Sunday, February 03, 2013

برٽش موٽر وي ذريعي لنڊن ڏانهن سفر - عبدالحي پليجو


برٽش موٽر وي ذريعي لنڊن ڏانهن سفر
عبدالحي پليجو
اسان جو هي محل نما جهاز، هاڻي انگلينڊ جي ڪپرن کان گهڻو پري ڪونهي. اسان هتان کان هاڻي برطانيه جو بحري بندر ۽ ان جي پهاڙين تي اڏيل ڪوٽ قلعا چٽيءَ طرح سان ڏسي رهيا آهيون. جهاز جي ڪپتان اسان کي لائوڊ اسپيڪر ذريعي ٻڌايو ته پاڻ هاڻي جلد برطانيه جي بحري بندر ’ڊوور‘ تي پهچڻ وارا آهيون، جنهن ڪري توهان خاموشيءَ سان پنهنجين پنهنجين سيٽن تي چيلهه جا بيلٽ ٻڌي آرام سان ويهي رهو، جيسين وڃي هي جهاز ڪپر ڀيڙو ٿئي. اسان به ائين پنهنجيون پنهنجيون سيٽون درست ڪري خاموشيءَ سان انهن تي ويهي رهياسين، جيستائين جهاز وڃي بندر تي پهتو.

اسان سڀ کان پهرئين فون ۾ سڪا وجهي ڀوراڻيءَ کي فون تي پنهنجي اچڻ جو ٻڌايو، تنهن بعد پنهنجو پنهنجو سامان ريڙهي اچي گيٽ جي ويجها ٿياسين. ڇو ته هيٺ لهڻ لاءِ گيٽ تڏهن کلندا آهن، جڏهن جهاز جي ڏاڪڻ هيٺ  زمين تان جهاز سان لڳندي آهي ۽ پوءِ مسافر هيٺ لهندا آهن. پر جهاز سان ڏاڪڻ اڃا ڪا نه لڳي هئي. پهرين جهاز اندر، موٽرن کي هيٺ لاٿو ويو.  تنهن کانپوءِ اسان کي، اسان جي سامان سوڌو، هيٺ لهڻ جي اجازت ملي. اسان به لائين ٺاهي هڪ ٻئي جي پويان هڪ هڪ ٿي جهاز مان هيٺ لهڻ لڳاسين، ته اسان جي ٽوئر ڪمپني ڪاسموس وارن جو اسٽاف هٿن ۾ ڪاسموس جو لکيل هي بينر ’اسان توهان کي پنهنجي ڪامياب سفر تان واپس ته خوش آمديد چئون ٿا‘ کڻي بيٺل نظر آيو. اسان جي بس به ٿوري پري اسان جي انتظار ۾ اسٽارٽ بيٺي هئي. اسان گائيڊ جي رهنمائي ۾ اچي پنهنجي بس ۾ ويٺاسين، جنهن تي ڪاسموس لکيل ڪو نه هو، پر ڪاسموس جي نالي سان بينر لڳل هو. اسان سواءِ ڪنهن بندش جي، پنهنجي پنهنجي پسند جي سيٽن تي ويهي رهياسين ۽ اسان سڀ هڪ ٻئي کي ائڊريسون ۽ فون نمبر ڏيڻ لڳاسين، ته توهان جڏهن به اسان جي ملڪ ۾ اچو ته اسان سان ضرور ملجو. ائين هڪ ٻئي کان موڪلائڻ جي گڏجاڻي ڪرڻ لڳاسين. ڪنهن چيو ته؛ اڄ ئي شام جو فلائيٽ ۾ آئون پنهنجي ملڪ واپس هليو ويندس ته وري ڪنهن چيو ته ٻه ٽي ڏينهن هت لنڊن ۾ گهمڻ کان پوءِ پنهنجي ملڪ ويندس. يا وري گذريل سفر جو هڪ ٻئي سان حال احوال ته پئرس ۾ ڏاڍو مزو هو، روم ڪيترو نه قديم آهي، سوئيٽزرلينڊ کي ڪيئن نه پراڻي طرز تي اڃا تائين قائم رکيو اچن، چند شهرن کان سواءِ باقي ٻيو سڄو يورپ ڪيڏو نه مهانگو آهي، وغيره.  مطلب ته سڀڪنهن وٽ چوڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور هو. ڇو ته پندرهن ڏينهن جي هن ٽوئر ۾ اسان هاڻي هڪ ٻئي لاءِ اجنبي ڪو نه هئاسين. تنهن ڪري جيسين وڃي بس ’ڊوور‘ جي هن ننڍڙي شهر جي روڊن تي ڊوڙڻ شروع ڪري، تيسين اسان تمام پنهنجائپ واري انداز ۾ هڪ ٻئي سان روح رهاڻيون ڪندا رهياسين. ’ڊوور‘ جو شهر، جنهن جي بحري بندر تان چينل پار ڪندڙ گهڻي ٽريفڪ اچي ۽ وڃي ٿي، ساموندي تفريح گاهه جي حيثيت ۾ ڪا خاص ڪشش نٿو رکي. پر اهو ڪينٽ واري ساحل جي ٻين تفريحي ماڳن جو سير ڪرڻ ۽ گهمڻ لاءِ مرڪز طور ڪم اچي ٿو. انهن بندرن کي ’سِنڪ پورٽس‘ سڏبو هو، جن ۾ ’ڊوور‘ بندر پڻ شامل هو. بندرن جي اها فيڊريشن وچئين دور ۾ قائم ٿي، جنهن کي بحري فوج مهيا ڪرڻ جي عيوض برطانوي سرڪار طرفان گهڻيون سهولتون مليل هيون. رات جو لنڊن لاءِ تمام گهٽ سواري ملڻ سبب مجبوراً ڊوور ۾ رهڻو پوي ٿو. ڊوور جو مکيه پتڻ شهر جي اوڀر طرف ميل کن پنڌ تي آهي، جتان لنڊن لاءِ ڪوچ  هلي ٿي. ريلوي اسٽيشن، شهر جي اتر اولهه طرف، ڏهن منٽن جي پنڌ تي آهي. بس اسٽيشن، شهر جي وچ ۾، پينسيسٽر اسٽريٽ ۾ واقع آهي. ٽوئرسٽ آفيس، ٽائون وال اسٽريٽ ۾ آهي. لنڊن روڊ تي چارلٽن هائوس وٽ هڪڙي يوٿ هاسٽل پڻ آهي. اونهاري جي مند ۾ گڊ وائين روڊ تي ڪئين مسافر خانه به کلندا آهن. ڊوور جي وائيٽ ڪِلفس سامونڊي ڪناري وارين سفيد ٽڪرين تي گهمڻ ۾ خاص لطف حاصل ٿئي ٿو ۽ ٻيڙي ۾ سير ڪندي هنن ٽڪرين جو نظارو به ڏاڍو دلڪش آهي. هنن ٽڪرين جي چوٽي تان ويهه ميل پري ڪيلائس ٽڪرين جو نظارو پڻ ڪري سگهجي ٿو. شهر ۽ اوڀر طرف وارن پتڻن جي وچ تي سمنڊ جي ڪناري هڪ اوچي هنڌ تي ڊوور شاهي محل اڏيل آهي. هي محل نارمن دور حڪومت جي نشاني آهي. جيڪو وچئين دور ۾ تعمير ٿيندڙ مورچن وارين ديوارن سان گهيريل آهي. محل جي احاطي اندر رومي دور ۾ تعمير ٿيل لائيٽ هائوس جا آثار موجود آهن. اهو لائيٽ هائوس پهرين عيسوي صدي ۾ ٺهيو هو. تنهن کان سواءِ هتي هيل فائير ڪارنر پڻ آهي، جنهن ۾ سُرنگهون ٺهيل آهن. برطانوي نيوي وارا ٻي مهاڀاري لڙائيءَ دوران، حملي جي وقت، محل ۽ قلعي جي دفاع لاءِ، انهن سُرنگهن کي استعمال ڪندا هئا.
هت وائيٽ ڪلفس ايڪسپيرئينس نالي هڪڙو زبردست ميوزم قائم ڪيو ويو آهي. انهيءَ ۾ هڪڙي ڊرامائي تصوير آويزان آهي، جنهن ۾رومي شهنشاهه کي حمله آور جي حيثيت ۾ ڊِيل نالي شهر جي ويجهو سمنڊ جي ڪناري تي لهندي ڏيکاريو ويو آهي. مذڪوره شهنشاهه اهو حملو سن ۵۵ ق-م  ۾ ڪيو هو. ٻي تصوير ۾ ڊوور شهر جو سن ۱۹۴۴ع جو نظارو ڏيکاريل  آهي. پراڻي ٽائون هال کان هيٺ هاءِ اسٽريٽ تي شهر جو جيل وڪٽورين دور جي جيلن واري طرز تعمير جو مثال آهي. هن ۾ ڪجهه وڌيڪ ڪورٽ روم ۽ ايڪسرسائيز  يارڊ پوءِ تعمير ڪيا ويا آهن. شهر جي عجائب گهر ۾ رومي مصور جا ناياب شاهڪار موجود آهن، جيڪي پينٽ هائوس ۾ ڏسي سگهجن ٿا. هي ميوزيم مارڪيٽ اسڪوائر ۾ قائم ڪيو ويو آهي. شهر جي  اولهه طرف هڪڙو زبردست اوچو ميدان آهي، جيڪو اصل ۾ ڊهيل نيپولين واري دور ۾ ڊٺل قلعي جي جاءِ وقوع آهي. هتي هڪڙي عجيب شيءِ ٽيڻي ڏاڪڻ ٺهيل آهي، جنهن کي گرانڊ شافٽ سڏين ٿا. حملي جي حالت ۾ فوجي انهيءَ تان تمام تيزي سان جلدي هيٺ لهي قلعي ۽ بندر جي حفاظت ڪري سگهندا هئا.
اسانجي بس اچي برٽش ڪسٽم ۽ اميگريشن جي بلڊنگ ٻاهران بيٺي، جت سواءِ ڪنهن پڇ پُڇان جي اسان کي ٿوري ئي وقت ۾ فارغ ڪري ڇڏيائون. جنهن کان پوءِ اسان برٽش موٽر وي ذريعي لنڊن ڏانهن روانا ٿي وياسين. چئوطرف مئي نوشي هلي رهي آهي. آئون ۽ مِنا گڏ ويٺل آهيون. اسانجي ڀر واري سيٽ تي ڪاسموس وارن جي اسٽاف جي ڇوڪري وائين پي رهي آهي ۽ پاڻ سان ڳالهيون ڪري رهي آهي. آئون ٻڌڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو، پر خبر ناهي ڇا پئي چئي. پاڻ اڪيلي آهي. شايد ٽُن ٿي وئي آهي. پر وائين جي بوتل ۾ اڃا به وائين ڪافي مقدار ۾ نظر اچي رهيو آهي. سندس نظرون دريءَ کان ٻاهر آهن. پاڻ ڪيڏيءَ مهل ٿورو مشڪي رهي آهي. آئون سمجهان ٿو ته مون کان سواءِ ٻئي ڪنهن به پئسينجر جو هن ڏانهن ڌيان ڪونهي. يورپ ۾ ماڻهو ٻين طرف بلڪل ڪو نه ڏسن، انهيءَ کي اخلاق کان ڪريل سمجهيو ويندو آهي.

No comments:

Post a Comment