Monday, November 25, 2013

لنڊن جا سنڌي، روزگار جا موقعا ۽ شهزاديءَ جا اڇا وار - سهيل ميمڻ

لنڊن جا سنڌي، روزگار جا موقعا ۽ شهزاديءَ جا اڇا وار!
NOTES FROM LONDON
سهيل ميمڻ
لنڊن ۾ هاڻي ڪافي سنڌي نوجوان تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جن مان قانون واري شعبي ۾ وڌيڪ آهن. برطانيه ۾ تعليم تمام مهانگي آهي. ان ڪري سنڌ ۾ جن جو خيال اهو  آهي ته، انگلينڊ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران تعليم جي فِي ۽ رهڻ ڪرڻ جا خرچ اُتي لنڊن ۾ ئي نوڪري ڪري پورا ڪري سگهجن ٿا، انهن لاءِ خبر اها آهي ته، اهو تقريبن ناممڪن عمل ٿي ويو آهي. انگلينڊ ۾ اڳي ئي نوڪريون گهٽ هيون، مٿان وري سڄي يورپ مان خاص ڪري اوڀر يورپ جي غريب ملڪن مان ماڻهو اچي برطانيه ۽ خاص ڪري لنڊن ۾ ڪَڙڪيا آهن، ان ڪري اڳ جيڪو مزدوريءَ جهڙو ڪم ڪار ملندو هو، اڄڪلهه اهو به نه ٿو ملي. ان صورتحال ۾ به جيڪي سنڌي نوجوان تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ روزگار به ڪن ٿا، انهن جي محنت جَس لهڻي. انهن مان ڏينهن رات جي محنت ڪري تمام ٿورن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن سنڌين ننڍا وڏا ڪاروبار به ڪيا آهن. قمبر جي مجيب ميتلو، علي گل ميتلو ۽  امير ابڙو جو ”ميتلو واچز“ جي نالي وارو دڪان ننڍي ڪاروبار ۾ ڪاميابيءَ جو هڪ موچارو مثال آهي. جيڪو هاڻي وڌي وَڻ ٿي ويو آهي ۽ لنڊن جي مشهور ڪيمڊن اسٽريٽ تي ”ميتلو آف لنڊن“ جي نالي جا ٽي وڏا سوينئر (گفٽ) وڪڻڻ وارا دُڪان، مجيب ميتلي پاران ۲۰ سال اڳ لنڊن جي آڪسفورڊ اسٽريٽ تي بيٺي پير گهڙيون وڪڻڻ واري محنت واري سفر ۽ جدوجهد جو سُٺو مثال آهن.
لنڊن ۾ ننڍي ڪاروبار ۾ ڪاميابيءَ جو هڪ مثال لاڙڪاڻي ضلعي جو شفيق شاهاڻي به آهي. ان نوجوان بيوٽي شاپس جي بزنس ۾ پنهنجي گهرواريءَ سان گڏجي ڪافي محنت ڪئي آهي ۽ هن مهل لنڊن ۾ سندن ڪاربار جون ۱۰ شاخون آهن. قمبر جي ئي هڪ ٻئي نوجوان سجاد پٺاڻ ”قمبر سوينئر“ نالي هڪ ننڍڙو دڪان لنڊن جي ايجويئر روڊ جي پريڊ اسٽريٽ تي کوليو آهي. هو تعليم سان گڏ ان دڪان کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري ٿو. انهيءَ شهر جو ئي ۲۸ سالن جو ڪمليش جيسواڻي پڻ نوجوانن لاءِ محنت جو هڪ مثال آهي. هو تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ ننڍيون وڏيون نوڪريون ڪري ٿو. ٽيوشن پڙهائڻ کان وٺي اسٽورن تي محنت مزدوري ڪرڻ دوران ڪمليش ٻه سال لنڊن جي ٽرين ۾ هڪ پرائيويٽ ڪمپنيءَ کي ريل ۾ ٽڪيٽن چيڪ ڪرڻ لاءِ مليل ٺيڪي دوران ٽرين ۾ بغير ٽيڪٽ سفر ڪرڻ وارن جي چيڪنگ جو ڪم پڻ ڪيو. ڪمليش ٻڌايو ته، انهن ٻن سالن دوران کيس سوين سنڌي، ٽيوب ۽ ٽرين ۾ سفر ڪندي مليا، جن مان هڪ به بغير ٽڪيٽ جي نه هو. پر ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ ”مهذب“ سڏرائيندَڙ ۽ شهرن ۾ رهندڙ ”همراههَ“ توڙي پنجاب جا چار پنج اهڙا همراهه روزانو ملندا هئا، جيڪي بغير ٽڪيٽ هوندا هئا ۽ مٿن ڏنڊ جي سزا پوندي هئي.

Tuesday, November 19, 2013

ٻئي جي گهر جو به خيال ڪريو - الطاف شيخ

ٻئي جي گهر جو به خيال ڪريو!
الطاف شيخ
هن ڀيري مونکي ملائيشيا ۾ پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جو وڌندڙ تعداد ڏسي حيرت ٿي آهي. پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جا ته ڪيترا ئي نظر ايندا رهيا ٿي پر هاڻ سنڌ جا سنڌي مسلمان به ملائيشيا جي هر شهر ۾ نظر اچن پيا. هونئن سنڌ جو هندو جِتي واپار ۽ تعليم جي سلسلي ۾ دنيا جي هر ملڪ ۾ نظر ايندو رهيو ٿي، اتي هاڻ اسانجو سنڌي مسلمان پڻ، مرد توڙي عورتون تعليم، نوڪري، بزنس ۽ پورهئي لاءِ ملائيشيا ۾ رهي رهيا آهن. هو يونيورسٽين ۽ اسپتالن ۾ يا پرائيويٽ ڪمپنين ۾ نوڪري ڪري رهيا آهن. ڪيترا اهڙا آهن، جيڪي عرب ملڪن ۾ نوڪري ڪن ٿا پر پنهنجن ٻارن کي تعليم لاءِ ملائيشيا ۾ رکيو اٿن، جن سان گڏ رهڻ لاءِ ماءُ کي هِتي جي حڪومت طرفان ويزا ملي ٿي. ڪيترا ته هِتي جي سيڪنڊ هوم اسڪيم طرفان ڏهه سالن جي ويزا تي رهيل آهن. انهن مان ڪي مسواڙ جي گهرن يا فلئٽن ۾ رهن ٿا، ته ڪن پنهنجا گهرَ خريد ڪري ڇڏيا آهن. خاص ڪري فلئٽ جن ۾ هو رهن ٿا. پنهنجي ملڪ موٽڻ تي انهن کي تالو هڻيو وڃن. ملڪ ۾ ڪافي حد تائين امن امان آهي ۽ قاعدو قانون پڻ سخت آهي. ڪو ڪنهن جي گهر تي غيرقانوني قبضو نٿو ڪري ۽ ساڳئي وقت انهن ۾ رهندڙن لاءِ به سخت قاعدا قانون آهن، جن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ واري کي سخت سزا ملي ٿي. بلڊنگ ۾ يا پاڙي اوڙي ۾ رهندڙن جو خيال رکڻ هر هڪ جو فرض سمجھيو وڃي ٿو.

Sunday, November 10, 2013

سڌريل معاشرن ۾ ڪتابن ۽ مطالعي جي اهميت عبدالله مورائي

سڌريل معاشرن ۾ ڪتابن ۽ مطالعي جي اهميت
عبدالله مورائي
شهر ۾ گهمندي ڦرندي تقريبن اڌ آبادي کي ڪنن ۾ هينڊ فري (Hand Free) لڳل نظر ايندو، جن کي ديسي ماڻهو وري ڪنن ۾ ٽونٽيون لڳل چون. ڪو ماڻهو پيو گانا ٻڌندو يا وري ڪنهن سان ڳالهائڻ ۾ مصروف هوندو. گهڻي قدر ماڻهن وٽ تمام نئين قسم جون موبائل فونون هجن ٿيون ۽ اهي فونون ماڻهن کي هر وقت مصروف رکڻ لاءِ ڪافي آهن. اهو سڀ ڪجهه هوندي به هنن ماڻهن مطالعي کي نه وساريو آهي. بسن يا ريل گاڏين ۾ سفر دوران توهان کي کوڙ سارا ايترا ماڻهو ملندا جيڪي ڪو ڪتاب يا رسالو پڙهندي نظر ايندا. اڄ به سوين ڪتاب ڇپجن ٿا ۽ انهن جو وڪرو به جاري آهي.
ڪجهه هفتا پهريان آئون پرنيلا (Pernilla) ۽ سندس وڏو ڀاءُ پونٽس (Pontus) هڪ ريسٽورنٽ تان مانجهاندو ڪري ٻاهر نڪتاسين ته هلڪو هلڪو مينهن وسي رهيو هو پر جيئن ته پونٽس (Pontus) کي چي گويرا جي ملڪ ڪيوبا (Cuba) ڪجهه ڏينهن کانپوءِ وڃڻو هيو سو چيائين ته؛ ڪيوبا جي باري ۾ ڪو ڪتاب وٺڻو آهي. اسان سڀئي پُسندا پُسندا اچي هڪ ڪتاب جي وڏي دڪان تي پهتاسين. دڪان ۾ ڪافي رش هئي. عورتون توڙي مرد، پنهنجي مطلب جا ڪتاب ڏسي رهيا هئا. اسان واري همراهه به ڪيوبا جي باري ۾ ڪتاب ورتو ۽ اسان روانا ٿياسين. همراهه ڪتاب سؤ ڪرونا مهانگي دڪان تان وٺڻ کي ترجيح ان ڪري ڏني جو سندس خيال هيو ته جيڪڏهن سڀني انٽرنيٽ جي وسيلي ڪتاب وٺڻ شروع ڪيا ته پوءِ هيءُ ڪتابن جا دڪان بند ٿي ويندا. تنھنڪري انهن ڪتابن جي دڪانن کي جاري ۽ ساري رکڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان هتان ڪتاب وٺون ته جيئن انهن جي حوصلا افزائي ٿئي. هتي ماڻهو اڄ به ڪتاب جو تحفو هڪ ٻئي کي ڏين ٿا ۽ ان ڳالهه کي پسند به ڪيو وڃي ٿو. منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهو سفر نٿو ڪري ۽ مٿان وري مطالعو به نٿو ڪري ته ان جي ذهني پرورش گهٽ ٿيندي. اهو ڏينهن جڏهن منهنجي ستين ڪلاس جي ڪلاس ٽيچر سائين علي مراد لغاري ڪتاب پڙهڻ جي اهميت ٻڌائي ۽ هٿ ۾ ڪتاب کڻڻ جو طريقو ۽ اڄوڪو ڏينهن مان ڪوشش ڪري ٿورو گهڻو مطالعو ضرور ڪندو آهيان.
طارق عالم ابڙي جي ڪتاب ”لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ“ من کي سجاڳ ڪيو. ان کانپوءِ پنهنجي پڦاٽ ڀائو اسحاق جو هڪ ڪتاب هٿ لڳو، جنهن منهنجي اندر ۾ هلچل پيدا ڪئي. بلڪ ائين کڻي چئجي ته بي چيني شروع ٿي وئي. ڪتاب هيو ”نڪلي تيري تلاش مين“. مستنصر حسين تارڙ، هن ڪتاب ۾ اهو جادو ڪيو آهي جو ماڻهو رات جو ستو پيو هجي ته اٿي ويهي رهي. دل ۾ چوي ته مان هتي ڇا پيو ڪيان، نڪري هتان ۽ دنيا ڏسان. آخري ڌڪو جنهن ڪتاب ڏنو اهو هو محمد اختر ممونڪا جو ڪتاب ”پئرس 205 ڪلوميٽر“ اهو ايڏو وڏو ڌڪو هو جنهن ايشيا مان کڻي يورپ پڄائي ڇڏيو. يورپ اچڻ کان پهريان اهي تارڙ جا ٻيا ڪتاب هيا جن پاڪستان جا اهي علائقا گهمڻ تي مجبور ڪيو جتي گهڻي قدر ٻاهرين ملڪن جا سياح، سخت محنت ۽ ٽريڪنگ ڪرڻ کانپوءِ پهچن. ڪتابن جو مطالعو توهان جي اندر ۾ انقلاب آڻيندو ۽ هن دنيا جا راز ظاهر ڪندو. باقي پيٽ ته جانور به پنهنجو پالين پيا.
هتي جون لائبريريون به تمام خوبصورت ٺهيل آهن ۽ انهن جو استعمال به آهي. هر وقت توهان کي اتي ماڻهو موجود نظر ايندا. ڪن ڪتابن لاءِ ڪجهه ڏينهن جا هفتا انتظار به ڪرڻو پوندو آهي. ڪتاب جيڪڏهن لائبريري ۾ موجود نه هوندو ته لائبريرين، ٻين لائبريرين سان رابطو ڪري، ڪتاب متعلق پڇا ڳاڇا ڪري ڏيندو ۽ جيڪڏهن ٻين لائبريرين ۾ ڪتاب موجود نه هوندو ته توهان جي علائقي جي لائبريري توهان لاءِ اهو ڪتاب خريد ڪري ڏيڻ جي پابند آهي.
هنن ملڪن ۾ ٽرئفڪ جا قانون تمام گهڻا سخت آهن ۽ انهن تي عمل به ٿئي ٿو. مزي جي ڳالهه ته پوليس، ايمبولينس ۽ انسانن جي ڊاڪٽرن سان گڏوگڏ هتي جانورن جا ڊاڪٽر به ڪو سگنل ٽوڙي اڳتي وڌي وڃي سگهن ٿا. متان ڪو ٻلو يا ڪتو ڪنهن مصيبت ۾ هجي. شهر اندر هلندڙ بسن جا ڊرائيور پندرنهن سالن تائين جي عمر جي ڇوڪرن يا ڇوڪرين کي ٽڪيٽ نه هئڻ جي صورت ۾ بس مان لاهي نٿا سگهن ۽ جيڪڏهن انهن ائين ڪيو ته انهن جي نوڪري هلي ويندي.

گذريل مهيني منهنجي فرانس وارن دوستن ڪرسٽين ۽ پئٽرڪ وارن جي ٻلي جنهن جو نالو منٽ (Minette) هيو مري وئي. همراهه ڏاڍا غمگين ۽ رکي رکي روئن. ڪم ڪار ڪري، جيئن گهر پهچن ته وري ساڳيو حال. هنن به سوچيو ته ٻيلي ائين ڪم نه ٿيندو سو ٻن هفتن لاءِ ويسٽ انڊيز هليا ويا ته جيئن ٻليءَ جو غم وساريون ۽ روزاني واري زندگي مان ٿورو ٿانيڪا ٿيون. گهر ۾ موجود ٻلي يا ڪتي کي يورپ ۾ گهر جو ڀاتي تصور ڪيو وڃي ٿو.

Saturday, November 09, 2013

ماڻهو ديس ڇڏي پرديس ڇو ٿا وسائين؟ - نعيم شيخ

ماڻهو ديس ڇڏي پرديس ڇو ٿا وسائين؟
نعيم شيخ/دُبئي
۴ نومبر واري ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ شايع ٿيل محترمه حميرا غلام علي جو لکيل خط ”پنهنجي ديس اندر پورهيو ڪرڻ ۾ ڪهڙو عيب آهي؟!“ پڙهيم، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته، ”هر ڪو ٻاهر (پرڏيهه) وڃڻ چاهي ٿو، چاهي اهو هڪ شاگرد هجي، نوڪري پيشه ماڻهو هجي يا وري ڪو بيروزگار. سڀ ڪنهن جي ذهن ۾ اهو ئي آهي ته، ڪيئن به ڪري ٻاهر وڃون، پوءِ انهن کي ٻاهر وڃڻ لاءِ رقم ڪنهن کان اُڌاري ڇو نه وٺڻي پوي، يا ڇو نه غير قانوني طريقي سان ٻاهر وڃڻ جو انتظام ڪرڻو پوي، پر وڃڻو ٻاهر ئي آهي!“

آئرش قوم تاريخ مان سبق سکيو آهي ڊاڪٽر مشتاق سومرو

آئرش قوم تاريخ مان سبق سکيو آهي
ڊاڪٽر مشتاق سومرو
يورپ کنڊ جي زمين، جتي هڪ ملڪ سرحد طور ٻئي سان ڳنڍيل آهي. جتي اولهه طرف ختم ٿو ٿئي، ته اتي فرانس جو سامونڊي ڪنارو ٿو اچي وڃي. اتان ئي ٿورو ويجهو سمنڊ ۾ ٻه وڏا ٻيٽ موجود آهن. هڪ آهي برطانيا، جيڪو فرانس کي ايترو ويجهو آهي. تنھنڪري سمنڊ جي تَري جي به هيٺان سِرنگ کوٽي لنڊن کان فرانس ۽ ٻئي يورپ طرف تيز رفتار ٽرين سروس هلائي اٿن. ٻيو ٻيٽ برطانيا جي ڀر ۾ آهي؛ آئرلينڊ، جتي يورپ جون حدون ختم آهن. برطانيا جو ملڪ، آئرلينڊ کان پکيڙ ۾ لڳ ڀڳ ٻيڻو آهي، پر آباديءَ جي لحاظ کان تمام وڏو آهي. برطانيا جي آبادي تقريباً ساڍا ڇهه ڪروڙ آهي پر آئرلينڊ جي مورڳو چوئيتاليهه لک. ڏيڍ سئو سال کن اڳ واري زماني ۾، آئرلينڊ ۾ اَسي لک ماڻهو رهندا هئا، جيڪي گهٽبا ويا ۽ انگ وڃي ۴۴ لک تي پهتو آهي.

Sunday, November 03, 2013

هيءَ ڪهڙي سنڌ آهي؟ - الطاف شيخ

هيءَ ڪهڙي سنڌ آهي؟
الطاف شيخ
لاڙڪاڻي اچڻ کان اڳ مون سمجھيو ته ڳڙهي خُدا بخش جِتي مُلڪَ جي ٻن وزير اعظمن ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ بينظير ڀُٽو جا مقبرا آهن، ۽ ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو، جِتي منهنجي رهائش جو بندوبست هو، هِڪَ ٻئي جي ويجھو هوندا. پر لاڙڪاڻي پهچڻ تي خبر پئي ته ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو ۲۵ کن ڪلوميٽرن تي هڪ طرف آهي، ته ڳڙهي خدا بخش ايتري ئي فاصلي تي لاڙڪاڻي جي ٻئي طرف آهي. آچر ڏينهن صبح ساڻ ڪاليج جي پرنسپال محمد يوسف ڊرائيور علي انور سميت پنهنجي ڪار ۽ ڪاليج جو هڪ پروفيسر منير چانڊيو مون ڏي موڪليو ته آئون پنهنجي مرضي سان ڳڙهي خُدا بخش جو چڪر هڻي اچان. نوجوان پروفيسر منير چانڊيو سنڌ جو مشهور شاعر ۽ اَديب پڻ آهي. سنڌي اَدبَ ۾ ناول تمام گهٽ ڇپيا آهن. منير جا ٻئي ڪِتابَ ناول آهن، جن مان هڪ ”ڪيف ڌاران ڪوءِ“ ۽ ٻيو ناول ”تو پڄاڻان.“ ان کان علاوه سندس  ٽيون ڪتاب ”بري هن ڀنڀور ۾“ ڇپائي هيٺ آهي. اسان موهن جو دڙو واري پاسي کان لاڙڪاڻو باءِ پاس ذريعي لاڙڪاڻي پهتاسين، جِتان پوءِ نئون ديرو روڊ ورتوسين. لاڙڪاڻي ڇڏڻ سان دودائي نالي هِڪ ڳوٺ مان لنگهڻ ٿيو. روڊ تي ٺهيل هڪ ڇاپرا هوٽل تي ويهي ڌوڌ پَتي چانهه پيتيسين. ڀر ۾ ٻه پٺاڻ سِنڌي ڳالهائي رهيا هُئا.