ڪجهه گهڙيون لاڙڪاڻو ريلوي اسٽيشن تي
اُستاد نظاماڻي
چار نومبر جي صبح جو نوين وڳي هوٽل سپنا کان ٻاهر نڪتس. سڀ کان پهريان
مان اسٽيشن تي ويس. لاڙڪاڻي جي اسٽيشن، ماضيءَ جي شاندار اسٽيشن جيڪا لکين روپيه روزانه
ريلوي کي فائدو ڏيندي هُئي، هاڻي ڪجهه هزارن (سٺ هزار) کان وڌيڪ آمدني نه آهي. (اها
معلومات اُتي ئي ريلوي جي ملازم ڏني) صرف ٻه ٽرينون هلن پيون؛ خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس
۽ بولان ميل.
مان جنهن مهل ريلوي اسٽيشن تي چهل قدمي ڪري رهيو هُئس، ان مهل مون کي
سامان سان ڪجهه مسافر نظر آيا. مون اندازو لڳايو ته ڪا ٽرين اچي پئي، جنهن جي انتظار
۾ هي مسافر ويٺا آهن. اُتي چانهه جي اسٽال مالڪ کان مون پُڇيو؛ هن ٽائم ڪهڙي ٽرين پئي
اچي؟ ٻڌايائين ته؛ خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس اچي رهي آهي.
مون نوٽ ڪيو ته جيڪا ٽرين صبح جو ڇهين وڳي هتان گُذرڻي هُئي، سا هاڻي
ساڍي ڏهين وڳي هتي پُهچي رهي هُئي. مون بڪنگ آفيس مان پليٽ فارم ٽڪيٽ ورتي. بُڪنگ آفيسر
ٿورو مون کي غور سان ڏٺو. اسٽيشن تي ڪيترا ئي شهر جا ماڻهو ائين گهمي ڦري رهيا هُئا.
ڪجهه دير ۾ خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس، جنهن تي نالو پشتو ٻولي جي عظيم
مزاحمتي شاعر جي نالي پُٺيان رکيل آهي، ٿڪل ٽُٽل بيمار مسافر جيان آهسته آهسته چنگهندي
اچي اسٽيشن تي پُهتي. مسافر ڪجهه لٿا، جيڪي ڪافي دير کان انتظار ۾ ويٺا هُئا، سي سوار
ٿيا. چانهن جي اسٽال واري ننڍڙي ڪٽلي چاڙهي. جنهن مشڪل سان ڏهه ڪپ ٺاهيا هوندا. هڪڙي
پليٽ ۾ ڪجهه سلائيسن جا پيس به پيا هُئا. ريل مان لٿل هڪڙو نوجوان پٺاڻ مسافر چانهه
جو ڪپ وٺي بئنچ تي اچي ويٺو. مون نوجوان کان پُڇيو؛ هي ريل صبحاڻي ڪيڏي مهل پشاور پُهچندي؟
پٺاڻ ٻُڌايو ته تقريبن ۲ وڳي شام. يعني هن کي اڃا ۲۶-۲۷ ڪلاڪ سفر ڪرڻو آهي. مون جڏهن
هن کان ريل ۾ سفر ڪرڻ جو سبب پڇيو ته، هن ٻُڌايو ته؛ اسان وڏي فيملي وارن لاءِ سامان
سميت هي سستي ۽ آسان سواري آهي. مون پڇيو ته؛ ڪراچي کان پشاور تائين ڪيترو ڪرايو آهي؟
هن ٻُڌايو ته؛ ٽرين جو ڪرايو صرف ۹۵۰ روپيه آهي، جڏهن ته بس ۳ کان ۴ هزار تائين وٺي
ٿي. ايترو سامان به نه ٿي کڻي ۽ ٻار به ڏکيا ٿين ٿا.
ڪجهه دير ۾ ريل هلڻ شروع ڪيو. مون ڏٺو ته چانهه واري جي چانهه جي ڪٽلي
ته خالي ٿي وئي، پر سلائيس بچي ويس. مون اسٽال واري کان پُڇيو؛ چاچا تون هن مان ڇا
ڪمائيندو هوندين؟ تُنهنجو گهر ڪيئن هلندو هوندو؟ جيئن عام ماڻهو چوندو آهي، تيئن هن
به ائين روايتي جملي سان جواب ڏنو؛ ”شڪر آهي الله جو.“
ريلوي اسٽيشن تي شيخ ممتاز حسين اينڊ سنز جي نالي سان هڪ بوڪ اسٽال پڻ
آهي، جيڪو پاڪستان بوڪ ڊپو جي نالي سان به سڏجي ٿو. ان جو ڪارج اهو آهي ته هتي اخبارن
جي ايجنسي آهي، جتان صبح جي ريل ذريعي ايندڙ اخبارون ڊسٽري بيوٽ ٿينديون آهن. بوڪ اسٽال
جي مالڪ ٻُڌايو ته؛ اسان دڪان منجهند ۲ وڳي بند ڪريو ڇڏيون. اُهو به دؤر هو جڏهن اسٽيشنن
تي انهن بوڪ اسٽالن جي وڏي اهميت هُئي. هونئن به اديبن شاعرن لاءِ ريلوي اسٽيشنون رومانٽڪ
حيثيت رکن ٿيون.
مون جڏهن اسٽيشن جون تصويرون پئي ورتيون ته هڪ پوليس عملدار آيو ۽ ڪئميرا
ڏانهن اشارو ڪري پُڇيائين، ته؛ ڇا پيو ڪرين؟ مون کيس ٻُڌايو ته؛ بس ائين اسٽيشن وڻي
وئي آهي. يادگار تصويرون پيو ڪڍان. پوليس عملدار وڌيڪ ڪو نه ڪڇيو. ويندي ويندي رسمًا
چانهه جي صلاح به ڪيائين.
اسٽيشن سان گڏوگڏ ريلوي پوليس ٿاڻو به آهي. اسٽيشن تي ملازمت ڪندڙ هڪ
آفيسر ريلوي اسٽيشن تان چوري ٿيندڙ سامان جون کوڙ ساريون ڳالهيون ٻُڌايون. هُن ائين
به چيو؛ ڪير ان چوري، ڪرپشن کي روڪڻ لاءِ تيار نه آهي. نه ڪو هن اسٽيشن جو ڌڻي سائين
آهي. جنهن جي نگراني ۾ هي اسٽيشن آهي، اُهي ئي هن اسٽيشن کي کائيندا پيا وڃن.
هتي اسٽيشن جي ڪنهن عملي واري ٻُڌايو ته؛ هن وقت به هن اسٽيشن تي سؤ کان
مٿي نوڪري ڪندڙ ماڻهو آهن ۽ پوليس جو عملو الڳ. سوچجي جيڪڏهن هتي ايترو اسٽاف پگهارون
کڻندو هُجي، آمدني ڪجهه به نه، ته ظاهر آهي سرڪار جي بجيٽ ته هي واندو عملو کائي کپائي
ويندو. ٻيو ته هتي ريلوي پوليس جو ڪهڙو ڪم؟ اها پوليس عام پوليس ۾ ضم ڪئي وڃي ته بهتر
ٿيندو ۽ مختلف وقتن تي مختلف پوليس جي عملي جون ڊيوٽيون لڳنديون ته ڪجهه ڪرپشن ۾ ڪمي
ٿيندي.
اُهو به دور هو جڏهن هن اسٽيشن تي شهباز ايڪسپريس، قلندر ايڪسپريس ۽ پسينجر
ٽرينون هلنديون هُيون، تڏهن اسٽيشن تي به رونق هوندي هُئي. صرف لاڙڪاڻو نه پر شڪارپور،
دادو، سيوهڻ، باڊهه اسٽيشنن تي به چهل پهل هوندي هُئي. ريلوي جي ملازمن جي چهرن تي
رعب تاب ۽ مسڪراهٽون هيون. هاڻ سندن ميري وردي ڏسي سندن حالت جو اندازو ٿئي ٿو ته هي
وردي اڌ ڪلاڪ لاءِ پائي اچن ٿا. ريل گُذري وڃڻ بعد لاهي ڪلي تي ٽنگيو ڇڏين. وري ٻئي
ڏينهن ائين ويچاري وردي به ريل جي بوگين جيان صاف ٿيڻ کان بچي پئي آهي. هاڻي ميري وردي
۾ ويٺل ملازم صرف ڪجهه دير لاءِ اچن ٿا، گاڏي رواني ٿي وڃي ٿي، ڄڻ سڀني ملازمن کي موڪل
ٿيو وڃي. وري اسٽيشن اُداس. هاڻي جيڪڏهن هن اسٽيشن تي ٿوري گهڻي رونق آهي ته خوشحال
خان خٽڪ ۽ بولان ميل جي ڪري آهي. باقي وي آءِ پي پليٽ فارم جنهن تي اُمراءَ وزير اچي
لهندا هُئا، هاڻي اُهو پليٽ فارم به کنڊر بڻجي ويو آهي. اهو پليٽ فارم جنهن تي پاڪستان
جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي، سنڌي ۾ تقرير ڪندي ريلوي جي ترقي جون ڳالهيون ڪيون هُيون،
اُن دور ۾ ريلوي جو عروج هو، پر پوءِ پهريون ڌڪ هن اسٽيشن کي ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران
رسيو، جڏهن ريلوي اسٽيشنن کي ساڙيو ويو. احتجاج ٿيا. نتيجي طور آمر ضياءَ ڪجهه ريل
گاڏيون بند ڪري ڇڏيون. انهن ريلوي اسٽيشن کي وڌيڪ اُن وقت جلايو ويو جڏهن محترمه شهيد
ڪئي وئي. سمجهه ۾ نه ٿو اچي؛ ڪاوڙ جو اهو ڪهڙو اظهار هو جو اسان پنهنجي سنڌ جون بئنڪون،
ريلوي اسٽيشنون، يوسي آفيسون، ساڙي تباهه ڪيون. جڏهن ته پنجاب ۾ احتجاج ٿيا پر ڪنهن
پنهنجي علائقي جي آفيسن کي يا اسٽيشنن کي ائين نه ساڙيو. اسان ته اُها قوم آهيون جنهن
سنڌ يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري کي به باهه ڏني هئي.
لاڙڪاڻي ريلوي اسٽيشن جي سرڪاري ڪوارٽرن تي رهائش ريلوي ملازمن کي به
نصيب ڪونهي. هاڻ انهن تي عام ماڻهن جو قبضو آهي. مان جڏهن قمبر ريلوي اسٽيشن کان گُذريس
ته اُتي به مون ڏٺو ڪجهه ماڻهو اسٽيشن تي گهر ٺاهيو ويٺا هُئا. اُتي دڪان وجود ۾ اچي
چڪا هُئا. ماڻهو سرڪاري عمارتن مان لوهه ڪڍي ڪيڏانهن کڻي ويا، ان تي لکڻ جي ضرورت ناهي.
ڇاڪاڻ ته به ظاهر ٻوڏ ستايل ماڻهن جو هاڻ انهن اسٽيشنن تي قبضو هو.
لاڙڪاڻي جي آبادي ۱۰ لکن جي لڳ ڀڳ آهي. انهن ماڻهن لاءِ ڪا به ٽرين ملتان
لاهور لاءِ ڪو نه ٿي وڃي. مطلب ته لاڙڪاڻي ريلوي اسٽيشن کي به ڪرپشن جي بيماري ائين
اثر ڪيو آهي جهڙي طرح پوري پاڪستان ريلوي نظام کي ڪرپٽ ڪامورا شاهي بي پاڙي ول جيان
وڪوڙي وئي آهي. ريلوي اسٽيشن تان مفت سفر ڪرڻ، اسٽيشن تان لوهه جي چوري، ڪوارٽرن ۽
زمين تي قبضا، اها سنڌ جي ريلوي اسٽيشنن جي عام ڳالهه آهي.
جڏهن گهر جي حفاظت ڪندڙ پاڻ ئي چور ٿي بيهن ته ريل جو گاڏو ڪٿان هلندو؟
تنهن هوندي به هاڻي نئين حڪومت ۽ نئين ريلوي جي وفاقي وزير کان ريلوي ملازمن کي ڪجهه
بهتري جي اُميد نظر اچي پئي.
No comments:
Post a Comment