نئين سنڌ جو خواب
عبدالله مورائي
ڪنهن سياڻي جو چوڻ آهي ته خواب لفظن جي صورت اختيار ڪندا آهن ۽ اهي لفظ
وري حقيقتن تي ٻڌل عملن ڏانهن وڌندا آهن. انڊيا جي اڳوڻي صدر ۽ ائٽمي سائنسدان عبدالڪلام
جي چوڻي مشھور آهي ته خواب اهي ناهن جيڪي اگهور ننڊ ۾ ڏٺا وڃن پر اصل خواب اهي آهن
جيڪي ننڊ ڪرڻ نه ڏين. خير پاڻ وٽ ماڻهن جون ننڊون ته اڳئي حرام آهن، ڇاڪاڻ ته بجلي
به اڄڪلهه وڏو خواب آهي. ٻيا به انيڪ خواب آهن جيڪي ڏسي سگهجن ٿا انهن هيٺين خوابن
يا سڀني شين تي عمل ڪرڻ سان يقينن عوام کي ڪجهه رليف ملندو ۽ وڌندڙ بيچيني گهٽ ٿيندي.
هر هڪ کي خواب ڏسڻ جو پورو پورو حق آهي.
منهنجا سنڌ لاءِ ڏٺل خواب مثلن مڪمل امن امان، سچن ۽ اهل ماڻهن جي حڪمراني،
خانداني سياست ۽ نيپوٽزم جي تڏا ويڙهه، حقيقي تعليمي نظام جو سرشتو، امير ۽ غريب جو
فرق ختم ٿيڻ، سڀني غريب توڙي امير بيمارن جو ساڳين اسپتالن ۾ علاج ٿيڻ، پرچي ۽ سفارش
جو خاتمو، ميرٽ کي اوليت ڏيڻ، مذهب کي پنهنجن پنهنجن گھرن تائين محدود ڪرڻ، عوام جي
سهولت لاءِ ريل گاڏين جي پٽڙين ۽ روڊن جوڄار وڇائڻ، هر هڪ لاءَ صاف پاڻي جو بندوبست،
هر شهر ۾ گند، ڪچري ۽ استعمال ٿيل پاڻيءَکي ريسائيڪل ڪرڻ جي لاءِ جوڳا اپاءَ وٺڻ، مزدور
طبقي جي پگهار جي هڪ خاص حد مقرر ڪرڻ ۽ ان تي سختيءَ سان عمل ڪرائڻ، امير جي زندگي
جو اسٽينڊرڊ جيڪڏهن نوي جي ڊگريءَ تي آهي ۽ غريب جو ويهن تي ته امير جي زندگيءَ جي
اسٽينڊرڊ کي نوي جي ڊگريءَ تان هيٺ لاهي پنجاهه يا سٺ تائين پهچائڻ ۽ غريب جي زندگيءَ
جو اسٽينڊرڊ ويهن جي ڊگري کان وڌائي ٽيهن يا چاليهن جي ڊگري تائين پهچائڻ، صاف سٿرو۽
ملاوٽ کان پاڪ کاڌ خوراڪ ۽ نقلي دوائن جو خاتمو، عورتن کي مڪمل حق ڏيڻ ۽ انهن کي پنهنجا
ذاتي فيصلا پاڻ ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ، کين گهرن ۾ پابند ڪرڻ بجاءِ زندگي جي هر شعبي ۾
هٿ ونڊائڻ لاءِ ڀليڪار ڪرڻ، سستو ۽ سولو انصاف، اڃا به کوڙ سارا خواب آهن جيڪي سنڌ
لاءِ هتي لکي سگهجن ٿا.
هتي سئيڊن ۾ نوڪري ڪرڻ وارن کي سال ۾ هڪ مهينو پگهار سميت موڪل ڏين، پوءِ
هر ڪنهن جي مرضي ته هو اها موڪل سياري ۾ ڪري يا اونهاري ۾. هتي گهڻا ماڻهو اهي موڪلون
اونهاري ۾ ڪرڻ کي ترجيح ڏين. اڄڪلهه هتي ماڻهن جي ٻيگهي متي پئي آهي، هر ڪنهن جي وات
تي بس اهو ئي آهي ته هن سال ڪيڏانهن ٿا وڃون. ڪي ٿائيلينڊ ويندا ته ڪي وري ميڪسيڪو،
ڪنهن جي منزل وري ڪينيا ته ڪنهن جو رخ وري نيپال جي پهاڙن طرف، ڪي تنزانيا جهنگلي جانور
ڏسڻ ويندا ته ڪي وري الاسڪا ۾ ديرا ڄمائيندا. بحرحال هنن ماڻهن جا حڪمران سچا آهن جن
ملڪي معيشت کي ترقي وٺرائي آهي ۽ هتان جو عوام به سچائي سان ڪم ڪري ٿو، پوءِ ڇونه هيءَ
ماڻهو زندگي ڀرپور نموني گذارين.
ننڍي هوندي منهنجو پسنديده سفر موري کان سڪرنڊ هوندو هو جتي هم عمر پڦاٽن
سان راند کيڏڻ ئي ڪل ڪائنات هوندي هئي، اتي مون پهريون دفعو سائيڪل هلائڻ سکي.رحمت
پيرزادي جهڙا پيارا دوست به سڪرنڊ ڏنا. مستنصر حسين تارڙ جي ڪتاب ”نڪلي تيري تلاش مين“
منهنجي زندگي ۾ اٿل پٿل مچائي اهو به مونکي سڪرنڊ ۾ ڀائو اسحاق جي لائبريري مان هٿ
آيو. زندگي جو پهريون ريل جو سفر به سڪرنڊ کان موري تائين هو جتي ريل ۾ ماڻهو ڌوڙ
۾ ڀڀوت تي پوندو هو. بحرحال جيئن جيئن ماڻهو وڏو ٿئي ٿو تيئن تيئن منزلون به وڌنديون
وڃن ٿيون.
انتهائي پياري ۽ محترم دوست سائين پير حمادالله خياروي جن جو سڪرنڊ ۽
نواب شاهه ڀرسان ڳوٺ درگاهه خياروي شريف به منهنجي پسنديده منزل آهي، جتي سياري جون
سرد راتيون يونيورسٽي جي دؤرن بابت ڪچهريون، ڪتابن تي تبصرا، چانهين جا دور ۽ ڳوٺ سوڀو
مگسي جي سائين عبدالعزيز مگسي جا پڪا ۽ فلاسافيڪل گفتا، سنڌ سونهاري جي مختلف سفرن
بابت غور و فڪر ڪرڻ، يورپ ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ڏانهن سفر جا خواب ۽ انهن کي عملي جامو
پهرائڻ اسان جي ڪچهرين جا محور رهيا آهن. سڪرنڊ ۾ سائين منير شاهه ذاڪري جي بيٺڪ تي
به يورپ اچڻ کان پهريان منهنجيون ۽ سائين پير حمادالله جون وڏيون ڪچهريون ٿيل آهن.
انهن سڀني ڳالهين لکڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان اهي خواب ڏٺا، جن کي پوءِ لفظن ۾ تبديل
ڪيو ويو ۽ پوءِ انهن خوابن جي تعبير به ٿي وئي.
سال ۾ هڪ دفعو گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪري وڃڻ انتهائي ضروري آهي، ان سان نه رڳو
ماڻهو تازو توانو ٿي پوندو پر وري ايندڙ سال لاءِ مڪمل فٽ ٿي ڪري ڪم ڪندو. جون ۽ جولاءِ
جوگرم مهينو به ڪيڏو نه پيارو ۽ وڻندڙ ٿي پوندو هو جڏهن آ، فيروز ميمڻ، وڏو ڀاءُ فاروق
۽ ڀائو غلام رسول پاڪستان جي اترين علائقن ڏانهن وڃڻ لاءِ خوابن کي عملي جامو پهرائڻ
لاءِ پلاننگ ڪندا هئاسين. برساتن جون تباهه ڪاريون به اسان جا رستا نه روڪي سگهنديون
هيون ۽ اسان منزل طرف روان دوان هوندا هئاسين، پوءِ ڪڏهن اسان جي انتهائي منزل پاڪستان
۽ چين جي سرحد خنجراب پاس هوندي هئي ته ڪڏهن وري اسڪردو جا پاسا وڃي وسائيندا هئاسين،
ڪڏهن شندور پاس تي پولو ميچ ڏسڻ ته ڪڏهن وري نانگا پربت جي ڀر ۾ خيما کوڙيندا هئاسين.
يورپ اچڻ کان ٻه مهينا پهريان به آ، سائين پير حمادالله، سائين عبدالعزيز مگسي، ممتاز
سومرو ۽ ننڍو ڀاءُ سليم گڏجي ڪاغان، ناران، شوگران، لالازار ۽ پائي جو هڪ يادگار سفر
ڪيو. جڏهن وقت ۽ حالتون اجازت ڏين ته پنهنجن پيارن دوستن سان سفر ڪرڻ گهرجي ان جو مزو
ئي پنهنجو آهي. باقي ڪڏهن ڪڏهن حالتون صحيح هونديون آهن ته وقت اجازت ناهي ڏيندو. ڪڏهن
ڪڏهن وري ان جي ابتڙ ٿيو وڃي. سو خوابن کي جيترو ٿي سگهي جلد پورو ڪجي.
هتي اسٽاڪهولم انٽرنيشنل واٽر انسٽيٽيوٽ هر سال هڪ هفتي لاءِ پاڻي متعلق
ڪانفرنسس ۽ سيمينارس منعقد ڪرائيندو آهي. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جا ماڻهو اچي گڏبا آهن، جن
۾ وزير، انجينئر، پاليسي ميڪر، دنيا جي وڏن وڏن شهرن جا ميئر، سائنسدان، ينگ واٽر پروفيشنلز
۽ ٻيا به کوڙ سارا اچي حصو وٺن. ترقي پذير ملڪن جا نمائندا به جام اچن، جن ۾ خاص ڪري
آفريڪا جي ملڪن جا نمائندا هر هنڌ نظر اچن. هتي نيون نيون ڳالهيون ۽ ايجادون زير بحث
اچن ٿيون، جيڪڏهن ڪا نئين ايجاد آهي ته ان متعلق به ٻڌايو وڃي ٿو، سوالن جا جواب ڏنا
وڃن ٿا. ماڻهو خالي هٿين اچن ٿا پر گهڻو ڪجهه سکي ۽ پرائي وڃن ٿا ۽ موٽي وڃي اهي شيون
پنهنجن ملڪن ۾ متعارف ڪرائين ٿا. پنهنجا خواب ساڀيان ڪرائڻ جي هڪ ڀرپور ڪوشش.
ڪجهه ڏينهن پهريان ڪنهن اخبار ۾ خبر آئي هئي ته سيڊا جا آفيسر ٻاهرين
ملڪن جي دورن تي پيسا پيا وڃائين، سنڌ جي وڏي وزير به ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو. آءٌ نٿو
سمجهان ته ٻاهر ڪو رڳو گهمڻ ڦرڻ لاءِ ويندا هوندا، ضرور ڪنهن نه ڪنهن پروگرام جي دعوت
هوندن، جتي نيون شيون ۽ پاليسيون زير بحث اينديون هونديون، ماڻهو ڪجهه نه ڪجهه ته ضرور
سکي ايندو هوندو، ڪيپيسٽي بلڊنگ جا پروگرام به هوندا آهن، جنهن شيءِ جي هاڻي سنڌ ۾
ضرورت به آهي. آءٌ ته سمجهان ٿو وڌ کان وڌ ماڻهو ٻاهر موڪليو ته جيئن هو دنيا جي ترقي
يافته ماڻهن کان سکي اچن. باقي اهو اعتراض ته پيسا اڏائي ڇڏين، معنى ترقي طرف ٿورو
قدم کڻڻ تي خرچ ڪيل پيسا حرام ۽ سالگراهن ۽ ورسين تي سرڪاري پيسا خرچ ڪرڻ حلال. اسي
مت کسي.
No comments:
Post a Comment