بحرين جون بي باڪ شامون
فهيم اختر ميمڻ
دمام ۾ نوڪريءَ دوران، ڪيترا ئي ڀيرا، بحرين گھمڻ جو خيال آيو. ڪيئي ڀيرا
پروگرام به ٺهيو ٿَي، پر موڪلن جو ڪجھ اهڙو سلسلو رهيو جو بحرين گھمڻ جي ڪا واٽَ نظر
نه ٿي آئي. حالانڪ دمام کان بحرين آهي به مُني ڪلاڪ جي پنڌ تي. روڊ ذريعي پنهنجي گاڏيءَ
تي وڃڻ به آسان آهي ته ٻه ٽي سو ريالَ اوٽ
موٽ ڀاڙَي تي بَسون ۽ ٽيڪسيون به هلنديون آهن. جيڪي چيڪ پوسٽ ۽ ويزا جي چڪرن کي ڪڍي
ڪري اڌ ڪلاڪ ۾ بحرين پڄايو ڇڏين. سعودي عرب جي الڳ چيڪ پوسٽ آهي ته بحرين جي الڳ، جتي
وري ويزا به ان ئي وقت پاسپورٽ تي پنجاھ ريالن جي عيوض اسٽيمپ ڪيو ويندو آهي. سالياني
موڪل تي گھر کان سواءِ ٻي ڪا واٽ نظر نه ايندي هئي.
اها موڪل هئي به حج واري عيد تي، سو ان موڪل کي هٿان وڃائڻ بي وقوفي ٿَي
لڳي. اسان کي ٻي موڪل رمضان واري عيد تي ملندي آهي، جيڪا لڳ ڀڳ هفتي جي هوندي آهي.
پر رمضان جا روزا سو به دمام ۾ مطلب سورهن، سترنهن ڪلاڪن جو روزو ٿي ٿيو. ٽيهن روزن
رکڻ کانپوءِ ته هفتو آرام ڪرڻ ئي مناسب ٿي لڳو. ٻيو وري بحرين جهڙي بي باڪ ملڪ ۾ وڃجي
سو به ٽيھ روزا رکڻ کانپوءِ، اهو ڪم مڙئي جوکم وارو ٿي لڳو. ڇاڪاڻ جو بحرين ملڪ ۾ وڃي
ڪو پٽڙيءَ تان ٿِڙي ٿاٻڙجي نه وڃي ان ڳالھ جي ڪا ضمانت ئي ناهي. بلڪ بحرين ملڪ، ماڻهو
گھڻو ڪري ته وڃن ئي ٿِڙَڻ ٿاٻڙجڻ.
مون کي اهڙو ڪو خاص شوق نه هو جنهن لاءِ دل بحرين وڃڻ لاء آتي هئي. پر
مون کي ڏسڻو هو ته ماڻهو ڪيئن ٿا ٿڙن ٿاٻڙجن. سو اهڙو چڪر گھميو جو وڃي بحرين نڪتُس.
نه ئي ڪو اهڙو پروگرام هيو، نه ئي وري ڪا تياري هئي. حج واري عيد تي منهنجي ٽڪيٽ هيڊ
آفيس کان ئي ”گلف ايئر“ ذريعي وايا بحرين لڳي آئي. پر ان ۾ بحرين ايئرپورٽ تان هڪ ڪلاڪ جي ٽرانزٽ
فلائٽ هئي. مطلب ته دمام کان بحرين ۽ ڪلاڪ جي انتظار کان پوءِ ٻي فلائٽ ۾ بحرين کان
ڪراچي. ٿيو ائين جو دمام کان بحرين ته ٽائيم تي پُڄي وياسين، پر بحرين کان ڪراچيءَ
واري اُڏامَ ۾ چوويهن ڪلاڪن جي ويرم اچي وئي. گلف ايئر وارن ته ان جا ڪي ٻيا سبب ٿي
ٻُڌايا پر جيڪا ڳالھ منهنجي ننڍڙي دماغ ۾ اٽڪي بيٺي هئي، سا اها هئي ته هنن پنهنجون
اُڏامون حج واري رُوٽَ تي لڳائي ڇڏيون هيون. پوء پئي ڪَيَن باقي مسافرن کي خُوار. ائين
صرف گلف ايئر ۾ ئي ناهي ٿيندو پر حج واري عيد تي ٻين ايئر لائينز جا به پنهنجا ناز
نخرا شروع ٿي ويندا آهن. جيڪي عام ڏينهن ۾ هڪ منٽ به ويرم نه ڪن سي اڌ اڌ مُنو مُنو
ڪلاڪ يا وري ڪي ٻه ٽي ڏينهن مسافرن کي ويهاريو ڇڏين. سو گلف ايئر وارن جي ان ويرم
۾، گھٽ ۾ گھٽ مان ته ڏاڍو سَرَهو ٿيس. ڪيترا ئي سفر جا ساٿي پريشان به ٿيا. گوڙ گھمسان
به ڪيائون پر ورين ڪجھ ڪِينَ. مون پئي کين آٿتون ڏنيون ته ”ابا سفر آ مڙئي خير آ، جيئن
دير تيئن خير.“ منهنجي ته مفت ۾ الله ٻُڌي هئي. مٿان وري اهو ٻُڌي ڪپڙن ۾ نه ٿي ماپيُس
ته گلف ايئر وارن اسان جي طعام ۽ قيام جو بندوبست به شهر جي هڪ ڀلي هوٽل ۾ ڪيو آهي.
بس پوءِ ته الائي ڇا ڇا پئي گُھميو هن گُنهگار بندي جي ذهن ۾. قصو ڪوتاھ، اِميگريشن
کان بحرين ملڪ جي چوويهن ڪلاڪن جي ويزا لڳي. پوءِ هوٽل جي گاڏيءَ اسان کي وڃي ”هوٽل
دِيوا“ جي گيٽ تي ڇڏيو،
جيڪا فور اسٽار هوٽل هئي. ايئر پورٽ کان هوٽل پهچندي پهچندي رات جو هِڪُ ٿَي ويو، پر
پوء به رستن تي اهڙي روشني جو ڏينهن ٿي لڳو. هر پاسي سيڪيورٽي هاءِ الرٽ هئي. ڇاڪاڻ
جو ڳچ وقت کان بحريني عوام ۾ حڪومت جي وچ ۾ تڪرار پئي هليو. رستن ۽ گھرن جي بيهڪ ساڳي،
سعودي عرب واري، هئي. بهرحال وڃي ڪمري ڀيڙا ٿياسين. ٿَڪ به ڏاڍو هيو جو ايئرپورٽ تي
بيهاري بيهاري لاھَ ڪڍي ڇڏيا هئن. پر ڪمري ۾ پهچي سڀ ٿڪَ ئي لهي ويا. ڪمري جي فون تان
گھر ڪال ڪري کين صورتحال بابت حال احوال ڏنم. منهنجو سنگتي جاويد شيخ خاص مون کي ايئرپورٽ
تي وٺڻ لاء ڪراچي آيل هو، تنهن کي به فون ڪري فلائيٽ ۾ چوويھ ڪلاڪ دير بابت آگاھ ڪيم.
گلف ايئر وارن جي پيڪيج ۾ ناشتو، منجھند جي ماني ۽ رات جي ماني هئي. تنهن
کانپوءِ ٻه منٽ انٽرنيشل ڪال به فري هئي. هوٽل پهچڻ سان ئي رسيپشن تي اينٽري ڪرائي،
پهريائين کانئن رات جي مانيءَ جو پڇيم. جواب مليو ته؛ ”هن وقت ٽي ٿيا آهن ۽ رات گذري
وئي آهي، هاڻ اوهان ناشتي تي اچجو.“ اها ڳالھ ٻُڌي مون تي ته ڪو خاص اثر نه ٿيو جو
پاڻ اڳي ئي بُکن جا پڪا هئاسين. پر مون وارو يار ظفر جيڪو منهنجي ئي پروجيڪٽ تي سرويئر
هو ۽ سندس ٽڪيٽ مون سان گڏ ئي لڳي هئي، سو ويچارو بک جو ڪچو هو. اھو به پيٽ کي مُٺ
ڏئي، پنهنجي ڪمري ڀيڙو ٿيو. منهنجو سمهڻ جو ڪو پروگرام نه هو. چوويهن ڪلاڪن ۾ عربي/
فارسي نار تي 55 ڪلوميٽر ڊگھو ۽ 18 ڪلوميٽر ويڪرو ۽ 1,300,000 جي آباديء وارو ٻَيٽُ
بحرين گھمڻو هو، ۽ ان بابت ٻُڌل هر شيءِ جو مشاهدو ڪرڻو هو. ياد رهي ته ان آدمشماري
۾ جيڪا جولاءِ 2013 ۾ ڪئي وئي هئي، تقريبن اڍائي لک خارجي آهن.
وقت به گھٽ هو سو ڪمري ۾ موجود هوٽل جي ڪيٽالاگ کي پڙهڻ شروع ڪيم. ڪيٽالاگ
پڙهندي پڙهندي ائين ٿي لڳو ته متان هوٽل کان ٻاهر نڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوي. ڇاڪاڻ جو
ضرورت جي هر شيءِ هوٽل ۾ موجود هئي. بهرحال ان وقت لڳو ٿي ته هاڻ بک کي ڌوڪو نه ڏئي
سگھبو، سو روم سروس تي ڪال ڪري کانئن پُڇيم ته جي رڌڻي ۾ ڪجھ هجي ته مون کي سڀاڻي واري
رات جي ماني جي کاتي ۾ هن وقت ڏئي ڇڏيو، سڀاڻي جا ڀاڳ سڀاڻي سان. چَيَن ٺيڪ آهي اوهان
ڀلي ڇهين ماڙ تي ريسٽوران ۾ اچو ته توهان کي ماني ڏيون ٿا. مان به لفٽ ۾ وڃي ڇهين ماڙ
تي پهتس. کاٻي پاسي هوٽل ته ساڄي پاسي وري ڊِسڪو بَار، جنهن مان انگريزي راڳَ جا گھوگھٽ
ٿي آيا. سوچيم ڀلا مانيءَ کان اڳ ٿورو ايڏانهن به ليئو پائجي. اندر داخلا جا پنج بحريني
دينار هئا. مون وٽ ان وقت سعودي ريال هئا، پر بحرين ۾ ريال ۽ سعودي ۾ بحريني دينار
هجن ته بس مَٽائڻ جي ضرورت ئي ناهي. سو پنجن بحريني دينارن جا پنجاھ ريال ڏئي اندر
جو ويس ته پريان ڪنڊ تي ڊِي جَي صاحب جي ميوزڪ سسٽم تي وٺ پڪڙ لڳي پئي هئي. مونکان
۽ ڪائونٽر تي ويٺل همراھ کانسواءِ بار ۾ موجود ڪو به شخص هوش ۾ نه ٿي لڳو. غريب ۽ ڏتڙيل
ملڪن کان آيل عورتن کي تَنَ تي ليڙون ليڙون ڪپڙا پهريل هئا. ڪپڙا به کڻي نه چئجن پر
ائين کڻي چئجي ته مڙئي بس ڍَڪيل هيون. پوء الائي واقعي غريب مسڪين هيون يا گھران تڙ
تڪڙ ۾ نڪرندي ڪپڙا پهرڻ وسري ويا هئن، يا وري لوڊ شيڊنگ سبب اونداھ جي ڪري ڪپڙا هٿ
نه پئي آين پوءِ جيڪي ملين سو پائي اچي نِڪتيون. دمام سعودي عرب کان اڌ ڪلاڪ جي فاصلي
تي بحرين ملڪ ۾ اهڙي ڪِرت ٻُڌي ته هئي پر هاڻ اکين سان ڏٺي به. پوء ته اها به ڳالھ
سمجھ ۾ اچي وئي ته موڪل وارن ڏهاڙن تي بحرين ڏانهن ويندڙ رستي تي سعودي بارڊر وٽ سعودين
جي ايڏي رش ڇو ٿي ٿئي. بار ۾ سعودين کي شباب ۽ ڪباب تي مست ڏسي سوچيم ته پنهنجي ملڪ
۾ ته هي صوم و صلوات جا پابند هوندا آهن. هت اچي کين دين ايمان ئي وسريو وڃي. خير،
بار مان نڪري ذهن ۾ پنجاھ ريال ٿي گھميا. ايتري ۾ ته سعوديءَ ۾ ٻن ٽن ڏينهن جا ويلا
نڪري ويندا آهن. ماني کائيندي کائيندي صبح جا پنج وڄڻ لڳا. بس فجر جي اذان آئي ته مئه
خاني جون مستيون ۽ بي باڪيون به بند ٿيون. مان به ڪمري ۾ وڃي بيڊ تي ڪِريُس. صبح جو
ستين وڳي اچي ظفر دروازو کڙڪايو. هن مولائيءَ کي اچي بک ڪَڪ ڪيو هو، رات به ماني نه
کاڌي هئائين. پر کيس اها به خبر نه هئي ته مون رات پئي هوٽل گھمي. سو کيس دروازي تان
ئي ڇهين ماڙ تي ريسٽوران جو ڏَسُ ڏئي اچي سُتس ته وري ننڊ ڪا نه آئي. پاسا ورائيندي
ورائيندي ڏھ ٿي ويا. ناشتو ڪري هوٽل واري ڪيٽالاگ ۾ ڏيکاريل سوئمنگ پول ڏانهن هليو
ويس، جيڪو هوٽل جي ڇت تي ٺهيل هو.
هوٽل جي ڇت کان بحرين جو نظارو به ڏسڻ وارو هو. اُتان کان بحرين ورلڊ
ٽريڊ سينٽر، بحرين فنانشل سينٽر، مسجد الفتح (دنيا جي وڏين مسجدن جي فهرست ۾ ليکي ويندڙ
مسجد) ۽ تقريبن سموري بحرين جا مَنَ کي موهيندڙ نظارا ڏسي دل ٿي چيو ته؛ بس هن وقت
ئي نڪري سير سپاٽو ڪري اچجي. تنهن کانپوءِ سوچيم ته منجھند جي مانيءَ کان اڳ ظفر سان
ملي بحرين گھمڻ جو ڪو پروگرام به ٺاهجي. من ئي من ۾ اهو خيال ڪندو ظفر جي ڪمري ڏانهن
هليو ويس. ڇهين ماڙ تي منجھند جي مانيء لاء گڏ نڪتاسين. ماني کائيندي کائيندي گھمڻ
جو پروگرام به طئي ٿيو.
منهنجو مشورو اهو هو ته ٻاهر نڪري ڪو اهڙو ٽيڪسيءَ وارو پڪڙجي جيڪو لوڪل
بحريني نه هجي. ڇاڪاڻ جو هو اسان جي صحيح کَلَ لاهيندو. ائين اسين ٻاهر نڪتاسين ته
هوٽل جي سامهون ئي هڪ بحريني ڊرائيور ٽيڪسي جھليو بيٺو هو. کيس عربيءَ ۾ چيم ته؛ ”بحرين
گھمڻو آهي؟“ پڇيائين؛ ”ڪيتري وقت لاء؟“ پنهنجي فلائيٽ وارو ٽائيم ٽيبل ذهن ۾ رکي ڪري
کيس ٻن، ٽن ڪلاڪن جو چئي، کانئس ڪرايو پڇيم. همراھ ڪرايو به اهو ئي ٻڌايو جنهن جو کُٽڪو
هو. ويھ بحريني دينار. معنى ٻه سؤ سعودي ريال، معنى تقريبن ڇھ هزار پاڪستاني رپيا.
سو ان ٽيڪسيءَ واري کي چيوسين ادا توهان کي اجازت آهي. اسين وري پنڌ ئي پنڌ ٿورو اڳتي
نڪتاسين ته مَنَ ڪو بنگالي، پاڪستاني يا هندستاني ڊرائيور ملي وڃي ته ڪلياڻ ٿي ويندو.
ٿورو ئي اڳتي مَين روڊ کان ٿورو پاسيرو ٿي پئي ايندڙ ويندڙ ٽيڪسين ڏانهن ڏٺوسين. پر
اسان کي ته اها خبر ئي ڪا نه هئي ته بحرين ۾ ڪو به خارجي ٽيڪسي نه ٿو هلائي. بيهي بيهي
اچي ٿڪاسين. ظفر همت هاري ويٺو ۽ وَرَڻ جو چيائين. پر مون چيو؛ ”نه، بحرين ته اڄ گھمڻو
آهي سو به سَستي ۾“. ايتري ۾ هڪ پرائيويٽ ڪار اچي اسان جي جي ڀر ۾ بيٺي. همراھ شيشو
هيٺ ڪري اسان کان پڇيو ته ڪيڏانهن وڃڻو آهي. هُو ته اسان جو رنگ ڍنگ ڏسي سمجھي ويو
هو ته هي ڪي خارجي آهن. پر اسان کي به جيڪوسندس بنگالي هجڻ جو گُمان ٿيو هو سو سندس
ڳالهائڻ کانپوءِ يقين ۾ بدلجي ويو. کيس چيوسين ته؛ ”گُھمڻو آهي ٻه کن ڪلاڪ، گھڻا وٺندين؟“
چيائين؛ ”اَٺَ بحريني دينار.“ اسان ته مَنَ ئي مَن ۾ ٻُڌي سَرها ٿياسين پر پوء به پَڪائي
ڪري پنجن دينارن جو چيومانس پر نه مڃيائين. بس پوءِ اسان به ويهي رهياسين گاڏيءَ
۾. اهو به نه سوچيوسين ته بحرين آهي، الائي ڪهڙي صورتحال هجي. موڪل تي وڃڻ سبب کيسا
به ڀريل هئا. اهو اندازو به هو ته بحرين ۾ ڪرائم ريٽ پوء به سعوديءَ کان ته وڌيڪ ئي
آهي. پر بحرين به گھمڻو هو سو به سَستي ۾ سو مڙئي جوکم کنيوسين. ڌڻيءَ جو نالو وٺي
اڳتي وڌياسين. اسماعيل بنگاليءَ (ڊرائيور) کي زور ڀريوسين ته پهريان ڪجھ اهم جايون
گھماءِ پوءِ جي ٽائيم بچيو ته باقي به گھُمي وٺبو. سِجَ بيٺي جو فائدو وٺندي ڊرائيور
اسانکي بحرين ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ المناما جي علائقي جُفَير، جتي اسانجي هوٽل هئي،
کان ڏکڻ طرف لڳ ڀڳ مُني ڪلاڪ جي پنڌ تي جبل الدُخان جي علائقي ۾ هڪ 400 سال پراڻو وڻُ
۽ انجي اوسي پاسي ۾ دريافت ٿيل قديم ڪوٽُ ڏيکارڻ لاءِ وٺي هليو. ان ماڳَ تائين پهچندي
پهچندي اڌ کان وڌيڪ بحرين لتاڙي آياسين. هت پري پري تائين واريءَ جا دڙا ٿي نظر آيا
۽ ڪا آبادي به نه هئي، ۽ نه ئي ڪو پاڻيءَ جا ڪي آثار هئا. اسانجي بنگالي ڊرائيور اسماعيل
جي زباني ته هي 4 صديون پراڻو وڻ جنهن کي “شجرالحياه”، “Tree of Life” ڪوٺيو وڃي ٿو، هت ڪنهن معجزي سان سائو بيٺو آهي. ماڻهن چواڻي ته زمين
هيٺ ڪو نه ڪو آبي چشمو ان وڻ جي پاڻيءَ جي کوٽ پوري ڪندو هوندو. پر جي ائين هجي ها
ته رِڻَ ۾ ويجھو اوڏو ڪا به ساوَڪَ نظر نه ٿي آئي. اهو وڻ ڏسڻ کانپوءِ اسين پڻ اچرج
۾ پئجي وياسين ته واقعي ڊرائيور جي ڳالهه صحيح ثابت ٿي. اهو وڻ واقعي ڪنهن معجزي تحت
صدين کان ائين سائو بيٺو آهي. مختلف ملڪن جا سياح پڻ اُتي اهو معجزو ڏسڻ لاءِ آيل هئا.
ڀر ۾ وري هڪ قديم ڪوٽ جا کنڊر پڻ هئا. جيڪي ايترا پراڻا ته نه هئا، پر اهو گُمان پئي
ٿيو ته ان وڻ کي ڏسي پاڻيءَ جي آسري ۾ هت صديون اڳ ڪو نه ڪو قافلو رڪيو هوندو ۽ گھر
اڏي ڪوٽ ڏئي رهائش اختيار ڪئي هوندائون، پر اڳتي هلي ان وڻ جي پراسراريت سبب هنن وري
لڏ پلاڻ اختيار ڪئي هوندي.
اتان کان واپسيءَ تي بحرين جي قومي ميوزيم گھمڻ جو پروگرام رِٿيوسين.
ميوزيم پهچندي رستي ۾ ڊرائيور ان ميوزيم جي بابت هڪ ٻي ڏندي آڱريون اچي وڃڻ واري ڳالهه
ٻڌائي. هن مطابق ته اهو ميوزيم بحرين جي 6000 سال پراڻي دِلمون سڀيتا جي تاريخي ۽ ثقافتي
ورثي جي سنڀال لاءِ ٺاهيو ويو، ۽ اچرج واري ڳالهه هن اها ڪئي ته بحريني حڪومت اتان
جي ريگستان ۾ موجود 2800 قبل مسيح جي هڪ قديم تاريخي مئلن جي دڙي جا ڪجھ حصا پنهنجي
اصل جاءِ تان جيئن جو تيئن ميوزيم ۾ منتقل ڪري رکيا آهن. ڊرائيور جي اها ڳالهه ٻُڌي
ميوزيم گھمڻ جو اُتساهه وڌي ويو. ڪلاڪ کن ۾ ميوزيم پهچي وياسين. اتي جيڪي ٻُڌوسين،
تنهن کان وڌيڪ ڏٺوسين. ميوزيم ۾ سياحن جا ڳاهٽ هئا. قديم آثارن جي سار سنڀال ۽ سموري
دنيا جي سياحن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ لاءِ ڪيل حڪومتي ڪوششن ۽ دلچسپيءَ جو اندازو
ميوزيم تي ڪيل خرچ ۽ انتظامن مان آسانيءَ سان لڳائي سگھجي پيو. سمنڊ جي ڪناري تي ٺاهيل
مَنَ کي موهيندڙ بحرين جي قومي ميوزيم جي عمارت ۾ موجود مختلف نمائشي حالن ۾ بحرين
جي مختلف تاريخي ماڳن تان دريافت ڪيل قيمتي ڳَهَه، هٿ جي هُنُر جا مختلف نمونا، جيڪي
بحرين جي 6000 سال پراڻي تاريخ جو منظر پيش ڪن پيا. آرٽ ھال ۾ وري مختلف بحريني ڪاريگرن
جي مجسمه-سازيءَ جي مهارت سان بحرين ملڪ جي ثقافت، ريت رواج، رهڻي ڪهڻي ۽ گھرن جي بناوٽ
کي پيش ڪيو ويو. Documents
and Manuscripts hall ۾ وري قرآن پاڪ جا قديم نُسخا ۽ ٻيون ڪيتريون ئي تاريخي
لکڻيون پڻ موجود هيون.
ميوزيم گھمڻ کانپوءِ واپسيءَ تي رستي ۾ هڪ نهايت ئي وڏو ۽ شاندار خريداريءَ
جو مرڪز (سِيف مال) نظر آيو. دير به ٿي چُڪي هئي، ٿَڪُ به جام هو، پر پوءِ به دل چيو
ته ان مال ۾ به جھاتي پائي، مختلف شين جي اگھن تي نظر وجھجي ته جيئن سعودي عرب ۽ هتان
جي مارڪيٽ جي اگھن ۾ فرق جو اندازو لڳائي سگھجي. سِيف مال ۾ هر شيءِ جا اگھ سعودي عرب
کان به ٻِيڻ تي هئا. سو ڪا به خريداري ڪرڻ مناسب ڪو نه سمجھيوسين. ڇاڪاڻ جو موڪل تي
وڃڻ ڪري اڳ ۾ ئي سعوديءَ مان جام خريداري ڪئي هئي. باقي ڊرائيور جي مطابق ته اندرونِ
شهر ڪجھ اهڙيون مارڪيٽون آهن، جيئن، سُوق مَناما ((Manama Market جتي اسان جهڙن
ڪفايت شعار (زالُن جي نظرن ۾ ڪنجوس) ماڻهن کي شيون سهانگيون مليو وڃن. باقي حرام جو
پئسو هجي ته لُٽائڻ لاءِ بحرين نهايت ئي موزون مُلڪ آهي. ڇاڪاڻ جو ديوا هوٽل جي اندر
وارو ماحول صرف ان هوٽل ۾ ئي محدود ناهي پر اهي عياشيون پوري بحرين ۾ عام جام آهن.
جيڪڏهن دُبئي کي مِني يورپ جو خطاب مليل آهي ته بحرين کي مائڪرو يورپ چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ
نه ٿيندو. بحرين ۾ جيڏانهن ڪيڏانهن اڏاوتي ڪم به عوج تي پئي نظر آيو. زميني ايراضي
گھٽ هجڻ جي ڪري عمارتن جي اڏاوت لاءِ سمنڊ ۾ ريتيءَ جو ڀراءُ ڪري، انکي باقي زمين جي
سطح سان اهڙو ته هموار ڪيو ويو هو جو هرو ڀرو ڪنهن کي اها خبر ئي نه پوي ته هت ڪو سمنڊ
هو.
ڏهين بجي رات جو اچي هوٽل واپس پهتاسين ته ٿَڪَ سبب بُتَ ۾ ساھ ڪو نه
هو. ڏيڍ بجي فلائٽ هئي. ٻارهين بجي هوٽل جي گاڏيءَ کي، اسان کي کڻي، ايئرپورٽ پهچائڻو
هو. سو ٿورو گھڻو چيلھ سڌي ڪري، وهنجي سهنجي، گرائونڊ فلور تي موجود ڪائونٽر تي چيڪ
آئوٽ ڪرائڻ لاءِ پهتاسين ته مينيجر 10 دينار جو بِلُ هٿ ۾ پڪڙايو، جنهن ۾ 5 دينار پاڪستان
فون ڪرڻ جا ۽ 5 دينار انٽرنيٽ جي استعمال جا هئا. مينيجر مطابق ته فون تي ٻن منٽن کان
وڌيڪ ڳالهايو ويو آهي ۽ انٽرنيٽ گلف ايئر جي کاتي ۾ نه آهي. بِل ڏيڻ کانپوءِ مونکي
اهو ئي وَسوَسو رهيو ته انٽرنيٽ ۽ فون ايتري مهانگي ٿي نه ٿي سگھي. ان بِلَ ۾ شايد
هوٽل ۾ ساھ کڻڻ لاءِ آڪسيجن جا پئسا به هئا. سو پنهنجو ته بحرين گھمڻ جو ڀاڳ لڳي ويو.
باقي حلال جي ڪمائيءَ مان ته ڪير بحرين گھمڻ جو سوچي به نه ٿو سگھي.
قصو ڪوتاھ، وڃي ايئرپورٽ تي پهتاسين. انتظارگاھ ۾ ويٺي ويٺي بحرين جي
ان سفري وارتا جي بابت لکڻ شروع ڪري ڏنم، جيڪا اڄ پڙهندڙن جي لاء حاضر آهي.
No comments:
Post a Comment