لنڊن جو سفر ۽ ڪجهه ذڪر
برطانوي بادشاهت جو
عبدالحي پليجو
گُذريل ڪالم
۾ ذڪر ڪري رهيو هئس ته، برٽش موٽر وي ذريعي اسان جو لنڊن ڏانهن سفر جاري هو. بس ڊيلَ
وانگر ٽِلندي، لنڊن کي ويجهو ٿيندي وئي. لنڊن پهچڻ کانپوءِ به بس کي ٽوئر آفيس پهچڻ
۾ ڪافي وقت لڳي ويندو آهي. چوطرف خوبصورت منظر لڳو پيو آهي، آسمان ۾ ڪَڪرن تي سج جي
تيز روشني پوڻ سان ڪَڪر ڏاڍا خوبصورت لڳي رهيا آهن. آئون کين ڏسي رهيو آهيان ته، ڪڪر
بيٺا آهن يا آسمان ۾ تمام آهستي آهستي اڳتي
وڃي رهيا آهن. ڪجهه وڻ آمريءَ جهڙا نظر آيا، ڌيان سان ڏٺم پر آمريءَ جا وڻ ڪونه هئا.
يورپ ۾ وَڻ ڏسڻ جو مزو جرمنيءَ ۾ وڌيڪ آهي، جتي ڪرسمس ٽريءَ جا ٻيلا ڏاڍا دلفريب ۽
وڻندڙ ٿا لڳن. ڪلاڪن جا ڪلاڪ انهن مان لنگهندي به دل ڪانه ٿي ڀرجي. سڄي يورپ جي سڀني
ملڪن ۾ سوين سال بادشاهت رهي، جن ۾ فرانس. اٽلي، جرمني ۽ روس ۾ بادشاهت ختم ٿي وئي،
پر بيلجم، هالينڊ، سوئيڊن، موناڪو. لگزمبرگ ۽ انگلينڊ ۾ اڃا تائين نالي ماتر بادشاهت
قائم آهي. جيتوڻيڪ انگلينڊ جي بادشاهت به اڄڪلهه لوڏن ۾ آهي، پر تنهن هوندي به ملڪ
جي وڏي اڪثريت اڄ به بادشاهن ۽ موجوده راڻيءَ سان جذباتي طرح پيار ڪري ٿي. جيتوڻيڪ شهزادي چارلس جي ڪردار مان برطانيه
جي وڏي اڪثريت خوش ناهي. مون ڪيترا ڀيرا انهيءَ باري ۾انگلينڊ جي اخبارن ۾ پڙهيو ۽
مختلف انگريز شهرين سان انهيءَ تي بحث ٿيا، جن جا رايا سندن راڻيءَ جي باري ۾ ڪجهه
هن ريت آهن ته، ’هيءَ بادشاهت، برطانوي نه پر جرمنيءَ وارن کان اُڌاري ورتل آهي
۽ اها حقيقي بادشاهت نه آهي. شاهي اختيار ٽين
ڊائوننگ اسٽريٽ وٽ آهن. اهي اختيار پارليامينٽ نه پر وزير اعظم سان واسطو رکن ٿا. اهڙيءَ
صورت ۾ وزير اعظم سموري جمهوري عمل ۾ اعلى حيثيت جو مالڪ آهي، جيتوڻيڪ وزير اعظم کي
سمورا اختيار حاصل آهن، تنهن هوندي به شاهي خاندان سماجي طور تي غير جانبدار ڪونهي،
غير سياسي تاجدار جي تابعداريءَ جو مطلب آهي ته، سياستدانن کي حاصل اختيار مڪمل ناهن،
سياستدان رياستي مشينري آهن ۽ مختيار ڪل حاڪم نه آهن.‘