Tuesday, February 05, 2013

روهي ۾ هڪ رات - سردار شاهه

روهي ۾ هڪ رات!
سردار شاهه
اها رات هئي يا فطرت جي جادوگري ۽ فنڪاري جو ڪو من موهيندڙ ميوزيم هيو. آسمان هيو، يا ڪوئي پراسرار گنبذ هيو. ستارا، حسنِ ازل جي پياسن مسافرن جي قبرن جا ڏيئا لڳي رهيا هئا ۽ چنڊ، اهو چوڏهين جو چوڪيدار چنڊ، ته ڪنهن آدي جڳادي مجاور جيان انهن گمنام قبرن تي پنهنجي چوڪس نگاهن جو نور هاري رهيو هو ۽ ڌرتي، ته ڪنهن مست الست رقاصه جيان چانڊوڪي جو چولو پائي جهمريون هڻي رهي هئي ۽ ڄڻ چئي رهي هئي؛
مون ۾ تون موجود
آئون اڳاهين آهيان
آئون اسونهين آهيان

هر طرف سانت، ڪنهن صوفي جي چادر جيان چانڊوڪي سان گڏ وڇائي پئي هئي. رکي رکي ڏاچين ۽ اٺن جي ٽِلين جا آواز سانت جو سينو چيري کٻڙن ۽ لين تان لهندي اسان جي سماعتن سان هم ڪلام ٿي رهيا هئا. ائين لڳي رهيو هو، ڄڻ اهي ٽِلين جا آواز نه هجن، پر لطيف جي ڪن پٽ، ڪاپٽ ڪاپڙين جا ڪڙولا هجن، جيڪي اسان جي ڪنن کي چمندي چيري رهيا هجن ۽ دور پري ڪنهن ريت جي ٽِٻي ۽ ٽِيلي تان، ڏاچين جا ولر واريندڙ روهيلين ۽ جتڻين جا هوڪرا هُري رهيا هئا، جيڪي پنهنجي ڏاچين جي توڏن ۽ گئونرن کي ائين پڪاري رهيون هيون، جيئن ماءُ پنهنجي ممتا سان ۽ ٻچڙن کي پڪاريندي آهي. اهي نازڪ نازو جتڻيون جن لاءِ ائين پئي لڳو، ڄڻ خواجه فريد ڪوٽ مٺن جي مرقد مان ڪنڌ کڻي ڪوڏ مان پيو چوي:
وچ روهي دي رهنديان
نازڪ نازو ڄٽيان
راتين ڪرن شڪار دلين دي
ڏينهان ولوڙن مٽيان
ڪئي مسڪين مسافر ڦاٿي
چور ڪيتوني ترٽيان
اها فريدڻ سائين جي روهي جي اها رات هئي، جڏهن ڀٽ ڌڻي جي ملير جا مسافر، پنهنجي ڌرتي جي ڀنل اکين جا خواب کڻي روهي جا راهي ٿيا هئا. وصل جي واٽ تي ڪيل اهو سفر، جسم جي روح سان ملاقات جيان هيو. هڪ اهڙو خواب جهڙو سفر، جنهن لاءِ اکين انيڪ جوڳ پچايا هجن، عقل جو عشق ڏانهن سفر، دماغ جو دل ڏانهن سفر. هڪ اهڙو سفر، جڏهن اڪبر لغاري عقل جي ڪارخاني مان نڪري عشق جي آڏاڻي تي ڪنهن ڪاپائتي جيئن ڪتڻ لڳي. اسحاق سميجو پنهنجي اندر جي آرسي ۾ پاڻ پسڻ لڳي. سائين نور علي شاهه پنهنجي شان بي نيازي جا سڀ نيئر ٽوڙي چڪو هجي ۽ اسان جهڙا نامراد ته پنهنجي خودي جي خول مان نڪري خيال جي وادي ۾ واڪڻ لڳن، ته اهو سفر ته وصال ئي وصال هوندو. ذات سان يا ڪائنات سان، ملڻ ئي ملڻ هوندو. روهي ته اها موکي بڻجي ويئي، جنهن پنهنجا سڀ مٽ کولي ڇڏيا هئا ۽ روهي جي ريگستان مٿان فريدڻ سائين جي ڪافي ڪنهن ڪونج جيان پنهنجا پر کولي ڪُرلائي رهي هئي:
اها روهي يار ملاوڙي وي
شالا هووي هر دم ساوڙي وي
وڃ پيسون لسڙي گاوڙي وي
گهن اپڻي سوهڻي سائين ڪنون
روهي جي رائلن تي اهو سرائيڪي وسيب جو سنڌ سان ميلاپ هيو يا الائي سنڌ جو سنڌ سان سنجوڳ هيو، جڏهن اسان روهي جي ٻاٻيهي جهڙي بي چين روح جي پڪار تي اتي وڃي پهتا هئاسون. اڪرم گُرماڻي، دمان جي ڌرتي جو اهو دادلو ۽ ديوانو پٽ آهي، جيڪو ملڪان ملڪ تيل ڪمپنين ۾ نوڪريون ڪري پنهنجي هڙ موڙي اچي سنڌ ۽ سرائيڪي وسيب جي شاعرن، ڳائڻن ۽ ڪتابن تي خرچ ڪندو آهي. تونسا شهر جي پاسي ۾ ڪنهن ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ هن الستي انسان جي اندر ۾ الائي ڪهڙي توئنس آهي، جو سدائين وتندو آهي چوندو ته، وادي سنڌ جي وڇڙيل وجودن کي پاڻ ۾ ملائڻو آهي. سرائيڪي ۽ سنڌي هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن. اسين به فرزندِ سنڌ آهيون، اسان کي ملڻ کپي ۽ انهيءَ انس ۾ وتندو آهي ماڻهو ميڙيندو، ڳائڻا، شاعر ۽ دانشور سڏيندو. منهنجي سرائيڪي وسيب جي پهرين سفر کان وٺي هن سفر تائين جو سهرو به هن ماڻهو جي سِر تي آهي. هن جي سيني ۾ دراوڙ جي دل آهي، جيڪو هن ملڪ جي ڪئپيٽيل جي ڪوفي جي ڪنهن محفل ۾ ڪنهن سيلاني سپوت جيان ڇاتيءَ تي هٿ هڻي پنهنجي ئي دمان جي شاعر ارشاد تونسوي جي لفظن ۾ دانهن ڪندو آهي ته:
ميڏي اڳون سنڌ پيا وهندي
ميڏا ميڏي پيو دا محسن
ساري ڌرتي دا لڄپال
ساري ڌرتي ميڏي اندر
ميڏي قدمين سنڌ دا پاڻي
سِر تي پير فريد دا سايه
مين ڌرتي دا پُتر
ڪڏهن هو روهي ۽ ٿل جي ڄارين مان پيرون چونڊڻ ايندو آهي ته ڪڏهن پيار. هن ڀيري جڏهن هن وري پنهنجي پلاند ۾ پيار چونڊڻ جو سڏ ڏنو ته اسان به وڃي روهي جي واريءَ جي وڇاڻن تي ويٺاسين. اسان جي چوياري لاءِ چولستان انهيءَ چولي جيان ٿي پيو هو، جنهن کي شايد وجود تان ڪڏهن به لاهي نه سگهجي. بهاولپور ضلعي جي شهر يزمان کان اوڀر طرف چنڙ پير جي مقام کان چولستان جي ان رائلي چنڊ ۽ ڌرتي جي وچ ۾ فقط اسين ئي هئاسين. هلڪي هلڪي ٿڌ جا ٿڌڙا هئا، وچ ۾ باهه جو مچ، سچ جيان شعلا شعلا هو. سرائيڪي زبان جي نهايت ئي خوبصورت نانءَ عزيز شاهد جي شاعري، سُرندي ۽ کماچ جي سرن تي روهيلن جو رقص ۽ ان کان به وڌ ٿال کي وڄائي روهي جا گيت ڳائيندڙ شاعر جهانگير مخلص جو آواز روهي جي رڙ جيان اڀريو:
آ ڪي ڏيکين روهي دا راول اٿان
ڪيوين جيوڻ دي خيرات پندا کڙي
اسين روهي تي روح نان رڄ ڪي وسي
اينجهي سانوڻ تون برسات پندا کڙي
آ ميڏا جانيان، آ ميڏي ديس وچ
روهي جي رڙ ٻڌي اکيون ٻوٽي، درد جي آڱر پڪڙي ياد جي رستي تي هڪ ڊگهي سوچ جي سفر تي نڪري پيس. انهيءَ واپسي جي واٽ تي ڪيتريون ئي ڪٺور حقيقتون، هجر جي هوا جيان گهلي پيون ۽ فريدڻ جي ڌرتي وارياسي جي وڻ جيان پن پن ٿي ڇڻندي وئي. (ڄڻ اها به ڀٽائي جي ڌرتي هجي) سمورو سرائيڪي وسيب ڪنهن مسڪين مڱڻهار جي ٽٽل دهل جيان درد ٿي وڄڻ لڳو. سچ پڇو ته سرائيڪي ديس مون کي ان دلي جيان لڳندو آهي، جنهن کي ڪنهن ڪنڀار غم ۽ فراق جي مٽيءَ مان ٺاهيو آهي. جنهن گهڙي ۾ پاڻي جي بجاءِ پياس ئي ڀري  سگهجي ٿي. سرائيڪي وسيب، واديءِ سنڌ جو اهو خطو آهي، جتي وک وک تي توهان کي اتهاس جا الائي ڪيترا باب ۽ نشيب فراز ساهه کڻندي محسوس ٿيندا. ڪٿي توهان کي ائين لڳندو ته اجهو هاڻي هاڻي هتان، سنڌوءَ جي هن ڪناري کان ڪو ديوانو دراوڙ سوم رس پي اندر ديوتا جي اولي ۾ رقص ڪري روانو ٿيو آهي. ڪٿي ڪنهن جاءِ تي ائين لڳندو ته ڪو سوريه ونش آريو، رگ ويد جو اهو باب لکي رهيو آهي، جنهن ۾ سنڌو درياهه ڪنهن سُوئا ڳئون جيئن رانڀاٽ ڪندو پيو اچي. ملتان جي شيخ بهاءُ الحق ذڪريا ۽ سخي رُڪن عالم جي روضي وٽان بيهي ڏسندئو ته توهان کي لڳندو ته ملهي قوم جي راءِ امڀي جي زهريلن تيرن هٿان سڪندر اعظم ڪنهن زخمي چيتي وانگي رت ڳاڙيندو ۽ پنهنجا ڦٽ چٽيندو واپس مقدونيا ڏانهن مات کائي موٽي رهيو آهي. ٿل جي ڳوٺ مور-جهنگي وٽان محسوس ڪندئو ته سڪندر اعظم جي ٽيڪسلا ۾ مقرر ڪيل گورنر سيليڪوس کي ڀڄائڻ لاءِ ڪوتليه چاڻڪيه جي جنگي علم جي آڱر پڪڙي مگڌ جو مانجهي مڙس چندر گپت موريه پنهنجي لشڪر سان هاڻي ئي هوڪيندو ويو آهي. رحيم يار خان تان ڪجهه مفاصلي تي پراڻي هاڪڙي جي ڪنڌيءَ تي موجود ”پتڻ منارا“ وٽ بيهي ڏسندئو ته ڄڻ گوتم جي گيڙو پوش ڀڪشوئن جو هڪ وڏو ميلو اوهان جي من جي آشرم ۾ متل ملندو، جيڪي ڪنهن گهري گيان ۾ گم آهن. دمان جي ڌرتي تي ڪوهه سليمان جبل جي ڪنهن اتاهين چوٽيءَ تان بيهي هڪ ڊگهي نهار ڪندو ته لڳندو ڄڻ سمورو سرائيڪي ديس اوهان جي اڳيان ڪنهن سفيد ململ جي ٿان وانگر کلي پيو آهي. جنهن جي هڪ ڪنڊ تونسه شريف ۾ شاهه سليمان تونسوي جهليو بيٺو آهي ته ٻئي ڪنڊ ڪوٽ مٺن جي خواجه غلام فريد جي جهليل آهي ۽ هوڏانهن پري باقي ٻئي ڪنڊون بابا فريد شڪر گنج پاڪ پتڻ واري ۽ اچ شريف جي سرخ بخاري جي هٿ ۾ آهن ۽ سمورو وسيب، ”همه اوست“ جي هُو آهي.
جي اڃا به اندر جي آرسيءَ کي اتهاس جا عڪس پسائڻ چاهيو ته پنجند ٽپي مظفر ڳڙهه جي وڃي مام پروڙيو ۽ ڏسو ته ۱۸۱۸ع ڌاري رنجيت سنگهه لهوري تخت تان لهي شڪارپور فتح ڪرڻ جو خفت کڻي نڪتو آهي ۽ سامهون هڪ مٿير ماڻهو نواب مظفر علي خان ان پنجابي پهلوان سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ اڀو آهي. تيرن ۽ تلوارن جي طوفان ۾ نواب مظفر پنهنجي حياتي جي جنگ ته هارائي ٿو وڃي، پر رنجيتي راڄ کي ملتان کان اڳتي وڌڻ نٿو ڏي. توهان به ٿورو اڳتي وڌو ۽ ساهيوال طرف سفر ڪرايو ته ان رستي تي ڪٿي راءِ احمد نواز خان کرل جي آخري رڙ ته ٻڌڻ ۾ نٿي اچي. ها، راءِ احمد نواز کرل، جيڪو هڪ بهادر قبيلي جو سرفروش سردار هو، جنهن انگريز راڄ ۾ سنڌ وادي جي روايتي سردارن ۽ ڀوتارن جيان گوري سرڪار جي ڳاڙهن ڪارپيٽن تي ليٽاڙا پائڻ ۽ جاگيرون وٺڻ پسند نه ڪيون. پر ۱۸۵۷ع ۾ ڪوٽ ڪماليه کي پنهنجو گوريلا هئڊ ڪوارٽر ٺاهي، مشهور انگريز ڪمشنر لارڊ برڪلي کي قتل ڪيائين ۽ گوري سرڪار لاءِ ڀونءَ ڀنڀٽ ڪري ڇڏيائين. پوءِ نيٺ جڏهن هو گوري سرڪار سان وڙهندي شهيد ٿيو ته گورا عملدار سندس سِسي به کڻي ويا. چون ٿا ته جڏهن ڪجهه وقت کانپوءِ سندس سِسِي واپس ڪيائون ته ان وقت به ڳوٺ ٽيلي نار ۽ صندل بار جي ان سپوت جي سِسِيءَ مان رت ڳڙي رهيو هو.
ها، بلڪل اڃا اتي ئي روهي جي ريت تي ويٺا هئاسين ۽ هلڪي هلڪي ٿڌ، پهرين پهرين پيار جيان پئجي رهي هئي، پر سوچ ۽ سار جي سُئي ويئي مون کي سرائيڪي وسيب سان ڳنڍيندي ۽ اوچتو ئي اوچتو اکين ۾ ڪا مٽي ڀرڻ لڳي ۽ ڏٺم ته اها مٽي قلعه دراوڙ جي هئي. قلعه دراوڙ، جنهن کي اتان جا ماڻهو قلعه ڏيراور چون، اهو وقت جي ستم ظريفي جي هٿان لڏي ۽ ڇڏي ويل ماڻهن جي ڳوٺ جي گهرن جيان بي واهر ٿي ڀرندڙ ۽ جهرندڙ قلعه دراوڙ، جيڪو ڪنهن دور ۾ رياست بهاولپور جو گادي جو هنڌ هو، جيڪو نائين صدي عيسوي ۾ جيسلمير جي راجا ڏيوراج سنگهه ڀٽي جوڙايو هو. ان زماني ۾ ان قلعي جي اڳيان هاڪڙو درياهه هوڪرا ڪري هلندو هو. جڏهن درياهه منهن موڙيو ته سموري علائقي کي ڏهاڳ ڏيئي ويو. آسودي ۽ آباد علائقي ۾ ويراني واڪا ڪرڻ لڳي ۽ پوءِ سورهين صدي ۾ ان قلعي تي غازي خان بلوچ جو قبضو ٿيو. ۱۵۲۴ع ۾ جڏهن لانگاهن ۽ ارغونن ۾ دنگل ٿيو ته لانگاهن کي مات ڏئي مرزا شاهه حسن ارغون اچي قلعي تي قابض ٿيو. ۱۷۳۵ع ڌاري شڪارپور کان آيل عباسي ڪلهوڙن جڏهن اچي بهاولپور رياست جي واڳ سنڀالي ۽ اهو قلعو دراوڙ انهن دائود پوٽن عباسين جو صدر مقام ٿيو، انهيءَ ڏينهن جڏهن اسان انهن ئي عباسي نوابن جي چشم و چراغ نواب شير ميان جي روهي واري ديري ”ڪنگڻ والي“ تي ويٺا هئاسين ته اهو لٽيل ۽ ڦريل شهزادو به مون کي انهيءَ قلعي جيان لڳو، جنهن جي هٿ ۾ پنهنجي مفلسي ۽ بيوسي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به هجي. نواب بهاول خان جي پوٽي نواب شير ميان جون ڳالهيون نه هجن، پر بربادين ۽ المين جا افسانا هجن. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ٺڳيون رڳو بلوچن ۽ سنڌين سان نه ٿيون، پر هنن عباسين کي به ائين وقت جي ويراني ۾ روليو ويو. جيئن خيرپور رياست جي ميرن صاحبن سان پنهنجي پاڪ وطن جي سرحدن جي پاسبانن ۽ سپهه سالارن سخاتون ڪيون. مير مهدي رضا خيرپور واري کان وٺي نواب شير ميان تائين ظلم ۽ ويساهه گهاتي جي هڪ اهڙي ڪاتي آهي، جيڪا انهن جي ڪنڌ تان وهندي رهي آهي. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ پوري ملڪ جي سرڪاري ملازمن جون هڪ سال جون پگهارون ڀريندڙ نواب صادق علي عباسي جي اولاد وٽ سندن محل ۽ حرم سرائون صرف پري کان ڏسي آهون ڀرڻ لاءِ آهن. بهاولپور جي نور محل کان و ٺي ديره نواب تائين عباسين جا سڀ محل پاڪ وطن جي پاڪ فوج جون بيرڪون ۽ ريسٽ هائوس آهن. قلعه دراوڙ، جيڪو سندن شان وٽان نه هو يا رهڻ جي قابل نه هو، ان کي آرڪيالاجي جي حوالي ڪرڻ بجاءِ ناڪاره سمجهي چاٻي نوابن کي نوازش ڪري ڏني ويئي ته جيئن اوهين پنهنجي وڏڙن جو عاليشان ورثو ڏسي اکين جي آبياري ڪري سگهو. صادق آباد کان وٺي بهاولپور تائين جي وچ واريون اڪثر زرخيز زمينون رنجيت سنگهه جي راڄ وارن ۽ هم زبان همزاد همراهن جي حوالي ٿي چڪيون آهن. بلڪل سرائيڪي ٻولي جي ان چوڻي وانگر ته ”رام رام ڪيتي رک، مال پرايا پيتي رک“. وادي سنڌ به هڪ عجيب وادي آهي، پوءِ چاهي سرائيڪي هجن يا سنڌي، انهن جي هر هڪ قصي ۽ ڪهاڻي جو انت ڪو نه ڪو الميو آهي، ڪا نه ڪا ٽريجڊي آهي. اڄ به سرائيڪي وسيب جون صبح جهڙيون سٻاجهڙيون مائرون پنهنجي ٻارن کي هٿ جي آڱرين کي کولي ۽ بند ڪندي قصا ٻڌائينديون آهن ۽ انهن قصن مان الميا ڪنهن ڦٽ جيان ڦاٽي پوندا آهن.
اِٿان ڳان ويائي
اِٿان نارا ڏڌوسي
اٿان کاڌوسي، پيتوسي
اِٿان هيڏا حصه، ٻلي آئي تي چاڳئي
ٻلي دا پيرا چائو، پڪڙو پڪڙو پڪڙو
۽ ان ٻلي جا پيرا کڻندي، واپسي جي واٽ تي ويندي، رستي تي ڏٺل اهي سائن بورڊ، جن تي چڪ نمبر فلاڻو، چڪ نمبر الاڻو لکيل هئا، سوچيندي هانءَ ۾ چڪ پوڻ لڳا.
قطار کان وڇڙيل ڪونج جهڙي روهي کان وٺي هنج پکي جي ٻچي جهڙي ٿل تائين توهان گهمي ڏسو ته خبر پوندي ته انساني سماج جو سڀ کان غليظ ۽ مڪروھ عمل آبادڪاري ڪيئن آهي ۽ ڇو آهي؟ آمريڪا جي چيروڪين ۽ ريڊانڊين کان وٺي آسٽريليا جي ايبورجينز تائين ۽ سائوٿ آفريڪا ۽ ڪينيا کان وٺي سنڌين ۽ سرائيڪين تائين هن آبادڪاري نالي ارڙ بلا ڪيئن نه ڌرتي ڌڻين سان ويل وهايا آهن ۽ پوءِ اها ڳالهه سمجهڻ ڪا ايڏي مشڪل نه رهندي ته هي سرائيڪي نالي مخلوق گذريل چاليهن سالن کان پنهنجي تشخص ۽ تحفظ جي تلاش ۾ ”تخت لهور“ کي ڇو للڪاري رهي آهي ۽ هو ڪيئن نه ”پنج آبي“ هجڻ واري پچري کي پنهنجي تاريخي ادراڪ ۽ شعور جي ڪارائيءَ سان ڪٽي رهيا آهن ۽ ان جو اظهار اڄوڪي دور جي سموري جديد سرائيڪي شاعري پنهنجي ڇاتي تي هٿ هڻي به آواز بلند ڪري رهي آهي. ٻڌو ته سهي همراهه چون ڇا ٿا:
ساڪون خواب ڏکا ڪي ترقي دي
ساڏي وسون ساڪنون کسي ڳئي
غلام بڻا در اپڻي دا
ساڪون عيش آزادي ڏسي ڳئي
تاريخ گواهه هر دور دي وچ
اسان ڳئي ”رنجيت“ هنڊائي هن (سليمان سوهو)
---------
هِيل جليلي، درد رنجاڻي
تَسي ساڏي روهي
اسان سنڌ سرسوتي ڄائي
ساکون راس نئين پنج پاڻي (سفير لاشاري)
-------
پل پل اي خيرات هي جيوڻ
پل پل عين عذابي
هر ڪرسي تي کهرا چهرا
هر چهرا پنجابي
ساڪون آکهه نه پنج دريائي
ساڏا هڪو پاڻي (عزيز شاهد)
--------
اسان هين جهومري سڻندي، هين خواجه پير ديان ڪافيان،
اسان ڀنگڙي تي لڏي دي فحش نغمات نئين منگدي
اي روهي، ٿل، دمان اپڻي، اسان دي هن اسان گِهنسون
اسان لاهور، فيصل آباد يا گجرات نئين منگدي
(سفير لاشاري)
جنهن زماني ۾ راڄن پور جي شاعر عاشق بوزدار پنهنجي نظم ”اسان قيدي تخت لهور دي“ لکي هئي ۽ اهو جنرل ضياءَ جو زوراور زمانو هو ۽ ڪتاب پابندي هيٺ هو. اهو ئي وقت هو جڏهن هڪ مسڪين ۽ فقير ماڻهو فدا حسين گاڏهي پنهنجي غريباڻي حال ۽ اميراڻي دل کڻي ”سرائيڪي لوڪ سانجهه“ نالي هڪ تنظيم ٺاهي، ان کي هڪ تحريڪ جو روپ ڏيئي رهيو هو. جنهن ۾ ڪو کر، ڪو مزاري، ڪو قيصراڻي، ڪو گرديزي ۽ ڪو گيلاني سردار پير يا ڀوتار ڪو نه هو. پر صرف چند مسڪين الحال اديب، شاعر ۽ فنڪار هئا، جيڪي پنهنجي ڌرتي جا، پنهنجي سڃاڻپ جا ۽ آزادي جا وستي وستي، واهڻ واهڻ گيت ڳائي رهيا هئا. اڄ جڏهن سرائيڪي وسيب جا وڏيرا قيوم جتوئي ۽ جمشيد دستي کان وٺي رياض پيرزادو ۽ جهانگير ترين تائين جنهن سرائيڪي تشخص جي ڳالهه ڪري رهيا آهن ۽ سرائيڪي صوبي جي مختلف نالن سان گهر ڪري رهيا آهن، اصل ۾ اهو ممڻ انهن مفلس شاعرن اديبن ۽ فنڪارن جو مچايل آهي. عجب آهي ته سنڌ جتي گهڻو اڳي ادبي ۽ ثقافتي ادارا ۽ الفابيٽ جڙي چڪي هجي ۽ قومي تحريڪ جا روح روان صاحب حال هجن ته اتي سموري سرائيڪي تحريڪ جا روح روان صرف اهي آهن، جن جو هڪ ويلو گهر ۾ ته ٻيو واٽ تي گذري ٿو. نه ادارو، نه ڪا ڳڻپ جوڳي تنظيم، ٻه چار جيڪي قومپرست ڌريون يا پارٽيون آهن، انهن جو حال اهو آهي جو انهن صاحبن کي لولو به رڳو لاهور ۾ نصيب ٿئي ٿو. سرائيڪي تشخص ۽ سڃاڻپ جو سهرو گهڻي ڀاڱي ”سرائيڪي لوڪ سانجهه“ جي سر تي آهي. اڄ توهان وڃي پختونخواهه صوبي جي ضلعن ٽانڪ ۽ ڊيرا اسماعيل خان (جتي اڪثريتي ٻولي سرائيڪي آهي) کان وٺي رحيم يار خان ضلعي تائين ڏسو ته سرائيڪي نعري جي گونج آهي ۽ هو هاڻي سنڌ سان پنهنجي پنج هزار سال پريم جا پيالا ٽڪرائڻ لاءِ آتا آهن. سنڌوندي ڪنهن الستي عشق جي سنگهر جيان پراڻي واديءِ سنڌ کي ڳنڍي رهي آهي. سرائيڪي شاعر اشو لال جو عشق ته ڏسو:
دريا او دريا، پاڻي ٿيڏي ڏونگي
تون ساڏا پيو ماءُ، اسان تيڏي پونگي
۽ ائين جڏهن منهنجو ذهن پير فريدڻ جي وسيب جي ماضي ۽ حال ۾ ڪنهن اٻهري عاشق جيئن تڪڙيون تڪڙيون جهاتيون پائي روهي جي ان رات ۾ داخل ٿئي ٿو ته اٺين جا وڳ واريندڙ ڪنهن روهيلي جو اميد ڀريو آواز اچي ڪنن تي پوي ٿو:
روهي وٺڙي ٽوڀا تار وي
آ مل تون سيگها يار وي
ٿئي ٿلڙي باغ بهار وي
ول جلد موڙ مَهار وي
۽ اکين جا ٻئي تاڪ کولي ڏسان ٿو ته آسمان تي ڪتين اچي ڪنهن ڪنواري ۽ الهڙ حسينه جيان ڪَرَ موڙيا آهن ۽ چوڏهين جو چنڊ، ازل جي پرنور اک جيان ٻري رهيو هو.


No comments:

Post a Comment