سجاڳ قومن جي رهڻ ڪهڻ جا طريقا ۽ خيال
عبدالله مورائي
ٽريفڪ جا حادثا هتي سئيڊن ۾ به ٿين ٿا، پر انهن حادثن ۾ ماڻهوءَ مرڻ جو
انگ، نه هئڻ برابر هوندو آهي. ان جو سبب اهو ئي آهي جو هتي قانون جو مڪمل ضابطو آهي
۽ ٽريفڪ کي مڪمل ضابطي ۾ رکيو وڃي ٿو. هتي ڊرائيونگ لائسنس (Driving license) وٺڻ ناممڪن ته نه آهي پر تمام ڏکيو ضرور آهي. ڊرائيونگ سکڻ تي ماڻهن
جا لکين روپيا لڳيو وڃن. لائسنس وٺڻ لاءِ ٻن مرحلن مان گذرڻو پوي ٿو، هڪ ٿيوري (Theory) پاس ڪرڻي
پوي ٿي ۽ ٻيو پريڪٽيڪل (Piratical). ٿيوريءَ جا سوال مختلف مضمونن مان اچن ٿا.
مثلًا؛ ٽريفڪ جا نشان، سگنل جو استعمال ۽ ان کي سمجهڻ، روڊ تي پيرين پنڌ هلڻ وارن جا
حق، قانوني نقطا، شهرن ۾ گاڏي هلائڻ جا طريقا، ٻهراڙين وارن روڊن تي هلڻ جا اصول، رات
جو گاڏي ڪيئن هلائجي، موسم جي حساب سان ٽائرن جي ڦيرڦار جيئن هتي سياري جا ٽائر الڳ
ٿين ۽ وري اونهاري جا الڳ. اهو به پڙهايو وڃي ٿو ته ماحول کي ڪيئن صاف سٿرو رکجي ۽
گاڏيءَ کي ڪيئن چڪاسڻ گهرجي ۽ ضرورت وقت مشڪل مان ڪيئن نڪرجي. بهرحال جڏهن ماڻهوءَ
کي ڊرائيونگ لائسنس ملي ٿو ته ڄڻ همراهه بٺيءَ مان پچي نڪري ٿو ۽ نتيجي ۾ حادثا تمام
ٿورا ۽ گهٽ نقصان ڏيڻ وارا هجن ٿا.
کائڻ پيئڻ جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته هتي يورپ جي گهڻن ماڻهن جو مسئلو قيمت
نه پر ذائقو آهي. ڀلي فرج يا گهر ۾ مختلف قسم جا کاڌا موجود هجن پر کائيندا اهو، جيڪو
دل چوندن. ڀلي ان لاءِ کين ٻاهر وڃي کائڻو پوي يا گهر ۾، وري اها شيءِ پچائي وٺن. پاڻ
وٽ گهڻي قدر ان جي ابتڙ آهي. گهڻن جو مسئلو ذائقو نه پر قيمت آهي. اهو ذائقو اسان جي
ماڻهن کان اڄڪلهه جي حڪمرانن ۽ انهن جي چمچن کسي ورتو آهي، جيڪو واپس ڪرائڻو پوندو.
يورپ جا ماڻهو، جڏهن به ڪاڏي گهمڻ ڦرڻ وڃن ٿا ته هر ڪنهن وٽ پنهنجا گهمڻ
ڦرڻ جا پروگرام هوندا آهن. ڪي خاص طور تي ميوزيم ڏسڻ وڃن ٿا، ڪي پهاڙن ۾ وڃن ٿا، ڪي
سمنڊ جي ڪنارن ڏانهن رخ ڪن ٿا، ڪن جو مقصد تاريخ ۽ ان سان گڏوگڏ اهي پراڻا کنڊرات ڏسڻ
اوليت آهي ته ڪي وري وائين (Wine) يا شراب
يا بيئر پيئڻ لاءِ مختلف جاين تي وڃن ٿا.
گذريل مهيني اسٽاڪهوم کان پئرس وڃي رهيو هيس ته جهاز ۾ منهنجي ڀر ۾ ٻه
سئيڊش ڇوڪرا ويٺل هيا. سندن پئرس وڃڻ جو مقصد صرف اهو هيو ته هو ڪجهه فرانس جا کاڌا
آزمائي ڏسن ۽ ان کانپوءِ سندن پروگرام ٻين ملڪن ڏانهن وڃڻ جو پڻ هيو. پاڻ مستقبل ۾
بورچي ٿيڻ پئي چاهيائون ۽ سندن خيال هيو ته جنهن ملڪ جو کاڌو اسان کي سڀني کان وڌيڪ
پسند ايندو، ان ملڪ جي کاڌي پچائڻ جي سکيا ۽ مهارت وٺي پوءِ ميدان ۾ لهبو.
آمريڪا کان آيل سنڌي پروفيسر گل آغا، قادر جتوئي ۽ آئون هڪ ڏينهن اسٽاڪهوم
جي پن ڇڻ واري موسم ۾ گڏجي سنڌ جا سور پئي سلياسين. اها سنڌ جي تند ئي هئي جنهن اسان
کي گڏجي هڪ هنڌ اچي ويهاريو. آغا ۽ جتوئي، جيئن ته سنڌ کان گهڻو وقت ٻاهر رهيا آهن
پر سندن سنڌي ٻوليءَ سان اهو ئي پيار هلندو اچي. سندن سنڌي ٻولي ڳالهائڻ ۾ ڪنهن به
قسم جو فرق نه آيو ۽ اها ئي وڏي نشاني آهي پنهنجي وجود سان اٽڪيو رهڻ جي. افسوس سان
لکڻو ٿو پوي ته اسان جا ڪافي دوست، جڏهن ڪراچي لڏي وڃن ٿا ته اهي سنڌي ٻوليءَ کي وسارڻ
شروع ڪن ٿا. ۽ پهريون وار امان مان امي ۽ بابا مان ابُو هجي ٿو.
ڪافي کان گهڻا دوست، فيس بڪ يا موبائل تي، مسيج به اردو ۾ ڪن ٿا. سچ پچ
ته اهو هڪ وڏو مسئلو آهي، جنهن تي جلد کان جلد ضابطو آندو وڃي، نه ته ڳالهه هٿن مان
نڪري ويندي.
جيئن ڊاڪٽر سئي (Injection) جي ذريعي
دوا رڳن ۾ لاهيندو آهي، اهڙيءَ طرح سان اسان سنڌين جي نسل ۾ اردو ٻولي لاٿي پئي وڃي.
ڪا به ٻولي سکڻ سان ڪو مسئلو نه آهي، وڌ کان وڌ ٻوليون اچڻ گهرجن پر پنهنجي سنڌين سان
اردوءَ ۾ ڳالهائڻ جي ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. سوچڻ گهرجي نه ته اسان جو حال به آئرلينڊ
وارن وانگر ٿيندو، جتي آئرش ٻوليءَ جي جاءِ تي انگريزي رائج ٿي چڪي آهي. هاڻي هو ڪوشش
ڪري رهيا آهن ته ٻوليءَ کي زنده رکيو وڃي پر گهڻي ڳالهه هٿن مان نڪري وئي اٿن ۽ نٿو
لڳي ته آئرش ٻولي آئرلينڊ ۾ ساڳي حالت ۾ وري رائج ٿيندي.
هتي يورپ ۾ هر ماڻهو پنهنجي حساب سان سوچي ٿو. ڪن کي آمريڪا وڻي ٿو ۽
چون ٿا ته اها انهن جي ڊريم ڊيسٽينيشن (Dream Destinations) آهي.
پر ڪن جو خيال آهي ته؛ اهي آمريڪا سان گڏوگڏ انهن ملڪن ۾ بنهه ڪو نه ويندا جتي اڃا
تائين ڦاسيءَ جي سزا تي عمل ٿئي ٿو. سندن خيال ۾ اهو هڪ غير انساني ۽ غير فطري عمل
آهي. ڪي ماڻهو وري پنهنجي يورپ جي ئي ملڪ اسپين (Spain) وڃڻ کان
نفرت، فقط ان بنياد تي ڪن ٿا جو اتي بل فائٽنگ (Bull fighting) راند،
وڏي شوق سان کيڏي وڃي ٿي ۽ سندن خيال مطابق اهو جانورن تي وڏو ظلم آهي.
گذريل سال پنهنجي آئيس لينڊ (Ice land) واري
دوست ايوي (Eyvi) جي دعوت تي لنڊن وڃڻ ٿيو. ايوي ان وقت آئيس
لينڊ جي لنڊن واري سفارتخاني ۾ نوڪري ڪندو هيو. هڪ آچر تي اسان گهمندا ڦرندا اچي هيرلڊ
(Herald) واري پاسي نڪتاسين. هيرلڊ گهمندي، اندازو ٿيو
ته هتي رڳو امير ماڻهو ئي خريداري ڪن ٿا ۽ گهڻي قدر عرب ملڪن جا ماڻهو يا پاڻ وارن
ملڪن جا جن کي ڪو ٽيون ماڻهو خريداري ڪرائي ۽ بعد ۾ انهن کان وڏن وڏن ٺيڪن ۽ ٻين وڏن
فائدن ذريعي حساب ڪتاب برابر ڪري ۽ ان جو بار عوام تي اچي.
هيرلڊ کان ٻاهر نڪتاسين ته ايوي چيو ته؛ ”منهنجي آفيس هتان ويجهو ئي آهي.
هل ته اها تو کي ڏيکاريان.“ اسان پنڌ ئي پنڌ گهمندا ڦرندا اچي آئيس لينڊ جي ايمبيسي
(Embassy) پهتاسين. نه ڪا پوليس ۽ نه ئي ڪا ٻي فورس. ايوي
پهريان ڪوڊ هنيو پوءِ چاٻي. هي عمارت مختلف هئي. ھئي ته لندن ۾، پر اندر گهڙياسين ته
رڳو آئيس لينڊ جي سياحتي ماڳن جا فوٽو لڳل هئا. آچر جي ڪري آفيس ۾ ڪير به ڪو نه هيو
۽ جيئن ته يورپ ۾ پٽيوالي جو تصور ڪو نه آهي ۽ هر ڪو ماڻهو پنهنجو ڪم پاڻ ڪري ٿو. اسان
ايوي جي آفيس ۾ چانهه وغيره پاڻ ٺاهي پيتي. مون ڪجهه سندس ملڪ جي باري ۾ ڪتاب به کنيا.
پاڻ ان وقت تائين ٿانون ڌوئڻ واري مشين مان، ڌوتل چانهه جا ڪوپ بسيون، چمچا ۽ ٻيو سامان
ڪڍندو رکندو ويو. ايوي ان وقت مون کي چيو ته؛ هو هن وقت لنڊن ۾ ايندڙ اولمپڪس راندين
جي حوالي سان يورپ جي ملڪن جي پاڻ ۾ (Cooperation) واري
خاص طور تي سيڪيورٽي واري سيڪشن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. مون کي وڌيڪ دعوت ڏنائين ته؛ ”جيڪڏهن
تون وڌيڪ لنڊن ۾ رهين ته پوءِ پاڻ اولمپڪس (Olympics) جون رانديون
گڏجي ڏسي سگهون ٿا.“ مون کانئس معذرت ڪئي ۽ سوچيم ته سڀاڻي جيڪڏهن اولمپڪس جي راندين
۾ ڪا گڙٻڙ ٿي ته پهريان ته سائي رنگ واري پاسپورٽ وارن کي جهليندا، سو اهڙو سون ئي
گهوريو جيڪو ڪن ڇني.