شاگرد ڏنگا آهن يا استاد
جاهل؟
الطاف شيخ
پٺتي ٿو نظر
وجھان ته مونکي هر تعليمي اداري ۾ تمام سٺا ٽيچر مليا. ايماندار، محنتي، پنهنجي سبجيڪٽ
جي ڄاڻ رکڻ وارا ۽ هنن لاءِ خوشيءَ جي فقط اها ڳالهه هوندي هئي ته سندن شاگرد سُٺين
مارڪن سان پاس ٿين. سندن پڙهائڻ، سمجھائڻ ۽ ٽيسٽ وٺڻ جي طريقن مان آئون ڏاڍو متاثر
رهيس ٿي. شايد اهو سبب هجي جو مون به ماستر ٿي انهن استادن جي نقش قدم تي هلڻ چاهيو
ٿي. عادت موجب ڪا نئين ڳالهه ڪرڻ جي چڪر ۾ پڙهندو مئرين انجنيئرنگ (جهاز ٺاهڻ، هلائڻ
۽ خرابيون دور ڪرڻ جي انجنيئري) رهيس، پر ذهن تي هر وقت ماستر ٿيڻ جو ڀُوت سوار رهيو.
موڪلن ۾ ڳوٺ ايندو هئس ته اتي جي ڪاليج ۾ پڙهائيندو هئس. ستر وارري ڏهاڪي ۾ سگا جي
سهڪار سان اين جي وي اسڪول ڪراچيءَ ۾، شام جو سول سروس جي امتحانن لاءِ شاگردن کي مفت
پـڙهائڻ شروع ڪيو ويو، ته مونکي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ مون به رضاڪاراڻا طور پڙهائڻ قبول ڪيو.
صبح جو جهاز تي ڊيوٽي ڪري شام جو شاگردن کي سائنس پڙهائيندو هئس. جهاز سمنڊ تي هوندو
هو ته، جونيئر انجنئيرن کي هفتي ۾ ٽي ڏينهن پڙهائيندو هئس.
ڏور اوڀر سان واسطو رکندڙ هڪ جهازي دوست مونکي خبردار ڪندي چيو ته؛ ”پڙهائڻ
جو شوق اٿئي، پر اهو ٻڌائي ڇڏيانءِ ته چيني شاگرد ڏاڍا ڏنگا مڙس آهن. سوچي سمجھي هن
فيلڊ ۽ هن ملڪ جو رُخ ڪجانءِ جو ملائيشيا جي اڌ آدمشماري چيني آهن.“ سامونڊي زندگيءَ
جي پڙهائي توڙي نوڪري تمام محنت ۽ جوکائتي آهي. ان ڪري هن تعليمي اداري ۾ ملئي شاگرد
پنهنجي طبيعت جي حساب سان ٿورا ايندا رهن ٿا. گهڻائي چينين جي آهي. بهرحال مون ملائيشيا
۾ ڏهه سال کن لڳاتار پڙهايو ۽ مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو هيڊ ٿي رهيس. منهنجو ذاتي
تجربو آهي ته، ملئي شاگرد نهايت شرميلا ۽ خاموش مزاج جا آهن. ايڏا ذهين ۽ محنتي نه
آهن ۽ نه وري منفي سوچ رکن ٿا. منهنجو مطلب آهي ته امتحانن ۾ کين سوالن جا جواب ياد
نه هوندا ته پيپر ڇڏي ويندا. امتحان هال ۾ بيٺل استادن کان اجائي کوٽ کوٽ ڪري جواب
معلوم ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندا ۽ نه وري ڪاپي ڪندا. ان کان هو فيل ٿيڻ کي ترجيح ڏين ٿا.
چيني ڇوڪرا محنتي ۽ ذهين ٿين ٿا. بنيادي تعليم انگريزي ميڊيم اسڪولن مان
حاصل ڪرڻ ڪري هنن جي انگريزي سٺي آهي ۽ بنا ڪنهن شرم ۽ هٻڪ جي ليڪچر ڏيڻ واري ٽيچر
کان سوال پڇندا رهن ٿا. سندن ڪي ڪي سوال ته سندن ذهانت جي صاف صاف نشاندهي ڪن ٿا. دراصل
اهڙين ڳالهين ڪري اسان جا ڪيترا ٽيچر منجهيو پون. خاص ڪري اهي جيڪي پنهنجي سبجيڪٽ
۾ ڀڙ نه هجڻ ڪري هنن جي سوالن جا جواب ڏيڻ کان قاصر ٿين ٿا. اهو ئي سبب آهي جو اسان
جي ملڪ جا ڪيترا ئي ڪئپٽن ۽ جهازن جا چيف انجنيئر، جيڪي طوفانن ۾ ته ثابت قدم رهيا
پر گهٽ ڄاڻ ۽ گهٽ سامونڊي تجربي ڪري، هن قسم جي شاگردن جي سوالن جي طوفانن اڳيان بيهي
نه سگهيا ۽ ٽيچنگ ڇڏي وري وڃي جهاز هلايائون.
دراصل ڳالهه اها آهي ته، سامونڊي نوڪريءَ ۾ هر هڪ جي ترقي سفارش تي نه
پر امتحان پاس ڪرڻ تي ٿئي ٿي. هر پروموشن لاءِ ۲۱ مهينا جهاز هلائڻ بعد امتحان ٿئي
ٿو ۽ نيٺ آخر ۾ انجنيئرنگ ڪئڊٽ وڃيو چيف انجيئر ٿئي ۽ ناٽيڪل ڪئڊٽ جهاز جو ڪئپٽن ٿئي
ٿو. هي امتحان بين الاقوامي قسم جا ٿين ٿا ۽ جيتوڻيڪ هر مهيني ۽ هر ملڪ ۾ ٿين ٿا. پر
هر امتحان ۾ ورلي ڪو هڪ ٻه شاگرد پاس ٿئي ٿو. لکت جي امتحان کان علاوھ اورل به ٿئي
ٿو، جيڪا پاس ڪرڻ ضروري آهي. فيل ٿيڻ کي ايڏو خراب نه سمجھيو ويندو آهي. پر ڪو شاگرد
ڪنهن اهڙي سوال جو جواب غلط ڏيو ٿو وڃي، جنهن جو واسطو جهاز يا جهاز ۾ سوار ماڻهن جي
سلامتيءَ سان آهي، ته ان کي هڪ طرف فيل ڪيو وڃي ٿو، ته ٻئي طرف سزا خاطر ٽي مهينا يا
ڇهه مهينا Sea Time ڏنو وڃي ٿو. يعني هن کي پڙهائي
ڇڏي جهاز تي رهڻ لاءِ ٽپڙ ٻڌڻا پون ٿا ۽ پوءِ اهو ضروري ناهي ته جهاز جو سفر اوترن
مهينن جو ٿئي. ڪڏهن ڪڏهن ته واپس هوم پورٽ ۾ ورڻ ۾ سال سوا سال لڳيو وڃي. دراصل چيني
شاگرد ڏِنگا نه آهن، پر هنن کي پنهنجي مستقبل جو فڪر رهي ٿو. هو وقت برباد نٿا ڪرڻ
چاهين. هو ڪلاس روم ۾ ويهي اوٻاسيون نٿا ڏيڻ چاهين. هو پنهنجي دماغ ۾ دفن ٿيل سوالن
جا جواب چاهين ٿا. اهي سوال اڪثر جهاز ۾ ٿيندڙ مسئلن بابت هوندا آهن ته؛ طوفانن ۾ هيئن
ٿي پوي ته ڇا ڪرڻ کپي؟ فلاڻي قسم جي شيءِ (ڪپڙي، اناج، تيل وغيره) کي باهه لڳي وڃي
ته ڇا ڪجي؟ انجڻ جو فلاڻو حادثو ٿي پوي ته ان کي سمنڊ تي ڪيئن صحيح ڪجي؟ اهڙا سوين
سوال، جن جا جوابَ شايد ڪتابن ۾ به موجود نه هجن ته انهن جوابن کي ڪتابن ۾ ڳولڻ لاءِ
هنن کي ٽائيم ڪٿي! هو ته اهو ئي چاهين ٿا ته سندن ٽيچر جنهن سالن جا سال جهاز هلايو
آهي، اهو پنهنجي تجربي مان کين يڪدم جواب/ حل ٻڌائي.
هونئن به سٺي استاد جو ڪم آهي پڙهائڻ يعني ڳالهائڻ، گفتگو ڪرڻ. توهان
جي ٻارن کي ٽيوشن پڙهائڻ واري مِس (ماسترياڻي) يا ماستر، جي هنن سان گفتگو ٿو ڪري،
يعني سائنس، انگلش يا مئٿس جا حسابَ سمجھائي ٿو، ليڪچر ڏئي ٿو ته اهو سٺو آهي. پر اهي
ٽيوشن پڙهائڻ وارا جيڪي ٻارن کي لکڻ يا خود پڙهڻ جهڙن ڪمن ۾ مشغول رکن ٿا ته اهي بيڪار
۽ ڪم جا ٽوٽي آهن. اهو به لکندو هلان ته ملائيشيا ۾ اسان پڙهائڻ وارن کي روزانو شامَ
جو پنهنجي گهر ۾، ايندڙ ڏينهن جو ليڪچر تيار ڪرڻو پوندو هو. ملئي شاگرد خاموش ويٺا
هوندا هئا ۽ اهو ئي سوچيندا هئا ته؛ ”مولا! مينهن وساءِ ته
ڪانئر ڇُٽن ڪم کان!“ پر چيني ڇوڪرا
طوفاني بارشن ۾ به ڪلاس روم ۾ پهچي ويندا هئا ۽ هو نه چاهيندا هئا ته پيرڊ جا ڪجهه
منٽ به ڪي ضايع ٿين.
مونکي شروع وارا ڏينهن ياد آهن ته هڪ دفعي ليڪچر دوران ڪنهن شاگرد کي
جهاز جو ڪو مشيني پرزو سمجھه ۾ نه پئي آيو ته مون چاڪ کڻي ان پرزي جي بورڊ تي اسڪيچ
ٿي ٺاهي ته هو رَڙ ڪرڻ لڳا ته سر! ائين ته نه ڪريو. توهان ان جو مطلب سمجھيو؟ هنن جو
مطلب هو ته، ڊرائنگ نه ٺاهيو جو ڊرائنگ ٺاهڻ سان ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ڏهه پنڌرهن منٽ
ضايع ٿي ويندا. اهو ٽائيم به سندن سوالن جا جواب ڏيڻ ۾ لڳايان. پر پهريون دفعو آئون
به سمجهي نه سگهيو هئس جو مون يڪدم ان جو سبب پڇيو ته هڪ شاگرد اٿي چيو ته؛ سائين مهرباني
ڪري ان مشين جي ڊرائنگ گهران ٽرانسپرنسي تي ٺاهي سڀاڻي اسان کي ڏيکارجو.
هڪ دفعي هڪ شاگرد جهاز جي ڪنهن ٽرم جي سمجهاڻي پڇي. هيءَ به شروع وارن
ڏينهن جي ڳالهه آهي. پوءِ ته آئون پاڻ به خبردار ٿي ويس، بهرحال مون کيس ٻڌائي. ان
بعد سڀني کي چيم ته؛ اها ٽن سٽن جي سمجهاڻي نوٽ ڪري وٺو، جنهن تي هڪ چيني شاگرد اٿي
چيو:
“How
about providing us with handout”
يعني ڪلاس روم ۾ لکڻ تي هو وقت ڇو وڃائين. مونکي گهران ٽائيپ ڪري، ٻئي
ڏينهن کين هئنڊ آئوٽ مهيا ڪرڻ کپي. منهنجا پڙهندڙ ان مان اندازو لڳائي سگهن ٿا ته ترقي
ڪندڙ قومن جي شاگردن کي علم پرائڻ جي ڪيڏي جستجو رهي ٿي. هو ڪيڏي محنت ڪن ٿا ۽ وقت
جو قدر ڪن ٿا.
No comments:
Post a Comment