سڌريل معاشرن ۾ ڪتابن ۽ مطالعي جي اهميت
عبدالله مورائي
شهر ۾ گهمندي ڦرندي تقريبن اڌ آبادي کي ڪنن ۾ هينڊ فري (Hand Free) لڳل نظر ايندو، جن کي ديسي ماڻهو وري ڪنن ۾ ٽونٽيون لڳل چون. ڪو ماڻهو
پيو گانا ٻڌندو يا وري ڪنهن سان ڳالهائڻ ۾ مصروف هوندو. گهڻي قدر ماڻهن وٽ تمام نئين
قسم جون موبائل فونون هجن ٿيون ۽ اهي فونون ماڻهن کي هر وقت مصروف رکڻ لاءِ ڪافي آهن.
اهو سڀ ڪجهه هوندي به هنن ماڻهن مطالعي کي نه وساريو آهي. بسن يا ريل گاڏين ۾ سفر دوران
توهان کي کوڙ سارا ايترا ماڻهو ملندا جيڪي ڪو ڪتاب يا رسالو پڙهندي نظر ايندا. اڄ به
سوين ڪتاب ڇپجن ٿا ۽ انهن جو وڪرو به جاري آهي.
ڪجهه هفتا پهريان آئون پرنيلا (Pernilla) ۽ سندس
وڏو ڀاءُ پونٽس (Pontus) هڪ ريسٽورنٽ تان مانجهاندو ڪري ٻاهر نڪتاسين
ته هلڪو هلڪو مينهن وسي رهيو هو پر جيئن ته پونٽس (Pontus) کي چي
گويرا جي ملڪ ڪيوبا (Cuba) ڪجهه ڏينهن کانپوءِ وڃڻو هيو سو چيائين ته؛
ڪيوبا جي باري ۾ ڪو ڪتاب وٺڻو آهي. اسان سڀئي پُسندا پُسندا اچي هڪ ڪتاب جي وڏي دڪان
تي پهتاسين. دڪان ۾ ڪافي رش هئي. عورتون توڙي مرد، پنهنجي مطلب جا ڪتاب ڏسي رهيا هئا.
اسان واري همراهه به ڪيوبا جي باري ۾ ڪتاب ورتو ۽ اسان روانا ٿياسين. همراهه ڪتاب سؤ
ڪرونا مهانگي دڪان تان وٺڻ کي ترجيح ان ڪري ڏني جو سندس خيال هيو ته جيڪڏهن سڀني انٽرنيٽ
جي وسيلي ڪتاب وٺڻ شروع ڪيا ته پوءِ هيءُ ڪتابن جا دڪان بند ٿي ويندا. تنھنڪري انهن
ڪتابن جي دڪانن کي جاري ۽ ساري رکڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان هتان ڪتاب وٺون ته جيئن
انهن جي حوصلا افزائي ٿئي. هتي ماڻهو اڄ به ڪتاب جو تحفو هڪ ٻئي کي ڏين ٿا ۽ ان ڳالهه
کي پسند به ڪيو وڃي ٿو. منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهو سفر نٿو ڪري ۽ مٿان وري مطالعو
به نٿو ڪري ته ان جي ذهني پرورش گهٽ ٿيندي. اهو ڏينهن جڏهن منهنجي ستين ڪلاس جي ڪلاس
ٽيچر سائين علي مراد لغاري ڪتاب پڙهڻ جي اهميت ٻڌائي ۽ هٿ ۾ ڪتاب کڻڻ جو طريقو ۽ اڄوڪو
ڏينهن مان ڪوشش ڪري ٿورو گهڻو مطالعو ضرور ڪندو آهيان.
طارق عالم ابڙي جي ڪتاب ”لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ“ من کي سجاڳ ڪيو. ان کانپوءِ
پنهنجي پڦاٽ ڀائو اسحاق جو هڪ ڪتاب هٿ لڳو، جنهن منهنجي اندر ۾ هلچل پيدا ڪئي. بلڪ
ائين کڻي چئجي ته بي چيني شروع ٿي وئي. ڪتاب هيو ”نڪلي تيري تلاش مين“. مستنصر حسين
تارڙ، هن ڪتاب ۾ اهو جادو ڪيو آهي جو ماڻهو رات جو ستو پيو هجي ته اٿي ويهي رهي.
دل ۾ چوي ته مان هتي ڇا پيو ڪيان، نڪري هتان ۽ دنيا ڏسان. آخري ڌڪو جنهن ڪتاب ڏنو اهو
هو محمد اختر ممونڪا جو ڪتاب ”پئرس 205 ڪلوميٽر“ اهو ايڏو وڏو ڌڪو هو جنهن ايشيا مان
کڻي يورپ پڄائي ڇڏيو. يورپ اچڻ کان پهريان اهي تارڙ جا ٻيا ڪتاب هيا جن پاڪستان جا
اهي علائقا گهمڻ تي مجبور ڪيو جتي گهڻي قدر ٻاهرين ملڪن جا سياح، سخت محنت ۽ ٽريڪنگ
ڪرڻ کانپوءِ پهچن. ڪتابن جو مطالعو توهان جي اندر ۾ انقلاب آڻيندو ۽ هن دنيا جا راز
ظاهر ڪندو. باقي پيٽ ته جانور به پنهنجو پالين پيا.
هتي جون لائبريريون به تمام خوبصورت ٺهيل آهن ۽ انهن جو استعمال به آهي.
هر وقت توهان کي اتي ماڻهو موجود نظر ايندا. ڪن ڪتابن لاءِ ڪجهه ڏينهن جا هفتا انتظار
به ڪرڻو پوندو آهي. ڪتاب جيڪڏهن لائبريري ۾ موجود نه هوندو ته لائبريرين، ٻين لائبريرين
سان رابطو ڪري، ڪتاب متعلق پڇا ڳاڇا ڪري ڏيندو ۽ جيڪڏهن ٻين لائبريرين ۾ ڪتاب موجود
نه هوندو ته توهان جي علائقي جي لائبريري توهان لاءِ اهو ڪتاب خريد ڪري ڏيڻ جي پابند
آهي.
هنن ملڪن ۾ ٽرئفڪ جا قانون تمام گهڻا سخت آهن ۽ انهن تي عمل به ٿئي ٿو.
مزي جي ڳالهه ته پوليس، ايمبولينس ۽ انسانن جي ڊاڪٽرن سان گڏوگڏ هتي جانورن جا ڊاڪٽر
به ڪو سگنل ٽوڙي اڳتي وڌي وڃي سگهن ٿا. متان ڪو ٻلو يا ڪتو ڪنهن مصيبت ۾ هجي. شهر اندر
هلندڙ بسن جا ڊرائيور پندرنهن سالن تائين جي عمر جي ڇوڪرن يا ڇوڪرين کي ٽڪيٽ نه هئڻ
جي صورت ۾ بس مان لاهي نٿا سگهن ۽ جيڪڏهن انهن ائين ڪيو ته انهن جي نوڪري هلي ويندي.
گذريل مهيني منهنجي فرانس وارن دوستن ڪرسٽين ۽ پئٽرڪ وارن جي ٻلي جنهن
جو نالو منٽ (Minette) هيو مري وئي. همراهه ڏاڍا غمگين ۽ رکي رکي روئن.
ڪم ڪار ڪري، جيئن گهر پهچن ته وري ساڳيو حال. هنن به سوچيو ته ٻيلي ائين ڪم نه ٿيندو
سو ٻن هفتن لاءِ ويسٽ انڊيز هليا ويا ته جيئن ٻليءَ جو غم وساريون ۽ روزاني واري زندگي
مان ٿورو ٿانيڪا ٿيون. گهر ۾ موجود ٻلي يا ڪتي کي يورپ ۾ گهر جو ڀاتي تصور ڪيو وڃي
ٿو.
No comments:
Post a Comment