ڄام جي ٽنڊي (سنڌ) کان ڄام پور
(پنجاب) تائين
مير اعظم علي ٽالپر
سنڌي زبان ۾ هڪ پهاڪي جو تفصيل
هن ريت آهي ته ڪنهن جي اچڻ سان ڀاڳ کُلندو آهي ته وري ڪنهن جي وڃڻ سان به قسمت ۾ تبديلي
ايندي آهي. ان کانسواءِ مهمان ۽ پارٽي اچڻ جو ڪو ٽائيم مقرر نه آهي. اهڙن مثالن وانگر
هڪ عزيز ۽ سڄڻ ناليواري ڊاڪٽر مير امان الله ٽالپر اچانڪ فون ڪري، حڪم ڪيو ته؛ صبح
جو پنجاب جي ڊيره غازي خان لاءِ تيار ٿيو ته هلنداسين ۽ هلي مائٽ محمد مرزا ٽالپر سان
سندس وڏي ڀاءُ در محمد ٽالپر جي وفات تي تعزيت ڪنداسين. سائين جي حڪم تي عمل ڪندي اسان
گڏ نڪتاسين ته گمبٽ ۾ قافلي ۾ ٽالپر اتحاد جي شڪل ۾ ڊاڪٽر محمد خان ٽالپر، ڪامريڊ عبدالڪريم
ٽالپر، عبدالهادي ٽالپر، مير مشتاق ٽالپر، ڊاڪٽر اعجاز ٽالپر ۽ ٻيا عزيز به شريڪ ٿي
ويا.