پرڏيهه ۾ اسان لاءِ ڪيترو سڪون آهي؟
الطاف شيخ
تعليم ختم ٿيڻ کانپوءِ مون جهاز واري نوڪري ۱۹۶۸ع کان شروع ڪئي. هڪ ئي
روٽ ۽ هڪ ئي جهاز تي رهڻ بدران منهنجا جهاز ۽ روٽ تڪڙا تڪڙا تبديل ٿيندا رهيا. مختلف
جهازن کي ڪڏهن ڏُور اوڀر جي ملڪن ڏانهن، ته ڪڏهن يورپ ۽ آمريڪا جي ملڪن ڏانهن وٺي وڃڻو
پيو ٿي. ڪڏهن ڪاري سمنڊ وارا سوشلسٽ ملڪ: رومانيا، بلغاريا، روس وغيره، ته ڪڏهن عرب ملڪ. شروع جا سال سئيز ڪئنال بند هو، ان ڪري جهازن
جي مالڪن جي مرضي نه هوندي به اسان کي جهاز سڄي آفريڪا کنڊ جي چوڌاري ڦيرائڻو پيو ٿي
۽ رستي تي ممباسا، موپوتو، ڪيپ ٽائون، ڊڪار ۽ عابد جان جهڙن آفريڪي بندرگاهن تي راشن
پاڻي ۽ جهاز لاءِ فيول وٺڻو پيو ٿي. پهرين سال ئي اسان کي جهاز کي آمريڪا وٺي وڃڻو
پيو ۽ هر سال ويسٽ انڊيز جي ٻيٽن برمودا، ڪيوبا، ٽرنيڊاڊ ۽ ٽوباگو کان آمريڪي بندرگاهن
هيوسٽن، نيواورلينس، فلڊلفيا، بالٽيمور، نيويارڪ وڃڻو پيو ٿي ۽ اڃان به مٿي اُتر ۾
ڪئناڊا جي به ڪجهه بندرگاهن ۾ وڃڻو پيو ٿي. انهن ڏينهن ۾ يعني اڄ کان اڌ صدي اڳ وارو
ڪئناڊا اسان لاءِ ٿر جيان هوندو هو، جِتي رڳو سُڃَ ئي سُڃَ، وارِي ئي وارِي هئي....
يعني جيئن ٿر ۾ وارِي ئي وارِي، تيئن ڪئناڊا ۾ سال جو وڏو حصو رڳو برف ئي برف ۽ ٿڌيون
هوائون هيون. مينهن وسڻ تي ٿر ۾ جان ايندي آهي، تيئن اونهاري جي ڪجهه مهينن ۾ جي جهاز
ڪئناڊا ايندو هو، ته اُس ۽ ساوڪ ڏسي دل خوش ٿيندي هئي، نه ته ڪئناڊا وڃڻ جو ٻُڌي ڊپريشن
ٿيندي هئي. چوندا هئاسين ته، هي ڪئناڊين چريا ماڻهو ڪئناڊا ۾ ڇو رهيا پيا آهن....هيٺ
ڏکڻ ۾ نيويارڪ پاسي ڇو نٿا هليا وڃن. جيتوڻيڪ نيويارڪ ۾ به سياري ۾ سخت سِيءُ ٿئي ٿو.
ٻارهو ئي بهار فقط برمودا، بهاما، جئميڪا، باربادوس، ٽرنيڊاڊ جهڙن ٽراپيڪل ٻيٽن تي
هوندي آهي. انهن ڏينهن ۾ اسان جهڙن ملڪن جا ماڻهو ڪئناڊا جهڙن ڏورانهن ۽ ويران هنڌن
تي ته نظر نه ايندا هئا پر آمريڪا ۾ به ورلي نظر آيا ٿي. آخر هيڏانهن اچن به ڇو. هندستان
۽ پاڪستان جهڙن ايشيائي ملڪن ۾ خوشحالي هئي. ٿورا گهڻا جيڪي تعليم يا روزگار لاءِ نڪتا
ٿي ته انگلينڊ کان اچي نڪتا ٿي. انهن ڏينهن ۾ آمريڪا لاءِ ويزا يا گرين ڪارڊ ملڻ ڪو
ڏکيو ڪم نه هو، پر انگلينڊ يا يورپ جي ملڪن ۾ رهڻ به ڪو مشڪل نه هو. جيڪو آيو ٿي ان کي سال ٻن اندر اتي جي شهريت ۽ پاسپورٽ
ملي ويو ٿي. پوءِ ڏورانهين ڏيهه آمريڪا يا ويران ۽ رُڃ ۽ سُڃ جهڙي ڪئناڊا ۾ ڪو ڇو وڃي
رهي! مون کي ياد آهي ته، 1973ع ۾ منهنجو جهاز سئيڊن جي بندرگاهه اسٽاڪهوم ۾ بيٺو هو،
ته انهن ڏينهن ۾ سئيڊن جي ”ڪوڪم“ شپ يارڊ ۾ مئرين انجنيئرن جي ضرورت ٿي. هنن جو نمائندو
مون وٽ جهاز تي آيو ۽ مونکي جهاز جي نوڪري ڇڏي ڪناري جي نوڪريءَ لاءِ صلاح ڪيائين.
مون سان گڏ منهنجي زال ۽ سال ڏيڍ جي ڌِيءَ به هئي. جهاز جي نوڪري تڏهن ڇڏي وڃي ٿي،
جڏهن ٻار ست اٺ سالن جا ٿين ٿا ۽ هنن لاءِ جهاز تي پڙهڻ بدران اسڪول وڃڻ ضروري ٿئي
ٿو، سو منهنجي لاءِ اهو مسئلو نه هو پر مونکي ان دفعي موراڪو ۽ اسپين کان وٺي هر سمنڊ
۽ موسم اهڙي ته خراب ملي هئي، جو منهنجي سامونڊي نوڪريءَ کان دِل کٽي ٿي پئي هئي ۽
شايد منهنجي ان روڄ پٽڪي ۽ سمنڊ کي پِٽون پاراتا ڏيڻ ڪري مڪاني آفيس وارن مونکي ان
پوسٽ جي آفر ڏني ۽ ان کي وڌيڪ پرڪشش بنائڻ لاءِ هنن اهو به چيو ته، هو مهيني اندر مونکي ۽ منهنجي فئمليءَ کي سئيڊن جي شهريت به ڏيندا.
مونکي اها ڳالهه ڪجهه ڪجهه پسند آئي پر آخري فيصلي ۾ انڪار ئي ڪيم، جو انهن ڏينهن
۾ پاڪستان ۾ ڇا خرابي هئي... امن امان، تعليم، سستائي، دنيا ۾ پاڪستاني پاسپورٽ جي
عزت... تڏهن ته هر ملڪ ۾ اسان بنا جھل پل جي وڃي رهياسين ٿي، ڌنڌا ڌاڙيون ۽ نوڪريون
ڪيونسين ٿي ... دنيا جي بهترين ملڪن مان پاڪستان هڪ هو، جنهن ۾ عرب به رهڻ لاءِ پئي
آيا.