ماڻهو ديس ڇڏي پرديس ڇو
ٿا وسائين؟
نعيم شيخ/دُبئي
۴ نومبر واري ڪاوش هائيڊ پارڪ
۾ شايع ٿيل محترمه حميرا غلام علي جو لکيل خط ”پنهنجي ديس اندر پورهيو ڪرڻ ۾ ڪهڙو عيب
آهي؟!“ پڙهيم، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته، ”هر ڪو ٻاهر (پرڏيهه) وڃڻ چاهي ٿو، چاهي اهو
هڪ شاگرد هجي، نوڪري پيشه ماڻهو هجي يا وري ڪو بيروزگار. سڀ ڪنهن جي ذهن ۾ اهو ئي آهي
ته، ڪيئن به ڪري ٻاهر وڃون، پوءِ انهن کي ٻاهر وڃڻ لاءِ رقم ڪنهن کان اُڌاري ڇو نه
وٺڻي پوي، يا ڇو نه غير قانوني طريقي سان ٻاهر وڃڻ جو انتظام ڪرڻو پوي، پر وڃڻو ٻاهر
ئي آهي!“
ان ڳالهه کي وڌائيندي آئون پڙهندڙن کي اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته،
اڄڪلهه نه فقط شاگرد، نوڪري پيشه ماڻهو ۽ بيروزگار پرديس وڃڻ جو شوق رکن ٿا، بلڪ هاڻي
ته اسان جا واپاري به ڏيهه ڇڏي پرڏيهه وڃي پنهنجو ڪاروبار منتقل ڪرڻ چاهين ٿا. تازو
ڪجهه ڏينهن اڳ، لاڙڪاڻي شهر اندر ڀاڻ ۽ اناج جو واپار ڪندڙ ۱۲
واپارين تي مشتمل هڪ گروپ
ٽوئر تي دبئي آيل هو، جن مان ڪجهه منهنجا مائٽ هئا، ته ڪجهه دوست ۽ ڪجهه اڻ سڃاتل.
انهن مان هڪ واپاريءَ ڪچهريءَ دوران مون کي چيو ته، ”ادا مون کي هاڻي هتي دبئي ۾ شفٽ
ٿيڻو آهي، ڪجهه به ڪر مون کي سموري معلومات وٺي ڏي، ته هتي ڪهڙو بزنس ڪجي ۽ قانوني
طور تي دبئي ۾ بزنس ڪرڻ جو ڇا طريقيڪار آهي؟“ مون چيومانس ته ”ادا! سڀ کان پهريان ته
شهر يا ملڪ ڪهڙو به هجي، اتي واپار اهڙو ڪجي، جنهن ۾ توهان کي تجربو هجي. جيڪڏهن توهان
کي لاڙڪاڻي شهر اندر چانورن جو واپار ڪندي
سٺو تجربو آهي ۽ اهڙي واپار جي الف ب کان ي تائين مان توهان چڱيءَ طرح واقف آهيو، ته
هتي به چانورن جو واپار ٻين وڏن واپارن مان هڪ آهي. ان سان گڏوگڏ هتي سنڌ سميت پاڪستان
جي مختلف شهرن مان ايندڙ چانورن کي ماڻهو تمام گهڻو پسند ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو
هتي ان جي گهرج به وڌيڪ آهي.“ مون کيس چيو ته، ”هن ڀيري توهان گهمڻ آيا آهيو. توهان
مان جيڪي به ماڻهو واقعي هتي واپار ڪرڻ لاءِ سنجيده آهن، ته انهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر هتي
اچڻو پوندو. مارڪيٽ سروي ڪرڻي پوندي. دوستن ڄاتل سڃاتلن کان مشورا ڪرڻا پوندا، ته ڪهڙو
ڪاروبار ڪجي، ڪهڙي علائقي ۾ ڪجي؟ ڪنهن ماهر اڪائونٽنٽ کان فيزيبلٽي رپورٽ تيار ڪرائڻ
گهرجي ته اهڙي ڪاروبار تي ڪيتري لاڳت ايندي. بعد ۾ ان سموري رقم جو بندوبست ڪرڻ سان
گڏوگڏ، ان ڪاروبار کي شروع ڪرڻ کان اڳ لاڙڪاڻي يا ڪراچيءَ ۾ پنهنجن کان اهڙي ڪاروبار
بابت ڪجهه مهينا يا گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال تائين تجربو حاصل ڪرڻ گهرجي. اهڙين تيارين کان
بعد ئي ڪو قدم اڳتي وڌائجي. ان سان گڏوگڏ هڪ ٻي اهم ڳالهه اها به آهي ته، جيڪڏهن ڪير
به ملڪ کان ٻاهر ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ڪو به ڪاروبار شروع ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو، ته هن کي
ان ملڪ جي مقامي ٻولي يا انگريزي ٻوليءَ تي ضرور مهارت هجڻ گهرجي.“
ان موقعي تي مون کانئن هڪ سوال ڪيو ته؛ ”توهان سڀ واپاري، جڏهن لاڙڪاڻي
۾ سٺا سيٽلڊ آهيو ۽ ٽارگيٽ مطابق ڏوڪڙ به ڪمايو ٿا، ته پوءِ پنهنجو شهر ۽ ديس ڇڏي اچي
پرديس کي آباد ڪرڻ پٺيان ڪهڙو مقصد آهي؟“
منهنجو اهڙو سوال پڇڻ ۽ سڀني ائين شڪايتن جا دفتر کولي ڇڏيا، ڄڻ ڪا کليل
ڪچهري هجي. هنن جو گڏيل طور تي اهو چوڻ هو ته، ”اسان کي دبئي ۾ رهندي، سڀ کان وڌيڪ
ان ڳالهه متاثر ڪيو آهي ته، هتي ڪلاڪ ته ڇا پر هڪ منٽ ۽ هڪ سيڪنڊ لاءِ به بجلي نٿي
وڃي. بجليءَ جي لوڊ شيڊنگ وارو تصور ئي ڪونهي. اسان ملڪ اندر بجليءَ جي لوڊ شيڊنگ مان
ايترو ته بيزار آهيون، جو هاڻي واقعي ملڪ مان لڏي هتي اچي رهڻ تي دل ٿي چوي. ڪاروبار
متاثر ٿئي ٿو. گرميءَ جي ڏينهن ۾ زندگي عذاب بڻجي وڃي ٿي. ٻي اهم ڳالهه آهي هتان جو
امن امان. هتي اسان بنا خوف جي رات جو دير تائين گهمندا رهون ٿا. جڏهن ته پنهنجي ئي
شهر ۾ سج لٿي کان پوءِ ٻاهر نڪرڻ ۾ خوف ٿئي ٿو. بدامني، اغوا، ڦرلٽ وارن واقعن جي عام
بڻجڻ کان پوءِ، گهر ڏانهن بار بار فون ڪري، ٻارڙن جي اسڪول وڃڻ کان ويندي گهر واپس
اچڻ تائين، توڙي سلامتي ۽ خيريت جو حال احوال وٺندا رهون ٿا. روڊ رستا ٽٽل آهن، سفري
سهولتون ڪونهن، شهر گندگيءَ جا ڍير بڻجي ويا آهن. ڪيتريون ئي وبائي بيماريون ڦهلجي
چڪيون آهن. سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن جي انتها ٿي چڪي آهي. اسان جي سنڌ ته سوني آهي پر
حڪمرانن ڪرپشن جي آڙ ۾ ان کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ترقياتي ڪم به نٿا ٿين. جيترو خرچ
انهن تي ڏيکاريو وڃي ٿو، ان جي اڌ کان وڌيڪ رقم هڙپ ڪئي ٿي وڃي. باقي ان ڳالهه ۾ ڪو
شڪ ڪونهي ته دبئي، واقعي دبئي آهي پر اسان جي سنڌ به سنڌ آهي. ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن هتي
جهنگل ۾ منگل ٿي سگهي ٿو، ته پوءِ اسان جي سنڌ ته اڳ ۾ ئي خوشحال ۽ قدرتي وسيلن سان
مالامال آهي، ضرورت فقط گُڊ گورننس جي آهي.“
اها ته هئي چند واپارين جي ڳالهه ٻولهه. ان کان علاوه سنڌ اندر اهڙا ڪيترا
ئي واپاري هوندا، جيڪي ملڪ ڇڏي پرڏيهه وڃڻ چاهيندا هوندا ۽ اهڙا انيڪ واپاري به آهن،
جيڪي اڳ ئي ملڪ ڇڏي پرڏيهه ۾ پنهنجو ڪاروبار منتقل ڪري چڪا آهن. اها هڪ حقيقيت آهي
ته، پرڏيهه ۾ ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو پر اهو به هڪ سچ آهي ته، پرڏيهه
۾ قانون ۽ انصاف آهي. جيڪڏهن هر ماڻهو قانون جي پوئواري ڪري ته کيس پرديس به ديس جيان
لڳي ٿو.
هتي انسانيت جو قدر آهي، جيڪو اسان وٽ ڪونهي. سڄو ڏينهن ڪيتري به سخت
محنت ڇو نه ڪجي، گهٽ ۾ گهٽ رات جي وقت ماڻهو سڪون جي ننڊ ته ڪري سگهي ٿو. نه بجلي جي
لوڊشيڊنگ، نه وري بدامنيءَ جي باهه، نه چوري، نه ڦرلٽ. انهن بنيادي سهولتن جي ڪري ئي
اڄڪلهه ماڻهو ڏيهه ڇڏي، پرڏيهه وڃي آباد ٿيڻ چاهين ٿا.
اختيار ڌڻين کي گهرجي ته هو سنڌ سميت ملڪ اندر اهڙو سچائيءَ وارو نظام
قائم ڪن، جو اسان جا ماڻهو ديس ڇڏي پرديس وڃڻ بجاءِ، ٻاهرين ملڪن جا ماڻهو اسان وٽ
اچي آباد ٿيڻ جي خواهش رکن.
پرديس وسائڻ جا ٻيا به
سبب آهن!
ظفرالحق ميمڻ/ڪراچي
۶ نومبر ۲۰۱۳ع جي ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ ”ماڻهو ديس ڇڏي، پرديس ڇو ٿا
وسائين؟“ جي عنوان سان نعيم شيخ جو خط نظرن مان گذريو. نعيم صاحب ماڻهن جي ديس ڇڏي
پرديس وسائڻ بابت لاڙڪاڻي جي ڪجهه واپارين جي دبئيءَ ۾ پنهنجو واپار منتقل ڪرڻ بابت
لکيو آهي، جيڪو بجا آهي. لاڙڪاڻي لاءِ ته چوڻي به آهي، ”هجئي ناڻو، ته گهم لاڙڪاڻو“
جيڪا چوڻي هاڻي مٽجي، ”هجئي ناڻو، ته ڇڏ لاڙڪاڻو“ محسوس ٿئي ٿي! جنهن جا سبب لکڻ کان
آئون لاچار آهيان. جيڪڏهن لاڙڪاڻي جا ماڻهو، خاص طرح واپاري طبقو، لاڙڪاڻو ڇڏڻ تي مجبور
ٿي ويا آهن، ته اهي حق بجانب آهن. هاڻي ديس ڇڏي پرديس وسائڻ جو هڪ ٻيو رخ به آهي. اهو
اِهو آهي، ته اسان جي ملڪ ۾ اقربا پروري ۽ رشوت جي بنياد تي، پنهنجن مٽن مائٽن، پٽن،
ناٺين، سالن وغيره کي نوازڻ لاءِ اهڙا قانون ٺاهيا ويا آهن، جن سان انهن کي نوڪريءَ
دوران ۵ سال
پرڏيهه وڃڻ جي موڪل ڏني ويندي آهي، جنهن دوران سندن هِتي واري نوڪري به قائم دائم هوندي
آهي ۽ هو ٿورن ڏينهن لاءِ هِتي اچي، پنهنجي سينيارٽيءَ جي بنياد تي ترقيون ماڻي، وري
هليا ويندا آهن ۽ وري ٻي ترقيءَ جي وقت تي اچي حاضر ٿيندا آهن ۽ اهو سڀ قانوني هوندو
آهي. منهنجي علم ۾ اهڙا ڪئين زنده مثال آهن. هڪڙي صاحب ٻڌايو ته هِتي سندس حاضري به
پئي لڳندي آهي ۽ هو اُتي رهندو آهي. هر سال وڃي وڏڙن کي سوکڙيون پاکڙيون پهچائي، پنهنجو
پگهار وٺي، وري هُتي وڃي جائداد جي دلاليءَ جو ڪم ڪندو آهي، جنهن مان هن هُتي شاندار
گهر به ٺاهيو آهي ۽ سندس ٻار به اُتي جي اسڪولن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهندا آهن. انهيءَ
وچ ۾ کيس اُتي قوميت به ملي وئي آهي. انهيءَ وچ ۾ اهي جڳهيون خالي رکيون وينديون آهن،
يعني ڪنهن ٻئي کي انهيءَ جاءِ تي مقرر نه ڪيو ويندو آهي. هڪڙو صاحب، جيڪو هِتي آفيسر
آهي ۽ سندس بيگم صاحبه به سرڪاري ملازمه آهي، پاڻ اُتي ٽئڪسي هلائيندو آهي ۽ سندس بيگم
هڪڙي ڪافي هائوس ۾ گراهڪن کي ڪافي ڏيندي آهي.
هن جو چوڻ آهي ته، اهڙيءَ طرح هو اوترو عرصو هُتي رهندا، جيتري تائين کين قوميت
ملي وڃي. سو سائين، پرديس وَسائڻ جا اهڙا ٻيا به هزارين مثال موجود آهن!
No comments:
Post a Comment