کيرٿر جون ور وڪڙ ڳليون
حبيب ساجد
الاھي دفعا غلط ٽرين ۾ چڙھي،
مان صحيح جاءِ تي پھتو آھيان.
(پائلو ڪوئيلھو)
اھي سال ۲۰۱۰ع جي
سرءَ مندَ جا وچولا ڏينھن ھيا، ملڪ جي مٿين علائقن جو ٻوڏ وارو پاڻي جڏھن
غيراخلاقي طور تي جوڙيل سمورن ڊيمن جي گنجائش کان چڙھي ويو ته نڪَ جي پڪائيءَ سان
اھو سنڌ ڏانھن ڇڏيو ويوھو، نتيجي ۾ اتر سنڌ جي لڳ ڀڳ سڀني علائقن کي اھو پاڻي ٻوڙيندو
گذري رھيو ھو ۽ مون انھيءَ ٻوڏ جي پاڻيءَ جو وھڪرو پنھنجي اکين سان روھڙيءَ جي
ستين جي آستان واري ٽڪريءَ تان پنھنجي دوست مشتاق صاحب سان ڏٺو ۽ خوفزده ٿي ويو
ھيس، لئنسڊائون ۽ ايوب ٻنھي پلين ھيٺيان پاڻي ڪوئي ۳۰ يا ۳۵ ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي
رفتار سان وھي رھيو ھو ۽ سرپٽ ڇوليون وچ درياھه ۾ کڙي ٿيل ساڌو ٻيلي جي ديوارن سان
زور سان ٽڪرائجي اُٿلَ کائي وري واپس ٿي رھيون ھيون. خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس ٽرين
جيڪا ھونئن پشاور کان وايه ڪنديان، ڊيره اسماعيل خان،جيڪب آباد، شڪارپور ،لاڙڪاڻو،دادو،ڪوٽڙي
۽ ڪراچي ھلندي ھئي، ٻوڏ جي ڪري ان جو روٽ تبديل ڪري ڪنديان، ملتان، روھڙي، سکر ۽
پوءِ حبيب ڪوٽ کان وري پنھنجي ساڳي روٽ سان ھلائڻ لڳا ھئا ۽ منھنجي ڊيوٽي روھڙيءَ
کان ڪوٽڙيءَ تائين ٽرين انچارج گارڊ طور لڳي ھئي روھڙيءَ کان جھنڊي ڏيکاري گاڏي
صبح جو اٺين وڳي ھلي ۽ نائين وڳي حبيب ڪوٽ اسٽيشن تي اڌ ڪلاڪ لاءِ بيٺا سين ڇوته
حبيب ڪوٽ ۾ انجڻ جو منھن ڦيرايو ويندو آھي. انگريزن جي دور جي ٺھيل ٽرن ـ ٽيبل
کوھه اسٽيشن جي اولھه طرف شڪارپور واري لائين جي ڀڪَ ۾ ٺاھي وئي آھي. ان کوھه نما ڦرڻيءَکي
لوھي بيرنگس ۽ فريمن سان جوڙيو ويو آھي، انجڻ جيئن اچي بيھندي آھي ته ھڪ ڄڻو لوھه
جي ھٿيي جي معمولي زور سان ۳۰۰ ٽنن جي انجڻ کي جھرڪيءَ جيان ڦيرائي ان جو منھن
تبديل ڪري ان کي لاڙڪاڻي طرف ڪندو آھي ۽ ان ۾ مشڪل سان پنج منٽ لڳندا آھي، اھا انجڻ
وري ٽرين جي مھڙَ ۾ اچي لڳندي آھي اھو مھڙ اڳ ۾ روھڙيءَ کان پُڇڙ ھيو. سکر کان ۳۳ ڪلوميٽر
اولهھ طرف روھڙي ـ ڪوئٽه سيڪشن تي ھيءَ حبيب ڪوٽ اسٽيشن تعميراتي سونھن ۾ اسان جي
سکر ڊويزن جي ھڪ اھم اسٽيشن ڪري ليکي ويندي آھي، اسٽيشن جي تعمير ۱۹۴۶ع ۾ ڪئي وئي
ھئي يعني ملڪ ٺھڻ کان ھڪ سال اڳ۾، مون ھن اسٽيشن تي ھڪ سال ٽڪيٽ بابوءَ طور ۲۰۰۰ع
۾ ڊيوٽي ڪئي ھئي، اھو منھنجي سروس ڪيريئر جو ھڪ يادگار دور ھيو، ان اسٽيشن تي ۳ ٽرينيون
اپ ۽ ڊائون بيھنديون ھيون ۽ ھتان سبزي ڪوئٽه ويندي ھئي، مون کي ياد آھي چاچو بگو
مھر روز اسٽيشن تي سبزيءَ جا ٻه ٽي گڏھه گاڏا ڀرائي ڪوئٽه اماڻيندو ھو، اسٽيشن جي
آڏو ئي ٻه ڇپرا ھوٽل ھوندا ھئا، جن مان ھڪڙو بروھيءَ جو ھوٽل سڏبو ھو ۽ ٻيو وري
مھر جو ھوٽل . ٻنھي تي ڪمال جي چانھه ملندي ھئي، ملاوٽ کي اڃان ھتي ھڪ معاشرتي ڏوھه
تصور ڪيو ويندو ھو، ان ڪري خالص کير جي چانھه پيئڻ کان پوءِ اوڳرايون اينديون ھيون
ڄڻ چانھه نه پر کيرَ جو ڪوپ پيتو ھجي. ان ئي اسٽيشن جي سانت ۽ سڪون واري ماحول جي ڪري
مون ھتي پورو ھڪ ڪتاب ترجمو ڪيو ھو، پئبلو نيرودا ۽ امارو جا نظمَ مون ان اسٽيشن
جي سانت ۾ ترجمو ڪيا ھئا.