ٿر جي هڪ وساريل شهر جي
ڪٿا
شبنم گل
هن دفعي به
ٿر جي حدن ۾ داخل ٿي هڪ نئين دنيا جا رنگ اکين ۾ جذب ٿيڻ لڳا. ٿر خوبصورت آهي، جتي
فطرت جو حسن برسات جي موسم ۾ جهنگلي گلن جيان ٽڙي پوي ٿو. گاڏي ساوڪ سان جهنجهيل ڀٽن
وٽان لنگهي ٿي، جتي ڪنهن ساڌوءَ جي گيان جهڙو سڪون آهي. هتي زندگي سادي، نج ۽ بغاوت
کان پاڪ آهي، تڏهن ته ماحول ۾ رچيل خالص رنگ، ٻاهران ايندڙن کي پاڻ ڏانهن بي اختيار
ڇڪي ٿو. برسات دوران سنڌ جي شهرن جا ٿڪل قافلا ٿر جو رخ ڪندا آهن، جيئن ڀٽن مٿان ڇانورو
ڪندڙ قدرتي ٻوٽن کي ڇهي ايندڙ، تازي هوا جا ڍڪ ڀري سهميل ساهن کي اُجاري سگهن. منظر
بدلجندا رهن ٿا. ڪٿي چئونرن جو ڏيک انتهائي وڻندڙ لڳي ٿو. چئونرو، ٿر جي منفرد تخليق
آهي، جيڪو ٿڌو ۽ انتهائي پرسڪون ٿئي ٿو. ٿاريليون قطار در قطار دلا مٿي تي کڻي، روڊ
ڪناري وڃي رهيون آهن. سندن ڀرت ڀريل سهڻا ڪپڙا، چنريون ۽ گهاگهرا ساوڪ جي پس منظر
۾ انتهائي خوبصورت لڳي رهيا آهن. وري ڪٿي ڌراڙ مال وٺي ويندي نظر اچن ٿا. ڏورانهون
پنڌ ڪري ٿر ۾ داخل ٿيندڙ انهن مال وندن جا چهرا ٿر جي ساوڪ ڏسي، خوشيءَ وچان ٻهڪي رهيا
آهن. چنچل ۽ بي باڪ هوا ۾ ڀنڀورين جي پرن جون آهنگ هُري رهيو آهي. هر منظر ۾ هڪ نئون
اُتساهه آهي، هڪ حيران ڪندڙ سونهن جو هر طرف عڪس وکريل آهي.
مٺي شهر اڃا پري آهي. مٺيءَ ويندي، نئين ڪوٽ ۾، اشتياق انصاريءَ جي پراڻي
دوست، ڀاءُ حسين چانڊيي جي گهر ضرور ويندا آهيون. وڻن ۽ گلن ۾ گهيريل گهر، جتي وسعت
۽ تازگيءَ جو احساس هر طرف وکريل آهي. شهرن ۾ جيترا وڏا گهر آهن، اوتريون ئي سوڙهيون
شهرِ دل جون گهٽيون آهن. پر هتي گهر جي مڪينن جيان سندن خلوص جي سرهاڻ دل ۾ لهندي محسوس
ٿئي ٿي. هن گهر جي خاص ڳالهه فقط گهري ساوڪ جو ڇانورو ئي نه آهي، بلڪ ادا حسين چانڊيي
پنهنجي سمورين نياڻين کي مائٽن جون مخالفتون کڻي به سٺي تعليم ڏياري آهي، جيڪي اڄ مختلف
شعبن ۾ نوڪريون ڪن ٿيون. گهر ۾ سندن محنتن جو ثمر، خوشحاليءَ جي صورت ۾، محسوس ٿئي
ٿو.
نئين ڪوٽ جو قلعو، پنهنجي جهريل وجود ۾ به سنڌ جي تاريخ جو اُتساهه سانڍي
ارڏو لڳي ٿو. مٿان گهمندي نئين ڪوٽ جي ڀٽن جي ساوڪ ۽ وسيع آسمان تي ڇانيل نيري رنگ
جو ڪوهيڙو اکين ۾ جذب ٿيندو محسوس ٿئي ٿو. قلعي جي ديوارن ڀرسان ۽ ماحول ۾ هڪ قديم
۽ پراسرار مهڪ ڦهليل آهي. اڱڻ تي بيٺل وڻ جي وسيع شاخن ۾ ماضيءَ جا انيڪ قصا محفوظ
آهن. ٽارين تي ويٺل پکين جي ٻولين جا سُر به وڻ جي ٻور جي خوشبوءَ جيان فضائن ۾ وکري
وڃن ٿا. قلعي کي مرمت جي ضرورت آهي. مٿي گهمندي ڪٿي ڪٿي فصيل زبون حال نظر اچي ٿي.
قلعن جي مرمت ۾ انهن جو ڏيک ساڳيو ئي رهڻ گهرجي. جڏهن ته رني ڪوٽ جي ڀتين جي هڪ حصي
جي جيڪا نئين سر تعمير ٿي آهي، اُها باقي ديوارن کان مختلف لڳي ٿي. ائين نه ٿيڻ گهرجي.
ڇو ته قدامت جي پنهنجي الڳ سونهن ۽ انداز ٿئي ٿو.
اسان جي اصل منزل ڏيپلو آهي. پر هڪ رات گڍي ڀٽ تي اڏيل ريسٽ هائوس ۾ گذرندي.
اها ڀٽ، مٺيِ شهر جي دلڪشيءَ جي ترجمان آهي. خاص ڪري رات سمي، هيٺ ڏسجي ٿو ته گهرن
جون جهرمر ڪندڙ بتيون زمين تي ڪهڪشان جو ڏيک ڏين ٿيون. ڪوهه مريءَ جي ياد تازي ٿي وڃي
ٿي. ٿوري دير آرام ڪرڻ کانپوءِ، ڊائننگ روم ۾ داخل ٿياسين ته ٿر جي بورچيءَ جي تيار
ڪيل ماني، سڀني شوق سان کاڌي. خاص ڪري کنڀين جو ٻوڙ هر ڪنهن جي توجهه جو مرڪز هو. کنڀي،
ٿر ۾ ڪثرت سان ملي ٿي. قديم تهذيبن جهڙوڪ؛ يونان، مصر ۽ انڊيا ۾ کنڀين جو استعمال صحت
افزا ڀاڄيءَ طور ڪيو ويندو هو. چين جي روايتي دوائن ۾ پڻ کنڀيءَ جو استعمال ڪيو وڃي
ٿو. کنڀيءَ ۾ وٽامن سي، بي ۶ ۽ بي ۱۲ هئڻ ڪري، انهن جو استعمال جسم جي مدافعتي نظام
کي بهتر بڻائي ٿو. دل، دم، ذيابيطس، ڪينسر ۽ چمڙيءَ جي بيمارين لاءِ فائديمند آهي.
ماني وغيره کائي، اڳتي شهر لاءِ اُسهياسين. رستي ۾ نصرت عزيز رانجهاڻيءَ کي ٻڌائڻ لڳيس
ته؛ ڪيئن امان کان ڏيپلي جي تعريف ٻڌندي، ان علائقي کي ڏسڻ جو تجسس جاڳي اٿيو، جتي
امان پنهنجي زندگيءَ جا ڪجهه ڏينهن گذاريا هئا. وسڪاري کانپوءِ ڏيپلي جي ساوڪ اکين
۾ ننڊ جا کيپ ڀري ڇڏيا. جهنگلي ٻوٽن جي سڳنڌ پاڻ ڏانهن ڇڪڻ لڳي. سهڻا مور وڻن جي ڇانوَ
۾ ٽلي رهيا هئا. ملڪ جي مشهور ڊزائنر عاصم جوفه مور جي ڊزائن کي ڪپڙن تي منتقل ڪري،
فيشن جي دنيا ۾ هڪ نئين روايت قائم ڪئي. ان کانپوءِ مور جا ڀرت ڀريل يا چترڪاريءَ سان
ٺهيل اسڪيچ ڪپڙن تي نظر اچن ٿا. ڏيپلي پهتاسين، جتي رحمان ڏيپلائي ۽ هارون ڏيپلائيءَ
جا مهمان هئاسين. گهر جون عورتون سگهڙ ۽ تعليم يافته هيون. اڪثر اسڪولن ۾ پڙهائين ٿيون.
سندن خاندان جي باشعور نياڻي فريال ٻڌايو ته هن ٿر پارڪر ۾ ميٽرڪ ۾ پهرين پوزيشن کنئي
آهي. هن گهراڻي جو علم سان چاهه تعريف جوڳو آهي. اسان جي سٿ ۾ شامل عرصم، عرين ۽ سنڌوءَ
جي چهرن تي به فخر جا تاثرات لهي اچن ٿا. هي ٻار ٿر جي ثقافت سان هڪ گهرو لڳاءُ رکن
ٿا، ان ڪري سنڌ جي ڏکين ۽ اڻانگن رستن تي هلڻ کان نه ڪيٻائيندا آهن.
ٿر جو نئون نسل، ذهني طور تي، سجاڳ آهي. جن کي تعليم نصيب ٿئي ٿي، اُهي
ٻار خوشقسمت آهن. جيڪي غربت جو شڪار آهن، اُهي ٻار سنڌ جي وڏن شهرن جو رخ ڪن ٿا ۽ گهرن
۾ ڪم ڪار ڪري، والدين جو هٿ ونڊائين ٿا. ٿر ۾ خاص طور تي ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي
سان گهڻي سجاڳي آئي آهي. هونئن به جڳن کان ڏيپلو شهر علم ۽ ذهانت جو مرڪز رهيو آهي.
نالي وارن شاعرن ۽ اديبن عثمان ڏيپلائي، ثريا سوز ڏيپلائي، محمد علي ڏيپلائيءَ جو تعلق
به هن شهر سان آهي. خاص طور تي عثمان ڏيپلائيءَ جو ناول سانگهڙ، سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت
رکي ٿو. عثمان صاحب، سنڌ جي علمي ذهني سجاڳي لاءِ، پاڻ پتوڙيندو رهيو هو.
شهرن جا اڪثر مشهور ڊاڪٽر ڏيپلي سان تعلق رکن ٿا ۽ هو ڏيهه ۽ پرڏيهه
۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃائي رهيا آهن. هن وقت ڏيپلي جي وڏي آبادي شهرن ۾ رهائش پذير
آهي. جڏهن ته ڏيپلي جي اصلوڪن رهاڪن جي گهرن تي تالا ڏنل آهن. سندن اباڻا گهر بي توجهيءَ
جو شڪار کنڊرات ۾ بدلجي ويا آهن. اسان جا ميزبان ڏيپلو شهر گهمائيندا هلن ٿا ته هي
هن ملڪ جي مشهور سول سرجن جو گهر آهي. هي ويران گهر نامياري جج جو آهي. هي حيدرآباد
۾ موجود مشهور ڊاڪٽرن جا وساريل گهر آهن. انسان ته جدائيءَ جي ڪيفيت کي لڙڪن يا لفظن
وسيلي بيان ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو. پر اُهي گهر، جن کي مڪين اڪيلو ۽ بي آسرا ڇڏي وڃن ٿا،
انهن جون آهون ۽ خاموش سڏڪا ڪنهن اڌوري ڪهاڻيءَ کي ورجائيندا رهن ٿا. سوچيان ٿي ته
جنهن مٽيءَ انهن ماڻهن کي مان ۽ شان نصيب ڪيو، بي انداز عزت ۽ دولت ڏياري، اهي ڇو ان
ڌرتيءَ جي ڪشش کي محسوس ڪرڻ کان قاصر آهن؟ انهن ماڻهن شهرن ۾ ته محل ۽ پنهنجيون ڪالونيون
ٺاهي ورتيون آهن، پر ڪڏهن انهن کي پنهنجي اداس گهرن جي پرگهور لهڻ جو خيال ڇو نه آيو
آهي! سندن اُهي پاڙيسري، جيڪي اڄ به سندن شهر کي آباد ڪري ويٺا آهن، انهن جو مٿانئن
ڪو حق نه آهي؟ هو پنهنجي وسيلن مان گڏجي ڏيپلي جي ٻارن لاءِ ڪا سٺي لائبريري يا ڪو
ڪمپيوٽر سينٽر قائم ڪري سگهن ٿا. هتان جا ڊاڪٽر پوري ملڪ ۾ مشهور آهن. پر شايد ئي هنن
هتي جي سٻاجهن ماڻهن لاءِ ڪا فري ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي هجي يا کين اهو خيال آيو هجي ته
پاڻ ۾ ملي، انهن خالي گهرن ۾ ڪا ننڍي ڊسپينسري کولي، هتان جي اٻوجهه ماڻهن جي مشڪلات
۾ ڪمي ڪن. اها حقيقت آهي ته ماڻهو آهستي آهستي پنهنجي اباڻن ڪکن کان پري ٿي رهيا آهن.
ٻي صورت ۾ هو ذات جي اصلي پڻي کان پري ٿي ذات جي سگهه وڃائي رهيا آهن ۽ شهر جي بغاوتي
زندگيءَ جو حصو بڻجي، جنم ڀوميءَ کان پري ٿيندا پيا وڃن. سنڌ جون ٻهراڙيون، اڄ به فطري
سونهن جو مرڪز آهن. جديد سنڌ، ڌارين تهذيبن جي اثر هيٺ ٻوليءَ، لباس ۽ رهڻي ڪهڻيءَ
جي لحاظ کان مستقل تبديليءَ ڏانهن سفر ڪري رهي آهي. پر ان جي باوجود سنڌ جا ڪيترا علائقا
اهڙا آهن، جتي سنڌ جي اصلي مزاج جي جهلڪ نمايان نظر اچي ٿي. ٿر به انهن علائقن ۾ شامل
آهي، جتي ٻولي، لباس، رهڻي ڪهڻي ۽ مزاج اڄ به نج محسوس ٿئي ٿو. ٿر جي مهمان نوازيءَ
جي سونهن کي اسان هر هنڌ محسوس ڪيو آهي. هن وقت به ڏيپلي جي هن گهر ۾ سمورن گهر ڀاتين
جي وچ ۾ ويهي مهمانن کي ذرو به اوپرائيءَ جو احساس نه ٿيو. بلڪ ٻن مختلف خطن جي رهواسين
جي وچ ۾هڪ مضبوط تعلق جي ڏور محسوس ٿي. رابطي جي اها سونهن، ڪڏهن پراڻي سنڌ جي روايتن
جو اڻمٽ حصو هئي.
سج لهڻ واري سانت سمي، ڏيپلي جو شهر انتهائي خوبصورت ۽ پراسرار ٿي لڳو.
صاف سٿرا ۽ ڪشاده رستا هتان جي مڪينن جي ذهانت ۽ ذوق جي نمائندگي ڪري رهيا هئا. ميزبانن
کان موڪلايوسين، جن جي زنده دلي، خلوص ۽ هڪ ٻئي لاءِ محبت مثالي آهي. هونئن به ٿر جا
ماڻهو سادا، سٻاجها ۽ امن پسند ٿين ٿا. ٿر ۾ گهر جو ادارو سنڌ جي ٻين علائقن جي ڀيٽ
۾ وڌيڪ سگهارو آهي. اها حقيقت آهي ته گهرن ۾ رهندڙن جي مثبت روشني، شهرن جي گهٽين،
رستن ۽ کُلي فضا ۾ پڻ محسوس ٿئي ٿي. گاڏي، غير محسوس اداسيءَ ۾ ويڙهيل خالي گهرن کان
ٿيندي، روڊ تي آئي ته هر طرف گهري اونداهي ڇانئجي چُڪي هئي. آسمان تي ستارن جون ڏياٽيون
روشن هيون. شهر جي روشنين ۾ آسمان تي ستارن جي جوت جهڪي لڳندي آهي، پر ڏيپلي ۾ ان رات
آسمان تي جرڪندڙ ڪهڪشان جو پنهنجو الڳ رنگ نظر آيو. انگريزيءَ جي رومانوي شاعر ڪيٽس
پنهنجي نظم ۾ اهڙي منظر کي Embalmed
Darkness يعني مهڪندڙ
اونداهيءَ سان خوبصورت تشبيهه ڏني آهي، جنهن ۾ ٻوٽا، وڻ ۽ گل اونداهي ۾ نظر نه ٿا اچن،
پر انهن جي سڳنڌ احساسن ۾ لهندي محسوس ٿئي ٿي.
No comments:
Post a Comment