيڪچر به تمام بهترين ۽ منفرد هئو ان کي ڏسي ان کي ڊزائين ڪندڙ کي دل ئي دل ۾ سلام ڪرڻ کان سواءِ رهي نه پئي سگهياسين.

بلڊنگس جي ترتيب، اڏاوت، مٽيريل، نقشو ته ڪمال جو هئو پر هر جاءِ تي الڳ سان واش رومس لاءِ جيڪا ننڍڙي بلڊنگ ٺاهي وئي هئي اها به ڏاڍي سهڻي هئي، هڪ پاسي جينٽس لاءِ ٻئي پاسي ليڊيز لاءِ ٺهيل واش رومس جي جدت ۽ صفائي به زبردست هئي. وڏي ڳالهه ته ننڍي کان ننڍي ماڳ تي به واش رومس موجود هئا ۽ اهي ڪنهن وڏي هوٽل يا شاپنگ مال ۾ موجود واش رومس جيان جديد ۽ صاف سٿرا هئا. اندازو ڪريو ته هتان جي رياست توڙي هتان جو عوام ڪيترو باشعور ۽ ذميوار آهي.

شام ٿي رهي هئي اسان هڪ چبوتري تي ڪجهه گهڙيون ساهي پٽي، خوبصورت ميوزيم ۽ تاريخي جابلو سلسلي جون حسين يادون کڻي اچي گاڏي ۾ ويٺاسين ۽ واپس اچي نظامي اسٽريٽ پهتاسين. اڄوڪو ڏينهن به هر لحاظ کان خوبصورت، ڀرپور ۽ لاجواب گذريو، هتي زندگيءَ کي خوبصورت ۽ هر لحاظ کان ڀرپور انداز ۾ گذارڻ جا تمام گهڻا موقعا آهن، هتي جا ماڻهو سچ پچ ته ڏاڍا خوش نصيب آهن، جن جي زندگي اسان جي زندگيءَ جيان لاتعداد مونجهارن بجاءِ لاتعداد خوبصورتين سان مالا مال آهي. پنهنجي ديس ۽ ڌرتيءَ سان اسان کي به تمام گهڻو پيار آهي پر جنهن کي زندگي چئي سگهجي اها هتي آهي.

نظامي اسٽريٽ ۾ پهچي خوبصورت ماڻهن جو ميلو ڏسي سموري ڏينهن جو ٿڪ لهي ويو. هونئن ته ماڻهو پنڌ ڪندي ٿڪبو آهي پر نظامي اسٽريٽ ۾ پنڌ هلندي ٿڪ لهي ويندو آهي. حسبِ معمول اَسان ته پنڌ هلندي باڪو جي خوبصورتي کي ڏسي رهياسين هئاسين پر ڊاڪٽر علم الدين کي باڪو جي رنگينين کي ويجهي کان ڏسڻ جي اُڻ تُڻ هئي ۽ سندس ان دلچسپي جي ڪري هتي ان جو هڪڙو اهڙو نيٽ ورڪ جڙي ويو هو جو ٻه ماڻهو جنهن وقت به مليا پئي انهن ڊاڪٽر علم جو پڇيو پئي جنهن تي اسان ڊاڪٽر کي خوب تنگ به ڪيو پر هن ان تي ناراض ٿيڻ بجائي چرچن کي انجواءِ پئي ڪيو. ڪجهه دوستن نائيٽ ڪلب واري انهي دنيا جا رنگ به ڏٺا پر اسان اوڏانهن نه وياسين. هوٽل پهتاسين ته اتي به جامي واري روم جي خوبصورت بالڪني ۾ محفل لڳي ۽ دير تائين چرچن ۽ ٽھڪن جو سلسلو جاري رهيو ۽ رات جي پوئين پهر ۾ وڃي بسترن جي حوالي ٿياسين.

*********

۱۸ اپريل اسان جي سفر جو ڇهون ڏينهن هيو، ان ڏينهن تي نصرپور سنڌ سان تعلق رکندڙ غلام حيدر دائود پوٽي سان گڏ اولڊ باڪو ۾ قائم آرٽ ۽ ٻين هنرن بابت سکيا ڏيندڙ ادارو گهمڻ جو پروگرام رٿيو ويو هو. غلام حيدر ان اداري پرنسز اسڪول آف ٽريڊيشنل آرٽ لنڊن ۾ فيڪلٽي ميمبر طور هڪ مهينو لنڊن ۾ ۽ هڪ مهينو باڪو ۾ پڙهائيندو آهي. فيس بوڪ تي اسحاق سميجي ۽ فياض لطيف جو سفرنامو پڙهي غلام حيدر (جيڪو اسحاق جو دوست آهي) رابطو ڪيو ۽ ائين ملاقات ٿي ۽ سندس ادارو ڏسڻ جو پروگرام ٺهيو.

اڄ صبح جو اٿي تيار ٿيڻ ۾ ڪافي دير ٿي وئي جنهن ڪري غلام حيدر سان سندس ادارو ڏسڻ جو وقت نڪري ويو پر شام جو ساڻس اولڊ باڪو ۾ گهمڻ ۽ ڪجهه وقت گڏ گذارڻ جو پروگرام ٺاهيوسين.

اڄ هوٽل تان نڪرڻ کان پوءِ اتي ويجهو ئي نظامي اسٽريٽ جي مهڙ تي نظامي گنجوي جي مجسمي جي سامهون “نظامي ميوزيم آف آذربائيجاني لٽريچر” پهتاسين، جيئن ئي ميوزيم ۾ اندر داخل ٿياسين ته رسپشن تي موجود اسٽاف کي ٻڌايوسين ته، اسين ڇهه وزيٽر آهيون، ميوزيم گهمنداسين ٽڪيٽ ڏيو ۽ ٻڌايو ڪيترا پئسا ٿيندا؟

هنن پڇيو ته ڪٿان آيا آهيو؟ کين جڏهن ٻڌايوسين ته پاڪستان مان آيا آهيون ته هڪدم چيائون پاڪستانين لاءِ فري آهي، ڪا ٽڪيٽ في ناهي. اهڙي طرح پاڻ سان گڏ هينڊ بئگس وغيره ڪائونٽر تي جمع ڪرائي بنهه سلم ليڊي ڪيوريٽر اسان کي گڏ ميوزيم گھمائيندي بريفنگ ڏيندي رهي.

جهڙيءَ طرح اسين شاھ عبداللطيف ڀٽائي، سچل سائين ۽ ٻين عالمن سان پيار ڪيون ٿا ۽ تمام گهڻي عقيدت رکون ٿا اهڙي طرح آذربائيجان ۾ نظامي گنجوي کي تمام وڏو مان ۽ مرتبو حاصل آهي. نظامي جيتوڻيڪ فارسي شاعر هو پر آذربائيجاني هئڻ ڪري هتان جا ماڻهو ساڻس تمام گهڻي عقيدت رکن ٿا.

ڪيوريٽر نظامي جي باري ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته، نظامي جو خمسه فارسي ٻوليءَ جو ڪلاسڪ آهي. ميوزيم ۾ آذربائيجاني اديبن، شاعرن ۽ عالمن جي ڪم ۽ مجسمن کي انتهائي سهڻي ۽ دلڪش انداز ۾ فوڪس ڪيو ويو هئو، هر گئلري يا ڪارنر ۾ هڪ سهڻي پوشاڪ سان نوجوان ڇوڪري اٽينڊنٽ موجود هئي ۽ صفائي سٿرائي کان ويندي شين جي ترتيب ۾ ميوزيم سنڀاليندڙن جي انتها درجي جي ڪمٽمينٽ نظر آئي. ميوزيم ۾ آذربائيجاني شاعره مهتسوي جي شاعري ۽ ناياب پينٽنگس به رکيل هيون، هي شاعره ٻارهين صدي جي شاعره هئي جنهن کي پڻ سندس فن جي حوالي سان هتي وڏو مرتبو حاصل آهي.

آذربائيجان ۾ ننڍا وڏا ڪيئي ميوزيم آهن، ڪجهه ميوزيم مختلف شخصيتن جي نالن سان پڻ آهن جتي انهن شخصيتن جي زندگيءَ، ڪارنامن توڙي ان سان لاڳاپيل شين کي محفوظ ڪيو ويو آهي جڏهن ته نظامي جي نالي سان منسوب ٿيل هن ميوزيم ۾ مختلف دورن جي تاريخي، ثقافتي ۽ ادبي ورثي کي محفوظ ڪيو ويو آهي.

کير جهڙي اڇي رنگ واري هن ميوزيم جي بلڊنگ فنِ تعمير جو نادر نمونو هئي، ٻاهرين پاسي کان اديبن جا مجسما به ڏاڍي خوبصورتي سان بيهاريا ويا هئا، ديوار ۾ ٺهيل اسپيس ۾ بيهاريل انهن مجسمن جي سامهون ڪجهه قدمن جي مفاصلي تي نظامي جو وڏو مجسمو آهي ۽ ان جي ٻنهين پاسن کان ننڍڙا ننڍڙا واٽر فائونٽين ۽ اسٽيپس ۾ خوبصورت گل ٻوٽا لڳايا ويا آهن، جنهن ڪري سمورو ماحول متاثر ڪندڙ لڳي رهيو هو.

ناياب شيون، بلڊنگون توڙي پئسو ڏوڪڙ ته ڪنهن وٽ به ٿي سگهي ٿو پر شين جي ترتيب ۽ پيش ڪرڻ جو اندازو شين جي حُسن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏي ٿو.

هن ميوزيم ۾ يارهين صدي کان دور جديد تائين جي سموري تاريخي، ثقافتي ۽ ادبي ورثي کي محفوظ ڪيو ويو آهي.

باڪو سهڻو، دلچسپين سان ڀرپور ۽ تاريخي سياحتي ماڳ هئڻ سان گڏوگڏ زبردست تعليمي، فني، هنري، صنعتي ۽ ادبي ادارن جو ڏيهه پڻ آهي. هتي سائنس، تحقيق، ٽيڪنالاجي توڙي آئل انڊسٽري سان لاڳاپيل شعبن تي به تمام گهڻو ڌيان ڏنو پيو وڃي. رياست ۽ حڪومت جو پنهنجي عوام، انهن جي زندگيءَ کي آسان بنائڻ لاءِ ورتل اُپائن ۽ ادارن ڏانهن مجموعي طور جيڪو رويو آهي ان مان اهو ئي اندازو ٿئي ٿو ته زندگيءَ جو ڪو به اهڙو شعبو ناهي جيڪو بي ڌياني جو شڪار هوندو.

آگسٽ ۱۹۹۱ ۾ روس کان الڳ ٿيڻ کان پوءِ خودمختيار آذربائيجان طور پنهنجي عوام دوست پاليسين سان پنهنجي ملڪ کي بهتر بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري پنهنجو پاڻ مڃائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي.

آئون شايد اها حقيقت ٻيهر ورجائي رهيو آهيان ته هونئن ته هنن لاءِ هر شعبو اهم آهي پر هتي اديبن کي وڏي مان ۽ احترام جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو. اهو شايد ان ڪري به آهي جو هتي مجموعي طور اڻ سهپ ۽ ناڪاري سوچ ناهي، اسان وٽ وري سموري صورتحال ان جي بلڪل برعڪس آهي. هر ماڻهو پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏيڻ بجائي ٻين جا پاچا ڦاڙڻ لاءِ سرگردان آهي. اسان وارن اديبن ۾ ته ساڙ ۽ پاڻ پڏائڻ وارو عنصر ڪجهه سرس آهي.

ميوزيم جي وزٽ ڪري واندا ٿياسين ته اتان جي ڪيوريٽر ڏاڍي احترام سان هڪ ڪارنر ۾ وٺي آئي جتي ٽيبل تي وزيٽر بوڪ رکيل هئو ۽ پاسي ۾ هڪ چيئر رکيل هئي، اسان جي سموري گروپ طرفان پياري جامي چانڊيي اُن تي تاثرات قلمبند ڪيا، جنهن کان پوءِ وري اسان جو گروپ فوٽو پڻ ڪڍيو ويو. سموري صورتحال مان محسوس پئي ٿيو ته اڄ اسين ميوزيم وارن جا خاص مهمان هياسين. هن ميوزيم جي عملي ۾ ٻن ٽن مردن کان سواءِ باقي سڀ ليڊيز هيون، هنن جي آفيشل فوٽوگرافر به هڪ نوجوان ليڊي هئي. اڇي ڊريس ۾ ملبوس اُهي نوجوان ڇوڪريون به ڪنهن خوبصورت مجسمي کان گهٽ نه هيون.

ميوزيم مان کوڙ ساريون خوبصورت يادون کڻي ٻاهر نڪتاسين ته سنگت جي صلاح تي باڪو جي هڪ وڏي شاپنگ مال جو رخ ڪيوسين، شاپنگ مال تي دنيا جهان جا برانڊس ۽ زبردست ڪوالٽي واريون شيون ته پنهنجي جاءِ تي پر بلڊنگ اسٽرڪچر کان ويندي انهن جي متاثر ڪندڙ انداز ۽ اتي هلندڙ زندگي به پنهنجو مثال پاڻ هئي.

شاپنگ مال جي خوبصورت دنيا جي هر شئي خوبصورت ۽ وڻندڙ ته هئي پر قيمتون اهڙيون هيون جو رڳو ونڊو شاپنگ واري عياشي ئي افورڊ ڪري پئي سگهياسين پر پوءِ به هر ڪنهن ٿوري گهڻي شاپنگ ڪئي.

ڪووڊ کان پوءِ سموري دنيا ۾ مهانگائي عروج تي پهچي وئي آهي، خير هڪ ڳالهه ضرور مڃڻي پوندي ته هتي شين جا اگهه ڳرا ضرور هئا پر شين جي ڪوالٽي لاجواب هئي، اسان وٽ مهانگائي ته تمام گهڻي آهي پر شين جي ڪوالٽي به ڏاڍي خراب آهي. هر شئي ۾ جُڳاڙ ۽ ٻه نمبري اسان کي خوار خراب به ڏاڍو ڪيو آهي پر اسان کي ان جي ڪا پرواھ ناهي.

سنگت شاپنگ مال ۾ پنهنجي منهن ٽڙي پکڙي وئي، البته فياض لطيف مون سان گڏ هئو، ٻين جي ڳولا ڪرڻ سان ڪو نظر نه آيو ته فياض ۽ آئون مال مان نڪتاسين ۽ سوچيوسين ته ٽيڪسي پڪڙي هوٽل هلجي ٻيا دوست اتي ئي ايندا. هتي اسان مان ڪنهن به هتان جي فون سم نه ورتي نه ئي ان جي ضرورت محسوس ٿي، هوٽل تي واءِ فاءِ هئي جنهن ڪري گهر وارن سان رابطو ٿي پئي ويو ۽ گهمڻ دوران فون واري جهنجهٽ کان آجا هياسين. ان کان اڳ جو اسين ڪو فيصلو ڪيون مال جي ٻئي گيٽ وٽ پهتاسين ته جامي، اسحاق، ڊاڪٽر علم ۽ جمشيد اندران نڪرندي نظر آيا، هو وري مال ۾ اسان کي ڳوليندا پئي وتيا.

سڀ گڏياسين ته فيصلو ٿيو ته نظامي هوٽل هلڻ لاءِ زيرِ زمين ميٽرو ۾ هلجي، ۽ پوءِ اتي هڪ ماڻهو کان ميٽرو جي معلومات وٺڻ جي ڪوشش ڪئي سين، ھمراه جو ٻڌو ته اسين پاڪستاني آهيون ته اسان کي ساڻ ڪري ويجهو ئي موجود ميٽرو اسٽيشن تي وٺي هليو، سفر لاءِ ڪارڊ ٺهرائي ميٽرو ۾ ويهاري پوءِ موڪلايائين. اسان سندس شڪريو ادا ڪري روانا ٿياسين. زيرِزمين ميٽرو تمام گهڻي تيز رفتاري سان هلي رهي هئي ۽ ڪجهه ئي منٽن ۾ اسان کي پنهنجي منزل تي پهچائي ڇڏيائين.

ميٽرو مان نڪرڻ کان پوءِ آئون ڪافي دير سوچيندو رهيس ته زيرِزمين ايتري گهرائي ۾ ميٽرو جو نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ ۽ ان سموري سسٽم کي ڪاميابي سان هلائڻ ڪيتري ته زبردست ڳالهه آھي. عوام جي ڀلائي لاءِ هتان جا اختيار ڌڻي ڪيترو ڪم ڪن ٿا. هوٽل تي پهچي ٿورو ٿڪ ڀڃي نظامي اسٽريٽ کان اڳيان ئي قلعي اندر آباد خوبصورت ۽ ديومالائي قصن جهڙي شهر اولڊ باڪو جي ياترا تي نڪري پياسين. جيئن ئي قلعي جي گيٽ کان اندر داخل ٿياسين ته غلام حيدر دائودپوٽو اسان جي انتظار ۾ اڳئي موجود هئو. اولڊ باڪو کي اسان ڏينهن جي روشني ۾ ته اڳئي ڏسي چڪا هئاسين پر رات جو روشنين جي جهرمٽ ۾ ان جا رنگ ئي الڳ ۽ نرالا هئا. هن پراڻي شهر جا روڊ رستا، گهٽيون، ننڍڙا ننڍڙا دوڪان، گفٽ شاپ، ريسٽورنٽس سڀ جو سڀ وڏي ايراضي ۾ پکڙيل ميوزيم جهڙو پئي لڳو.

غلام حيدر اسان کي اولڊ باڪو گهمائيندو اچي هڪ هوٽل جي گيٽ تي بيٺو ۽ ٻڌايائين ته هن هوٽل ۾ منهنجي رهائش آهي اچو ته توهان کي پنهنجو ڪمرو به ڏيکاريان ۽ ٽاپ فلور تي موجود ريسٽورينٽ ۾ چانهه به پيئون، هوٽل جي ٻاهران گيٽ وٽان محسوس پئي ٿيو ته هي هڪ ننڍڙي ۽ عام هوٽل هوندي پر جيئن ئي اندر داخل ٿياسين ته اسان جي تصور جي ابتڙ هي ڏاڍي زبردست هوٽل نظر آئي، سنگت لفٽ ذريعي ٽاپ فلور تي پهتي، جامي ۽ مون ڏاڪڻ وارو رستو ورتو.

سراوا شاهه هوٽل جي ٽاپ فلور جي ريسٽورينٽ جي اوپن ايريا ۾ پهتاسين ته باڪو جو پورو شهر هڪ تمام وڏي لينڊ اسڪيپ پينٽنگ جيان اسان جي سامهون هيو. سامهون فليمنگ ٽاورس ڪافي ويجهو نظر پئي آيا، جنهن جون لائيٽس اهڙي پروگرامنگ سان سيٽ ٿيل آهن ڄڻ باھ جا شعلا ڀڙڪي رهيا هئا، ڏاڍو عجيب منظر هئو. اسين سڀئي اهڙي منظر ۾ ويهي چانهه جو مزو وٺڻ لاءِ اوپن ايريا ۾ ويهي رهياسين پر جيسيتائين ريفريشمينٽ ۽ چانهه اچي ٿڌي ٿڌي هوا سردي ۾ ايترو ته واڌارو ڪري ڇڏيو هئو جو اتي ويهڻ محال ٿي ويو سو ريسٽورينٽ اندر وڃي ويهڻ ۾ عافيت محسوس ڪئي سين. اندر جو ماحول به گهٽ خوبصورت نه هئو. ٿوري دير ۾ وڏي اهتمام سان تازي ٺهيل پيسٽري ۽ ترڪش ٽي پيش ڪئي وئي، ڪافي دير تائين ان خوبصورت ماحول ۾ ڪچهري ۽ چانهه جو مزو وٺندا رهياسين. هوٽل کان نڪرڻ وقت جامي چيو ته باڪو ۾ آخري شام اهڙي ئي هئڻ گهربي هئي، يقينن جامي جو اهو جملو اسان سڀني جي جذبن جي ترجماني هئو. غلام حيدر کان هوٽل تي ئي موڪلائڻ چاهيوسين پر ھن اسان جي هڪ به نه ٻڌي ۽ قلعي جي ان گيٽ تائين آيو جتي اسان جو انتظار پئي ڪيائين.

باڪو جي اها شام ۽ رات توڙي ان جو لفظن ۾ بيان نه ڪري سگهڻ جهڙو حُسن حقيقت هئو پر اهو سڀ ڪجهه هڪ خوبصورت خواب جهڙو پئي لڳو. اولڊ باڪو مان نڪري نظامي اسٽريٽ جي ميلي ۾ پسار ڪندڙ خوبصورتي واري جام کي اکين سان پيئندي رات دير سان اچي ڪمري تي سهڙياسين.

اولڊ باڪو جو سحر ۽ واپسيءَ جو افسوس!

حيرتناڪ خوبصورتين سان مالا مال دريائن جي سرزمين آذربائيجان ۾ آخري ڏينهن ۲۰ اپريل تي صبح جو سڀئي دوست بيگون ٺاهي تيار ٿي ناشتي جي ٽيبل تي ملياسين. ڳوٺ موٽڻ ۽ پنهنجي ڪٽنب ۽ دوستن وٽ واپس وڃڻ ته يقينن سٺو پئي لڳو پر اها به حقيقت آهي ته باڪو ۾ هفتو جلدي گذري وڃڻ ۽ هن حسين دنيا کي الوداع ڪرڻ وقت ٿورو ٿورو افسوس به ٿيو پئي.

پروگرام مطابق ايئرپورٽ وڃڻ کان اڳ اسان کي حيدر علوي ميوزيم وڃڻو هئو،

حيدر علوي ميوزيم ۽ ڪلچرل سينٽر باڪو شهر جي وچ ۾ هڪ وڏي ايراضيءَ تي پنهنجي منفرد نقشي ۽ اسٽرڪچر جي ڪري نمايان نظر اچي ٿو، هن سينٽر جي بلڊنگ حيدر علوي جي صحيح (signature) واري شڪل ۾ ٺهيل آهي. سينٽر کان ٻاهر چئني پاسن کان وڏي ايراضيءَ تي خوبصورت پلانٽيشن کان سواءِ واٽر فائونٽن ۽ پاٿ ٺهيل آهن، اسان واري ڊرائيور آرزو جي ڳالهه صحيح هئي ته هن سينٽر جي وزٽ لاءِ وڌيڪ وقت هئڻ گهرجي اڄ ٿورو ٽائيم آهي ڇو ته ايئرپورٽ تي فلائيٽ ٽائيم کان گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪلاڪ اڳ پهچڻ گهرجي.

۱۹۶۹ کان ۱۹۸۲ تائين سوويت آذربائيجان جي پهرين سيڪريٽري ۽ آڪٽوبر ۱۹۹۳ کان آڪٽوبر ۲۰۰۳ تائين عوامي جمهوريه آذربائيجان جي صدر رهندڙ حيدر علوي جي نالي سان قائم ٿيل هن ڪلچرل سينٽر جي اڏاوت جو ڪم ۲۰۰۷ کان شروع ٿيو جيڪو ۱۰ مئي ۲۰۱۲ ۾ مڪمل ٿيو. ۲۵۰ ملين ڊالرن جي لاڳت سان مڪمل ٿيل هن سينٽر کي جڳ مشهور عراقي برٽش آرڪيٽيڪٽ ذوها حديد ڊزائين ڪيو.

حيدر علوي کي آذربائيجان ۾ قومي هيرو طور تمام وڏو مان ۽ مرتبو حاصل آهي، هي پنهنجي هيروز جي عظمت کي ياد رکڻ لاءِ اهڙا يادگار ٺاهي انهن کي پوري دنيا ۾ اهڙي طرح روشناس ڪرائن ٿا جو اُهي تاريخ ۽ ماڻهن جي دلين ۾ سدا حيات رهن ٿا.

 حيدر علوي ميوزيم کي صحيح طرح ڏسڻ لاءِ پورو ڏينهن گهرجي پر اسان وٽ وقت بنهه گهٽ هئو پر جيڪڏهن هي ميوزيم نه ڏسون ها ته ٽوئر اڌورو محسوس ٿئي ها. کير جهڙي اڇي رنگ واري هي بلڊنگ باڪو جي خوبصورت ۽ انتهائي اهم جاءِ آهي. هن سينٽر جي ڊزائين ۽ اڏاوت ڏاڍي بي مثال هئي باقي اندر جيڪي شيون رکيل هيون انهن مان ڪافي شيون اهڙيون هيون جيڪي صرف پيشڪش ۽ سيٽنگ جي ڪري بهتر ۽ وڻندڙ پئي لڳيون نه ته اُهي بلڪل عام رواجي شيون هيون. باقي اهو سينٽر ان جي ترتيب ۽ شين مان ڪافي آئيڊياز مليا جن کي ٿوري خرچ ۽ ٿوري محنت سان ٺاهي سگهجي ٿو، پر مسئلو اهو آهي ته اسان وٽ اهڙين شين لاءِ ٿورو ناڻو ۽ ٿوري محنت به ناپيد آهي. بحرحال هر حال ۾ ڪوشش جاري رکڻ گهرجي ڪڏهن ڪڏهن ڪوششن سان ناممڪن ڪم به ممڪن بڻجي پوندا آهن.

آذري قوم پنھنجي قومي هيروز ۽ اديبن، شاعرن، سائنسدانن، فنڪارن توڙي عالمن سان گڏوگڏ پنهنجي ٻوليءَ سان به تمام گهڻو پيار ڪري ٿي. هنن وٽ انگريزي نه اچڻ واري ذري برابر به محرومي محسوس نه ٿي. هتي اڪثر جاين تي سائن بورڊن ۽ دوڪانن جا نالا آذري ٻوليءَ ۾ لکيل هئا. هتي انگريزي ٻولي جو واهپو تمام گهٽ ۽ محدود هئو.

هتان جي هڪ ڪروڙ ويهه لک آباديءَ مان لڳ ڀڳ ۹۲ لک ماڻهو پنهنجي آذري ٻولي ڳالهائن ٿا. هتان جي مارڪيٽ ۽ شاپنگ مالن ۾ دنيا جهان جون بهترين ڪوالٽي واريون شيون موجود آهن خاص ڪري ترڪي جون شيون وڌيڪ آهن، هتان جي ماڻهن لاءِ شين جا اگهه مناسب آهن ڇالاءِ ته هتان جا ماڻهو ڪمائن به هتان جي حساب سان ٿا پر اسان لاءِ شيون ڪنهن حد تائين مهانگيون هيون ڇو ته هنن جو هڪ منٽ اسان جي ۱۱۳ روپين جي برابر هئو.

آئون اڳ ۾ به ٻڌائي چُڪو آهيان ته آذربائيجان مسلمان ملڪ آهي ۽ هتان جي ۹۵ سيڪڙو آبادي مسلم آهي پر هتي مذهب کي ماڻهو ۽ الله سائين جو معاملو سمجهيو وڃي ٿو ۽ ڪنهن به قسم جي مداخلت نه ٿي ڪئي وڃي، هر ماڻهو پنهنجي مذهبي عقيدي ۾ آزاد ۽ مطمعن آهي، اهو ئي سبب آهي جو هتي فرقيواريت يا انتهاپسندي جو تصور به نظر نه ٿو اچي. باڪو واري هن ٽوئر ۾ ٻين ڳالهين کان علاوه جيڪي خاص ڳالهيون مون شدت سان محسوس ڪيون انهن مان خاص طور تي هيٺيون ڳالهيون اهم آهن :

آذربائيجان ۾ ليکڪن، فنڪارن، آرٽ، تاريخ ۽ ثقافت سان تمام وڏو لڳاءُ ۽ تمام وڏو قدر نظر آيو.

هتان جا ماڻهو شخصي آزادي ۽ سيڪيولر سوچ ۾ يقين رکندڙ، پنهنجي ڪم سان ڪميٽيڊ، صفائي پسند، ڏاڍا نرم مزاج ۽ خوش پوشاڪ آهن.

صفائي سٿرائي ۽ ذميداري جي معاملي ۾ سمورو سماج مثالي آهي، ڪا به جاءِ، ڪا به گهٽي، ڪو به رستو رياست پاران بي ڌياني جو شڪار محسوس نه ٿيو. هزارين لکين ماڻهو روڊن رستن تي هلندي ۽ کائيندي پيئندي نظر آيا پر ڪٿي ڪو پنو، ڪو ريپر يا ڪا ذري جيتري گندگي به نظر نه آئي.

آذربائيجان جي گادي واري شهر باڪو ۾ روزانو ۶ کان ۷ ڪلوميٽر پنڌ گهمندا رهياسين پر ڪٿي به ڪا ڪلينڪ يا ڊاڪٽر جو سائين بورڊ نظر نه آيو. ميڊيڪل اسٽور به هڪ يا ٻن جاين تي نظر آيو جنهن مان محسوس ٿيو ته هتي امن امان جي صورتحال به بهتر آهي ۽ ساڳي وقت صحت جا اشوز به تمام گهٽ آهن.

هڪ هفتي ۾ اسان کي ڪٿي به ڪا مک، مڇر يا ٻيو جيت، ڪرڙي يا ڪو ڪاڪروچ نظر نه آيو.

ڪٿي به ڪو فقير نظر نه آيو سواءِ هڪ جاءِ تي ٻن ٻارن جي، جن پئسا گهريا.

سڀئي ماڻهو خوش، مطمعن ۽ پُرسڪون محسوس ٿيا، ڪنهن کي ڪا تڪڙ يا پريشاني نه هئي، ڪنهن کي ڪنهن سان تيز ڳالهائيندي به نه ٻڌوسين.

ڊريسنگ جي معاملي ۾ سڀئي ماڻهو صاف سٿرا ۽ خوش پوشاڪ هئا، هوٽل جا بيرا هجن يا ٽيڪسي ڊرائيور اُهي يا ته فل سوٽ يا سٺي ڊريس ۾ نظر آيا.

ٽيڪسي ڊرائيور جي وقت جي پابندي مان محسوس ٿيو ته هتان جا ماڻهو وقت جا به تمام گهڻا پابند آهن.

شهر جي چپي چپي تي خوبصورت باغيچا ۽ دلفريب ڦوهارا نظر آيا. ننڍي کان ننڍي باغيچي کي به مثالي انداز ۾ سنڀاليو ۽ سينگاريو ويو هئو.

گهٽين، رستن ۽ جاين کي، خوبصورت لائيٽنگ سان وڏي مهارت سان سينگاريو ويو هئو.

رياست پاران عوام جي سهولت، آسائش ۽ زندگيءَ کي آسان بڻائڻ جا هر ممڪن ۽ مثالي انتظام ٿيل هيا.

رياست جي ذميواري ۽ ڪمٽمينٽ جي ڪري پورو سماج زندگيءَ جي هر پل کي ڀرپور انداز ۾ ماڻيندي محسوس ٿيو. رياست جو ماءُ جهڙو ڪردار حقيقي طور نظر آيو.

ننڍو وڏو سڀ جا سڀ ماڻهو پنهنجي ڪم ڏانهن تمام گهڻا ذميوار ۽ سچا نظر آيا. ڪنهن به قسم جي ڪم چوري ۽ ٻه نمبري يا سستي نظر نه آئي.

روڊ، رستا، گهٽيون، دوڪان، هوٽلون، ڪئبنس ۽ سڀئي اسپاٽس تمام گهڻي نفاست سان ٺاهيل ۽ سهڻي نموني آرگنائيز ڪيل هئا.

هتي ٽوئرزم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ننڍي کان ننڍي جاءِ کي به ايتري ته ڪمال خوبصورتي ۽ آرٽسٽڪ انداز سان سنواريو ويو هئو جو ماڻهو اتي جي ماحول مان سڪون محسوس ڪري ٿو.

پنهنجي تاريخي ۽ قومي ورثي کي سنڀالڻ ۽ زنده رکڻ جي معاملي ۾ به هي قوم بي مثال آهي.

هتي جي عورت به مرد جيتري آزاد، محفوظ ۽ بي فڪر محسوس ٿي.

ٿڌ هئڻ جي باوجود ستن ڏينهن جي سفر ۾ اسان مان ڪنهن کي به زڪام يا ڪنهن قسم جي الرجي وغيره نه ٿي، ماحول جي بهتر هجڻ جو زندگيءَ تي تمام سٺو اثر محسوس ٿيو.

آذربائيجان سڌريل معاشري جي چٽي تصوير لڳو.

گذريل رات جيئن ته باڪو ۾ اسان جي آخري رات هئي ان ڪري دير تائين اولڊ باڪو ۾ وقت گذاريوسين سو رات جو بيڊ تي به اولڊ باڪو جي سحر ۾ گم رهيم ۽ دير تائين ان متعلق ئي سوچيندو رهيس. هونئن ته سمورو شهر توڙي ٻيا علائقا پنهنجي صفائي، ماحول، ترتيب ۽ خوبصورتي جي ڪري وڻندڙ هئا پر اولڊ باڪو کي به جنهن نموني سان خوبصورت رکيو ويو آهي اهو ڪمال آهي. پوري شهر ۾ هڪ سر به ڪٿي بي ترتيب يا غلط جاءِ تي رکيل نه هئي، ڪچري جو ته تصور به نه هيو پر لائيٽنگ به ڪمال هئي. اولڊ سٽي ۾ سڀئي جايون خوبصورت ۽ تاريخ جو نادر نمونو هيون. هڪ مسجد ھزار سال پراڻي به پنهنجي جاهه و جلال سان بيٺل نظر آئي، مسجد جي بيهڪ ۽ مضبوطي ڏسي يقين سان چئي سگهجي ٿو ته ٻيا ھزار سال نه ته به سوين سال ڪو لوڏو نه ايندس.

فلائيٽ ٽائيم کان ٻه ڪلاڪ اڳ حيدر علوي انٽرنيشنل ايئرپورٽ باڪو پهتاسين، ضروري ڪاررواين مان واندا ٿي لائونج پهتاسين، جيسيتائين بورڊنگ شروع ٿئي ٻيا دوست ويهي رهيا پر مون ايئرپورٽ جو رائونڊ هنيو، جيئن واپس سنگت وٽ پهتس ته جامي پڇيو ته پاڻي ملي ويندو؟ آئون پاڻي وٺڻ لاءِ لائونج جي ٻئي پاسي ويس ته پويان علم الدين به آيو. اسان مزي سان پاڻي وٺڻ لاءِ اڳتي هلندا پئي وياسين پويان بورڊنگ شروع ٿي وئي ته سنگت پريشان ٿي وئي، اسان مزي سان واپس پئي آياسين هوڏانهن بورڊنگ ڪلوز ٿيڻ تي هئي، خير ان کان اڳ جو آخري اعلان ٿئي اسان پھچي وياسين ۽ اچي جهاز ۾ پنهنجن سيٽن تي ويٺاسين مس ته جهاز هلڻ شروع ڪيو ۽ اسان جهاز جي دريءَ مان باڪو کي الوداع چيو.

پوڻن ٻن ڪلاڪن ۾ اسين دبئي ايئرپورٽ تي هياسين، جامي ۽ علم الدين ڊيوٽي فري شاپ تان پنهنجي پسند جون شيون ورتيون ۽ اسان انهن جي خريداري تي “ٻين جي خوشي ۾ پنهنجي خوشي” واري اصول تحت خوش ٿياسين. دبئي ۾ ٻن ڪلاڪن جي وٿي کان پوءِ ٻيهر جهاز ۾ سوار ٿياسين ۽ رات ۹ لڳي ڪجهه منٽن تي ڪراچي ايئرپورٽ پهتاسين، ٻين جو سامان ته جلدي اچي ويو پر جامي ۽ اسحاق جي بيگ جو ڏس پتو ئي نه هئو. انتظار ڪندا رهياسين پر بيگ نه آيا جڏهن خبر پئي ته ٻئي بيگ دبئي مان لوڊ ناهن ٿيا ته ايئرپورٽ تي لاڳاپيل ڪائونٽر تي شڪايتي فارم ڀري نڪتاسين. اسان کي دوستن جي سامان رهجي وڃڻ جو ارمان هئو پر جامي ان کي به سيليبريٽ ڪرڻ جو اعلان ڪندي سنگت کي هاءِ وي تي سدابهار هوٽل تي ڊنر ڪرايو. اهڙي طرح هن سفر کي سنگت جي ساٿ، چرچن، دلچسپ جملي بازي ۽ اڻ کٽ ٽھڪن يادگار بڻائي ڇڏيو.

***

No comments:

Post a Comment