هيءَ ڪهڙي سنڌ آهي؟
الطاف شيخ
لاڙڪاڻي اچڻ کان اڳ مون سمجھيو ته ڳڙهي خُدا بخش جِتي مُلڪَ جي ٻن وزير
اعظمن ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ بينظير ڀُٽو جا مقبرا آهن، ۽ ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو، جِتي منهنجي
رهائش جو بندوبست هو، هِڪَ ٻئي جي ويجھو هوندا. پر لاڙڪاڻي پهچڻ تي خبر پئي ته ڪئڊٽ
ڪاليج لاڙڪاڻو ۲۵ کن
ڪلوميٽرن تي هڪ طرف آهي، ته ڳڙهي خدا بخش ايتري ئي فاصلي تي لاڙڪاڻي جي ٻئي طرف آهي.
آچر ڏينهن صبح ساڻ ڪاليج جي پرنسپال محمد يوسف ڊرائيور علي انور سميت پنهنجي ڪار ۽
ڪاليج جو هڪ پروفيسر منير چانڊيو مون ڏي موڪليو ته آئون پنهنجي مرضي سان ڳڙهي خُدا
بخش جو چڪر هڻي اچان. نوجوان پروفيسر منير چانڊيو سنڌ جو مشهور شاعر ۽ اَديب پڻ آهي.
سنڌي اَدبَ ۾ ناول تمام گهٽ ڇپيا آهن. منير جا ٻئي ڪِتابَ ناول آهن، جن مان هڪ ”ڪيف
ڌاران ڪوءِ“ ۽ ٻيو ناول ”تو پڄاڻان.“ ان کان علاوه سندس ٽيون ڪتاب ”بري هن ڀنڀور ۾“ ڇپائي هيٺ آهي. اسان
موهن جو دڙو واري پاسي کان لاڙڪاڻو باءِ پاس ذريعي لاڙڪاڻي پهتاسين، جِتان پوءِ نئون
ديرو روڊ ورتوسين. لاڙڪاڻي ڇڏڻ سان دودائي نالي هِڪ ڳوٺ مان لنگهڻ ٿيو. روڊ تي ٺهيل
هڪ ڇاپرا هوٽل تي ويهي ڌوڌ پَتي چانهه پيتيسين. ڀر ۾ ٻه پٺاڻ سِنڌي ڳالهائي رهيا هُئا.
”هن ڳوٺ ۾ لڳي ٿو پٺاڻ رهن ٿا.“ مون کانئن پڇيو.
”نه اسان ڀر واري ڳوٺَ جا آهيون،“ هنن ٻڌايو؛ ”هن ڳوٺ ۾ سڀ سانگي رهن
ٿا ۽ پير پاڳاري جا مُريدَ آهن.“ مون کي آمريڪي فوج جو نوجوان آفيسر حنيف سانگي ياد
آيو، جيڪو ڪجهه سالَ اڳ واشنگٽن ۾ مليو هو ۽ جنهن جو احوال پنهنجي سفرنامي ”نيو هالا
کان نيويارڪ“ ۾ ڪيو اٿم.... پر منير چانڊئي ٻڌايو ته اهو لاڙڪاڻي ضلعي جو ضرور آهي،
پر هن جي ڳوٺَ جو نالو ”سانگي“ آهي ۽ سندس والد جو نالو غلام نبي سانگي آهي.
پٺاڻن مان هِڪَ کان مون پڇيو ته؛ ”هن ڳوٺ جي ڪا خاص ڳالهه؟“ منهنجو مطلب
هو ته هن ڳوٺ جي ڪا مشهور شخصيت يا ڪو ڪارنامو..... جيئن هالا جي جنڊي ۽ ڪاشي آهي،
نصرپور جا کير پڙا ۽ شڪارپور جو آچار وغيره.......“ پر هن ٺهه پهه جواب ڏنو: ”سائين
هن ڳوٺ جا ماڻهو پراڻي دشمني ۾ هِڪَ ٻئي جا چاليهه خونَ ڪري چڪا آهن.“
اها پنهنجي جاءِ تي حقيقت کڻي هجي ۽ هن مزدوري ڪندڙ غريب پٺاڻَ کڻي اهو
جواب معصوميت ۾ ڏنو هجي، پر مونکي خبر ناهي ڇو خراب لڳو. مونکي ائين لڳو ڄڻ هن مونکي
۽ هُنَ هِنَ ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ نه پر ڄڻ مون ۽ منهنجي خاندانَ لاءِ گهٽ وڌ ڳالهايو
هُجي ته تون ههڙو تنهنجا مائٽ ههڙا.....! مون سميت اسان سنڌي ماڻهو پنهنجي خلاف ڪا
ڳالهه ٻڌي باهه ٿيو وڃون، پوءِ ڀلي اهو سچ هجي ۽ سڄو جهان ان کان واقف هجي. چوندا آهن ته جيسين پنهنجين
اوڻاين جي ڄاڻَ نه ٿيندي ۽ جيسين انهن کي قبول نه ڪبو تيسين انهن جي تصديق ڪرڻ جي ڪيئن
سوچَ/ همت ايندي. اسان رڳو ماضي کوليو ويٺا آهيون. اسان رڳو تعريف جا نشئي ٿي پيا آهيون...
”اسين مهمان نواز قوم آهيون، اسين شريف آهيون، اسين صوفي آهيون امن جا پيروڪار آهيون،
جن لاءِ ماڪوڙي ۽ ٽنڊڻ کي مارڻ به پاپ آهي..“ ۽ پوءِ اخبارون کولي ڏسو ته ڇا سنڌين
جا سنڌين تي ظلمَ آهن، خونريزيون، قتل، ڦرون، اغوا، شراب خوري، ڀنگَ گانجو، جوا، رشوت
خوري، دوائن کان وٺي کاڌي جي شين ۾ نقليپڻو ۽ ملاوٽ. ان ڏينهن هڪ ٽي وي چئنل تان امر
جليل به اهو چئي رهيو هو ته ڌاريا ايترا سنڌي نٿا مارين، جيترا سنڌي پنهنجن سنڌين کي
ٿا مارين.
منهنجي هِڪَ چيني دوستَ جو انجنيئر پُٽ سنڌ ۾ ڪنهن بين الاقوامي ڪمپني
۾ ڪَمُ ڪَري ٿو، جنهن ۾ هِنَ کي سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ وڃڻو پوي ٿو. هِڪَ ڏينهن
مون کانئس سندس پٽ جو احوال پڇيو ته هن کي سنڌ جا ڳوٺَ ڪيئن پيا لڳن، ته هو جواب ڏيڻ
کان ڪيٻائڻ لڳو، ته مون چيو، ”پڪ ملائيشيا جي ڳوٺن جهڙا لڳندا هوندس يا ويٽنام، ڪمبوڊيا
۽ چين جهڙا.“
”نه“ هن آخر جواب ڏنو، هو چوي ٿو ته سنڌَ جا ڳوٺَ دنيا جهان جي ڳوٺَن
کان نرالا آهن. دنيا جي ڳوٺن ۾ سڪون، امن امان، هڪ ٻئي لاءِ پيار محبت ۽ اعليٰ اخلاق
هوندو آهي، پر سنڌ ۾ جِتي ڪٿي ماراماري، قتل ۽ خون، بيروزگاري ۽ بيماري، نانگن ۽ ڇتن
ڪُتن جا چڪ .... اسپتالون ڊاڪٽرن ۽ دوائن کان خالي .... اسڪولَ ماسترن ۽ شاگردن ۾ شراب،
جوئا ۽ وياج عام آهي، پورهئي ۽ محنت کان ونءُ وڃڻ، ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ ٺڳيون ۽ اٽڪلبازيون
... ۽ اخلاقي بي راهه روي عام نظر اچي ٿي.
عورت ذات جو ته ڪو قدر ناهي ۽ ان جي حقن جي ڪا پرواهه ناهي. جنهن کي وڻي ٿو اهو پنهنجي
زالَ جو نڪ چپ ڪٽيو ڇڏي. سندس وار ڪوڙي تذليل ڪري ٿو.... ايتري قدر جو عورتن کي باهه
ڏني وڃي ٿي، مٿانئن تيزاب هاريو وڃي ٿو.“
پنهنجي ڌرتي بابت اهي ڳالهيون ٻڌي مون کي هن دوست تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي هئي،
جيئن اڄ هن پٺاڻ تي آئي..... پر پوءِ محسوس ڪيم ته آئون پنهنجي چيني دوست يا هن غريب
پٺاڻ مزور تي ڇو ڪاوڙ ڪري رهيو آهيان. اِهي سڀ اُهي ڳالهيون آهن، جيڪي اسان روز ڪاوش
۽ ٻين سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ سنڌ بابت پڙهون ٿا. ٽي وي جي مختلف چئنلن تي ٻڌون
۽ ڏسون ٿا. مون کي افسوس ٿيو ته اڄ گهمڻ جي شروعات ئي خراب موڊَ سان ٿي آهي. مون اجايو هڪ غير سنڌي کان سوال
پڇيو. پنهنجي موڊ کي بهتر بنائڻ لاءِ ۽ پنهنجو ڌيان سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي تباهي تان
هٽائڻ لاءِ مون هوٽل واري سنڌي مالڪ سان خير عافيت ڪئي ۽ فوٽو ڪڍيومانس.
”سائين مهمان آهيو؟“ هوٽل واري پڇيو.
”نه هِنَ پَٽَ جو ئي سمجهه“. وراڻيو مانس.
”اسان جي چانهه وڻي؟“ هن پڇيو. چانهه ته واقعي وڻي. ناروي سئيڊن جهڙي
سيءَ ۽ ٿڌي هوا ۾ جتي بنا کير ۽ کنڊ جي ڪاري ڪافي به پئي وڻندي هئي، فقط گرم هجڻ ڪري،
۽ جنهن جي گرمائش هٿن ۽ گلي کي فرحت بخشيندي هئي، اتي هيءَ ڪِريمي ۽ چاش جهڙي مٺي چانهه
ڇو نه وڻندي. پر رڳو اوستائين جيسيتائين پيئندا رهياسين. لاڙڪاڻي جي زيرو پد ۽ ان کان
وڌيڪَ ٿڌي هوا ۾ اسين وري ڏڪڻ لڳاسين. هوٽل مان هڪڙا ماڻهو نڪتا پئي ته ٻيا آيا پئي.
”ڀلا سياري ۾ ته ٿڌ ڪري چانهه ٿا کپايو، اونهاري ۾ جڏهن هِتي ڪاڙهي
جهڙي گرمي ٿئي ته پوءِ ڇا کپايو؟“ مون هوٽل واري کان پڇيو. مون سمجھيو ته هو جواب
۾ شربت چوندو يا چوندو ته اونهاري ۾ هو هن
هوٽل کي بند رکندو آهي. پر جواب ۾ چيائين:
”سائين ساڳي چانهه!“
اهو ٻڌي مون کي حيرت ٿي ۽ پڪ لاءِ پڇيومانس:
”پوءِ ڀلا ماڻهو چانهه لاءِ اچن؟“
هوٽل واري طعني واري اندازَ ۾ چيو: ”سائين اسان جا سنڌي چانهه ۽ هوٽل
۾ وقت وڃائڻ جا اهڙا عادي ٿي چڪا آهن، جو هو ڀلي دوزخ جهڙي باهه ۾ هُجن ته به هنن کي
هوٽلن ۾ کٽولا ڇنڻا آهن ۽ چانهه تي پئسو وڃائڻو آهي.“ مون کي ۽ مون جهڙي حساس اديب
منير چانڊيو کي لڳي ته اها ڳالهه به خراب،
پر ظاهري طرح اسان ڏند ڪڍي کلڻ لڳاسين ۽ اچي ڪارِ ۾ ويٺاسين. منير چيو ته؛ ”ڇا ڪجي
سائين، اسان سنڌين کي ان چانهه ۽ هوٽل ڪلچر به ماري رکيو آهي.“
No comments:
Post a Comment