Tuesday, December 10, 2013

ڪئناڊا ۾ ثقافت ۽ سنڌيت جا رنگ - دليپ رتناڻي

ڪئناڊا ۾ ثقافت ۽ سنڌيت جا رنگ
دليپ رتناڻي
اسان جي سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب جا هونئن ته کوڙ سارا اهڃاڻ آهن، جن ۾ اسان وڏي فخر سان موهن جي دڙي جي آثارن کي شامل ڪندا آهيون ۽ اها حقيقت به آهي ته، اسان سنڌي ماڻهو، آڳاٽي زماني کان تهذيب يافته آهيون ۽ پنهنجي ثقافتي ورثي سان پيار ڪندا آهيون، ثقافتي اهڃاڻن ۾ پوشاڪ هڪ وڏو اهڃاڻ هوندي آهي. اسان جي سنڌي پوشاڪ ۾ اسان جي ثقافت جو وڏو اهڃاڻ اجرڪ ۽ ٽوپي آهن، ڇو ته لباس، هڪ اهڙي شئي آهي، جنهن کي ڏسڻ سان ئي سمجهي وڃبو آهي، ته هِي ڪهڙي علائقي يا قوم جو ماڻهو آهي. هڪ دفعي مان اجرڪ ۽ ٽوپي پائي ٽورنٽو جي بين الاقوامي هوائي اڏي تي ڪنهن دوست کي وٺڻ لاءِ ويس، ته اُتي بيٺل هڪ همراهه ويجهو ٿيندي، انتهائي غور سان نِهارڻ شروع ڪيو. مون پڇيس؛ ”ادا ڇا پيا ڏسو؟“ هڪدم چيائين: ”تسي سنڌي لگ رهي هو.“ مون چيو ته، ها ادا مان سنڌي آهيان، ۽ مون کي سنڌي هجڻ تي فخر آهي، وري چيائين ته، ”تواڊي ڊريس تون لگ ريا تي، تسي سنڌي هو.“ مان سمجهي ويس، ته همراهه منهنجي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ تي اک پٽي آهي.

هڪ دفعو وري مان لنڊن جي هيٿرو ايئرپورٽ تي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي جهاز مان لٿس ۽ جيئن ئي سيڪيورٽيءَ واري لائين ۾ پهتس، ته گوري رنگ واري سيڪيورٽي آفيسر هٿ جو اشارو ڪري چيو ته، تون پاسيرو ٿي وڃ، تنهنجي تلاشي وٺڻي آهي، مان هڪدم پاسيرو ٿي بيهي رهيس، سامان چيڪ ڪرڻ کانپوءِ ويجهو اچي انگريزيءَ ۾ پڇيائين ته، ”هِيءَ ٽوپي ۽ اجرڪ ڪهڙي ملڪ جو ثقافتي لباس آهي؟“ مون پڇيو ته، ”تو کي ڪيئن خبر ته هن کي ٽوپي ۽ اجرڪ سڏيندا آهن.“ تڏهن انگريزيءَ ۾ چيائين ته، مون کي خبر آهي ته، هِي انڊس ويلي سويلائيزيشن جي ماڻهن جو لباس آهي. مون چيو ته، ها بلڪل، مان انڊس ويلي سويلائيزيشن جي نسل سان ئي تعلق رکان ٿو، جن کي سنڌي ڪري سڏيو وڃي ٿو.
ڏٺو وڃي ته، هر قوم جي الڳ پنهنجي تهذيبي حيثيت هوندي آهي. انهيءَ تهذيبي حيثيت جا ڪجهه پاسا ٻين تهذيبن سان به ملندا جُلندا آهن، پر هڪ قوم جي تهذيبي ۽ ثقافتي شخصيت جون ڪجهه اهڙيون انفرادي خاصيتون هونديون آهن، جيڪي انهيءَ قوم کي يا انهيءَ قوم جي تهذيب ۽ ثقافت کي، ٻين قومن ۽ ثقافتن کان بلڪل الڳ مقام بخشينديون آهن ۽ اها ئي اصل ڳالهه ۽ سبب آهي، جو هر قوم جي تهذيب ۽ ثقافت پنهنجي انفرادي خاصيتن جي ڪري سُڃاتي ويندي آهي. حقيقت اها آهي ته، ملڪ جي ٺهڻ کان وٺي، اسان جي حڪمران طبقن ۽ تعصبي مشينري ۽ ان جي ساٿاري ٽولي هميشه ٻاهرين جي ثقافت سميت زوري مسلط ڪيل درس، نصابن ۽ اسڪولي ڪتابن ۾ هميشه اسان کي اسان جي ثقافت کان محروم ڪرڻ جون ڪوششون پئي ڪيون آهن. گذريل جمهوري حڪومت ۾ جڏهن سنڌي صدر، سنڌي ٽوپي پائي، ٻاهرئين ملڪ جي دوري تي ويو، ته اها سنڌي ٽوپي مخصوص ميڊيا ۽ سنڌ دشمنن جي اکين ۾ ڪنڊو ٿي چُڀي هئي. اها چِٿر سنڌي ٽوپيءَ تي ڪا نه هئي. اها چِٿر سنڌ جي تهذيب تي ڪئي ويئي هئي. سنڌي ثقافت تي اُٿندڙ ميري اَک ۽ ميري سوچ جو جواب سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي ميڊيا گڏجي ايڪتا جي سَڏ ۾ سَڏ ڏيئي ڏنو. سنڌ ان سَڏ کي اهڙي ته مثالي انداز ۾ ورنايو، جو صرف مخصوص ميڊيا ئي نه، پر سموري دنيا حيران رهجي ويئي، ته اسان جي ثقافت ۾ ڪيتري قوت آهي. ايڪتا ڏهاڙي تي انهيءَ ثقافتي سَڏ سان گڏ، توڙ نڀائڻ لاءِ ٽورنٽو ۽ ڪئلگيري جا سنڌي به ثقافتي رنگن ۾ رڱجي، سنڌيت جو عَلم کڻي، گڏجي سنڌ واسين سان يڪجهتيءَ لاءِ گڏ ٿيا هئا.
ڪئناڊا جي شهر ٽورنٽو ۾ سنڌين جو همدرد هڪ انتهائي پيارو شخص ۽ انسان دوست، شاهد بهراڻي رهي ٿو. شاهد بهراڻي، جيڪو نج سنڌيت جي قبيلي سان تعلق رکي ٿو. هي اهو نوجوان آهي، جيڪو هميشه  ٽورنٽو جي شهر ۾ سنڌيت جو عَلم کنيو هر وقت پيو واڪا ڏيندو آهي. هِي اهو دوست آهي، جيڪو اسان سڀني ٽورنٽو جي دوستن کي قرب، محبت ۽ مانَ واري هڪ ئي ڌاڳي ۾ بنا ڪنهن فرق جي ڳنڍيو اچي. هميشه پيو چوندو؛ ”پاڻ هڪ ٿيون ۽ سنڌ امڙ جي ڀلائيءَ لاءِ ڪجهه ڪريون.“ ڪجهه ڏينهن اڳ، شاهد بهراڻي ۽ ڊاڪٽر چندر، فون ڪئي ته؛ ”اسان ثقافتي ڏهاڙو ٿا ملهايون. توهان کي دعوت ٿي ڏجي.“ مون دل سان دعوت قبول ڪئي ۽ پنهنجن ٻن ٻارن ۽ گهرواريءَ سميت، ٽورنٽو جي انهيءَ ثقافتي ميلي ۾ پهچي ويس.
شاهد بهراڻي ۽ ان جي ٽيم جي طرفان، هر هڪ سنڌي خاندان کي وڏي عزت ۽ احترام سان دعوت ڏني وئي هئي. ثقافتي ڏهاڙي ملهائڻ لاءِ، ايندڙ مهمانن کي خاص گذارش ڪئي وئي هئي ته؛ ”اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي، سنڌ جي ثقافت جي اهڃاڻ طور، ضرور پهري اچن.“ ڪئناڊا لاءِ اهو مشهور آهي ته؛ ڪئناڊا جي سرديءَ ۾ ماڻهوءَ جو رت به ڄمي ويندو آهي. اهڙي خطرناڪ سرديءَ جي باوجود، سنڌين جي ايتري وڏي تعداد ۾ ٽورنٽو شهر ۾ گڏجڻ، ثابت ڪيو ته، اسان ثقافت ۽ سنڌ جي بچاءُ لاءِ هر وقت ڌرتي ڌڻين سان هر سَڏ ۾ گڏ آهيون. ثقافتي پروگرام ۾ ٻارن جا ٽيبلو ۽ گيت پيش ڪيا ويا، جنهن ۾ بهترين پرفارمنس تي ايوارڊ ڏيڻ سان گڏ سنڌي عورتن جي بهترين ڪلچرل ڊريس تي ايوارڊ پڻ ورهايا ويا. ثقافت ۽ ايڪتا جي انهيءَ پروگرام ۾ سنڌ مان سنڌ جي ڏاهن ۽ اديبن به وڊيو پيغام ذريعي سنڌ جي ثقافت تي پنهنجا ويچار ونڊيا. ان سان گڏ اتي مدعو معزز مهمانن پڻ سنڌ امڙ سان محبت جا وچن ورجايا. ڪئناڊا جي اندر ملهائي ويندڙ اها ثقافتي شام، هڪ انتهائي يادگار شام هئي. جنهن اهو پئي محسوس ڪرايو ته؛ هاڻي سنڌ جا ماڻهو دنيا جي ٻين باوقار قومن سان گڏ اڳتي وڌي رهيا آهن. سنڌي ٻارڙن کي ثقافتي رنگ ۾ رڱجندي ۽ رقص ڪندي ڏٺو ۽ ڪجهه گهڙين لاءِ اهو محسوس ٿيو ته، اسان سنڌي ماڻهن جو ڪڙم ۽ قبيلو سنڌيت ئي آهي. ٻولي هڪ، اجرڪ هڪ، وطن هڪ، سنڌ هڪ، لطيف هڪ ۽ اياز هڪ، ته پوءِ اسان به هڪ ئي آهيون، چاهي ڪهڙي به عقيدي سان تعلق رکندا هجون.
رنگن ۽ ثقافت سان ڀرپور هن ثقافتي ميلي ۾ سنڌيت کان سواءِ ڪا به شيءِ نمايان نظر نه ٿي آئي. ايڪتا ڏهاڙي جي انهيءَ تقريب جي پڄاڻيءَ ۾ اهو وچن ڪيو ويو ته، اسين سڀ سنڌ جي جهوليءَ ۾ محبتن جا گُل هميشه وجهنداسين ۽ سنڌ جي قومي شهيدن جي مائرن سان وچن ڪيو ويو ته، سنڌ جي عشق ۾ جن پروانن سِرن جا نظرانا ڏنا آهن، انهن سان اظهارِ يڪجهتيءَ طور اسان ٻاهر رهندڙ سنڌي هميشه گڏ آهيون ۽ هر سال ايڪتا ڏهاڙي تي سنڌ جي شهيدن کي ياد ڪيو ويندو.


No comments:

Post a Comment