ٻئي جي گهر جو به خيال ڪريو!
الطاف شيخ
هن ڀيري مونکي ملائيشيا ۾ پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جو وڌندڙ تعداد ڏسي حيرت
ٿي آهي. پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جا ته ڪيترا ئي نظر ايندا رهيا ٿي پر هاڻ سنڌ جا سنڌي
مسلمان به ملائيشيا جي هر شهر ۾ نظر اچن پيا. هونئن سنڌ جو هندو جِتي واپار ۽ تعليم
جي سلسلي ۾ دنيا جي هر ملڪ ۾ نظر ايندو رهيو ٿي، اتي هاڻ اسانجو سنڌي مسلمان پڻ، مرد
توڙي عورتون تعليم، نوڪري، بزنس ۽ پورهئي لاءِ ملائيشيا ۾ رهي رهيا آهن. هو يونيورسٽين
۽ اسپتالن ۾ يا پرائيويٽ ڪمپنين ۾ نوڪري ڪري رهيا آهن. ڪيترا اهڙا آهن، جيڪي عرب ملڪن
۾ نوڪري ڪن ٿا پر پنهنجن ٻارن کي تعليم لاءِ ملائيشيا ۾ رکيو اٿن، جن سان گڏ رهڻ لاءِ
ماءُ کي هِتي جي حڪومت طرفان ويزا ملي ٿي. ڪيترا ته هِتي جي سيڪنڊ هوم اسڪيم طرفان
ڏهه سالن جي ويزا تي رهيل آهن. انهن مان ڪي مسواڙ جي گهرن يا فلئٽن ۾ رهن ٿا، ته ڪن
پنهنجا گهرَ خريد ڪري ڇڏيا آهن. خاص ڪري فلئٽ جن ۾ هو رهن ٿا. پنهنجي ملڪ موٽڻ تي انهن
کي تالو هڻيو وڃن. ملڪ ۾ ڪافي حد تائين امن امان آهي ۽ قاعدو قانون پڻ سخت آهي. ڪو
ڪنهن جي گهر تي غيرقانوني قبضو نٿو ڪري ۽ ساڳئي وقت انهن ۾ رهندڙن لاءِ به سخت قاعدا
قانون آهن، جن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ واري کي سخت سزا ملي ٿي. بلڊنگ ۾ يا پاڙي اوڙي ۾ رهندڙن
جو خيال رکڻ هر هڪ جو فرض سمجھيو وڃي ٿو.
ڪوالالمپور جي چوڪٽ مارڪيٽ ۾ سنڌ جي هڪ ڊاڪٽر سان ملاقات ٿي، جيڪو ڪنهن
زماني ۾ ٽي سال کن هِتي ملائيشيا ۾ هو. هاڻ آسٽريليا ۾ نوڪري ڪري ٿو. هن وقت هو ٻن
مهينن جي موڪل تي پنهنجي ڳوٺ خيرپور وڃي رهيو هو. هن ٻڌايو ته آسٽريليا کان پاڪستان
ويندي ۽ موٽندي هو ٽي چار ڏينهن هِتي ڪوالالمپور ۾ ٽڪي پوندو آهي. ”اسانجي پاسي جي
هڪ شاهه صاحب وڏيري جو فلئٽ آهي، جيڪو مون هن کي وٺرايو هو، جڏهن آئون هِتي هئس“، هن
ٻڌايو، ”هو سال ۾ هڪ يا ٻه دفعا مهيني اڌ لاءِ ايندو آهي. فلئٽ جي هڪ چاٻي مونکي به
ڏئي ڇڏي اٿس ۽ رهي پوندو آهيان.“ شهر جو چڪر هڻندي اسان ان بلڊنگ جي ويجھو اچي پهتاسين
۽ هن مونکي فلئٽ تي هلي چانهه پيئڻ ۽ اتي رهندڙ هڪ ٻن ٻين دوستن سان ملڻ لاءِ زور ڀريو.
اسان لفٽ ذريعي سندس فلئٽ تي پهتاسين جِتي ٻه ڄڻا ٻيا به رهيل هئا. ان کان علاوه شاهه
صاحب جا ڪامورا يا سياسي دوست پڻ اڪيلا يا فئملين سان ملائيشيا ۾ ايندا آهن، ته شاهه
صاحب کان سندس فلئٽ جي چاٻي وٺي اچي رهندا آهن. هتي آئون ان قسم جي گهرن (فلئٽن) جي
مالڪن، انهن ۾ رهندڙ سندن دوستن ۽ پڙهندڙن جي ڄاڻ ۽ نصيحت لاءِ اهو لکڻ ٿو چاهيان ته،
ان قسم جا خالي فلئٽ توهان ڀلي پنهنجي دوستن يا مائٽن کي عارضي طور ڏئي هنن کي پرديس
۾ اجايو ڀٽڪڻ يا هوٽل ۾ رهائش جي وڏي خرچ کان بچايو پر مهرباني ڪري اهو ڪم سوچي سمجھي
ڪندا ڪريو ڇو جو توهان جي غير موجودگيءَ ۾ توهان جي فلئٽ ۾ ڪو به مسئلو ٿئي ٿو يا توهان
جي دوست يا مائٽ جنهن جي حوالي توهان فلئٽ ڪيو آهي، ان کان ارادتاً يا غير ارادتن ڪا
غلطي ٿئي ٿي ته ان جو نقصان يا سزا توهان کي ڀوڳڻي پوي ٿي، ڇو جو ان جاءِ جا مالڪ توهان
آهيو. اها ملڪيت توهان جي نالي لکيل آهي. آئون سالن کان پنهنجي نيوي جي شاگردن کي اها نصيحت ڪندو رهان ٿو ته، توهان
کي دنيا جي مختلف ملڪن جي شهرن ۾ يا مسافر جي حيثيت ۾ ڪنهن مهربان دوست جي جهاز تي
ڪجهه ڏينهن لاءِ رهڻو پوي، ته ان کي ڇڏڻ وقت ان گهر يا جهاز جي ان ڪئبن کي ان ئي بهتر
حالت ۾ ڇڏيندا ڪريو، جنهن ۾ توهان کي ملي. منهنجو هڪ ڪلاس ميٽ دوست ڪئپٽن مظهر زيدي
ته ان تي بضد هوندو آهي، ڇڏڻ وقت ان ڪمري يا گهر کي پهرين کان به بهتر ڇڏجي. باٿ روم
يا ڪچن جو ڪو نلڪو وهي رهيو هجي، ته انجنيئر جي حيثيت ۾ ان کي ٺيڪ ڪري وڃجي. ڪموڊ
۾ پاڻي لِيڪ ٿي رهيو آهي، ته چار پئسا خرچ ڪري پلمبر کان اهو ٺيڪ ڪرائي ڇڏجي، ڇو جو
خبر ناهي گهر جو مالڪ ڪڏهن اچي، تيستائين هن کي پاڻي وهڻ جو ڇو نقصان ٿئي. ولايت ۾
اليڪٽرسٽي، گئس ۽ ٽيليفون وانگر هر گهر کي پاڻيءَ جو ميٽر به ٿئي، جيڪو توهانجي پاڻيءَ
جي کپت نوٽ ڪري ٿو ۽ ان موجب توهان کي هر مهيني پاڻيءَ جي بل جي ادائگي ڪرڻي پوي ٿي.
هونئن به ڏٺو وڃي ته، جڏهن توهان جي دوست توهانکي پنهنجو فئلٽ ڏئي توهانجو هزاين رپيا
هوٽل جو خرچ بچايو آهي، اتي توهانجي اخلاقي ڊيوٽي آهي ته، وڃڻ وقت ٻه چار سئو رپيا
پلمبر تي خرچ ڪري هن کي پاڻيءَ جي ڳري بل کان بچائي سگهو ٿا.
پر مون ڏٺو آهي ته اسان جا ڪيترا ئي سٺي سوچ رکڻ وارا به ان معاملي ۾
غير جوابداريءَ جو ڪم ڪندا. منهنجي هڪ لاڙڪاڻي جي دوست ٻڌايو ته، هن ٻارن جي تعليم
دوران نيويارڪ آمريڪا ۾ هڪ فلئٽ ورتو هو، جيڪو پوءِ خالي هجڻ ڪري پاڪستان مان ويندڙ
دوستن يارن کي ان جي چاٻي ڏئي ڇڏيندو هو. هڪ ڏينهن هن کي پوليس طرفان نوٽيس آيو ته
هو آمريڪي ڪورٽ ۾ اچي حاضر ٿئي، ٻي صورت ۾ فلئٽ ضبط ٿي ويندو...... بهرحال قصو مختصر
۽ هن ريت ته ٻه مهينا اڳ، جن هم وطني دوستن کي هن پنهنجي نيويارڪ واري فلئٽ جون چاٻيون
ڏنيون هيون، اهي هفتو کن اتي رهيا پر صفائيءَ جو خيال نه رکيائون. آخري ڏينهن تي ته
چڪن تڪا ۽ انهن جا بچيل هڏا ۽ نان ڊبل روٽيون ڊائننگ ٽيبل تي ئي ڇڏي تڙ تڪڙ ۾ ٽئڪسيءَ
۾ چڙهي نيويارڪ جي هوائي اڏي تي پهتا. اتان پنهنجي وطن اچي نڪتا، هوڏانهن سندن بچيل
کاڌي تي اچي ڪاڪروچن ۽ ٻين ڪينئن ديرو ڄمايو ۽ ويا وڌندا. انهن جي ايڏي ته ويجھه ٿي
جو هو ڪجهه هفتن بعد هن جي فلئٽ مان نڪري پاڙي وارن جي فلئٽن ۾ داخل ٿيڻ لڳا..... جن
پوليس کي رپورٽ ڪئي ۽ هن فلئٽ جي مالڪ جي وٺ پڪڙ ٿي. بهرحال هي همراهه نيويارڪ پهتو.
وڪيل ڪيائين.... ڪافي ڏنڊ ڀريائين ۽ پنهنجي ڀر وارن فلئٽن جي فيوميگيشن تي خرچ ڪيائين.
منهنجي خيال ۾ ته مالڪن کان چاٻيون وٺي، انهن جي گهرن/ فلئٽن ۾ رهندڙ
مهمانن کي کپي ته هو پنهنجي دوستن کي نقصان کان بچائين ۽ هنن جي فلئٽن ۾ رهڻ دوران
صفائيءَ جو خيال رکن. آخري ڏينهن تي فلئٽ ڇڏڻ وقت ان کي چڱيءَ طرح ٻهاري ڏئي صاف ڪجي.ياد
ڪري پاڻيءَ جا نلڪا ۽ رڌ پچاءَ جي گئس جا والو بند ڪجن ۽ ان سان گڏ دريون پڻ چڱي طرح
بند رکجن. فرج ۾ جي سامان آهي ته ان کان علاوه باقي بجليءَ جا سُئچ بند ڪري نڪرجي.
ساڳئي وقت مالڪ کي به کپي ته هو چاٻي ڏيڻ وقت مهمانن کي پارت ڪري. ڪجهه اهڙا به ڪيس
ٿيا آهن، جن ۾ فلئٽ جي مالڪن جي دوستن کي ڏنل چاٻي هنن پنهنجن ٻين دوستن کي ڏني هوندي،
ان فلئٽ کي غلط استعمال ڪري فلئٽ جي مالڪن کي سورن ۾ وڌو هوندو. اڄڪلهه هِتي هڪ عورت
جو ڪيس هلي رهيو آهي، جنهن کي ڪنهن فلئٽ ۾ رهندڙ اسانجي ملڪ جي ماڻهن جيڪي مهمان طور
اچي رهيا هئا، زيادتيءَ جو نشانو بنايو. خبر ناهي ان فلئٽ جي اصلي مالڪ جيڪو شايد ڪراچي
يا لاهور ۾ هجي، ان ڳالهه جي خبر به پئي آهي يا اڃان نه..... ڇو جو آخر ۾ ان تي به
ڇنڊا ته ضرور ايندا. ان کان علاوه اسانجي ملڪ جي بدنامي الڳ ٿي رهي آهي.
No comments:
Post a Comment