Sunday, January 11, 2015

پيالي جيترو ڪوئيٽا شهر - آدرش

پيالي جيترو ڪوئيٽا شهر
آدرش
روزن وارو مهينو دنيا لاءِ ڀلارو ٿي ايندو آهي، پر اسان وٽ ڪرفيو ۽ مهانگائي جو مهينو ٿي ايندو آهي، گذريل ڪجهه سالن کان سخت گرمي جي مهينن ۾ رمضان مبارڪ جو مهينو اچي ٿو، گذريل سال جولائي جي مهيني ۾ آيو، سون ته سهاڳو اهو جو اسان  جي پاڙي جي بجلي جو ٽرانسفارمر به سڙي ويو ته واپڊا وارا به صفا سڙيل. رشوت بنا ڪاٿي ٿا اچن. جڏهن پاڙي مان چندو ڪري ڀڀ ڀريونِ ته ٺاهي وڃن، زال به رٺلَ ۽ پيڪين ويل. مان وري وڻ  تي اڪيلي پکيءَ وانگر ويٺل ڪيلو کائي رونا ليليٰ جا طالب الموليٰ جا ڳايل ڪلام پيو ويٺو جهونگاريان. اهڙي ڏکئي وقت ۾ شاعر دوست سجاد مهر ابرِ بهاران ٿي آيو، پڇڻ لڳو، ”ڪوئيٽا هلبو؟ منهنجا ته اڳ ئي ٽپڙ ٽيشن تي هُيا سو وراڻيومانس؛ ”ڇو نه هلبو، اهڙو هلبو جو ڏيهه ڏسندو“.

پئسفڪ جي پاڙي ۾ - ياسر قاضي

پئسفڪ جي پاڙي ۾ -۱
ياسر قاضي
منهنجي زندگيءَ جو هي پهريون سفرنامو آهي. مسافري ته ٻالجتيءَ کان وٺي پُکي ۾ پئي، پر ياد ڪونهيم ته ڪڏهن ڪو سفر ترتيب سان ڪيو هُجيم. زندگيءَ ۾ هر قسم جو اڙانگهو ۽ سڙانگهو سفر ڪيو اٿم. سائيڪل تي هجان يا جهاز جي بزنس پلس ڪلاس ۾، ان سفر جو حَظُ ناهيان وڃائيندو ۽ هر سفر جي ڀرپُوريت جو لطف ماڻيندو آهيان. ڇاڪاڻ ته زندگيءَ جي سفرن مون کي گھڻو ڪجھه سيکاريو آهي ۽ آءٌ ”سفر ــ وسيلهء ظفر“ کان وٺي، ”مرد رُلي ته کُلي“ جهڙن سمورن سفري چوڻين کي نه فقط مڃيندو آهيان، پر تجربا ڪري اهڙن پهاڪن کي سچ به پاتو اٿم.